سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :44

 سوانح حيات

ابوالحسن ڏاهري

مخدوم ابوالحسن ڏاهري نقشبندي وادئ مهراڻ جي انهن اهل الله بزرگرن ۽ صوفي شاعرن مان ٿي گذريو آهي، جنهن جي عارفانه ڪلام ۽ عالمانه تصنيفن تي بجا طور فخر ڪري سگهجي ٿو. مگر افسوس جو اڃا تائين اهڙن عارفن ۽ عالمن جو ڪلام ۽ سندن علمي تصنيفون رڳو ڪن ذاتي ڪتبخانن جو سينگار رهنديون اچن ٿيون.

مخدوم ابوالحسن ڏاهري نوابشاهه ضلع جي وچولي ۽ ساهتيءَ جي سونهن هو ۽ اتي جي سن سانوڻي ڏاهري ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڄم جي صحيح تاريخ معلوم ٿي نه سگهي آهي، پر تخمينو اهو آهي ته سن1116هه ڌاري ڄائو آهي. ڏاهرين لاءِ پاڻ وٽ جدا جدا روايتون ۽ رايا آهن، پر مشهور ائين آهي ته سنڌ جي قديم حڪمران راجا ڏاهر جا اولاد سمجهيا ويندا آهن. مگر اسان جو هي قديم عالم ۽ شاعر ابوالحسن ڏاهري انهيءَ نسبت کان خوش نظر نٿو اچي، ڇوته هو پنهنجي مشهور تصنيف ”ينابيع الحياة الابدية“ ۾ پنهنجي نالي جي پٺيان الداهري القرشي آڻي اهو ٻڌائڻ گهري ٿو ته ڏاهري قريشي عرب آهن.

هن بزرگ ڪٿي تعليم پرائي؟ ان بابت تصديق سان ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

قاضي فتح محمد نظاماڻي مرحوم کان اسان کي هڪ واسطي سان روايت پهتي آهي ته پير سيد رشد الله صاحب العلم، هڪ ڀيري جهونا ڳڙهه جي سفر تي ويا ۽ قاضي فتح محمد نظاماڻي به ساڻن گڏ هو. اتي جڏهن ڪوٽيانه شهر ۾ ويا ته ماڻهن کين اتي جي جامع مسجد ڏيکاري، جيڪا سن1070هه جي جوڙيل هئي ۽ ان مسجد لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته اوهان جو ابوالحسن ڏاهري هتي پڙهي ويو آهي. اسان کي هن روايت جي تصديق مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي هڪ عبارت مان به ٿئي ٿي، جا هن اويسي طريقي جي اپٽار ڪندي پنهنجي ڪتاب ”ينابيع“ ۾ لکڻ فرمائي آهي. هو لکي ٿو ته ”ڪن اويسي مشرب وارن کي غيبي آواز ذريعي ارشاد ملندو آهي ۽ ڪن سان ڪامل روحن طرفان آمهون سامهون خطاب ٿيندو آهي ته ڪن کي ڪنهن واقع مان ڏيکاري ويندي آهي ته ڪن کي وري خواب يا الهام ذريعي ارشاد ٿيندو آهي.“

پوءِ لکي ٿو ته آئون هن ڪتاب جو مؤلف ابوالحسن خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ته مون هڪ (اويسي مشرب جي) شخص کي ڏٺو، جيڪو سنڌ جو ويٺل هو، حرمين شريفين جو پانڌيئڙو بنجي ملڪ سورٺ هتي ڪوٽيانه ۾ رهيو. ان وچ ۾ هڪ رات حقير يعني ابوالحسن کي فرمائڻ لڳو، جيڪڏهن توکي راز رکڻ جي سگهه هجي ته توسان هڪ راز سلڻ گهران ٿو. مون هائو ڪئي ۽ پوءِ هن پنهنجو روحاني راز آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کان ارشاد وٺڻ جو بيان ڪيو.

هتان اهو صاف ظاهر نظر اچي ٿو ته اسان جي هن صوفي شاعر ۽ عالم وادئ مهراڻ کان ٻاهر به فيض پرايو آهي.

اسان جو هيءُ بزرگ شعر به چوندو هو، ٻڌڻ ۾ ائين آيو آهي ته سنڌي ۽ فارسي ٻنهي ٻولين جو شاعر هو، پر افسوس جو سندس سنڌي ڪلام زماني جي خرد برد کان بچي نه سگهيو ۽ سندس فارسي شعر ڪتابي صورت ۾ موجود آهي، پر جڏهن ته اسان جي قديم عالم شاعرن جي شاعري گهڻو ڪري مقصديت واري شاعري هوندي آهي، شعر مان سندن اصل مقصد پنهنجي اخلاقي يا صوفيانه نظرين جي اشاعت هئي، تڏهن اسان جو هيءُ قديم شاعر ابوالحسن ڏاهري به انهيءَ رنگ ۾ ورتل ٿو ڏسجي.

مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي تصنيفات ته گهڻي هوندي، پر اسان کي سندس چار ڪتاب معلوم ٿي سگهيا آهن، جن مان ٻه منظوم آهن ته ٻه نثر ۾ آهن. منظوم ڪتابن مان هڪ آهي: سراج المصلي، هن ۾ ميين ابوالحسن بن عبدالعزيز ٺٽويءَ جي مشهور ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ يا ابوالحسن جي سنڌيءَ وانگر نماز جا مسائل بيان ڪيا ويا آهن ۽ ٻيو منظوم ڪتاب اٿس ”ڪچڪول نامہ“. هن ۾ علم ڪلام جي ڪن مکيه مسئلن ۽ تصوف جي چند اصطلاحن جي نهايت سهڻي نموني وضاحت ڪئي وئي آهي.

سرسري طور ڪچڪول نامه ۾ جن ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي، سي هي آهن: الله جي واٽ، شريعت، طريقت ۽ ٻنهي ۾ فرق، حقيقت جي سمجهاڻي، نور جو بيان، معرفت جي وضاحت، مجرد، لطف ۽ ڪشف جي اپٽار، ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت جو بيان، نور محمدي. اعيان ثابتہ، عالم ارواح وغيره.

هن جي فارسي شاعري جو ميٺاج اوهان کي هنن بيتن مان معلوم ٿي سگهندو:

بگويد ابوالحسن کان خوش نميقه

نوشتم در معاني بس دقيقه

نهادم نام او کچکول نامه

بود کچکول نامه بهر عامه

هزار و يکصد و هفتاد باشش

گذشته اين همه تاريخ ختمش

هن سان اسان کي ڪچڪول نامي جي تاليف جو سن به معلوم ٿئي ٿو جو سن1176هه آهي. مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي تصنيفن مان ٻيا به ڪتاب آهن ينابيع الحياة الابدية ۽ رفع الفرية- ينابيع تصوف اندر ٽن جلدن ۾ ڦهليل هڪ وڏو ڪتاب آهي، جنهن ۾ تصوف جي اڪيچار مسئلن تي تحقيق پيش ڪئي ويئي آهي. هن ڪتاب بابت اسان جي ڪن همعصر عالمن، اديبن جي اها راءِ آهي ته هي ڪتاب امام غزاليءَ جي مشهور عالم ڪتاب ڪيمياءَ سعادت کان بهتر آهي.

