سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :9

 

 

آخوند لطف الله ”لطف“

(1842ع – ڊسمبر 1902ع)

آخوند لطف الله ولد آخوند اسحاق تخلص ”لطف“ جا وڏا اصل مسقط جا رهاڪو صديقي قريشي هئا. محمد بن قاسم واري زماني ۾ اچي ديبل ۾ رهيا. عربي تعليم ڏيڻ سندن خاص شغل هو. جڏهن اهو خاندان ديبل ۾ وڌيو ته روزگار خاطر سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪيائون پر وري به درس تدريس سان سندن شغف رهيو. انهن مان هڪ گهر وڃي سن ۾ رهيو، جتان مير غلام علي کين پنهن جي ٻارن جي تعليم لاءِ حيدرآباد گهرايو، سندن اهل النسا وري مير صاحبن جي ديرن کي پڙهائيندا رهيا.

انهن سنائي آخوندن جو وڏو غازي بن سعد نالي هو، جنهن جو فرزند آخوند عبدالڪريم مير ڪرم علي جي دور ۾ ڪاردار هو. حيدرآباد جي کيانتي ٽنڊي سان لڳو لڳ سندن هڪ محلو آهي جيڪو شيراني آخوندن يا غازي عبدالڪريم جي نالي سان مشهور آهي.

 

آخوند لطف الله شيراني آخوندن مان هو ۽ شيراني محلي ۾ 1842ع ۾ تولد ٿيو. سندس ننڍپڻ جو احوال نٿو ملي، ايترو معلوم ٿيو آهي ته هو پهريان آخوند محمد صديق جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو جتان پوءِ لوڪل بورڊ طرفان ابتدائي ماستر مقرر ٿيو. چنيجن، نصرپور، تاجپور وغيره هنڌن تي ماستري ڪيائين. ٽنڊي ولي محمد اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي گهڻو وقت رهيو.

ڪليات خادم ۾ لطف الله جو احوال هن ريت لکيل آهي،

”لطف الله حيدرآبادي مترجم ”فسانئه عجائب“ جو پنهن جي دور جو بهترين شاعر به هو، نارمل اسڪول ۾ خادم جو هم مڪتب به هو ۽ ڪجهه وقت ٽنڊي ولي محمد جي پرائمري اسڪول ۾ هم ڪار به هئو. هن هرڻي وارو معجزو به لکيو هو جو ”بياض خادميءَ“ ۾ موجود آهي“ (1).

 

آخوند لطف الله 1898ع تي پينشن تي لٿو، باقي حياتي طبابت جي مشغوليءَ ۾ گذاريائين ۽ ڊسمبر 1902ع ۾ وفات ڪيائين.

 

آخوند لطف الله چڱو شاعر ۽ سٺو نثر نويس هو. هنجا غزل ۽ ٻيو ڪلام ان وقت جي اخبارن ۾ شايع ٿيندو هو. هن جو مقبول ڪارنامو سندس ڪتاب ”جان عالم انجمن آرا“ آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو هن لاءِ لکي ٿو، پاڻ چڱو ناثر ۽ ناظم ۽ هڪ جا سليقه ۽ ذوق وارو آدمي هو. سندس قابليت سندس ڪتاب ”جان عالم انجمن آرا“ عرف ”گل خندان“ مان ظاهر آهي، جو اصل فسانئه عجائب هندي تان نقل ٿيل آهي پر ترجمو اهڙو ٿيل آهي جو منجهانئس نقل جي بوءِ نٿي اچي“ (2).

مير عبدالحسين سانگي آخوند لطف الله کي هنن لفظن ۾ داد ٿو ڏئي.

لطف الله جو ترانو آهه،

جان عالم جو هي فسانو آهه.

 

مترنم ٿيا شائقين هن تي،

گل خندان جو ٿيو زمانو آهه.

 

رهي افسانيئه عجائب ويو،

هن طرح هرڪوئي روانو آهه (1).

سيد فاضل شاهه ۽ آخوند محمد قاسم، آخوند لطف الله جا همعصر شاعر به هئا ۽ هم شهري به هئا تنهن ڪري انهن جا پاڻ ۾ لڳ لاڳاپا هئا. هو هڪ ٻئي جي شعر تي داد به ڏيندا هئا ۽ نقطچيني به ڪندا هئا. فاضل شاهه، آخوند لطف الله جي شعر لاءِ چوي ٿو:

لک لطف ڏانهن لاشڪ فرمان شاهه فاضل،

شعرن ۾ شعر تنهنجو ساڌي سوانه آهي (2)

هيٺين ٻن شعرن ۾ مٿس تنقيد ڪندي چوي ٿو:

غزل ”لطف“ وارو ڪري نت نظارو،

چوان ان نه آهي نزاڪت نباهي (1)

 

نڪي طفل ري ”لطف“ لهندو رعايت

تڪبر ڪري ترت تائب توائي (2).

