هن بزرگ جو اهو سنڌي ڪتاب هاشميہ لائبريرريءَ ۾ نه رڳو موجود
هو، پر ان ڪتاب بابت وقت جي عالمن جو هڪ ٻئي ۾
جيڪو بحث و مباحثہ ٿيو ۽ هڪ ٻئي تي رد ۽ تنقيدون
لکيائون، سي به سڀ تحريرون هن ڪتاب ۾ موجود هيون.
مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ جي ڪن عبارتن تي مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي (رح) ڪي اعتراض ڪري پنهنجي طرفان
ڪي بيت وڌايا هئا، اها ڳالهه ان جي معاصر ۽ مشهور
محدث مخدوم محمد قائم ٺٽويءَ (وفات 1157هه) کي
پسند نه آئي، جنهن وري مخدوم ابوالحسن جي حمايت ۾
مخدوم محمد هاشم (رح) کي هڪ رسالي جي شڪل ۾ جواب
ڏنو ۽ مٿس خوب ڇوهه ڇنڊيا.
مخدوم محمد قائم لاءِ سنڌ جو مٿيون مشهور مؤرخ لکي ٿو: ”حاجي
محمد قائم عالم اڪمل ۽ فاضل افضل، علم منقول ۽
معقول ٻنهيءَ جو جامع درسي ۽ وهبي (ڏات) فيض جو
مالڪ هو. مخدوم رحمت الله سنڌي سندس استاد آهي ۽
حاجي محمد هاشم جو معاصر ٿي گذريو آهي، وقت جي
عالمن سان ڪيترن علمي بحثن ۾ چوٽون کاڌائين، ذهن
جي کرائي ۾ گهڻن عالمن کان اتاهون هو، ٽن پهرن مهل
حديث نبوي بيان ڪندو هو ۽ ڪيترن اهل توفيق کي سلوڪ
جي واٽ ڏسيندو هو. هڪ ڀيري حج ڪري وطن واپس وريو،
ٻئي ڀيري لڏي پلاڻي وڃي عربستان ۾ رهيو اتي حديث
جي درس ۾ وڏو نالو ڪڍيائين.“(1)
مخدوم محمد قائم سنڌي پنهنجي انهيءَ رسالي ۾ ”مقدمة الصلواة“ جا
اهي سنڌي بيت نقل ڪندي، انهن جي عربيءَ ۾ تشريح
ڪئي آهي ۽ مخدوم محمد هاشم سنڌيءَ کي جواب ڏيندو
ويو آهي.
هن رسالي جي شروع ۾ حمد و صلواة کان پوءِ مصنف هن طرح ڪتاب جو
تعارف ڪرائي رهيو آهي:
”پڄاڻان حمد و صلواة جي (الله) القائم جي ڪلام ۽ نبي الله
الدائم جي حديث جو خادم محمد قائم چوي ٿو ته سنڌي
رسالو جيڪو ”مقدمة الصلواة“(1)
جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي شيخ، امام، سائين
سڳوري مولانا شيخ ابوالحسن بن شيخ عبدالعزيز جوڙيو
آهي، تنهن جي ڪن مسئلن تي هن دور جي هڪ عالم
اعتراض ڪيا ۽ اصلاح لاءِ پنهنجي طرفان ڪي بيت
وڌايا، هوڏانهن انهن عبارتن تي ٻئي ڪنهن به عالم
اعتراض نه ڪيو، تڏهن مون ضروري ڄاتو ته انهيءَ
منظومہ سنڌيءَ جو ارٿ بيان ڪريان، ته جيئن پڙهندڙڻ
کي اهو پتو پوي ته (معترض طرفان) اهي وڌايل بيت سچ
پچ وڌائڻ جوڳا آهن يا مورڳو (اهڙا عبث آهن جو)
انهن ڏانهن اک ورائي واجهائڻ به نه گهرجي.“ الخ
مخدوم محمد قائم سنڌي، مخدوم ابوالحسن جي حمايت ۾ جيڪو مٿيون
رسالو عربيءَ ۾ لکيو، تنهن تي وري مخدوم محمد هاشم
جواب ۾ هڪ ٻيو رسالو عربيءَ ۾ لکيو، جنهن جا ٻه
نالا رکيائين: 1- الشفاءَ الدائم عن اعتراض
القائم، 2- تنوير الاصباح علي مسالڪ الاصلاح. هن
رسالي جي مقدمي ۾ حمد و صلواة کان پوءِ مخدوم محمد
هاشم فرمائي ٿو:
مون جڏهن اصلاح ”مقدمة الصلواة“ جي نالي سان هڪ رسالو لکيو ته
ان تي هن دور جي هڪ عالم (مخدوم محمد قائم) جنهن
کي مون سان حسد ۽ جاهليت واري حميت هئي، تنهن اهڙا
اعتراض ڪيا، جيڪي انصاف جي ليڪي کان لنگهيل هئا،
ڏنگيءَ واٽ ويندڙ ماڻهوءَ کان سواءِ انهن اعتراضن
کي ڪوبه قبول نه ڪندو ۽ نه انهن تي راضي ٿيندو،
تنهن ڪري مون زمين ۽ آسمان جي مالڪ الله سبحانہ
وتعاليٰ تي ڀروسو رکي انهن اعتراضن جا جواب ڏيڻ
گهريا. 1152هه جي آخر ۾ هن رسالي جي تصنيف ۾ شروع
ٿيس ۽ ان جو ”الشفاءَ الدائم عن اعتراض القائم“
ٻيو نالو ”تنوير الاصباح علي مسالڪ الاصلاح“ رکيم.(1)
مخدوم محمد قائم سنڌي، مخدوم محمد هاش۾ کي جواب ڏيندي هڪ حديث
بابت لکيو آهي ته شيخ (ابوالحسن) انهيءَ حديث تي
واقف ٿيو هوندو، تنهن تي وري مخدوم محمد هاشم
مٿئين رسالي ۾ لکي ٿو ته اهو حسن ظن آهي، پر
استدلال ۾ چڱو گمان نفعو نه ڏيندو آهي، ٻيو ته شيخ
ابوالحسن سنڌي، جيتوڻيڪ پرهيزگار انسان هو. ”الله
تعاليٰ اسان کي ان کان نفعو پهچايو“ پر هو علم
حديث جو ڄاڻو نه هو، رڳو فارسي ڄاڻندو هو، جيئن
عبادات ۾ مجموعه خاني ”مجموعہ سلطاني“ ۽ ”ترغيب
الصلواة“ فقهه ڄاڻندو هو، تنهن ڪري ڪابه حديث،
جيڪا فني ڪتابن ۾ نه ملي، تنهن جي ثابتيءَ لاءِ
رڳو اهڙي ماڻهوءَ جي قول تي ڀروسو ڪرڻ ڪوريئڙي جي
ڄاريءَ کان وڌيڪ ڪمزور آهي.“ الخ.