ٻيو ڪتاب رفع الفرية و المرية فقهي رسالو آهي، مخدوم ٽپٽائي وارن پنهنجي هڪ فقهي تحرير ۾ هن رسالي جو حوالو پيش ڪيو آهي. هن رسالي ۾ مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم محمد قائم ٺٽويءَ جا حوالا پڻ آندا ويا آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ابوالحسن ڏاهري انهن عالمن کان به سنئون سڌو يا سندن تصنيفن مان فائدو ورتو آهي. مخدوم مسعود چوٽياري وارن پنهنجي هڪ تحرير ۾ ابوالحسن ڏاهريءَ کي وقت جي عالمن جو امام سڏيو آهي، سڀ تحريرون پير جهنڊي جي علمي لائبريريءَ ۾ موجود آهن.

مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي وفات سن1181هه ۾ ٿي ۽ دوڙ اسٽيشن جي ويجهو ڏاهرين جا ڳوٺ آهن، اتي هڪ قبرستان ۾ اڄ تائين سندن قبر موجود آهي، جا عام خاص ماڻهن جي زيارت گاهه هلندي اچي. انهيءَ قبرستان کي علامه ابوالحسن ڏاهريءَ جي قبر ڪري سڏن ئي ميون ”ابل“ جو مقام.

آخر ۾ اسين وادئ مهراڻ جي مشهور شاعر عبدالحميد جوکيه جو اهو مختصر مرثيه پيش ڪريون ٿا، جنهن ۾ هن مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي وفات تي غم جو اظهار ڪيو آهي ۽ تاريخ وفات به ابجد جي حساب پٽاندڙ پيش ڪئي اٿس. اسان کي اهي بيت ينابيع جي هڪ قديم نسخي جي آخر ۾ لکيل مليا:

آه از رحلت جدائي آن نگار

گشت از فوتيش جان و دل فگار

رفت چون زينجا بملک دائمي

آسمان بگريست بروي از غمي

چونکه او بود معدن علم و عمل

هم بود ذاتش پر از حلم و کمل

قضيه او شد از مصيبتهائي عظيم

ليک صبرم برضا رب الکريم

ده دو از ماه ربيع الاولين

بود چون شد ارتحالِ شاه دين

هاتف از تاريخ او گفته بمن

جائ جنت اوست که او چون بوالحسن

هست اين ابيات از عبدالحميد

حق دهد توفيق برخيرش مزيد.

(بشڪريہ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد)

 

چار ابوالحسن

ٺٽو ۽ ان جو آس پاس، ماٿري جو اهو خطو آهي، جتي ماضي بعيد ۾ سوين عالم ۽ اديب پيدا ٿيا، جن ساڻيهه جي علمي ۽ ادبي سرمايي کي اوج تي پهچائي ڇڏيو. انهن مان ٻارهين صدي هجريءَ جا چند اهي نامور عالم ۽ اديب خاص طرح شهرت جا مالڪ آهن، جيڪي اتفاق سان سڀ ابوالحسن جي ڪنيت سان مشهور آهن.

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر چار ابوالحسن ڪنيت وارا عالم گذريا آهن، جن مان ٽي ته مردم خيز ٺٽي جا ئي باشندا آهن، باقي هڪ جيڪو علامہ ابوالحسن ڏاهريءَ جي نالي سان مشهور آهي، سو نوابشاهه تعلقي جو هو.

هنن چئن ابوالحسنن مان عمر ۽ بزرگيءَ جي خيال کان سرفهرست ميون ابوالحسن سنڌيءَ جو نالو اچي ٿو، جيڪو سنڌيءَ جي ابجد جي صورتخطيءَ جو موجد هو، هن بزرگ جو سنڌي ادب تي وڏو احسان چئبو، جو اڄ ان صورتخطيءَ جي ترقي يافته شڪل ڪري سنڌي علم ۽ ادب جو ڀنڊار ڀريل نظر اچي ٿو. هن بزرگ جي والد جو نالو عبدالعزيز هو، ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي تعليم پرايائين ۽ مڪلي ۾ مدفون ٿيو، سندس وفات 1125هجري ڌاري ٿي آهي.

ميون ابوالحسن فقهي مسائل جو وڏو ڄاڻو هو ۽ طريقت جو پڻ مالڪ هو. علامہ محدث محمد قائم سنڌي مدنيءَ جهڙو عالم به ڪن هڻندو هو، سو ميين ابوالحسن جو مريد آهي ۽ کيس شيخ، امام، قدوة، همام جهڙن لقبن سان ذڪر ڪري ٿو.

ميون ابوالحسن قديم سنڌيءَ جو شاعر هو، سندس ڪتاب مقدمة الصلواة سنڌي منظوم پهريون سنڌي ڪتاب آهي، جيڪو عربيءَ صورتخطيءَ ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ جيڪي مسائل بيان ڪيا ويا آهن، سي ڪن وڏن فقهي ڪتابن ۾ به نٿا ملن، پر افسوس جو نورنامي جهڙي غير معتبر ڪتاب سان گڏ ڇپائڻ ڪري مقدمة الصلواة سنڌي منظوم يا ابوالحسن جي سنڌي جي اها عزت نه رهي جا اڳ هئي.

اهوئي ننڍڙو سنڌي ڪتاب آهي، جنهن تي ان دور جي وڏن سنڌي عالمن، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد قائم سنڌي فارسي ۽ عربي ۾ رسالا لکيا. ان بحث جي شروعات مخدوم محمد هاشم ڪئي، جو مقدمة الصلواة يا ابوالحسن جي سنڌي جي ٻن ٽن مسئلن جي اصلاح مقدمة الصلواة جي نالي سان فارسيءَ ۾ رد لکيو، پر ان جي شروع ۾ ميين ابوالحسن سنڌيءَ کي مخدوم محمد هاشم به ”عارف ڪبير، صالح شهيد جهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ رسالي جي شهرت جو ذڪر پن ڪيو اٿس، جڏهن ته اهو رسالو ميين ابوالحسن سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ لکيو ويو هو، ان ڪري ان جي مخلص معتقد ۽ اراتمند مخدوم محمد قائم سنڌي، مخدوم محمد هاشم جي رد تي عربيءَ ۾ هڪ رسالو لکي جواب ڏنو، جنهن ۾ مقدمة الصلواة منظوم جو هڪ هڪ سنڌي بيت آڻي ان جو عربي ترجمو ۽ شرح پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ فقهي دليلن کي به ڪافي انداز ۾ ذڪر ڪيو اٿس. مخدوم محمد قائم جي جواب الجواب ۾ ٻيهر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عربيءَ ۾ هڪ رسالو لکيو، جنهن جا ٻه نالا رکيائين: ”الشفاءُ الدائم عن اعتراض القائم“، ”تنوير الاصباح عليٰ مسالک الاصلاح“ افسوس جو مخدوم محمد هاشم سنڌيءَ جي بي وقتي وفات ڪري اهو بحث جو سلسلو ختم ٿي ويو، نه ته مخدوم محمد قائم سنڌي ڪنهن به طرح مخدوم محمد هاشم کان گهٽ ڪين هو.

