سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :34

 

ڪئي مون بيوفا توسان وفا ڇا،

ڪيو مون ساڻ تو جورو جفا ڇا.

 

مقابل چشم خوني جي ٿئين ٿي،

تنهنجي ڀي آئي دل آهي قضا ڇا.

 

سيہ زلفن جي چوٽي کي ڏسي دل،

چيو پالي آ هن ڪاري بلا ڇا.

 

رلن ٿا مڙهه ڳليءَ تنهنجيءَ ۾ ظالم،

گهٽي تنهنجي ڀي آهي ڪربلا ڇا.

 

پڇي لقمان کان جيڪر ها ڪوئي،

مريضِ عشق آهي لادوا ڇا.

 

خزان دامن ۾ گل جي آهه پنهان،

ٺڳي گل ٿو ڏئي بوءِ وفا ڇا.

 

فقط دل قطرهِ خون آهه هڪڙو،

تنهين ۾ آ ڀريل حرص و هوا ڇا.

 

”فقير“ آخر ته ٿيندا پاڻهين ڪم،

نه آ پنهنجو علي مشڪل ڪشا ڇا.

-

حافظ عبدالله ”بسمل“

 

]1886-20، آڪٽوبر 1949ع[ (1)

حافظ عبدالله حافظ محمد يوسف تخلص ”بسمل“ ٽکڙ جي مشهور علمي ۽ ادبي خاندان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي پارسي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين. اهو ئي شاعري ۾ به سندس استاد هو. ٿوري عربي اسد الله ”فدا“ وٽ پڙهيو، پر والد جي وفات سبب تعليم کي ڇڏي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ٽکڙ جي عالمن ۽ فاضلن جي آخري نشاني حافظ بسمل صاحب ئي هو (1).

”بسمل“ 1925ع ۾ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان ڪجهه عرصي لاءِ واپس ٽکڙ ويو جتي آغا حسن جان سرهندي جي مڪتب ۾ معلم ٿي رهيو.

1946ع ۾ جڏهن مسلم ليگ جو اوج هو ۽ مسلمان ”پاڪستان“ قائم ڪرڻ لاءِ زور شور سان تحريڪ هلائي رهيا هئا، ان زماني ۾ عبدالشڪور منشي حيدرآباد مان هلال پاڪستان روزانه اخبار جاري ڪئي. هن .بسمل“ کي اخبار جو خاص شاعر مقرر ڪيو. حافظ صاحب هلال پاڪستان ۾ رهي قومي شعرن سان سنڌ جي مسلمانن کي بيدار ڪري قوم جي صحيح معنيٰ ۾ خدمت انجام ڏني (2). هلال پاڪستان کي ڇڏڻ کان پوءِ هو ڪڏهن محمد خان ”غني“ جي مسلمان پريس ۽ ڪڏهن محمد عثمان ڏيپلائي جي پريس اسلاميه دارالاشاعت سان ڪنهن نه ڪنهن نموني وابسته رهيو.

 

بسمل جي پوري زندگي تنگدستي ۾ گذري. آخري ڏينهن به غربت ۾ گذاريائين، بيماريون کيس وڪوڙي ويون هيون، مگر هن وٽ پيسو نه هو جو پنهنجو علاج ڪرائي سگهي. هي سنڌ جو استاد شاعر انهيءَ حال ۾ ئي هن دنيا مان هليو ويو.

سندس وفات جي تاريخ خليل ۽ غريب هيئن بيان ڪئي آهي:

”وئي گل ٿي شب ۾ اي شمع سخن“ (1949ع) (3).

شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

رنج ۽ ارمان سان هاتف سدا آهي ڪئي،

 

فڪر جي دل سان سندس مصرع مان ٿيو سن عيسوي،

”اڄ شهيدِ ناز بسمل خسته جان ويندو رهيو“ (1)

1949ع = 20 + 1929ع

بسمل ننڍي عمر کان شاعري شروع ڪئي هئي. سندس ڪلام ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن ”بهارِ اخلاق“ ۽ ”الاصلاح“ ۾ شايع ٿيندو هو. هو حيدرآباد جي بزم مشاعرن ۾ سرگرم حصو وٺندو هئو، خاص طرح سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جي مشاعرن ۾. مسلم ادبي سوسائٽي جي 9 مئي 1937ع واري مشاعري جي طرح هئي:

”الاهي آهه ۾ منهنجي اثر ڪر“

ان طرح تي بسمل جي غزل جا ڪجهه شعر آهن:

 

ستائڻ جي نه عادت فتنه گر ڪر،

نه هڪ پهلو مان ٻي پهلو ۾ گهر ڪر.

 

نه حاصل ٿيو ڪڏهن مقصد منجهان ماٺ،

الاهي آهه ۾ منهنجي اثر ڪر.

 

نظر ڪر، حسن صندل گون اچي پيو،

هلي بسمل علاج دردِ سر ڪر (2).

بسمل هلال پاڪستان جي اداري ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ مسلم قومي شاعري طرف وڌيڪ توجهه ڏنو. پاڻ چوي ٿو:

خال خط جو مشغلو ”بسمل“ جوانيءَ ساڻ هو،

بند پيريءَ ۾ اها پنهنجي سخنداني ڪيم.

بسمل جو گهڻو ڪلام خاص طرح غزل گم ٿي ويا آهن پر جيڪي ٿورا غزل ملي سگهيا آهن، انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جا غزل پختا ۽ بلند خيال آهن، جن ۾ سلاست، رواني ۽ چست بندشون آهن. بسمل ٽي مثنويون لکيون هيون، جن مان مثنوي محمدي شايع ٿيل آهي باقي مثنوي سسئي پنهون ۽ مثنوي دودو چنيسر ڇپجي نه سگهيون آهن.

ڪلام جو نمونو (1)

آيو نه ڪڏهن حرف شڪايت جو دهن ۾،

نڪتو جي اندر مان ته ويو گهٽجي گهٽن ۾.

 

صياد منڊيو دام ته گلچين ٿو ڇني گل،

بلبل لئي بهار آڻي ٿي افتاد چمن ۾.

 

موٽي ٿو وڃي موت، رسي گر ٿو ستمگر،

تقدير به ڇا آهه ٿي قاتل جي هٿن ۾.

پهلو ۾ جي ويٺو ته ٺهي درد ٿي ويٺو،

اُٿيو ته اُٿيا سور نوان جان ۽ تن ۾.

 

مقتل ۾ بهار آهه ذرا هل ته ٿئي سير،

گل تنهنجي شهيدن جي ڪڍيا خون پٽن ۾.

 

اڻ ڄاڻ ٿي لاشي تي وٺي غير کي آيو،

بي رحم ستا سور ٿو جاڳائي ستن ۾.

 

ڪنهن شوخ جي اکين کان هي ماتام متو آهه،

ساغر پيو ڦري خون جو اڄ بزمِ چمن ۾.

 

ديوانو ڪٿان آيو ڪرڻ سمع خراشي،

”بسمل“ کي ڏجو داد نه هن طرزِ سخن ۾.

-

ويو ڊڄي رند مي آشام خدا خير ڪري،

دست ساقي مان ڪريو جام خدا خير ڪري.

 

مون کي بوسي جي طلب هن کي تقاضا سر جي،

ٿيو برو عشق جو انجام خدا خير ڪري.

 

رخ روشن ٿي ڦري ڪاڪل ڪارا آيا،

صبح سان ئي ٿي عيان شام خدا خير ڪري.

بلبلن شور وڌو، آهون مچايون قمرين،

ٿو اچي باغ ۾ گلفام خدا خير ڪري.

 

عاشقو حشر مچي ويندو قيامت کان اڳي،

يار آيو به لبِ بام خدا خير ڪري.