مٿئين علمي لائبريريءَ ۾ هن کان سواءِ ٻيا سنڌي ڪتاب اُهي هئا،
جيڪي مخدوم صاحب جا پنهنجا جوڙيل هئا، هتي مناسب
ٿيندو جو نموني طور انهن مان ڪن ڪتابن جو مختصر
تبصره سان گڏ بيان ڪجي:
(2) ”قوت العاشين“ (فضائل رسول الله ۽ سندن معجزا) مخدوم محمد
هاشم (رح) هن ڪتاب جي شروع ۾ آنحضرت صلي الله عليہ
وسلم جي وصف ۾ پنهنجو چيل هڪ عربي قصيدو آندو آهي
۽ ان جو سنڌي نظم ۾ ترجمو به ڪيو ويو آهي. مخدوم
صاحب هن ڪتاب ۾ ٻولي ڏاڍي ٻاجهاري ڪتب آندي آهي ۽
ڏاڍي سڪ ۽ سوز مان آهون دانهون ڪيون اٿس. هڪ هنڌ
فرمائي ٿو:
رس رحيم رسول تون، مون کي محمدا
هاشم جهڙي حقير تي ڪر شفاعت ڪا
جنهن نه ڪا واٽ نه وس ڪو، ريءَ تنهنجي رحمتا
سدا ڏکي ڏيل ۾، ٻيو گهٽ منجهين گهاءَ
دکي درد دل ۾، ڪر اندر ڪهڪاءَ
ڀڳم ٻول ٻهون پرين، ڪيم ڪم ڪچا
مون کان مٺايون ٿيون، دائم منجهه دنيا
جي هيم حياتي ڏينهڙا سي پن سڀ ويا
مصنف پنهنجي ڪتاب جي آخر ۾ بيان ٿيل معجزن جو تعداد ۽ ڪتاب جي
تصنيف جو سن هن طرح ٻڌائي ٿو:
جيڪي معجزا هن سنڌيءَ ۾، ميڙي مون رکيا
سي آهن هيڪڙو سؤ ۽ سٺ معجزن مجمل طريقا
پر ڪي ڪي ماڳ سنديءَ آهين ان پارا
جيئن آهين منجهه معجزي هيڪڙي گهڻي ئي معجزا
جيڪر ڪجي حساب تن جو ساڻ تفصيلا
ته ٿين سو ڇهاسي معجزين ليکي شمارا
سي سڀيئي هن سنڌيءَ آهن درج ٿيا
جهر اچي هي تمام ٿيو نسخو سنڌي واءَ
تهر هئو ورهه اڪار هن سؤ گذريا ستاويهه ٻيا
1127هه
تڏهن ”قوت العاشقين“ سنڌي رکيو تنهنجو نانءُ. هي ڪتاب گهڻو اڳ
بمبئي مان ليٿو ۾ ڇپجي شايع ٿيو هو. پوءِ وري
1950ع ۾ ميان حاجي عبدالله لغاريءَ جي ڪوشش سان
مسلم ادبي پريس مان ٽائيپ ۾ به ڇپجي شايع ٿي چڪو
آهي.