(2) ٻيون ابوالحسن آهي: ابوالحسن ڪبير محدث سنڌي مدني، هن جو نالو محمد بن عبدالهادي آهي ۽ لقب نور الدين ۽ ڪنيت ابوالحسن اٿس. ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي علم پرايائين. علم ۾ سڀني ابوالحسنن کان فائق هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ هن کي ٽٺي جي عالمن جو اڳواڻ سڏيو آهي. ٺٽي کان مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري ويو ۽ اتي شيخ محمد بن عبدالرسول برزنجي، شيخ ابراهيم بن حسن، نوراني مدني ۽ شيخ عبدالله بن سالم بصري ۽ ٻين مشائخن کان حديث جي سند هٿ ڪيائين. حرم نبويءَ ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيائين. ٿوري ئي وقت ۾ سندس درس جي شهرت اطراف عالم ۾ پکڙجي وئي. عرب ۽ عجم جي سوين عالمن کانئس علم حديث پڙهيو. شيخ محمد حيات سنڌي مدني سندس خاص شاگردن مان آهي. ڪيترائي مؤرخ ۽ تذڪره نويس هن جي تعريف کان نٿا ڍاپن. سندس تصنيفون سڄي عالم اسلام ۾ مقبول ۽ رائج آهن، جيئن: 1- حاشيه صحيح بخاري 2- حاشيہ صحيح مسلم 3- حاشيہ ابن ماجہ 4- حاشيہ سنن نسائي 5- حاشيہ سنن ابي دائود 6- حاشيہ ترمذي 7- حاشيہ مسند امام احمد بن حنبل 8- حاشيہ تفسير بيضاوي 9- حاشيہ فتح القدير 10- حاشيہ ڪتاب الاذڪار امام نووي 11- حاشيہ الزهراوين لملا علي قاري 12- تفسير لطيف 13- حاشيہ علي الجلالين 14- حاشيہ شرح الجوامع 15- الفيوضات النبوية 16- منهل الهداة شرح معدن الصلواة- هن محدث ابوالحسن جي وفات 1139هجري ۾ مدينہ منوره ۾ ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون آهي.

(3) ٽيون ابوالحسن آهي علامہ ابوالحسن ڏاهري. هي نوابشاهه تعلقي جي ڏاهرين جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي دور جو وڏو بزرگ ۽ نقشبندي طريقي جو صوفي هو. سندس تصنيفون ته تمام گهڻيون آهن، جن مان ينابيع الحياة الابدية في طريق الطلاب النشقبنديہ هڪ وڏو نادر علمي ذخيرو آهي، جو ڪيترين ڳالهين ۾ امام غزاليءَ جي ڪتاب ڪيميائي سعادت کان به سرس آهي. هي ڪتاب ٽن ضخيم جلدن ۾ اڃا تائين ڪن ذاتي ڪتبخانن جو زيب بڻيو اچي ٿو ۽ چاپي هيٺ نه آيو آهي. 2- سراج المصلي فارسي منظوم 3- رفع الفرية والمرية در مسائل بيع و شراءِ 4- ڪچڪول نامہ ابوالحسن. هي ڪتاب جنهن کي ينابيع جو مقدمہ سڏجي ته بجا آهي، نهايت عمده پيرايي ۾ لکيو ويو آهي. ابوالحسن ڏاهريءَ جي شاعري مولانا جلال الدين روميءَ جي شاعري وانگر مقصديت واري هئي. ان ڪري شعر جي ساخت ۾ ڪٿي ڪٿي تڪلف به نظر اچي ٿو، پر منجهس ڏاڍو ميٺاج ۽ رس آهي. هن ڪتاب ۾ علم ڪلام جي ڪن مسئلن بيان ڪرڻ سان گڏ نقشبندي طريقت جي ڪن اصطلاحن جي پڻ اپٽار ڪئي وئي آهي. ڪچڪول نامہ ۾ هنن شين جي خاص طور وضاحت ڪئي ويئي آهي: 1- الله جي واٽ 2- شريعت ۽ طريقت جو بيان ۽ انهن ٻنهي جو فرق 3- حقيقت جو بيان 4- نور ۽ ان جو اجمالي احوال 5- معرفت جو مذڪور 6- مجرد، لطيف شفيف ۽ ڪثيف جو احوال 7- ناسوت، ملڪوت، عالم، مثال ۽ حضرات خمس جي سمجهاڻي 8- جبروت، لاهوت، ۽ انهن سان لاڳاپو رکندڙ شين جو بيان، هنن کان سواءِ ٻيون به انيڪ اصطلاحون آيل آهن. هن ڪتاب جي خطبي ۾ حمد و ثنا ۽ صلواة کان پوءِ فرمائي ٿو:

بگويد ابوالحسن کاين خوش نميقہ

نوشتم در معاني بس دقيقہ

نهادم نام او کچکول نامہ بهرعامہ

بود کچکول نامہ

هزار و يک صدر و هفتاد باشش

گذشتہ اين هم تاريخ ختمش

هن مان معلوم ٿيو ته ابوالحسن ڌاهريءَ جي اها تصنيف ان جي وفات کان پنج سال اڳ جي آهي، ڇوته سندس وفات 1181هه ۾ ٿي آهي، جيئن عبدالمجيد جوکيه نالي شاعر ابجد جي اکرن مان اها تاريخ هن طرح ڪڍي آهي، جنهن جا ڪجهه بيت هي آهن:

آه از رحلت جدائي آن نگار

گشت از فوتيش جان و دل فگار

رفت چون زينجا بملک دائمي

آسمان بگريست بروي از غمي

ده دو از ماه ربيع الاولين

بود چون شد ارتحالِ شاه دين

هاتف از تاريخ او گفته بمن

جائ جنت اوست که او چون بوالحسن

هست اين ابيات از عبدالمجيد

حق دهد توفيق برخيرش مزيد

هن بزرگ جي قبر ڳوٺ حاجي دوست محمد ڀنڀري جي لڳ قبرستان ۾ آهي، جنهن کي ميون ابل جو مقام اڄ تائين سڏيندا اچن. قبر مٿان قبو پڻ اڏيل آهي ۽ زيارت گاه عام و خاص آهي ان درگاهه جو مجاور ميان شاهه محمد ڏاهري چيو وڃي ٿو. اهو قبرستان 69 ديهه نصرت تعلقي نواب شاهه ۾ آهي.

(4) ابوالحسن صغير: هي چوٿون ابوالحسن آهي، جنهن کي صغير هن ڪري چيو وڃي ٿو جو وڏي ابوالحسن محدث کان الڳ سڃاڻڻ ۾ اچي. هن جو اصلي نالو غلام حسن ابن مخدوم ميان صادق نقشبندي آهي. مخدوم محمد صادق شاهه ڀٽائي جو وڏو معتقد هو. محمد حيات سنڌيءَ کان علم پرايائين. هي اصل ٺٽي جو هو، اتان هجرت ڪري مديني منوره هليو ويو. محدث محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ ان جي جاءِ تي حديث جو درس ڏيندو رهيو ۽ ڪيترن برگزيده عالمن جو استاد آهي، جهڙوڪ: شيخ محمد مراد سنڌي انصاري، سيد ابو سعيد بن محمد ضياءُ الشريف الحسني البريلوي. شيخ امين بن حميد ڪاڪوروي ۽ ٻيا ڪيترا علمي ڪتاب پڻ تصنيف فرمايا اٿس، جيئن: 1- شرح نخبة الفڪر 2- حواشي در مختار 3- مختار الاطوار في اطوار المختار 4- رجال مسند احمد بن حنبل وغيره. هن بزرگ محدث جي وفات مدينہ منوره اندر ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون ٿيو.


 

 

 

سيد عثمان قلندر شهباز رح

 

اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته برصغير پاڪ و هند ۾ اسلام جي آمد، عرب فاتحن جي اچڻ کان گهڻو اڳ شروع ٿي. اسلام جي ظهور کان اڳ ئي هن خطي جو عام طرح ۽ وادي سنڌ جو خاص طرح يمن جي رستي عرب ۽ ٻين ملڪن سان واپار هلندڙ هو. قرآن مجيد ۾ جنهن ريشمي ململ ”سندس“ جو ذڪر آهي، دور جديد ۽ عصر حاضر جي لسانيات جا ڪي ماهر ان کي سنڌڻ يا سنڌ جي ململ سڏين ٿا، اهڙي طرح پيغمبر عليہ السلام جي لاءِ هڪ صحيح حديث ۾ ”حلة حمراءُ“ يمن جي ڳاڙهي پوشاڪ جو بيان آيل آهي، اها به اصل ۾ سنڌ جي ساختہ هئي، جا يمن ۾ پهچي يمني سڏي ويندي هئي.