-

صفي الله ”فدا“

]1887ع – 1961ع[

صفي الله ”فدا“ شڪارپور جي مشهور بزرگ علوي خاندان مان هو. فدا 1887ع ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو نالو مير امين الله هو. خانداني روايت مطابق شروع ۾ عربي ۽ پارسي پڙهيو، جنهن کان پوءِ پنهنجي مامي محمد اسلم ”اسلم“ وٽ سنڌي پڙهيو ۽ سنڌي فائينل پاس ڪيائين. 20 نومبر 1909ع تي سنڌي ماستر ٿيو جتان هيڊ ماستري جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. هو پرائمري ماستري جي زماني ۾ شڪارپور ۽ ان جي ويجهو شهرن ۾ ماستر رهيو.

محمد اسلم ”اسلم“ شڪارپوري خليفي قاسم جي دور جو شاعر هو. سندس صحبت ”فدا“ جو لاڙو به شاعري ڏانهن ڪري ڇڏيو. ”فدا“ صاحبِ ديوان شاعر آهي. سندس گهڻو ڪلام گم ٿي ويو آهي. باقي ڪلام سندس پوين وٽ محفوظ آهي، جنهن ۾ غزلن ۽ ڪافين جو چڱو ذخيرو آهي، انهن کان سواءِ ڏوهيڙا، مناقبا، مناجانون ۽ قصيدا پڻ آهن.

”فدا“ جا عشقيه ۽ مزاحي رنگ جا غزل ٿورا آهن. سندس ڪلام جو خاص موضوع عشقِ رسول آهي. حضور پرنور صلي الله عليه وسلم سان ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير ظاهر ڪئي اٿس (1). ٻنهي جهانن جي سردار جي ثنا اهڙي انداز ۾ ڪئي اٿائين جو سندس ڪلام ۾ تغزل جو انداز پيدا ٿي ويو آهي.

ڪلام جو نمونو (3)

سدا دل سڄڻ کي سنڀاري سڙي ٿي،

برهه باهه ڀڙڪي بدن ۾ ٻري ٿي.

 

ٻري باهه جاتي اچي سيڪ اُتهين،

شمع جي مثل جان هردم ڳري ٿي.

 

ويو يار دلبر ڏئي رنج راڙو،

مدامي اندر مونجهه ماندي مري ٿي.

 

اليلان اندر ۾ اٿن رات ڏينهان،

نماڻي پڪارون پرين لئي ڪري ٿي.

 

وڇوڙي نهوڙي ڪيو حال هيڻو،

جدائي ڪنان دل ڏکيءَ جي ڏري ٿي.

 

سدا تانگهه تن ۾ تنهين يار جي آ،

”فدا“ کان ويو جو پيارل پري ٿي.

-

سدا منهنجو عجيبن جي ڪرڻ ديدار سان مطلب،

لبِ لعلي درِ دندان شڪر گفتار سان مطلب.

 

سروقد نازنين نرمل سچو سردار سهڻن جو،

اصل کان آهه رحمت جي ابر انوار سان مطلب.

 

نه آ پرواهه سورن جي سوين توڙي اچي ڪڙڪن،

مگر آهي سچي سيد، سدا سردار سان مطلب.

-

 

آغا غلام نبي ”آغا“ صوفي

]سيپٽمبر 1889ع – 25 جولاءِ 1938ع[

آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن تخلص ”صوفي“ شڪارپور جي مشهور پٺاڻ خاندان جو فرد هو. شروع ۾ سندس تخلص ”دراني“ هو. پر تصوف جو طريقو اختيار ڪرڻ کان پوءِ اهو بدلائي ڇڏيائين. سندس صوفيانه ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي ”نانڪ“ جو تخلص به اچي ٿو.