(3) ”بناءُ الاسلام“ عقائد سنڌي ۾ هن ڪتاب ۾ ساراه ۽ سلام کان
پوءِ ڪتاب جو مصنف مخدوم محمد هاشم هن طرح فرمائي
ٿو:
هاڻي سڻو مومنا هنئي جي ڪنن
ته سکڻ مسائل دين جا لازم مٿي تن
عاقل بالغ جي ٿيا ڪلمو ڪهن
فرض سکڻ فرض جو ۽ واجب واجبن
سنت سکڻ سنت جو، چيو عالمن
تان نه مؤمن تن کي ساري ورسکن
پر وڏو امر چيائون پهرو منجهان مڙن امورن
جنءِ سکجن عقيدا اسلام جا ۽ دل ۾ ياد ڪجن
جي سين درست ايمان ٿئي سندو مومنن
سي ميڙي لکيم سنڌي ۾ ڪي عربي کان
ته مان ٿين سي سهکا سکڻ مؤمنن کان
لکئم تفصيلَ تن سندو صحيح سوکائي لاءِ
عربي فارسي اهکي گهڻو اتي اٻوجهن
سنڌي ڪيم سهکي ڪڍي ڪارڻ تن
ڪتاب جي اخير ۾ ڪتاب جي نالي ۽ سن تصنيف بابت مصنف فرمائي ٿو:
هاڻي رسالو عقائد جو اچي ٿئو تماما
بناءَ الاسلام سنڌي مون نالو تنہ رکيو
جڏهن اچي تمام ٿئو ناقص جو نسخو
تڏهن مهينو ذوالحج جو پنجين تاريخو
اڪاره سوءَ ۽ ٽريتاليهه ورهيه هو سو
ڪئا هجرت نبي ڪريم جي عالم جو اجهو
اهو ڪتاب به قاضي عبدالڪريم جي ڪوشش سان ليٿو ۾ بمبئي مان گهڻو
اڳ 1320هه ۾ ڇپجي چڪو آهي، ڪتاب جا جمله صفحا 160
آهن.
هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب توحيد باري تعاليٰ ۾ قرآن شريف ۾ آيل
برهان تمانع تي تحقيق فرمائيندي علامہ سعد الدين
تفتازاني تي (جنهن انهيءَ برهان کي ظني سڏيو آهي)
عالمانه رد فرمايو آهي، جو ڏسڻ وٽان آهي.
(4) تفسير هاشمي سنڌي: هيءُ فقط ٽيهين پاري جو منظوم سنڌي تفسير
آهي، جو ڊيمي سائيز جي 503 صفحن تي ڦهليل آهي.
مصنف ساراهه ۽ صلواة کان پوءِ هن تفسير جو تعارف
هن طرح ڪرائي ٿو:
هاڻي سڻو مومناه، هيين ڪنن ساڻ
ته آڱي صحيو موڪليو سونهارو قرآن
پر پوي سيپاري ڏونہ تهجي گهڻو احتياج آه
سڀ ڪو پڙهيس نماز ۾، سڪهائي سببا
سورون تهجيون ۽ آيتون آهين مختصر ٻينئا
ننڍو وڏو تهنکي پڙهي ڪوڏ منجا
پر معني پروڙن تهجي اهکي اٻوجن لاءِ
تڏهن سنڌي ڪيم سهکي ڪڍي عربيا
ٿورو اڳتي هلي تصنيف جي تاريخ هن طرح ٻڌائي وئي آهي:
ڪئم شروع تهم سترهي تاريخا
ڪنا مهني شعبان جي سڻي ياد ڪجاه
تيئن اڪاره ساءَ ۽ ٻاهٺ هئا ورهه گذرئا (1162هه)
ڪنا هجرت حضرت حبيب جي جو مير محمد شاه
نالو تفسير هاشمي رکئم تهين کا
هيءُ تفسير به 1330هه ۾ مطبع ڪريمي بمبئي وارن ڇاپي پڌرو ڪيو
هو.
انهن ڪتابن کان سواءِ ”ذبح شڪار“ ۽ ڪي ٻيا سنڌي ڪتاب به آهن، جو
طوالت سبب انهن جو تذڪره ترڪ ڪرڻو پئي ٿو. ساڳيءَ
ريت عربي ۽ فارسيءَ ۾ مخدوم صاحب جا پنهنجا ڪتاب
يا ٻين سنڌ جي محقق عالمن جا ڪتاب، جن مان مخدوم
صاحب جن حوالا آندا آهن، تن کي به هن مختصر مقالي
۾ نٿو آڻي سگهجي.(1) بهرحال ڪتابن جي ڪثرت کي ڇڏي، جيڪڏهن ندرت
جي خيالن کان هن لائبريريءَ جي جواهر پارن تي
نگاهه ڪبي ته هن چوڻ ۾ ڪو وڌاءَ نه ٿيندو، اها
پنهنجي دور ۾ عالم اسلام جي ڪن عظيم ڪتاب خانن جون
سڪون لاهيندي هوندي.
2- يوسفيہ لائبريري
سهڻي ساڻيهه سنڌ ۾ علم جو اوج نه رڳو ٺٽي يا سيوهڻ وغيره جهڙن
مرڪزي ۽ مکيه شهرن ۾ رهيو، پر هتي جون ڀُنگيون ۽
منهيون، ڪنڊا ۽ ڪرڙ به علمي ادارن ۽ ديني مدرسن
سان معمور هئا، جن جا اهڃاڻ اڄ به اتي جي رهيل
کهيل ڪتابن، تاريخي جاين ۽ ڊٺل ڍيرن مان ملي رهيا
آهن. اڄوڪي صحبت ۾ اسين ضلع نوابشاهه جي هڪ ننڍڙي
بستي ۽ ڳوٺ شورا عرف ”کياريءَ“ جي کري خبر ڏئي
رهيا آهيون.