انسانيت جي آخري مذهب اسلام جي ظهور کان پوءِ پاڻ انهيءَ تجارتي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيو، اسلام هڪ تبليغي مذهب آهي ۽ قديم دور ۾ هر مسلمان پاڻ کي مبلغ سمجهندو هو، ان ڪري اسلام کان پوءِ عرب واپاري هتي واپار سان گڏ بنا ڪنهن زور، زبردستي ۽ جهيڙي جهٽي جي اسلام جي اشاعت ڪري رهيا هئا، انهن سان خدا پرست ۽ صوفي بزرگ به هوندا هئا ۽ انهن لاءِ هتي مسجدون ۽ تبليغي مرڪز بنائي، کين تبليغ لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو.

برصغير پاڪ و هند جي اتر واري ڀاڱي ۾ مسلمانن جي باقاعده آمد، اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ جي خلافت ۾ ئي شروع ٿي وئي هئي، اهي اترين ساحل تي برابر آباد ٿيندا ويا. انهيءَ دور ۾ جڏهن بحرين ۽ عمان جو گورنر عثمان ثقفي هو ته ان هڪ دريائي فوج حملي لاءِ موڪلي. جڏهن فاروق اعظم رضي الله عنہ کي ان حملي جي سُڌ پئي ته پاڻ ان کي پسند نه ڪيائون، کين سزا ڏيڻ جي ڌمڪي ڏنائون. ساڳي وقت بهروچ ۽ ديبل سنڌ ڏانهن به ڪجهه لشڪر موڪليو ويو، پر حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ جي منع ڪرڻ تي انهيءَ مهم کي روڪيو ويو. مسلمانن جو اهو پهريون ٻيڙو هو، جيڪو سن638ع ۾ برصغير پاڪ و هند جي سمنڊ ۾ نمودار ٿيو. هتي جو خشڪي وارو رستو به انهيءَ دور ۾ معلوم ڪيو ويو، جنهن مان مسلمانن کي مفيد معلومات حاصل ٿي. انهيءَ صدي عيسويءَ ۾ حجاج بن يوسف، ڪن بني هاشم کي جلا وطن ڪيو، انهن مان ڪي برصغير جي اولهه ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪي وري راس ڪماري جي اوڀر ڏانهن هليا ويا، هتي جي ماڻهن انهن جي چڱي مرحبا ڪئي. نيٺ اڳتي هلي اٺين صديءَ ۾ ئي محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو ۽ سنڌ اسلام جو دروازو بڻيو ۽ هتي عالمن، اديبن، صوفين ۽ خدا پرستن جي آمد شروع ٿي ويئي، ڇوته انهيءَ دور جو اهو دستور هو ته جتي مسلمانن جو لشڪر يا مسلمان تاجر پهچندا هئا، ته اتي صوفي ۽ مشائخ به پهچي ويندا هئا. اٺين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جو هڪ وڏو محدث ۽ پهريون مولف امام ابو جعفر بصري سنڌ ۾ تبليغ ۽ اشاعت اسلام لاءِ آيو ۽ هتي ئي 160هه ۾ هن پاڪ خاڪ ۾ مدفون ٿيو. اهو سلسلو برابر هلندو رهيو، ڏهين صديءَ ۾ منصور حلاج، برصغير پاڪ و هند جو دريائي سفر ڪيو ۽ واپسيءَ ۾ خشڪيءَ رستي هن پاسي کان ئي واطن واپس وريو. اهوئي سبب آهي جو هن خطي ۾ وحدت وجود ۽ تون ئي تن جي هونگار اصل کان هلن دي اچي. يارهين صدي ۾ بابا ريحان، درويشن جي هڪ جماعت سان گڏجي بغداد کان بهروچ ۾ آيو ۽ اتي جي هڪ راجا جي پٽ کي مسلمان ڪيو. 1076ع ۾ بوهره اسماعيلين جي مذهبي اڳواڻ يمن کان هلي گجرات ۾ رهائش اختيار ڪري تبليغ شروع ڪئي ۽ بوهرن کي مسلمان بنايو.

سلطان محمود غزنويءَ جي حملن کان پوءِ ته ڪيترائي عالم ۽ درويش برصغير ۾ اچڻ لڳا، جن مان تصوف جي ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ جو مصنف سيد علي بن عثمان عرف داتا گنج بخش خاص طرح قابل ذڪر آهي، جو اسلامي ملڪن جو سير ڪندي لاهور پهتو ۽ لاهور کي ئي تبليغي مرڪز بنائي رشد و هدايت جو فيض جاري ڪيو. سندس وفات سن415 يا 469هه ۾ ٿي. منطق الطير ۽ تذڪره الاولياءَ جو مصنف شيخ فريد الدين عطار پڻ 12 صدي عيسويءَ ۾ برصغير جي تبليغي سياحت ڪري واپس وريو.

1197ع ۾ خواجہ معين الدين چشتي اجمير پهچي ان کي تبليغ لاءِ مرڪز بنايو ۽ اتي ئي 1231ع ۾ وفات ڪئي. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد شيخ جلال الدين تبريزي، بنگال ويو ۽ ساڳي وقت شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي هڪ ٻئي خليفي مخدوم نوح بکريءَ سنڌي، بکر سنڌ ۾ اسلامي تبليغ ۽ باطني فيض جي پالوٽ لاءِ وڏو مرڪز بنايو. مخدوم نوح نکريءَ جو مقبرو، روهڙي کان سکر ڏانهن ويندي بکر قلعي ۾ ريلوي بند جي اوڀر ۾ هڪ ننڍي قبي جي حيثيت ۾ اڳين اهڃاڻن جو ڏس ڏئي رهيو آهي. 1244ع سيد جلال الدين بخاري بکر کان اُچ پهتو ۽ شيخ مسعود شڪر گنج عرف بابا فريد، پاڪ پتن کي پنهنجي فيض لاءِ مستقل مرڪز قرار ڏنو ۽ اهو اهوئي روشن دور آهي، جو اسان جو سيوهاڻي شهباز مخدوم سيد عثمان قلندر لعل، سيوهڻ جهڙي تاريخي ۽ قديمي شهر کي پنهنجي سڪونت جو شرف بخشي، سنڌڙي جو سرتاج بڻيو.

1388ع ۾ شيخ ابن عربي جي فلسفي جو شارح ۽ جڳ مشهور ڪتاب ”انسان ڪامل“ جو مصنف سيد عبدالڪريم جيلي جهيڙو وحدت وجودي صوفي هتي آيو ۽ سياحت ڪندي فيض جي پالوٽ سان هن ملڪ کي سيراب ڪري واپس وريو، ان کان سواءِ اسماعيلي خوجہ فرقي جو باني پير صدر الدين بن شهاب الدين بن نصير الدين بن شمس الدين سبزواري 1290-1409ع هت آيو، جنهن هزارن غير مسلمانن کي اسلام ۾ آندو. ڪشمير ۾ بلبل شاهه درويش جي برڪت سان اسلام ڦهليو. 1388ع ۾ سيد علي همداني به ڪشمير ويو، جنهن به اتي اسلام جي وڏي اشاعت ڪئي، ان کان اڳ بو علي قلندر، پاني پت کي تبليغ جو مرڪز بنايو ۽ ٽن سون راجپوتن کي اسلام جي دائري ۾ داخل ڪيو.(2)

سيوهاڻي لعل جي سوانح جا تاريخي ماخذ:

برصغير پاڪ و هند جي تاريخ ۽ اولياءَ الله جي تذڪرن ۾ قلندر لعل سيوهاڻي جو جيڪو مختصر احوال معلوم ٿئي ٿو، انهن ڪتابن مان تاريخ معصومي ۽ حديقة الاولياءَ قديمي ماخذ آهن. پويون ڪتاب، سيد عبدالقادر بن سيد هاشم ٺٽويءَ جو لکيل ”اولياءَ الله جو تذڪرو“ آهي، هن جي تاليف جو سن1016هه آهي.

