حضرت پير محمد راشد شاه
روضي ڌڻيءَ جو سنڌي ڪلام
سنڌي ٻولي هزارن سالن کان هتي جي زبان هليو اچي، پر افسوس ته ان
جو قديم نثري ادب ته ٺهيو، پر سنڌي شاعريءَ جي
ابتدا جي ڪا صحيح ثابتي نه ملي سگهي آهي. رڳو سمن
جي دور جا ڪي جزوي بيت اچاريا ويندا آهن، باقي ٻيو
مڙئي خير. منهنجي خيال ۾ ان جو وڏو ڪارڻ هو، هتي
جي حڪمرانن ۽ عالمن جو ٻاهرين سرڪاري ۽ مذهبي
ٻولين سان لڳاءُ. ان ڪري هن ملڪي ٻوليءَ جي ڪنهن
به سرپرستي نه ڪئي ۽ نه وري هن جي ڪا صحيح رسم
الخط ۽ صورتخطي مقرر ٿي سگهي. اسان کي اچرج ته
اهو ٿو ٿئي ته هتي جي قديم رهاڪن هندن به هن ڏس ۾
ڪو قدم نه کنيو، ڪنهن به تاريخي ڪتاب مان اها
ثابتي نه ٿي ملي ته انهن تي ڪا ان قسم جي پابندي
هئي!!
سنڌي شعر جي ڪجهه جهلڪ نائين ۽ ڏهين صدي هجريءَ ۾ نظر اچي ٿي،
جو قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم جا ڪي بيت خوش قسمتيءَ
سان محفوظ رهجي ويا. اڳتي هلي سنڌي شاعري اسرڻ
لڳي. ٻارهين صدي هجريءَ ۾ عارف ڀٽائي ان کي اوج تي
رسايو. ان کان پوءِ سچل سائين جي مستانه نغمن ان
کي سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. هن سلسلي ۾ اسان کي
راشديه خاندان جي مؤسس اعليٰ پير سيد محمد راشد
روضي ڌڻيءَ جي ڪلام جو مجموعو پير سيد وهب الله
شاهه جهنڊه وارن جي علمي لائبريريءَ ۾ هٿ آيو،
جنهن کي اسان سنڌي علم و ادب جي شائقين آڏو پيش
ڪري رهيا آهيون. سنڌي ادب جي مڪمل ادبي تاريخ لکڻ
۾ اهڙيون نادر وٿون وڏيون مفيد ثابت ٿينديون آهن.
ڪلام جو مجموعو سوا سؤ سال جو لکيل ٿو ڏسجي، پر تڏهن به سنڌي
صورت خطي صحيح لکيل نه آهي. اسان ڪوشش وٺي ڪلام کي
سمجهي هاڻوڪي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. ڪي لفظ جيڪي
اسان سمجهي نه سگهيا آهيون، تن کي اصلي رسم الخط ۾
آندو اٿئون، ته من ڪو ٻيو پڙهندڙ درست ڪري سگهي.
ڪلام جي شروع ۾ بسم الله کان پوءِ هيٺئين فارسي
عبارت تعارفي نوٽ طور آندي وئي آهي، جنهن کي اسين
بجنسہ هتي نقل ڪريون ٿا:
هذا تصنيف حضرت قبلہ انام و کعبہ خاص و عام مقتداءِ اولياءِ
عظام پيشوا عارفان ملک العلام امام سالکان تحقيق
هادي السبيل تدقيق شمع زمره صادقان قطب اقطاب
الزمان چراغ محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم سراج
ملت بيضاءِ وارث دين محمد صلي الله عليہ وسلم
المختلق باخلاق الله تعاليٰ المتصف باوصاف الله
تعاليٰ حضرت مرشدنا و مولانا محبوبنا اعنيٰ حضرت
شاه صاحب شيخي سيدي حضرت قبلہ محمد راشدا دام الله
تعاليٰ برکاتہ و رضي الله تعاليٰ عنہ و ارضاه.
تصنيف ڪلام سندي
بسم الله الرحمٰن الرحيم
جنين ڀانيو پاڻ کي، ڪري هڏيهي ڪين،
اهڙا ئي مسڪين، در لهندا دوست جو.
جنين ڀانيو پاڻ کي، هڏ ڪري هيڻو،
سي ٻين کان ٻيڻو، کڻي وينديون خير سان.
جنين ڀانيو پاڻ کي، هڏ هين ڪين ڪري،
هونديون تن ڳري، پريان سنديون ڳالهڙيون.