سنڌ جي قلمي ڪتابن ڏسڻ جي شوق، ڪراچيءَ مان ڪڍي اسان کي
”کياريءَ“ پهچايو، اتي اسين حڪيم پير عبدالحق صاحب
۽ سندن فرزند پير محمد يونس صاحب وٽ مهمان ٿياسون
۽ کين پنهنجي مقصد کان آگاهه ڪيوسون. پير صاحب هڪ
نهايت درويش صفت انسان آهي، سنڌ جي روايتي
مهمانداريءَ کان پاڻ وڌيڪ اسان جي آڌر ڀاءُ ڪئي ۽
بنا ڪنهن عذر، بهاني جي پنهنجا سڀ قديمي ڪتاب اسان
جي آڏو کڻي ڍير لڳايا. هت اسين ڇپيل ڪتابن کي ڇڏي
ڪن نادر قلمي ڪتابن جو ذڪر ڪنداسون:
لائبريريءَ جي احوال کان اڳ ان جي مؤسس ۽ بنياد رکندڙ جو احوال
عرض ڪجي ٿو:
هن ڪتاب خاني جو پايو وجهندڙ مخدوم محمد يوسف عرف ”روضي وارو
مخدوم“ آهي، هن بزرگ جو پڙڏاڏو مخدوم سعد الدين
بلالي آهي، جو مخدوم بلال جو خليفو هو ۽ انهيءَ
ڪري کيس بلالي سڏيو ويندو هو، جنهن جي قبر کياريءَ
کان ٻن ميلن پنڌ تي آهي.
مخدوم محمد يوسف، مٽيارن جي مخدوم عبدالڪريم (رح) کان تعليم
پرائي، مخدوم عبدالڪريم، مخدوم محمد عثمان متعلوي
(وفات 1219هه) جو فرزند هو، جنهن لاءِ مشهور آهي
ته سندس والد مخدوم محمد عثمان رحه کيس عالم برزخ
مان اها بشارت ڏني.
”انک بحر تجري منک الانهار، ومن الانهار انهار“ ”يعني تون علم
جو سمنڊ آهين ۽ تو مان ڪيئي علم جون نهرون وهنديون
۽ انهن نهرن مان ٻيون نهرون نڪرنديون.“ تحقيق ٿيو
به ائين جو مخدوم عبدالڪريم متعلوي سڄي سنڌ جي
عالمن جو استاد ثابت ٿيو.(1)
مخدوم محمد يوسف (رح) رڳو ظاهري علم تي قناعت نه ڪئي، پر باطني
علم جي توه، طلب به رکندو رهيو، نيٺ مخدوم محمد
اسماعيل وسين واري جي هٿ تي نقشبندي طريقي ۾ بيعت
ڪري ذڪر، اذڪار ڪمائي باطني علم جي خلافت ۽ فضيلت
به هٿ ڪئي.(2)
مخدوم محمد اسماعيل، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پوٽي مخدوم
ابراهيم مڏئي (وفات 1225هه) واري جو خليفو هو ۽
اهو وري مخدوم صفي الله قيوم جهان (وفات 1212هه)
جو خليفو هو.
مخدوم محمد يوسف ظاهري ۽ باطني علم جي تحصيل ڪري پهريون ته نواب
شاهه جي ڀرواري کيارين جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اتان ڪن
سببن ڪري 1264هه ۾ لڏي اچي شورن ۾ رهيو. هن ڳوٺ کي
به مخدوم صاحب (رح) جي قيام گاهه هجڻ ڪري ”کياري“
يا خياري شريف سڏيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب هتي هڪ
ديني مدرسي ۽ خانقاه جو بنياد وڌو ۽ هڪ عاليشان
قبائي مسجد به تعمير ڪرائي، جا 1265هه ۾ جڙي راس
ٿي.
مخدوم فضل الله پاٽائي، مخدوم محمد يوسف (رح) کان بيعت هو. ان
پنهنجي هٿن سان مسجد تي لڳل سر مٿان مسجد جي تعمير
جي سال جو ڪتبو هن طرح لکيو آهي:
شد بنا مسجدي نکو بنياد
وه مقامِ عبادت و ارشاد
مرجعِ خاص و عام منبع فيض
کهف ابدال- مسکن- اوتاد
مهبط - قدسيان و کروبي
مرکزِ رشد و منزلِ زهاد
همچو بيت الحرام دارا مان
جائي طلاب معبدِ عباد
من بني مسجدا بني الله
بيتہ في الجنان زحق ميعاد
قطب ارشاد حضرتِ قيوم
کرد تعميرِ بيتِ رب عباد
سال تعميرش از خرد جستم
بيتِ موزون ز هاتفم آمد ياد
هريکي مصرعش بود تاريخ
گرشماري حروف در تعداد
اين چنين گفت هاتفم در گوش
گفتم آن بيت را بکن انشاد
گفت مسجد بفيض نور هدا
جائي ارشادِ خلق باد آباد
1265هه
مخدوم محمد يوسف (رح) کي چار پٽ هئا: 1- مخدوم عبدالله 2- مخدوم
عبدالحق 3- مخدوم عبدالحي 4- مخدوم عبدالڪريم. اهي
چارئي عالم، فاضل ۽ روحاني فيض جا مالڪ ثابت ٿيا.
باطني فيض پنهنجي والد بزرگوار کان پرايائون ۽
ڪجهه ظاهري علم به وٽس پڙهيا، سندن تعليم لاءِ
مولانا عبدالرؤف مورائي ۽ قاضي عبدالغني هالائي،
خاص طرح مقرر ڪيا ويا.