سيد عبدالقادر ٺٽوي پنهنجي هن تاليف ۾ لعل سائين جو جيڪو احوال آندو آهي، اهو بنهه مختصر آهي، جنهن ۾ آستانه قلندري تي بدڪار عورتن جو قديم اڏو ۽ قلندر جي خضر عليہ السلام وانگر هڪ ماڻهوءَ کي مارڻ جو قصو لکيو آهي، اهو سارو احوال مثنوي جي صورت ۾ منظوم ڪري 29 بيتن ۾ آندو ويو آهي، جنهن ۾ احوال گهٽ ۽ عقيدتمندي جو اظهار گهڻو ڪيل آهي. نموني طور شروع جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

شاه باز نشيمن لاهوت

-

شاهِ اورنگ خطئه ملکوت

اهلِ دل، عارفِ معارفِ حق

-

صاحبِ وجد و تارڪِ مطلق

شاه عثمان، شاه باز لقب

-

اشرف الذات هم شريف نسب

بحرِ عرفان، کنوزِ دانائي

-

مهرِ ايقان، چراغِ بينائي

مستِ خم خانهءَ محبت و شوق

-

بلبلِ گلستانِ عالمِ ذوق

صاحب حال و کاملِ ابدال

-

محرمِ خلوت و حريمِ وصال

حبذا روضه اش بہ سيوستان

-

عطر افزان چو روضه رضوان

آخر ۾ سال وفات هن طرح نثر ۾ لکيو اٿس:

بيست و يکم شهر شعبان المعظم در 673هه ازين دنيا فاني رحمت نمود - آستانہ متبرکہ در بلده سيوستان است. (3)

تاريخ معصومي ۾ به ڪو خاص احوال بيان نه ڪيو ويو آهي. مختلف جاين تي ضمني تذڪرو ٿورن جملن ۾ آندو اٿس ۽ هڪ هنڌ حضرت عثمان قلندر لعل لاءِ هيٺيان القاب ”فارسِ مضمارِ حقيقت و يکه تاز ميدانِ معرفت، واقف رموز لي مع الله، مفتاحِ کنوز سر ابر هو الله“ آڻي ٻڌايو اٿس ته پاڻ 662 هجريءَ ۾ ملتان ۾ تشريف فرما ٿيا.

هنن ٻن ڪتابن کان پوءِ سيوهاڻي شهباز جو مختصر معتبر احوال، وادئ سنڌ جي هڪ وڏي اديب، محدث ۽ شاعر مولانا محب علي سنڌي ٺٽوي، (وفات 1043هه) جي هڪ تحرير مان ملي ٿو. اها تحرير برصغير پاڪ و هند جي عظيم مورخ، اديب ۽ شاعر مير غلام علي آزاد بلگراميءَ کي هٿ آئي، جنهن جو ذڪر ماثر الکرام ۾ هن طرح ڪري رهيو آهي:

راقم الحروف بخط مولانا محب علي تتوي کہ از بزرگان عهد بود و ذکر او در شاهجهان نامها و ديگر کتب تاريخ مسطور است مشاهده کرد اين عبارت کہ: حضرت مخدوم لعل شاه باز قدس سره اسم شريف وي عثمان است- و فقير در لوح سنگي سياه ديده بود کہ باين روشن کنده بودند:

شيخ عثمان مرندي قطب دين باز سيد و مرند بفتح ميم وراءِ مهملہ و سکون نون و دال مهملہ قريہ است از قرائي تبريز انتهيٰ.“

(ترجمو) راقم الحروف (مير غلام علي) مولانا محب علي ٺٽويءَ جي هڪ تحرير ڏٺي. مولانا محب علي وقت جي وڏن بزرگن مان هو، هن جو بيان شاهجهان نامو ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي. مولانا محب علي جي لکيل عبارت هئي ته حضرت مخدوم لعل شهباز قدس سره، سندن نالو عثمان آهي ۽ فقير (يعني مولانا محب علي) هڪ ڪاري پٿر جي تختي تي هن طرح پٿر جي لکائي ڏٺي: شيخ عثمان مرندي، دين جو قطب، باز لقب سان مشهور ۽ مرند ميم جي زبر ۽ ري بنا نقطي واري کي به زبر ۽ نون ساڪن ۽ دال بنا ٽٻڪي جي. اهو تبريز جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي، پوري ٿي لکائي.

ماثر الڪرام جو مصنف، مٿئين تحرير کان پوءِ تاريخ فيروز شاهي ۾ ضياءَ برني جو، قلندر شهباز بابت احوال نقل ڪري ٿو ته جڏهن حضرت شهباز قلندر ملتان پهتو ته خان شهيد يعني سلطان محمد خان، جنهن کي حضرت شهباز ۾ گهڻو اعتقاد هو. ان تواضع بجا آندو ۽ گهڻي خدمت ڪئي ۽ وڏي ڪوشش ڪئي ته قلندر لعل ملتان ۾ رهي پوي ۽ ان لاءِ خانقاهه به ٺهرايائين، پر حضرت عثمان اتي رهڻ ۾ راضي نه ٿيو. هڪ ڏينهن خان شهيد حضرت شيخ صدر الدين عارف (ملتاني) ۽ شيخ عثمان مروندي کي مجلس ۾ گهرايو ۽ عربي غزلن پڙهڻ جي محفل شروع ٿي، مٿيان ٻيئي بزرگ ۽ ٻيا درويش سماع ۽ رقص ۾ محو ٿي ويا. خان شهيد هٿ ٻڌيو بيٺو هو ۽ زاروقطار روئي رهيو هو. (4)

هن حوالي کان پوءِ مير غلام علي آزاد بلگرامي 10 ربيع الاول 1144هه ۾ وقائع نگاري جي خدمت جي سلسلي ۾ پنهنجي سيوهڻ وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ساڻس، سيوهاڻي شهباز جيڪا نوڪريءَ جي سلسلي ۾ روحاني مدد ڪئي، ان جو ذڪر ڪري آخر ۾ لکي ٿو:

وفات آن جناب بيست و يکم شعبان 673 هجري ثلث و سبعين و ست مائة واقع شد. (5)

اسان کي علامہ محب علي ٺٽويءَ جي مٿئين تحرير مان، سيوهاڻي قلندر سائين جي اصلي ڳوٺ بابت اها پختگيءَ سان راءِ قائم ڪرڻي پوي ٿي ته اهو ”مرند“ هو، مرورِ ايام ۽ لا علمي ڪري ان کي ”مروند“ سڏيو وڃي ٿو.