هوت تهجو حال، تو بنا ڪنهن کي چوان،
ڀلا! ڪري ڀالُ، هيءُ سُڻُ مهجي ڳالهڙي.
ماس رڳو چم هڏ، سڪ تهجي ساڙيو،
ڪڏهن ڪندي سڏ مهر مان مسڪين کي.
محبت ٻاريو مچ، جنهن سندي جان ۾،
سل ساجن چو سچ، ته ڪو ترس اٿي تن جو.
پهاڪو: رن ته ويئي، پر رلي ڀي ويئي.
رلهي چيائون عمر کي، دنيا رَن جيهي
جواني ۾ هڪ جنگ کي، ٻٽ هيون ٻيئي
پيريءَ ۾ ته پرس کي، پٺ ڏيئي وئي
تڏهن چئي پهچي چت ۾، ٿو روح اندر روئي
ته رن ته ويئي، پر رلهي ڀي ويئي
پهاڪو: جا وڻي سا واه، ڪلون قريبن کي
لاهوتي هليا لاهوت ڏي، رڙهن منجهه صباح
ڏک سک برابر ان کي، اورن سان الله
مدائمي ميان مرشد چئي، چليا منجهان چاه
جا وڻي سا واه، ڪلون قريبن کي.
سندن جون سيد چئي، وٿون(1)
سڀ وکن
پوءِ ٿي پير کڻ ته، نه هلڻ(2)
۾ هورو ٿيين
آهون دانهون سڏ، هينئڙو ڏيهاڙيون ڪري
توڙي گوڏو گوڏي گڏ، تڀي سڪان سڪڻ نه لهي
آهون دانهون هوءِ، هينئڙو ڏيهاڙيون ڪري
توڙي سڃڻ روءِ بروءِ تڀي سڪان سڪڻ نه لهي
آهون دانهون هاءِ، هينئڙو ڏيهاڙيون ڪري،
توڙي سڄڻ جاءِ بجاءِ تڀي سڪان سڪڻ نه لهي.
وحدت ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
اندر پرين ٻاهر پرين، ٻي ٻول نه ڪهين ڀُل
هوءِ هلاچو هُل، مڙئي آه محبوب جو.
جهنگ سڙيو، آڇ ٿي ڀڳي چورن لڪ،
هڪ سڄڻ ٻي سڪ، باقي رهيو پاڻ ۾.
جا جاما ڳڙيين(1)
ڇيڙي(2)
چرڪو نه ڪري
لائي ترار لاجي، کڻي خچر کي هڻ
ته پڻ ڳالهڙين، پرين پهجو نه ڪري
ڳالهيون جوڙي جا، وڃان در دوسن جي،
سگهان سيڻن کي، منهن تي چئي مان،
تاب تنين جي ساڻ، وڃن سڀيئي وسري.
ڏٺو ڪوهيارو اديو هن اکين سان ته هب(1)
ڏونگر سارو هوند(2)
ڦولايو فقير کي
نندر جنين جو نيہ سي لڪائن لوڪ کان،
اسين سارو ڏيهه، پڌر اوريون پر سان.
ڪن ڪنهن چيو، فيڪن ڪير ٿيو،
جي عدم تي احديت جو پرتوو پيو،
تهين منجهان ٿيو مادو معلومات جو.
مادو معلومات جو، آيو عين انسانُ،
هي هو جهان، تفصيل آهي تن جو.
ائين چرکو چور، جئن سُتَن کي سڌ ٿئي،
تند ٻڌي تڪڙي، ڏاڍي ٻڌي ڏور،
تهتا وڃي تور ته تهجو ماڻڪن کان مٿي ٿئي.
اکيون سي ئي ڌار، جنهن سان پسين پرينءَ کي،
ٻي ڏي ڪيم نهار، جو آهي رانول ريسارو گهڻو.
اچي اکين ۾ ويهه ته سڄڻ واري پوريان،
مَرُ توکي ڏسي نه ڏيهه آءٌ نه ڏسان ڪي ٻيو.
منجهان قيا ڪثرت جي، آندائون عبور،
اللهم ارزقني الاشياءَ کما هي.
وسريون وجود، وڃي ذاتي گڏيا ذات ۾،
ڀڃي(1)
طلسم تعينات جا، ٿيا مڙئي
مقصود،
جن ٿي سيئيو سا جداءُ مسجود، سي حقيقت ۾ هڪ ٿيا.