مخدوم محمد يوسف جڏهن ته درگاهه سان گڏ ديني مدرسو به جاري
فرمايو هو، تنهن ڪري کين ڪتاب به رکڻا پيا ۽ اهڙي
طرح باقاعده هڪ وڏي لائبريري بڻجي وئي. مخدوم صاحب
انهيءَ ننڍڙي ڳوٺ ۾ فيض ڏيندا رهيا ۽ نيٺ 1277هه ۾
هن فاني دنيا کان رحلت فرمائي، آخرت ڏانهن اسري
ويا، سندن وفات تي مخدوم فضل الله پاٽائي ٻه چار
دردناڪ مرثيا لکيا، جي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ
هيٺ ڏجن ٿا:
هزار افسوس صد فغان و ماتم
درين ديرِ کهن هر درد و هر غم
ندانستي که زير چرخ دوار
کسي را نيست منزل گاه محکم
اجل هر دم نوازد کوسِ رحلت
که آسايد درين سيل دمادم
نهد هر کس متاع خويش بردوش
جدا گردو زهر مخدوم خادم
ز قرآن خوانده حرفِ فراديٰ
دو کس نبود بوقت مرگ همدم
اگر بودي چنين حکمِ الاهي
شدم همجام باپيرِ مکرم
مکرم پير که زمہ تا بماهي
درين دوران نديد و نديدم
محمد بود در وصفِ ملاحت
چو يوسف در صباحت گشت اکرم
صباحت با ملاحت متفق شد
در عالم را مسخر کرد، يکدم
چو بوده منصبغ باصبغ احمد
بمعراج حقائق کشفِ محرم
بجا آورد با توفيق ايزد
مراتبِ سنتِ سردار عالم
مريدان جنابش همچو اصحاب
همه ثابت قدم بي لاف پي دم
خلافت را بفرزندان هر چار
سپرده شد وليعهدش مقدم
چوياران نبي هر چار اسماءَ
زيک عين اند سبز و تازه خورم
عبادالله، حق، حي کريم اند(1)
چو بوبکر، و عمر، عثمان، علي هم
که يعني هر همه از عين واحد
گرفته مشربي بي کاست و بي کم
خدا اين چار رکن معرفت را
کند قائم بدين و رشد دائم
شده وصل ولي روزِ سہ شنبہ
ربيع الاول و تاريخ دويم
چو پرسيدم زهاتف سال رحلت
زحسرت گفت هي پيرِ معظم
1277هه
خداوند بدرگاهِ فيوضش
هميشه باد فضل الله قائم
ولہ ايضا
گفتها راگر شماري بهر سال
هر يکي شاهد شود بر انتقال
ولہ ايضا (عربيءَ) ۾
قد جريٰ قلم القضاءَ ما غيرت اسطاره
حڪمہ مستحکم قد احڪمت آثاره
کل شيءِ هالک الا قديما لم يزل
ما سوي الله محدث لم يرج استقراره
آه ازدردِ فراقِ مرشدم
کز جهان روتاب شد سوئي قدم
چون زمانه گشت پر مکرومحن
مالک اورا گفت يوسف اعرض
1277هه
يوسف اندر صدر جنت خاک رفت
رب قد آتيتني ملڪي بگفت
جائي صحب فردوس کرده بادشاه
حور و غلمان گفت مختار الـٰہ
1277هه
چون نموده سيرِ جنات النعيم
خوش بخوان حي لہ اجر عظيم
1277هه
گفتها را گر شماري بهرسال
هر يکي شاهد شود بر انتقال
هڪ ٻئي مرثيہ ۾ فرمائي ٿو:
دريفا درد بي درمان در آمد
که خود جان از تنِ دوران در آمد
نه جاني بلکه جانِ جانها بود
که جهانا از وجودش بود افيد
بانوارِ مجالسش گشت روشن
همه دينِ نبي و فيض احمد
رسومِ رشد و ارشاد مريدان
تجدد يافت زان ثاني مجدد
محمد يوسف از کنعان کونين
قدم بر مسند- مصر قدم زد
اوارض شريعت شد گلستان
سماءِ معرفت را قطب امجد
ربيع الاول اندر يوم ثاني
ازين ماويٰ بجنت کرد مرقد
رسولي آمد از درگاهِ قيوم
بگفتا رو بجنت قطب ارشد
1277هه
مخدوم محمد يوسف (رح) جو قائم ڪيل ڪتاب خانو اڳتي هلي جڏهن ته
پوين ۾ وراهجي ويو، تنهن ڪري اسين هتي رڳو انهن
ڪتابن جي اپٽار ڪنداسين، جيڪي پير حڪيم عبدالحق
صاحب وٽ اسان کي ڏسڻ ۾ آيا:
1- الدر المختار (قلمي) جلد اول ڪتاب الوقف تائين:
هي ڪتاب جيتوڻيڪ ڇپجي چڪو آهي، پر هن قلمي نسخي جي
خاص خوبي اها آهي جو ان جو ڪاتب مخدوم محمد يوسف
”روضي وارو“ پاڻ آهي ۽ حاشيه تي مخدوم محمد جعفر
بوبڪائيءَ جي ڪتاب نهج التعلم المتانتہ ۽ مخدوم
عبدالواحد سيوستاني جي بياض واحديءَ تان نوٽ ورتل
آهن ۽ ان تي مخدوم عبدالهاي پنجمورائي، مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي (رح) ۽ سندس صاحبزادي مخدوم عبدالرحمٰن
جا حواشي پڻ موجود آهن. هن مخطوطہ جي ٻي خوبي اها
به آهي جو هن جي پاسن تي وڏن سنڌي محقق عالمن جون
مختلف تحريرون پڻ موجود آهن، جن مان هڪ تحرير
مخدوم مسعود چوٽياري واري جي آهي ۽ مخدوم محمد
تربترائي جو پڻ حوالو آندل آهي ته اهو به شيخ
ابوالحسن ڏاهريءَ جي تحقيق جو پوئلڳ ٿيو آهي.