سيوهاڻي لعل شهباز جي سوانح جو چوٿون قديمي تاريخي ماخذ معارج الولاية ڪتاب آهي. هي تذڪرو شاهجهاني دور جو لکيل آهي ۽ هن جو مصنف غلام معين الدين عبدالله قصور خليفة الخشوگي آهي، هن ۾ برصغير پاڪ و هند جي مشائخن جو احوال بيان ڪيو ويو آهي. هن کان پوءِ جيڪي تذڪرا برصغير جي مشائخن ۽ اوليائن جي احوال ۽ سوانح بابت لکيا ويا آهن، انهن معارج الولاية کان گهڻو ڪجهه ورتو آهي. هي ڪتاب هاڻي ناياب آهي. مفتي غلام سرور لاهوري، خزينة الاصفياءَ ۾ جيڪو اسان جي قلندر شهباز سيوهاڻيءَ بابت احوال ڏنو آهي، سو سڀ معارج الولاية تان ورتل آهي. جنهن ۾ ڪچو، ڦڪو احوال لکي قلندر لعل کي شرع جي حد کان ٻاهر، ملامتي ۽ ڀنگ نوش ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هن لاءِ انهن وٽ ڪهڙو تاريخي ثبوت هو؟ ان کي اهي ڪڏهن به پيش ڪري نٿا سگهن. ٻئي پاسي حضرت مخدوم عثمان سيوهاڻي شهباز جا جيڪي گهاٽا يار ۽ رفيق ٻڌايا ويا آهن، سي آهن: شيخ الاسلام غوث بهاءُ الحق ملتاني جهڙو متشرع بزرگ ولي، حضرت فريد الدين شڪر گنج پاڪ پتن وارو ۽ مخدوم سيد جلال الدين بخاري جهڙو محدث ۽ فقيهه عالم. ان ڪري انهن تذڪرن جي اهڙين بي سند ڳالهين کي ڪابه اهميت نه آهي.

سيوهاڻي لعل جي سوانح جو پنجون ۽ ڇهون ماخذ آهي، وادئ سنڌ جي متاخر عظيم مورخ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراءَ“. هن ۾ لعل سائين جو جيڪو احوال آيل آهي، اهو گهڻي ڀاڱي اڳين قديم ماخذن تان ورتل آهي. هن کان پوءِ جا لکيل تذڪرا سڀ تحفة الڪرام جا طفيلي آهن.

هنن سڀني تاريخن ۽ اولياءَ الله جي تذڪرن مان حضرت لعل شهباز قلندر جي خالص سوانح کي، ڪچين ڦڪين ڳالهين ۽ عقيدت جي گلن ڦلن کان الڳ ڪري پيش ڪبو ته ان جو خلاصو هيءُ نڪرندو ته، قلندر شهباز جو نالو سيد عثمان هو. حضرت امام جعفر صادق جي وڏي صاحبزادي حضرت اسماعيل سان سندس نسب ملي ٿو. پاڻ تبريز جي هڪ ڳوٺ مرند جو ويٺل هو، سنِ بلوغت کي پهچڻ کان پوءِ بابا ابراهيم جي خدمت ۾ پهچي ويو ۽ اتي ذڪر و فڪر کي لڳي ويو. هڪ سال بابا ابراهيم جي خدمت ۾ رهي، فيض حاصل ڪري، برصغير پاڪ و هند جو رخ رکيائين. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا غوث ملتاني، شيخ فريد الدين مسعود شڪر گنج، سيد جلال الدين بخاري ۽ بو علي قلندر سان ريهاڻيون ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان فيض ياب ٿيو. غوث ذڪريا ملتاني جي صاحبزادي شيخ صدر الدين عارف سان به سندس گهڻي صحبت ۽ ملاقات هوندي هئي، ملتان کان پاني پت وڃي بو علي قلندر سان روحاني رهاڻ به ڪيائين ۽ ان جي ارشاد ۽ مشوري سان وادئ سنڌ ۾ سڪونت جو پڪو پهه ڪيائين. بلبن جو پٽ خان شهيد، شهباز سائين جو وڏو معتقد هو ۽ ان وڏي ڪوشش ڪئي ته جيئن قلندر شهباز ملتان ۾ رهي پئي ۽ ان مقصد لاءِ هن هڪ خانقاهه به ٺهرائڻ شروع ڪئي، پر قلندر نه مڃيو، باقي ڪڏهن ڪڏهن خان شهيد جي محفل ۾ ويندا هئا ۽ شيخ صدر الدين عارف سان گڏ سماع ۽ رقص ۾ حصو وٺندا هئا.

پاڻ سياحت ۽ سير و سفر جا شائق هوندا هئا. حضرت شيخ بهاءُ الدين ملتاني سان گڏجي وادئ سنڌ ۾ سيوهڻ، ان جون ٽڪريون ۽ پيرپٺي جي آس پاس وارن آستانن ۽ ماڳن جو سير ڪيائون. برصغير جي چڱي سياحت ڪيائون ۽ ان کان پوءِ سنڌ ڏانهن موٽي هن سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، پڇاڙي تائين اتي رهيا ۽ وفات به اتي ڪيائون ۽ اتي ئي دفن ٿيا. پاڻ وڏا باوقار، مجرد ۽ اڪيلي زندگي گهاريندڙ ۽ عورتن کان پري رهندڙ هئا. سندن ڪشف ۽ ڪرامتن جون گهڻيون ئي ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن. هن دور جي سلجهيل ۽ معتبر عربي تذڪي نزهة الخواطر ۾ به اهوئي مٿيون سوانحي خاڪو پيش ڪيو ويو آهي.

هسٽري آف سنڌ ۾ برٽن، لعل سائين جي علمي مهارت تي هيٺيون اضاف ڪيو آهي ته قلندر وڏو عالم، ادب، صرف ۽ نحو ۾ وڏو ماهر هو. برٽن جي زماني سن1852ع ۾ سنڌ جي عربي مدرسن ۾ صرف ۽ نحو جا جيڪي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا، انهن مان ميزان الصرف وغيره قلندر شهباز جي تاليف هئا. ”ميزان الصرف“ اڄ به موجود آهي، جو مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. هن جو مولانا عبدالحي صاهب لکنوي مرحوم ”بنيان“ نالي سان شرح به لکيو آهي.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح پنهنجي ڪتاب ”مدح سنڌ“ ۾ ”قلندر شهباز رح“ جي بزرگي، علم ۽ سندس ٺاهيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان برٽن جي تائيد ۽ تصديق ٿئي ٿي. ”عقد“ ڪتاب سنڌ جي قديم مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. مون کي ان جو هڪ قديم نسخو گهوٽڪيءَ مان هٿ آيو هو، جنهن جي شرح ڏهين صديءَ جي هڪ وڏي عالم، علامه محمود ٺٽوي لکي آهي. هن ڪتاب جو مقدمو ۽ حاشيا لکي آئون ان کي قلندر شهباز جي نالي ڇپرائي رهيو آهيان. ساڳي ريت هڪ ٻيو ڪتاب قلمي صورت ۾ وادي سنڌ جي ڪتبخانن ۾ محفوظ آهي، جنهن کي عشقيہ سڏيو وڃي ٿو. هن جو سنڌي ۾ به ترجمو ڇپجي چڪو آهي. هن جو مصنف شيخ عثمان انصاري آهي، جنهن کي ڪن مخطوطن ۾ مخدوم عثمان مروندي لکيل آهي. اها به نالي جي اشتراڪ ڪري غلط فهمي پيدا ٿي آهي، نه ته اصل ۾ اهو ڪتاب شيخ عثمان جالندريءَ جو لکيل آهي، جنهن لاءِ ڪتاب جي پڙهڻ سان اها ثابتي ملي ٿي ته ان ۾ جن ڪتابن جا حوالا آيل آهن، تن جا مؤلف، لعل سائين جي دور کان گهڻو پوءِ جا آهن. هن تي ماهنامه ”الرحيم“ اردو ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ صاحب صدر اردو شعبي جو تفصيلي مقالو ڇاپي چڪو آهي.