 

آخوند محمد قاسم پنهن جي هڪڙي غزل ۾ آخوند لطف الله کي پنهن جي غزل تي شعر چوڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو:

”لقمان“ لطف هاڻي هن جي ڏيو وراڻي،

ڪوڙي ڇڏيو ڪهاڻي ظاهر چوڻ زباني.

 

جوڙي جواب جوئي، قاسم مثال ڪوئي،

آخر لهي اهو ئي، شاباس شادماني(3)

 

هڪ ٻئي شعر ۾ هن لاءِ چوي ٿو:

 

غزل ”لطف“ چيو فڪر فائق

سخن ۾ سندس پرنا ثابت سچائي (4).

آخوند لطف، آخوند محمد قاسم جي واکاڻ هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

سچ سخن ۾ ادا سخن پرور،

قاسما ڪيميا ڪمائين ٿو (1)

 

ڪلام جو نمونو

اڄ هلي ڏس حال هيڪر برهه جي بيمار جو

ڪونه ڏس ويڄن ڏنو هن عشق جي آزار جو.

 

هن مرض جي جانچ ۾ ويڄن ڪيا ڪي وس وڏا،

پر پين هرگز نه ڪنهه پر ڪو پرو هن پيار جو.

 

خواب ۾ مون کي تصور هو تنهين جي وصل جو،

ورنه ڇا قدرت ڪريان اظهار هن اسرار جو.

 

رات پرواني شمع کي جا ٻڌائي ماجرا،

سو مگر هو سوز مون بيدل دلِ افگار جو.

مرحبا مون سان ڪيائين پر نشي ۾ بي خبر،

ڄڻ چڙهيا پئي لوٽ گهوڙا ۽ ڪٽڪ قنڌار جو.

 


 

سر گهرين تان آهه حاضر ڇو ته تنهنجو حڪم آهه،

عاشقن جي ڪاڻ سا ڄڻ ڄڻ سمن سرڪار جو.

 

ڪو سڄڻ منهن ۾ تهين جي هو تجلو نور جو،

هڪ نظر سان جنهن نهوڙي هوش نيو هوشيار جو.

 

لطف تنهن جي لطف جو آهي سدا اميدوار،

مهربان تنهن کي اچي بهرو ڏيو ديدار جو (1).

-

جيئن گهورن مان دل کي گهائين ٿو،

تيئن سڄڻ ساهه کي سهائين ٿو.

 

ڇا هي سورج ۽ چنڊ چوڏهين جو،

هڪ ئي جلوي سان ٻئي جهپائين ٿو.

 

سو سو سرڪش سڄڻ تون هر ساعت

ناز نيڻن جي سان نمائين ٿو.

 

راءِ رانجهن وٺيو رقيبن جي،

ڪيئن نماڻن کان اڄ نٽائين ٿو.

 

رس رهاڻيون رکيو رقيبن سان،

عاشقن کي سدا سڪائين ٿو.

 

ڏئي دلاسا دليون کسي دلبر،

ميٺ محبت وري مٽائين ٿو.

 

عيد ٿي اڄ عجيب منهن جي اڱڻ،

پرت جا پير پر جو پائين ٿو.

 

ٿي مشفق ۽ مهربان مٺا،

لونء جڏهن لطف ساڻ لائين ٿو (1).

-

 

امام بخش ”خادم“

(1861ع – جنوري 1918ع)

حاجي امام بخش ولد محمد بچل بدوي تخلص ”خادم“ شڪارپور ۾ تولد ٿيو، سندس والده سندس پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ وفات ڪري وئي، تنهن ڪري پرورش ناناڻن ۾ ٿي ۽ ستن ورهين تائين اتي رهيو، 1869ع ۾ آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾ داخل ٿيو جتي سنڌي تعليم حاصل ڪيائين، 1873ع ۾ پنجون درجو پورو ڪرڻ بعد سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد انگريزي اسڪول مان ٽي درجا پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي داخلا جي امتحان ۾ ويٺو ۽ ڪامياب ٿيو، جيتوڻيڪ هو اڃا پندرهن ورهين جو مس هو ته به والد جي اصرار تي حيدرآباد ٽريننگ حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. 1879ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ”استاد“ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائين ۽ کيس حيدرآباد جي نمبر اول اسڪول ۾ ماستر مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ رهائش دوران سندس واقفيت حيدرآباد جي مشهور شاعرن خليفي محمد قاسم هالائي، سيد فاضل شاهه ۽ فضل محمد ”ماتم“ سان ٿي. 1880ع ۾ هو شڪارپور بدلي ٿي آيو ۽ 1881ع ۾ گهلپور تعلقي ڪشمور ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو جتي هن جي دوستي ميان عبدالله مهر ”راهي“ لکوي سان ٿي. ”راهي“ ان وقت جو مشهور غزل گو شاعر ٿي گذريو آهي.