وغيره.
اصل مسئلہ (جنهن ۾ اها تحقيق هلي هئي) هي آهي ته سنڱ ڇڪائيندڙ
ماڻهو ڪنواريتن ڏانهن ڪا شيءِ کڻي ويندو آهي ته
اهو هديه يا سوکڙيءَ ۾ داخل آهي يا نه؟ جنهن تي
محقق عالمن جي راءِ آهي ته جي اها شيءِ کاڌي پيتي
جي آهي، جنهن جي جلدي خراب ٿيڻ جو ڊپ آهي ته پوءِ
ان کي هديو چئبو، پر جي ڪپڙو، جانور، پئسا، پائي
هوندا ته اهي تڏهن ڪنواريتن کي ريهائبا جڏهن
معاملو ٺهي وڃي، ٻي صورت ۾ اهي شيون واپس ڪرڻيون
آهن. وغيره.
2- بياض هاشمي: مخدوم محمد هاشم (رح) جي تحريرن جو مجموعو جلد
اول هن جو خط نهايت اعليٰ آهي، پر ڪٿان ڪٿان کاڌل
آهي، ڪتب خانه جي مالڪ جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب
مصنف جي هٿ جو لکيل آهي، جنهن لاءِ اسان کي ڪتاب
جي ڪنهن به تحرير مان ثابتي نظر نه آئي ۽ نڪي ڪاتب
جو ڪٿي نالو لکيل هو، ڪتاب الطهارة کان شروع ٿي
”فصل فيما ورد من فضل الخلفاءِ الاربعة والحسنين
الخ“ تي ختم ٿئي ٿو. بياض جا جملہ ورق 259 آهن.
3- حيات الصائمين (فارسي): مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جو هي ڪتاب
روزن جي مسئلن تي مشتمل آهي ۽ پنهنجي موضوع ۾
منفرد ڪتاب آهي. هن جو خط نهايت عمدو آهي، ڪتاب جي
پڇاڙيءَ ۾ سن ڪتابت ۽ ڪاتب جي سڃاڻ هن طرح ڪرايل
آهي:
”تمت بالخير ڪتاب مستطاب مسميٰ بحيات الصائمين بيد نحيف الوجود
فدوي شيخ محمد بتاريخ هشتم شهر شوال 1293هه صورت
اتمام يافت.“
4- فاڪهة البستان عربي: مؤلف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح- هن ڪتاب
۾ ذبح ۽ شڪار جا مسئلا گڏ ڪيل آهن ۽ انهن جا دلائل
پوري بسط ۽ شرح سان بيان ٿيل آهن. هن ڪتاب جو
مخدوم محمد هاشم صاحب سنڌي ۾ ترجمو فرمايو آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ڪاتب طرفان هيٺئين عبارت لکيل آهي:
”تم الڪتاب بعون الله العليم العلام علي يد احقر الانام محمد
الصديق عفاه الله الجرائم والاثام، يوم الجمعة في
خمس و عشرين من شهر رمضان 1328هه.“
يعني الله عليم جي مدد سان احقر محمد صديق جي هٿان ڏينهن جمع
تاريخ 25 رمضان 1328هه ۾ ڪتاب لکجي پورو ٿيو.
5- فرائض الاسلام عربي: خط اعليٰ هي به مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
جو جوڙيل آهي، جنهن ۾ اسلام جا فرض پوري تفصيل سان
بيان ٿيل آهن.
6- القول الانور في حڪم لبس الاحمر: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. هن
ڪتاب ۾ ڳاڙهي ڪپڙي اوڙهڻ بابت شرعي حڪم بيان ٿيل
آهي. هيءُ ڪتاب ڇپجي به چڪو آهي، ڪتاب جا ورق 31
آهن ۽ ڪاتب اهوئي محمد صديق آهي.
7- مظهر الانوار: مخدوم محمد هاشم جو روزن جي مسئلن تي جامع
ڪتاب آهي. ڪتاب جا ڪل صفحا 391 ۽ خط نهايت عمدو
اٿس.
8- ينابيع الحيات الابديہ في طريق الطلاب النقشبنديہ: هي ڪتاب
تصوف ۾ هڪ اعليٰ پايه جو ڪتاب آهي، جو مخدوم
ابوالحسن ڏاهريءَ (وفات 1181هه) جو جوڙيل آهي.
ڪتاب جي منڍ ۾ فارسي ۾ هڪ عبارت لکيل آهي، جنهن مان ڪتاب جي
قدامت جو پتو پوي ٿو. عبارت هيءَ آهي: ”اين ينابيع
از حقير عبدالستار بن خضر نذرست بخدمت حضرت صاحبان
قدسي مکان مرشد حقيقي کعبہ تحقيقي دام فيوضاتہ و
دروي دعوي کسي نيست مرقوم تاريخ 11 ماه ربيع الاول
1274هه دستخط بنده عبدالستار.“ هن عبارت مان معلوم
ٿئي ٿو ته عبدالستار اهو ڪتاب پنهنجي مرشد مخدوم
محمد يوسف (رح) کي تحفي طور پيش ڪيو هو.