هن حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته جن بزرگن قلندر جي عظيم منصب کي ماڻيو آهي، اهي سڀ ظاهري علم جا به علامه هئا ۽ اسان جي سيوهاڻي شهباز قلندر به ضرور شروع ۾ انهيءَ منزل کي طئي ڪيو هوندو. سندس وقت جي عالمن، اديبن ۽ محدثن سان ريهاڻ ۽ علمي مجسلون سندس علامه ۽ ظاهري علم جي هڪ بحر بي ڪنار هجن لاءِ ڪافي اهڃاڻ آهن، پر قلندر اصل ۾ علمي انسان هجڻ کان وڌيڪ عمل جو مجسمو هوندا آهن. اهي گفتار جا غازي نه، پر ڪردار جا غازي هوندا آن. انهن جي سموري زندگي بي غرضي ۽ خلق خدا جي خدمت ۽ انهن کي فيض ۽ ڀلي پهچائڻ ۾ گذرندي آهي. اهي گهڻو ڪري ماڻهن کي سرمايه ۽ دولت کان دور رهڻ جي تعليم پنهنجي پاڪ زندگي ذريعي ڏيندا رهندا آهن، ڇوته پاڻ وٽ اهي هڪ ڪوڏي رکڻ روا نه ڄاڻندا آهن. سندن عملي زندگي سيدنا ابو ذر غفاريؓ واري مجاهدانه زندگي رهي آهي. جيڪڏهن انهيءَ ڪسوٽيءَ تي اسان جي سيوهاڻي لعل سائين جي سوانح کي پرکبو ته اوليائن ۾ سندن مقام ۽ مرتبو ائين نظر ايندو، جيئن تارن ۾ سج نظر اچي رهيو آهي. تاج الاسلام ابوبڪر محمد الڪلابازي وفات 380هه پنهنجي مشهور عالم تصنيف ”التعرف لمذهب اهل التصوف“ ۾ لکي ٿو، سهل بن عبدالله تستري کان پڇيو ويو ته صوفي ڪير ٿيندو آهي؟ جواب ۾ فرمائڻ لڳو ته جيڪو ڪدورت کان صاف، فڪر کان ڀريل، الله سان راغب هجي ۽ ان جي آڏو سون ۽ ڀتر هڪ سمان هجن. اهو مقولو، سيوهاڻي لعل تي سو فيصد صحيح اچي ٿو. قلندر سان ڪدورت جو کوڙو ئي نه ٿو لڳي، ان جو اندر الاهي نور سان اجريل هوندو آهي ۽ ان جي فڪر ۽ فنا في الله هجڻ جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. هو ڌن، دولت، دنيا ۽ سرمايه داري کان بنهه آجو رهي، ٻين کي پڻ پنهنجي عمل سان اهڙي تلقين ڪندو آهي.

سهيوڳي ۽ همعصر

مخدوم قلندر شهباز جي سهيوڳن ۽ بزرگن رفيقن مان چئن اوليائن جا نالا تاريخ تذڪرن ۾ گهڻي شهرت رکن ٿا، جن مان سر فهرست شيخ الاسلام ذڪريا بن محمد معروف غوث بهاءُ الحق ملتاني جو نالو اچي ٿو. هن بزرگ جي ولايت، تقويٰ ۽ علم تي سڀني جو اتفاق آهي. غوث ملتاني جا وڏا اصل ۾ منصوره سنڌ جي هيبري عربن جو اولاد آهن، جو اڳتي هلي هتان اسري ملتان ڏانهن هليا ويا. غوث ملتاني، ملتان جي آس پاس ڪوٽ ڪرور ۾ 566هه ۾ پيدا ٿيو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ هو جو سندس والد وفات ڪري ويو. علم پرائڻ لاءِ بخارا هليو ويو. اتي چڱو علم حاصل ڪري حج لاءِ حرمين ويو. پنج سال مديني منوره ۾ رهي محدث ڪمال الدين محمد يمانيءَ کان علم حديث پڙهيائين. ان کان پوءِ بيت المقدس جي زيارت ڪري بغداد آيو ۽ شيخ شهاب الدين عمر بن محمد سهروردي، شيخ طريقت سهرورديءَ کان خلافت حاصل ڪري وطن وريو. کيس مرشد اها نصيحت ڪئي هئي ته بکر سنڌ ۾ وڃي، مخدوم نوح بکري جي صحبت ڪري، پر اتي پهچڻ کان اڳ ئي مخدوم نوح بکري وفات ڪري چڪو هو، ان ڪري ملتان هليو ويو ۽ فيض جا دريا وهايائين، کيس ولين جو سردار سڏيو ويندو آهي. اسان جي لعل سيوهاڻي به ساڻس رهاڻيون ڪيون ۽ ساڻس گڏجي سير و سياحت به ڪئي. مخدوم ملتاني بروز خميس 7 صفر 666هه قلندر شهباز کان 7 سال اڳ وفات ڪئي.(6)

شيخ فريد الدين

سهڻي سيوهاڻي جو ٻيو رفيق شيخ فريد الدين مسعود بن سليمان (شڪر گنج) پاڪ پتن وارو چيو وڃي ٿو. شيخ فريد بابا، جو برصغير پاڪ و هند جي اوليائن ۾ نهايت وڏو مقام آهي، خواجہ نظام الدين محمد بدايوني (نظام الاولياءَ) شيخ علاءَ الدين علي الصابر ڪلير جهڙا مشهور ولي به بابا فريد جا خليفا آهن. شيخ جي ولادت 569هه ۾ ٿي، هن جو ڏاڏو شعيب بالي تاتارين جي فتني دوران، هتي آيو ۽ کهنوال ملتان ۾ قاضي ٿيو. شيخ فريد ملتان ۾ علم پرايو ۽ اتي ئي خواجہ قطب الدين بختيار اوشيءَ جي 584هه ۾ کيس زيارت نصيب ٿي ۽ ساڻن گڏجي دهلي ويو. گهڻي مدت ساڻن گڏ رهي فيض ورتائين. شيخ فريد جي هيٺين بزرگن سان پڻ ملاقات ٿي. شيخ شهاب الدين سهروردي، شيخ سيف الدين باخري، شيخ سعد الدين حموي، شيخ بهاءُ الدين ملتاني. 12 ورهيه هانسيءَ ۾ گذاريائين، آخر ۾ اجوڌن پاڪ پتن کي پنهنجو آستان بنايائين ۽ اتي ئي 644هه ۾ وفات ڪيائون.(5)

سيد جلال الدين بخاري

سيوهاڻي شهباز جو ٽيون سهيوڳي ۽ سفر جو ساٿي سيد جلال الدين بخاري چيو وڃي ٿو. هن بزرگ جو نالو ۽ نسب هن طرح آهي: جلال الدين حسين بن علي بن جعفر بن محمد بن محمود بن احمد بن عبيدالله بن علي بن جعفر بن علي بن محمد بن الامام علي الرضا. سيد جلال الدين علم ۽ معفرت جو وڏو صاحب هو. بخارا ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي والد کان علم پرايائين ۽ پنهنجي ٻن پٽن علي ۽ جعفر سميت بخارا کان بکر سنڌ ۾ آيو، کيس سيد بدر الدين حسيني بکري پنهنجي ڌيءَ بيبي زهره نالي شادي ڪرائي، اتان پوءِ ملتان ويو. سن645هه ۾ غوث بهاءُ الدين ملتاني سان مليو ۽ کانئس فيض پرائي بکر سنڌ ڏانهن موٽيو. جڏهن سندس گهر واري بيبي زهره فوت ٿي وئي ته پوءِ وري سيد بدر الدين بکريءَ جي ٻي ڌيءَ بيبي فاطمہ سان شادي ڪيائين، جڏهن ته بکر ۾ سندس مائٽن سان اڻ بڻت ٿي پئي، ان ڪري اتان اچ لڏي ويو، پوئين بيبي مان کيس ٻه پٽ پيدا ٿيا، سيد محمد سيد احمد. هن بزرگ 19 جمادي الاول 695هجري ۾ وفات ڪئي. (7)