ڏيو ٻاري ڏيل ۾، پسين جي پيهي،
ته ظاهر باطن علم جو، ملا مڃيئي،
سڌ سُو دَن پيئي خاني انهين(2)
خاص جي.
ڪا جا ڳالهه ڪجي هڪ ميان(3)
ٻي مڱڻ(4)
سالڪ پيا بيما سم، عاقل ويا اُجي،
ڪهڙي خبر خلق کي، اهڙي سر اسرار جي.
نامرادي جي نجهري، پيهي پُڇُ الله،
چٽو رباني راه، پر مرادن مخفف ڪيو.
خليفي لقمان مرد مربي کان پڇيو ته فقير ڪنهن کي چوندا آهن، مرشد
مربي جن هي بيت پڙهيو:
فقير چئجي تن کي، جن کي سڀن ري سري،
پربي پير نه وڃڻو ڪنهن گهر گهري
هو جو مانيءَ ڪاڻ مري سو سامي گر نه سامهون.
هيٺيون بيت ان وقت چيائون، جڏهن صاحزادن کي افغانن تراريون
هنيون. ان ڏينهن ماڻهن عرض ڪيو ته اوهان هتي ڪجهه
ترسو ته اسان انهن کي برباد ڪيون (۽ بدلو وٺون)
مرشد جن هي بيت چئي گهوڙي کي ڊوڙايائون:
هوءِ چوني، آن چو ان ڇڏ هوڙائي جي هير،
صبر سان سيد چئي، سڀ وٺندي وير،
اها قاضي نه پڇي ڪير، جنهن کي عدالت اندر جي.
ماڳ ڀي اهي ئي جت ڀي آهن جوءِ ۾،
پر اکيون نه سيئي، جنهن سان پسي پرينءَ کي.
هن کان اڳ سيد پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ڪلام جي هڪ قسط،
جنهن جو لاڳاپو سنڌي ڏوهيڙن سان هو، ناظرين الرحيم
لاءِ عرض ڪري چڪا آهيون. هاڻي ان سنڌي ڪلام جو ٻيو
ڀاڱو، جنهن ۾ سنڌي ڪافيون سر ڌناسريءَ ۾ چيل آهن،
هيٺ ڏجن ٿيون. اصل نسخو مولانا سيد پير وهب الله
شاهه صاحب جهنڊه وارن کان مليو هو. ڪافين وارو حصو
اهڙو ته اڌ اکري، پراڻي خط ۾ لکيل هو جو هڪ پاسي
انهن ۾ ڪنهن به رديف جو پتو نه ٿي پيو ۽ ٻئي پاسي
لفظن جو پروڙڻ به ڏاڍو ڏکيو هو. هن سلسلي ۾ اسين
پنهنجي جهوني دوست، سنڌي ڪافيءَ جي سڀ کان وڏي
ڄاڻو ميان محمد خان غنيءَ جا ٿورائتا آهيون، جنهن
اسان کي ڪلام جي صحت ۽ صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
بسم الله الرحمٰن الرحيم
مصدر مڙن مور تنهنجو نور ٿيو نرمل نبي
ٿيو وجود سندءِ عالم لاءِ اي اجها رحمت ربي
اعليٰ انہ قادر قرب تنهنجو ڪيو
تنهنجي شرف جو شان ڄاڻي ڪونه ٻيو
مقاما محمود جو موعود ٿيو منهنجا پرين
زيد فضلک من جمع الانبياءَ والمرسلين
اعليٰ مقام محمود جا ميان، محشر جاءِ ٿيندي قائم غير المحجلين
تنهنجو عز عظيم لاءِ يحصي ڳڻي آءٌ ڇا ڪندي
-------
منهنجو عشق سچا سيدا - توڏي منهنجو ساهه سڪي
حب حضرت ڏانهن
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾ آرياڻي آيو - واٽون ڦلن ڇائيون
ايندا هوت هتان
بيبي اوٺيءَ کي چيو - ميس مهندري مهندان
وٺيو وڃج پاڻ سان پرين پرڏيها
بيبي لڌو سوهڻو خديجہ ڪبريٰ - ته سج منهنجي هنجهه ۾
پئو اچي عرش ڏانهن
-------
وٺي ويئي ورقت ڏي- خديجہ ڪبريٰ
ته بابا انهيءَ خواب جو سگهو ڪر وينجاه
ورندو ور چيو ورقت کي خديجہ ڪبريٰ
ته سج محمد عربي تو گهر گهوٽ ايندا
بيبي بنگلي تي چڙهي هينجئون جهونگاري سا
روز نها1ري شام ڏي ته اڄ پرين ايندا.