ڪتاب جا ٻه جلد ته پير عبدالحق صاحب وٽ موجود هئا، باقي ٻين
جلدن لاءِ فرمايائون ته اهي پير حڪيم معين الدين
صاحب وٽ موجود هئا.
9- شمائل النبي (قلمي): هيءُ برڪت ڀريو ڪتاب، فن حديث ۾ امام
ترمذيءَ جو لکيل آهي، جو هن ڪاتب هڪ سنڌي نالي
صاحبڏنو ولد ڪريمڏنو قوم جو ڏيٿو ويٺل مٽياري آهي،
جو مدينہ منوره ۾ باب الرحمت وٽ ويهي تاريخ 25
مهينو صفر 1206هه ۾ لکي پورو ڪيو اٿس. ڪتاب جي آخر
۾ عربي عبارت ۾ اهو مٿيون احوال ڏنو اٿس. خط
موچارو اٿس.
10- عمدة المقامات: محمد فضل الله سرهندي ابن العارف الشاه غلام
نبي اهو ڪتاب تصوف ۾ آهي. صفحا 527.
11- رسالة حضرت ميان شيخ تاج الدين نقشبندي: تصوف.
3- شڪارپور جي علويہ لائبريري
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شهره آفاق ڪتاب خاني کان پوءِ سنڌ جي
ٻي عظيم الشان علمي لائبريري، جنهن جي شهرت نه رڳو
سنڌ ۾، پر سڄي گڏيل هندستان ۾ پکڙيل هئي، سا آهي
سنڌ جي قديم سونهن ڀري شهر شڪارپور جي علوي خاندان
جي علمي لائبريري. هن ڪتاب خاني کي قائم ٿئي
جيتوڻيڪ اٽڪل روءِ ٻه سؤ سال ٿيندا، پر ان جو
انتهائي اوج ۽ عروج مولانا سيد مير محمد علي نواز
شاهه جي دور ۾ ٿيو. هيءُ بزرگ، الحاج شاه فقيرالله
علوي شڪارپوريءَ جو پڙ پوٽو آهي. سندس نسب هن طرح
آهي: مير علي نواز شاه علوي ولد مولانا مير فخر
الدين ولد مولانا حفظ الله ابن الحاج شاهه فقير
الله علوي، حنفي، شڪارپوري.
شڪارپور جي هن علوي خاندان جو مورث اعليٰ الحاج شاهه فقير الله،
اهو اهل الله ۽ خدا پرست شخصيت ٿي گذري آهي، جو
سندس خانقاهه ۽ درٻار نه رڳو عام ماڻهن جو مرجع ۽
زيارت گاهه هئي، پر وقت جا سلاطين ۽ حاڪم به اتي
پهچي شاهه صاحب سان روحاني رهاڻيون ڪري هدايتون
حاصل ڪندا هئا.
سنڌ ۾ اهو دور خالص علمي دور هو، جو ڪيترن برگزيده عالمن پنهنجو
اباڻو وطن ڇڏي مستقل ۽ دائمي طور اچي سنڌ کي
پنهنجو وطن بنايو هو. شاهه حاجي فقيرالله علوي پڻ
انهن بزرگن مان هڪ آهي، جن سنڌ کي ديس بنايو.
هن بزرگ جي ولادت ”رورتاس“ نالي ڳوٺ ۾ ٿي. اهو ڳوٺ افغانستان جو
اهو مردم خيز خطو آهي، جتان جي هڪ سيد خاندان جي
نسل مان سيد جمال الدين افغاني پڻ بين الاقوامي
شهرت جو عالم ٿي گذريو آهي.(1)
حاجي صاحب ”حصارڪ جلال آباد“ ۾
وڌيو نپيو ۽ اُتي افغانستان ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽
فراغت کان پوءِ قنڌار ۾ تعليم به ڏيندو رهيو، اڳتي
هلي 1150هه ۾ پنهنجي اباڻي وطن کي هميشه لاءِ
خيرباد چئي شڪارپور سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو.