آغا صوفي جي شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ ٿي، مئٽرڪ مدرسه هاءِ اسڪول ڪراچي مان پاس ڪيائين. سندس والد خيرپور رياست ۾ نائب وزير جي عهدي تي هئو، کيس انگريزي اسڪول ۾ پارسي جو استاد مقرر ڪيو ويو ۽ مير صاحبن جي صاحبزادن جي تعليم جو ڪم کيس سپرد ڪيو ويو، 1919ع ۾ هو خيرپور جي تعليم کاتي جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو ۽ خيرپور ۾ تعليم ڦهلائڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪيائين.

آغا صوفي جڏهن خيرپور ۾ هو تڏهن درازي فقير ميان سخي قبول محمد جو مريد ٿيو، جنهن کيس تصوف جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. هو پنهنجي مرشد جو نهايت معتقد هو. گيڙو الفي پائي گهڻو وقت هو مرشد وٽ ئي گذاريندو هو ۽ عام فقيرن وانگر هٿن ۾ چپڙيون ۽ يڪتارو کڻي چوڪي ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هن ”صوفي“ نالي سان رسالو پڻ شروع ڪيو جنهن ۾ ”همه اوست“ ۽ ٻين صوفيانه عقيدن جو پرچار هوندو هو.

 

آغا صوفي خيرپور مان نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ والد صاحب جي فرمان هيٺ لاهور جي طبيہ ڪاليج مان ”حڪيم حاذق“ جي سند حاصل ڪئي ۽ جيڪب آباد ۾ طبابت شروع ڪئي. مگر فقيرانه طبع سبب جلد ئي وطن واپس آيو. هن ”طبي جواهر“ نالي هڪ ڪتاب سڄو شعر ۾ جوڙيو.

آغا صوفي جي والد پينشن تي لهڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ زميندارن جي فائدي لاءِ گرين سيل سوسائٽي جو بنياد وڌو. جنهن جو آغا صوفي آخر تائين صدر رهيو.

مارچ 1932ع ۾ جڏهن ”سنڌو“ جي ايڊيٽر بولچند جي ڪوشش سان ”سنڌ ساهت سميلن“ (ٽين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس) ڪوٺائڻ جو بندوبست ٿيو. تڏهن هن (آغا صوفي) ان کي ڪامياب بنائڻ لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو.

آغا صوفي سي.ايس ڪاليج شڪارپور قائم ڪرڻ ۾ گهڻي ڪوشش ورتي ۽ ان جي برپا ٿيڻ کان پوءِ منجهس شعر و سخن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ”بزم مشاعره“ جو پايو وڌائين. هن کي ڊرامن سان به گهڻو شوق هو. هڪڙي ڊراميٽڪ سوسائٽي شڪارپور ۾ قائم ڪيائين، جنهن ڪيترا سنڌي ۽ اردو کيل اسٽيج ڪيا. جن ۾ ڪجهه سندس لکيل هئا.

 

مرحوم کي ذيابيطس جي تڪليف هئي، وفات کان ڪجهه وقت اڳ مرشد جي دروازي تي درازن ۾ وڃي رهيو هو. کيس تپ دق جي تڪليف به ٿي پئي جنهن ڪري ڪوئيٽا ويو جتان وطن ورندي واٽ تي وفات ڪيائين، کيس شڪارپور جي نئين مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

آغا صوفي هڪ سچو صوفي ۽ پنهنجي مرشد جو متوالو هو. هو هڪ سٺو شاعر ڳائيندڙ ۽ ڊرامه نگار هو. هن نظم ۽ نثر ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن جن ۾ ”سچل جو رسالو“ سنڌ ۾ نهايت مشهور ۽ مقبول آهي.

احسان الله ڀٽي آغا صوفي جون هيٺيون تصنيفون ڄاڻايون آهن (1).