پير پٺه

شيخ الشيوخ پير پٺو، قلندر شهباز جي خاص معتقدن ۽ هم عصرن مان هو، هيءُ سنڌي بزرگ اپلن قبيلي مان هو. سندس نالو حسين بن راڄپر هو. سندس والده جو نالو سلطاني ڌڻي مراد پٽ شرفو هو. هن بزرگ جڏهن وحدت جو جام نوش ڪيو ته ڪونين جي هستيءَ کي وساري ويٺو. هڪ جبل جي غار ۾ رهڻ لڳو. جيئن لعل سخت پٿر ۾ هوندو آهي. مخلوق کان پري رهي، حق جو حضور ساٿي ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهڻ لڳو ۽ گاهه تي گذران ڪندو هو. سڄو وقت الله جي عبادت ۽ رياضت ۾ گهاريندو هو. ڪيترائي مهينا کيس ان طرح لنگهي ويا، ڪنهن کي به سندس حال ۽ حقيقت جي ڄاڻ نه هئي، اوچتو مخدوم عثمان شهباز قلندر، شيخ بهاءُ الدين ملتاني سان گڏ سياحت ڪندي اتان لانگهائو ٿيو، کين هن گوهر بي بها جو دل جي صفائي سان پتو پئجي ويو ۽ ٻيئي ان جي ملاقات جو قصد ڪري اوڏانهن هليا ۽ وڃي شيخ پٺي سان مليا، شيخ پٺو غوث ملتاني جو مريد ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڳجهه ڳوهه کي ڇڏي فيض ڏيڻ لڳو ۽ سوين ماڻهو سندس فيض مان سيراب ٿيا. (8) حديقة الاولياءَ ڪتاب جي صاحب هن جي نظم ۾ وڏي تعريف ڪئي آهي، جن مان شروع جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

شيخ پته سرور سلطان دين

فارسِ ميدانِ عرفان و يقين

واصلِ حق، صاحبِ صدق و صفا

پيشوائي اوليا و اذکيا

شاهبازِ آشيانِ لا مکان

در فضائي قربِ طيران کنان

هن 666هجريءَ ۾ قلندر شهباز کان ست سال اڳ وفات ڪئي.(9)

قاضي اسماعيل بن علي:

هيءُ هڪ وڏو فقيهه ۽ خطيب هو، الور (اروڙ) جو قاضي هو. پنهنجي ابن ڏاڏن کان قضا ۽ خطابت جو وارث بنيو. ادب، فلسفه ۽ حڪمت جو امام هو. سندس پيشاني تي قدسي انوار پيا بَکندا هئا. علي بن حامد ڪوفي سنڌي، تاريخِ سنڌ (چچنامہ) ۾ هن جو بيان ڪيو آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته مان ساڻس الور جي شهر ۾ مليس، وٽس سنڌ جي تاريخ جون عربي ۾ ڪي جزون وڏن جون لکيل موجود هيون، جن ۾ مسلمانن طرفان سنڌ تي حملي ۽ جنگين جو بيان هو. مون انهن کي قاضي صاحب کان هٿ ڪري فارسيءَ ۾ نقل ڪيو. هي بزرگ عالم به قلندر سائينءَ جو همعصر هو. (10)

سيد بدر الدين بکري

سيد بدر الدين محمد بن محمد بن شجاع بن ابراهيم الحسيني بکري سنڌي علم ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هن جي ولادت ماه شعبان 630هجري ۾ بکر شهر ۾ ٿي ۽ اتي ئي وڌيو ويجهيو، علم ۽ طريقت کي پنهنجي والد کان پرايائين. سيد جلال الدين حسين بن علي بخاري، بکري، اچي، هڪ ٻئي پٺيان هن جي ٻن ڌيئرن: زهره ۽ فاطمہ سان شادي ڪئي. هن سنڌي سيد جو هڪ پٽ علي بن محمد پيءُ جي وفات کان پوءِ جهانسي هليو ويو ۽ اتي ان جو گهڻو ئي اولاد آهي. سيد بدر الدين بکري قلندر شهباز کان ست سال پوءِ بکر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيو. (11)

سيد صدر الدين محمد بن محمد سنڌي:

سيد صدر الدين محمد بن محمد شجاع بن ابراهيم بن قاسم بن زيد بن جعفر الحسيني بکري، پنهنجي وقت جي اڪابرن مان هو ۽ رجب 609 هجريءَ ۾ بکر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات محرم ۾ 669 هجري قلندر شهباز جي وفات کان ڪجهه سال اڳ ٿي، سندس مزار بکير جي قلعي ۾ آهي.

هن کان سواءِ سيوهاڻي لعل جا ڪي ٻيا به سهيوڳي ۽ همعصر آهن، جهڙوڪ بو علي قلندر پاني پتي، جنهن کيس سنڌ ۾ رهڻ جي صلاح ڏني. شيخ محدث حسن بن محمد صغاني لاهوري، وفات 650هه ۾ ۽ خواجہ نظام الاولياءَ وغيره رحمهم الله تعاليٰ.

حاشيا

(1) هندستان ۾ عهد وسطيٰ کي ايک جهلک ص342 بحوالہ 71 سروي آف انڊين هسٽري.

(2) حديقة الاولياءَ ص43 مطبوعہ سنڌي ادبي بورڊ 1967ع.

(3) ماثر الکرام فارسي ص286 مطبوعہ مفيد عام آگره.

(4) فارسي جي اصلي عبارت هن طرح آهي: چون آن حضرت به ملتان رسيد خان شهيد يعني سلطان محمد قاآن از معرفت و اعتقادي کہ داشت شرائط تواضع بجا آورد و فتوح بسيار رسانيد وجهد بيشمار نمود کہ آن بزرگوار در ملتان استقامت دارد، وخانقاه برائي وي بنا نمود آنحضرت به اقامت آنجا رضا نداد. روزي خان شهيد حضرت شيخ صدر الدين عارف و حضرت شيخ عثمان شاهباز مرندي را در مجلدس طلبيد و بہ غزلهائي عربيہ سرود داد هر دو شيخ بزرگوار و جماعت ديگر از درويشان در سماع و رقص بودند، خان شهيد دست بستہ ايستاده بود و زار و زار مي گريست انتهيٰ. (ماثر الکرام فارسي ص286 مطبع مفيد عام آگره 1910ع مطابق 1328هه.)

(5) نزهة الخواطر ج1 ص120 مطبوعہ دائرة المعارف حيدرآباد دکن

(6) نزهة الخواطر ج1 ص178 بحوالہ سيد الاولياءَ.

(7) نزهة الخواطر ج1 ص110 بحوالہ تذکرة السادة النجارة، خزينة الاصفياءَ.

(8) حديقة الاولياءَ ص45-46 مطبوعہ سنڌي ادبي بورڊ.

(9) نزهة الخواطر ج1

(10) نزهة الخواطر ج1 ص171

(11) نزهة الخواطر ج1 ص173.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com