-------
1- هوت نه ڀيرڙو ڀڃ منهنجا سچا صاحب سائين
2- اڱڻ آسر وندن جي سائين الا، اچي ڪامل ڀر قدم
3- سگهو موٽج وو سپرين سائين الا، نات دوست ڏيان ٿي دم
4- هن منهنجي حال جو سائين الا، آهين اجها تون عالم
5- سڪي تن منهنجي سڪ ۾ سائين الا، منهنجو ڄام ويو سڀ ڄم
6- حامي هر دو جهان ۾ سائين الا، مون کي توريءَ ڪونهي ڪم
-------
سيد سڪ نه ماريو، لڳ ڏاتر پاڻ ڏيکاريو
تنهنجي نيهه نهوڙيو الا، تنهنجي جوش جياريو
مرض محبت جي جنجي الا، تو هئين سُڪايو
دوا آهي ديدار جي اچي پرينءَ ۾ پاڻ پسايو
هت اسين هُت سپرين الا، وچ ۾ سمنڊ وهايو
سڪن ساريون راتڙيون، لئه لالڻ لڇڻ آئيو
مان رسول ڪي ٻڌي ٻانهيءَ جو ٻاڏايو
مرشد چوي رسول سچا، جي پريم پاڻ پسايو
دماحي مسڪين کي اوهين ساڄن هيئن ۾ سڪايو
-------
وڃي عرض منهنجو چؤ پيش پرين
سڻي حال منهنجو شال غور ڪرن
منهنجي پوي مان پرين
حاجي چئج حبيب کي سنيهو سڻين پرين
تنهنجي پيزار جي اي اکيون آس رکن
احمد تو در عاجزي توڻي ڪورئون ڪن
بنا مينهن بسنت جي لنگها لاڳ لهن
عاشق اوسر ڪن ٿا ساريو سڪ مرن
سار لهه تون سيدا پاڻئون پر ڏينهن
پلا ڏاه ڏکن جي ڪي منهن ڪومائجن
جووڙ جڙي جن کي سووڙ سيئي ڪن
وارث وير ولهين جي لهج سار سڀن
ارحم آريءَ اُن جي ڪر ٻيا ڪير لهن
مرشد چوي رسول سچا جي هوا پاڙي سان پرين
سيد سائين ڪڏهن اي جدا تا نه جُرن.
-------
ڏڪي سڪاين سڏ اي مرسل ميان
شال هجان هميشه گڏ اي مرسل ميان
مير محمد عربي آور اڙين جا اي مرسل ميان
حامي حضرت هاشمي واهر ولهين جا اي مرسل ميان
سرور هليو ساٿ سان وري وڻجارن اي مرسل ميان
جن سافر سپريڌن سڌي ڪيئن سک سمهن اي مرسل ميان
لنو کنيا تا، ڪا ڳراءِ اوڏو ٿا ڪي اچن
جي جڏو هر جن ري تن تازو ڪيو تن اي مرسل ميان
پرڻي رات رسول جي ڏاڻ لڌا ڏوهن اي مرسل ميان
آءٌ ڀي سندن منڱتو مهرئون شال ڏسن اي مرسل ميان
خاصيتون جي خدمت ۾ هُيون ٻائيون يا ٻانيهون اي مرسل ميان
اچن مقابل پر جي سڀ ڪيائون آجيون اي مرسل ميان
راحت ڀري راتڙي محبن سان مليس اي مرسل ميان
عرض پنهنجي احوال جو پرين سا ڪنديس اي مرسل ميان
دف وڳا درپور يا گهوٽ رانيو راڻين اي مرسل ميان
اُڀي جا آه ادب ٻانهن ٻڌي جا ٻانهين اي مرسل ميان
سام وهامي راتڙي پره تو ٿي پاند اي مرسل ميان
وينجايا رسول کي گهوٽ قريشي ڪانڌ اي مرسل ميان
عقل ايمان سان علم حلم لدني اي مرسل ميان
محبت ۾ شرف ٿئي عاصي سان امتن اي مرسل ميان
عرض ٿو چوي احمدا صاحب اوهان جو سڳ اي مرسل ميان
رهبر مرشد کان ڏيو وحدانيت جو رنگ اي مرسل ميان
------------
نافع تنهنجي نان تان گهوري وڃان
پرين جي پيزار سو ڀيرا چمان
دوست دلبر دادلا ڇورن جا ڇنان
آءٌ گهوري وڃان
دوست دريدي در ڪاهي اُميدگار(1)
اڃان
آءٌ گهوري وڃان