1886ع ۾ وزير آباد تعلقي سکر ۾ بدلي ٿي آيو، 1896ع ۾ ڪٽنب سوڌو حج تي ويو. جتان واپس ورڻ تي کيس وزيرآباد، ريتي تعلقي اوٻاوڙي ۽ منگهنواري تعلقي روهڙي ۾ هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو، 1912ع ۾ هو پينشن وٺي عبادت الاهي ۾ مشغول ٿي ويو ۽ تصنيف ۽ تاليف ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏنائين، جنوري 1918ع ۾ وفات ڪيائين.

 

خادم جي تصنيفن ۾ هير رانجهو (ڊرامو)، حاطم طائي جو قصو، چار درويش، قصو بهرام گور، الف ليله (سمورا قصا ترجمو آهن)، انشاي خادمي، فوائد المبتدي (پارسي)، نانگ وارو معجزو (نظم)، مثنوي نگار، دودو چنيسر ۽ ڪليات خادم شامل آهن.

خادم شاعري ۾ خليفي قاسم جو شاگرد هو. سندس ڪلام پنهن جي وقت جي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ سنڌ سڌار، بهار اخلاق، تحفئه احباب، آفتاب وغيره ۾ شايع ٿيندو هو. سندس ديوان جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته غزل جي نزاڪت ۽ نفاست کان چڱي طرح واقف هو هن جي ڪلام ۾ سلاست، سادگي ۽ قلبي واردات جي نقاشي آهي. هو عشقِ رسول سان سرشار هو تنهن ڪري هن جي ديوان جا ڪيترا غزل نعتيه آهن.

 

ڪلام جو نمونو (1)

توکي ڏسي اي جانِ من دلڙي کلي ٿي باغ باغ،

اي سيم تن سيمين ذقن دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

 

ٿيا دور منهن جي دل تان ڏک، تنهن جي ملئي ٿئا سڀئي سک

ماپي نه ٿي جان دربدن، دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

 

ڏک تو سوا مون ٿي ڏٺا، تنهن جي ڏٺي سک مون مليا

ڏک سڀ ڀڳا رنج ۽ محن دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

 

جن ٿي جهليو توکي عجيب، سي رد ٿيا رهزن رقيب

عيدون ٿيون منهن جي صحن، دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

 

”خادم“ ڪري ٿو زاريون، پائي ڳچيءَ ڳل ڳاريون،

مهرئون ڇڏايو ڏنهن غمن، دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

-

عشق جي سوغات کي دلدار بخش

جنهن ۾ راضي ٿئين سڄڻ او ڪار بخش.

 

خلق کي هرص و هوس جي آ طلب،

مون کي شوق ۽ جذب جو جنسار بخش.

 

ڪين دنيا جي کپي ڪوڙي خوشي،

پنهن جي الفت جو امٽ آزار بخش.

 

جام جم جي آرزو مون کي نه آهه،

ڪيف پنهن جي قرب جو هر بار بخش.

 

منهن جي ناداري ڏسي منهن ڪين موڙ،

پنهن جي رحمت جو ڀريل ڀنڊار بخش.

 

خام ”خادم“ جي آهي سڀ آرزو،

پختگي ڏيئي، تون پنهنجو پار بخش.

-


(1)  ”ڪليات خادم“ ص 29.

(2)  گل خندان، ديباچه از عمر بن محمد دائود پوٽو ڊاڪٽر مطبع العرب، ڪراچي.

(1)  ڪليات سانگي، ديوان پهريون، ص 61.

(2)  ديوان فاضل، ص 76،

(1)  ۽ (2) ديوان فاضل ص 79 ۽ 83

(3) ديوان قاسم ص 165 ۽ 160

(4)  ديوان قاسم ص 165 ۽ 160.

(1)  سنڌ سڌار ص 1، سيپٽمبر 1880ع.

(1)  ”شاعران شيرين بيان“ قلمي.

(1) سنڌ سڌار ص 2، سيپٽمبر 1880ع.

(1)  ”ڪليات خادم“ ص 99 ۽ 98، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org