سنڌ جو مشهور مؤرخ مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾
حاجي صاحب (رح) لاءِ هن طرح رقمطراز آهي: ”حاجي
فقير الله ٻاهران آيل (بزرگن مان) آهي، پر هڪ ڊگهي
عرصي کان اتي (شڪارپور ۾) وٽس (فيض پرائڻ لاءِ)
ماڻهو ايندا رهن ٿا، بزرگيءَ جو سلسلي کي چوٽ تي
چاڙهي ڇڏيو اٿس. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو بزرگ
چڱي فضيلت ۽ حالت جو صاحب آهي، اتي جا حاڪم سندس
عقيدتمند آهن ۽ سندس خدمت ۾ ايندا رهندا آهن، سندن
ڄاڻ سڃاڻ بادشاهن سان به آهي، چڱاين جي حڪم ڪرڻ ۽
بڇڙاين کان روڪڻ ۾ نهايت ڪوشش ٿو وٺي ۽ پنهنجي
عقيدتمندن کي ظاهري توڙي باطني فيض سان نوازيندو
ٿو رهي.“(1)
”تحفة الڪرام“ جي مصنف مخدوم حاجي صاحب لاءِ بادشاهن جي تعلق ۽
لاڳاپي بابت جيڪو لکيو آهي، ان مان سندس مراد احمد
شاهه ابدالي، ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙو، مير
نصير خان والي قلات ۽ محبت خان بلوچ آهن، جي شاهه
فقير الله جا نهايت معتقد هئا، هن بزرگ جي ڪتاب
مڪتوبات مان پتوي پوي ٿو ته انهن سڀني اميرن ۽
حاڪمن ڏانهن رشد و هدايت جا خط لکندو هو.(2)
۽ شهنشاه ابدالي ته قنڌار مان وڏي ارادت ۽ عقيدت
سان شاهه فقير الله شڪارپوري ڏانهن خط لکندو ۽
جواب گهرندو هو. احمد شاهه ابدالي هندستان جي
مرهٽن تي جيڪو حملو ڪيو هو، سو پڻ حاجي شاهه فقير
الله علوي ۽ شاهه ولي الله محدث دهلوي جي اشاري
سان ڪيو هو، حاجي صاحب سنڌ ۽ قلات جي حڪمرانن کان
شاهه ابدالي کي فوجي مدد به ڏياري هئي.(3)
هن بزرگ عالم، تعليم پنهنجي اباڻي ملڪ افغانستان ۾ پرائي، سندس
اتي جي استادن بابت اسان کي ڪجهه به معلوم نه ٿي
سگهيو آهي، پر جنهن دور ۾ هو هتي سنڌ ۾ پهتو، ان
دور ۾ ٺٽو پنهنجي وقت جو علمي شهر هو ۽ اهو سنڌ ۾
ڄڻ ته بخارا بنجي چڪو هو، جو ڪيترن ئي ڏورانهن
ملڪن کان علم جا اڃايل هت پهچي حديث، فقہ، فلسفه
وغيره جي تعليم پرائيندا هئا، مخدوم محمد معين ۽
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي درس ۽ تدريس جي هر هنڌ
هاڪ ويٺل هئي، مخدوم محمد معين جڏهن ته حاجي صاحب
جي هتي اچڻ ويل پوڙهو ٿي چڪو هو، تنهن ڪري شاهه
فقير الله علوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگردي
اختيار نه ڪري رڳو کانئس ظاهري علم جي سند حاصل
ڪئي، پر ذڪر، اذڪار ۽ اوراد به کانئس پرائي سلوڪ ۾
ڪمال حاصل ڪيو. هن جي ثابتيءَ لاءِ شاهه فقير الله
(رح) جي پنهنجي ڪتاب ”قطب الارشاد“ ۾(1)
ڪافي شهادت موجود آهي. هن ڪتاب جو مقصد ستون،
اٺون، نائون ۽ ڏهون جي پڙهي ڏسبا ته انهن ۾ علم
حديث جي ڪتابن ۽ ٻين اورادن، اذڪارن، دعائن ۽
قصيدن جون جيڪي سندون بيان ڪيل آهن، سي سڀ مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ کان ورتل آهن. ساڳي طرح شاه فقير
الله علوي اسانيد ۾ هڪ رسالو ”وثيقة الاڪابر“ نالي
لکيو آهي، ان ۾ به جيڪي اسانيد لکيون اٿس، سي سڀ
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي واسطي سان شيخ
عبدالقادر مڪيءَ سان ملن ٿيون.(2)
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان حديث ۽ ٻين فنن ۾ سند حاصل ڪري، حاجي
صاحب (رح) جڏهن حج جي ارادي سان مڪه مڪرمه پهتو ته
اتي وري سڌي طرح به مخدوم محمد هاشم جي استاد مفتي
عبدالقادر مڪيءَ کان به سند حاصل ڪري، اسناد ۾ علو
۽ بلندي لڌي. باطني فيض ۾ سندس مخصوص مرشد ۽ مربي
شيخ محمد مسعود پشاوري آهي، جو نقشبندي طريقي جو
وڏو ولي الله ۽ ڪامل بزرگ هو، مڪتوبات جي آخر ۾ هن
بزرگ جا به ڇهه خط درج ٿيل آهن، جي حاجي صاحب ۽
ٻين معتقدن ڏانهن رشد، هدايت بابت لکيل آهن.(1)
شاهه فقيرالله پنهنجي خانقاهه ۾ هڪ نهايت وڏي ڪتب خاني جو بنياد
رکيو هو، جنهن ۾ ڪيترا نوادر ۽ مخطوطات به شامل
هئا، اهو ڪتب خانو ويو وڌندو، ايستائين جو مولانا
مير علي نواز خان علوي ان ڪتاب خاني ۽ لائبريريءَ
کي ايڏو ته زور وٺايو جو هندستان ۽ افغانستان جا
ڪيترا جيد عالم شڪارپور ۾ ڪهي اچي، انهيءَ ڪتب
خاني جي زيارت ڪندا هئا ۽ نادر ڪتابن تان نوٽ
وٺندا هئا.
”سروش فارسيءَ“ جو سردبير اسان جو فاضل دوست آقائي حبيب ”ڪردار
نيڪ“ جي عنوان سان لکي ٿو ته شاهه صاحب (حاجي
فقيرالله) پنهنجي شڪارپور واري خانقاه ۾ هڪ وڏي
ڪتاب خاني جو بنياد رکيو هو، هاڻي به ان ڪتاب خاني
جا ڪي خطي نسخا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر افسوس جو پوين
پنجاهه سالن ۾ پوين پنهنجي اسلاف ۽ بزرگن جو ورثو
هٿان وڃائي ڇڏيو. تعجب آهي ته گڏ ڪنهن ڪيو ته وري
ان کي تلف ڪنهن ڪيو.
|