دوست تنهنجي ديدار جا عاشق آهن اُڃان
آءٌ گهوري وڃان
سرور سڪاين جون احمد لاءِ اُڃان
آءٌ گهوري وڃان
وارث سڄن واٽ تي روجهون رڻ رنجان
آءٌ گهوري وڃان
لنگهايو لطف سين لائق سڀ سُڃان
آءٌ گهوري وڃان
دانهه دوست رسول جا چارئي يار منڃان
آءٌ گهوري وڃان
راس رلين...... جا پهڻئن سان ڀڃان
آءٌ گهوري وڃان
عشر ادب سينن جا صحي مڃان
آءٌ گهوري وڃان
............... ............. ......... ........(1)
-----------
1-
مون کي سيد جي سڪ تاريو الا
2-
آئون ڇا جي ڪارڻ پاهه پچايان
3-
هي جڳ هو جڳ هو دو جهاني
آهي پرين جو پاڇويو الا
4- دوست ڇڏي جنهن دنيا ورتي
تن هارن جو روهاريو الا
5- سوة منجهان هل سُرڪي ساهڙ
تنهن لئه سهڻي وهڻ نه ساريو الا
6- پرتو پر جو هڪ پنهونءَ تي
تنهن لئه سسئي سڀ ڄم ساريو الا
7- سنگ جني سڪ کڻ ساڻ سياڻي
آهي محب بنا منهن ڪارو الا
8- قيد جي ڪوٽ ۾ سا ڪيئن جالي
جنهن مطلق ماڳ گذاريو الا
9- دراءَ سين سڪ من اوهان جي
تنهن گهايل ٿي سر گهوريو الا
10- هرجا هردم هو ڏٺو سون
آهي ٻيو سڀ ڪوڙ پکيڙيو الا
------------------
اتم عالم ڄام ڪريو فرصت ڪام
رماندن دراد ڪريو
اتم عالم ڄام- مولا ڪڍ ملڪ مان هادي سڀ حڪام
ڏيو ابرو اسلام کي ۽ جيئن ڪريو زير زلام
ياجو جن جا، يا نبي خطرن خلق خدام
توريءَ تڪيو ناه ڪوايءَ جيئن ڪريو وڙ وريام
دجال ڏهون دنيا جي ويڙو عالم عام
ڪاهي رسيو ڪارڻي تن کي آڻيو ۾ اسلام
امت تنهنجي آسري آهي سيد تنهنجي سام
مت منجهان محبت جي تن کي جاني پياريو جام
دنيا جي دوزخ تئون آهي وارث واٽ مدام
ڪر مدد مختيار ميان لنگهي امت سان آرام
مرشد چوي رحمت ڌڻي سُڻ ڪامل هي ڪلام
لاهيو غبار غير جا ڪريو آجا سڀ انام
--------------
مٺا مرسل مير ملڻ جو ڪو ڏيوم دلاسولا
واڍوڙيو جن کي ميان لا، تن کي آهن مڙن جا تير
مٺا سيد تنهنجي سڪ ۾ ميان لا، منهنجا نيڻ وهائن نير
سال گذاريم سڪ ۾ ميان لا، هاڻي وير ملايو وير
پرين پاٻوهي ڪي ڏسو ميان لا، نه ته وکئون وڃا ٿو وير
دنيا سندي دام مان ميان لا، اچي آجا ڪر اسير
عيب مدايون منهنجيون ميان لا، پرين تر ڪايو تقصير
توريءَ جي ڪا نه جاءِ، سگهو مل محب موچارا
دل نماڻي دوست ري ميان لا، منهنجي هيڪلڙي هن جاءِ
سامهون ويهي سيدا ميان لا، ڪي تون ڳڻن پريا ڳالهاءِ
روئندن کي راحم تون اچي پاڻ پرين پرچاءِ
ڪس لڳي ٻيو ڪينڪي ميان لا، مون کي ساجن تو سواءِ
ماڻا مشتا تن سان ميان لا، پرين جانب تو نه جڳاءِ
رس راحم يا رهبر سائين، پاڻئون ڪريو پوئواري
حيرت تنهنجي حسن جي آهي تارن ۾ تڪراري
سج چنڊ سجدي ۾ پيو ميان لا، تنهنجي سونهن پسي سونهاري
طعام تن کي وه ٿيو ميان لا، جن حسن ڏٺو هڪ واري
ٻانهي ٻئي در نه مجو ميان لا، جنن کي ناه تڳا ٻي تاري
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي ميان الا هيءَ واجهه وجهي ويچاري
---------------
سڄڻ ڪول لڌم، جنهن لئي ڏونگر ٿي ڏوريم
هو جيڏيون الو آلو، سڄڻ ڪول لڌم
دوستن ديرو دل ۾ پريا پار پڇيم
جڏهن قرب سڃاتم ڪيچ جو، بعري بار لٿم
سڪ سلايم ڳالهڙي نات ساه سين سانڍيم
واليءَ واٽ ڏکن ۾ مون ته سکن ۾ سمجهيم
هوتن جي حضور ۾ مون تان ڪارون ڪين ڪيم
پرين پاڻ پسايو تڏهن غير گمان ويم
------------
جر چلي ڪيو چوليون، سڪ ساڌن کان ويئي
جانب تنهنجي جاڙ کان ميان لا، گهوٽ کلي مون سڀ کوليون
سي سيڀائين ساه کي ميان لا، ٻهڪن تنهنجون ٻوليون
محبت تنهنجي من ۾ ميان لا، مون کي هوت ڪرايون هوليون
سوين بيهاريان ميان لا، گس تنهنجي گوليون
پلو سڄڻ اسان کي ڪي ساريئي
آءٌ پانڌي ڪرڪا چڱي ڳالهڙي
ورسي جو ڀن ڏينهڙا ميان لا، آءُ تان هيس پرين جي پاري
سچ ڪي ساڄن سپرين ميان لا، هن پورهيت کي ڪي سنڀاري
دوست دلاسو تنهنجو ميان لا، جڏڙن کي ٿو جياري
حاضر هونديس هوت سان ميان لا، مان ناز ڀريو ڪي نهاري
حقيقت هن ووحال جي ميان لا، ڪو پرين پيش پچاري
جانب جدائي جي ميان لا، هت ڳالهه وڌو آهي ڳاري
لائق هي لڄا توتي سائين سڪاين جي ميان
محبت جي ميدان ۾ ميان لا، ڪل پوي پير پاتي
حال پڇو جي منهنجو ميان لا، نيهن نهوڙيو ناتي
مر مسافت جو ميان لا، مير مر رکج مان تي
سر گهوريم تنهن سير تان ميان لا، جاني گهميو هو جاتي
صدقي وڃان تنهن شهر تان ميان لا، جاني رهيو هو جاتي
ساراه تنهنجي سيدا ميان لا، وير چوان جا واتي
ملنديس محبوبن سان ميان لا، مدح جي مسلاتي
آءٌ ڀي ويندس اوڏهين ميان لا، جانب رهي ٿو جاتي
مان سان ڪرم هئين آءٌ تان ڪڻس نيهن نماڻي ادا ڙي
ڏونگر ميان ويچاريءَ وسائيا سنڌا محبت مينهن
محبت وڌيس مامري ميان الا، نات ڪاف نهاري ڪيئن
ادا مرشد چوري رهنما، هن ماريس تن من جي نيهن
آئي لکئي لوح لائي آءٌ ڪا جوڙ جتن جي جيڏيون
جي من نيهنم پاڻ سان، دائن جي ٿيان دائي
اوکا پسي پنهنجا ڪمڙا ميان لا، لالڻ آهيان لڄائي
ڪن پارسي پاڻ ۾ ميان لا، آءٌ تان ڪيئن سمجهان ساوائي
سرتيون انيءَ سور ۾ ميان لا، مون سان ڏيرن ڪانه نڀائي
وٺي ور واٽ ٿيا ميان لا، ڏيرن ڪئي ڏاڍائي
دروازي تي دوست جي ميان لا، آءٌ تان جيڏيون وينديس جائي.
-------------
دوست دلبر درد ورنديءَ کي ڏيو دلداري
ميان سُتي هيس ننڊ ۾ ميان لا، اچي تنهنجي عشق اُٿاري
دل گتي هئي غفلت ۾ ميان لا، اچي تنهنجي عشق اجاري
حاجي چئج حبيب کي ميان لا، منهنجو حال حقيقت ساري
پانڌي چئج پرينءَ کي ميان لا، هي تنهنجي محبت ماري
وهڻ تنهن کي وه ٿيو ميان لا، جن حسن ڏٺو هڪواري
ورنہ وير وسائيو ميان لا، هڻ پورهين جي پاٿاري
صاف ڪريو اوهين سيدا ميان لا، منهنجي صيقل سان دل ساري.
|