شان اسلام 2. انقلاب يورپ 3. ڪاليج ڪا زمانا 4. دنيا دورنگي ڇاپيل 5. جرمن سازش 6. ڪرشن ڪرپا 7. پهلا پيار 8. عبرت 9. تاريخ ڊرامه (اڻ ڇاپيل)، 10. طبي جواهر 11. مناجات قرآن 12. فرياد آغا 13. آغازِ عشق 14. افسوس آغا 15. ارمغان آغا 16. گلزاري محمدي 17. شاهنامه سنڌ (سڀ نظم ۾) 18. سچل سرمست.

آغا صوفي جيتوڻيڪ ڪجهه نظم به لکيا آهن پر هو بنيادي طرح غزل جو شاعر هو. هن جي غزل جي خاص خوبي سادگي، سلاست ۽ رواني آهي. هن جي دل ۽ دماغ تي تصوف جو رنگ زيادهه چڙهيل هو تنهن ڪري سندس غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي مجاز سان گڏ تصوف جو رنگ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس غزلن جي ٻولي سولي ۽ عام فهم آهي.

ڪلام جو نمونو (2)

بي قرب کي دلڙي ڏيڻ، آهي غلط آهي غلط،

اڄ اڻ سڏيو ڪنهن وٽ وڃڻ آهي غلط آهي غلط.

 

هي نانگ ڪُل قهري اٿي، ظالم ادا زهري اٿي،

تن سان وڃي ياري ڳنڍڻ، آهي غلط آهي غلط.

 

مطلب سندا ڪل يار ٿي، نا يار ٿي پر خار ٿي،

هي حال دل جو تن ڏيڻ، آهي غلط آهي غلط.

 

جن وٽ نه آ قرب و وفا، ياري نه رک تن سان ادا،

دم دم اڳيان تن جي نوڻ، آهي غلط آهي غلط.

 

هي درد دامنگير آهه، نا ڏوهه نا تقصير آهه،

ناحق ستائڻ يا سهڻ، آهي غلط آهي غلط.

 

اي دل نه دانهون ڪر ڏکي، مولا ڪندو توکي سکي،

جاهل اڳيان آغا روئڻ، آهي غلط آهي غلط.

-

مارن ٿا مفت محب جا نخرا نوان نوان،

ٻانهن جي لوڏ، گهوم جا گهمرا نوان نوان.

 

دم دم اچن ٿا دام ۾ تنهنجي اي دلربا،

مشتاق، مست، مجنون منبرا نوان نوان.

 

روزِ الست کان اهي، اي يار ها لکيا،

تقدير اندر جهنگ ۽ صحرا نوان نوان.

 

ڪو غم نه ڪر تون هرگز اي دل شهيدِ عشق،

سر تنهنجي پون روز ٿا سهرا نوان نوان.

الحمد، شڪر آهه جو ”آغا“ کي اي ادا،

الله ڏنا بخت جا بهرا نوان نوان.

-


(1)  نوٽ : اسد الله شاهه ”فدا“ ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ ۽ محمد بخش جوهر ”ڪلام بسمل“ ۾ ”بسمل“ جي وفات جو سال 1950ع ڄاڻايو آهي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ۽ جمع خان غريب، ”بسمل“ جي وفات تي جيڪي قطعه تاريخون لکيون آهن انهن مان سال 1949ع ٿو نڪري. انهن قطعن تاريخن کي صحيح قبول ڪري سال 1949ع وفات جو سال لکيو ويو آهي.

(1)  اسد الله ٽکڙائي، ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ ص 141، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.

(2)  محمد بخش جوهر ”ڪلام بسمل“ ص 9، ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، 1960ع.

(3)  ”مهراڻ جا ماڻڪ“ ص 30، پاڪستان پبليڪيشن.

(1)  ”بياض غريب“ قلمي، ملڪيت علي عمر، مريد لاکير ڳوٺ دادو.

(2)  ”الحقيقت“ هفتيوار، 15 مئي 1937ع.

(1)  اسد الله ٽکڙائي، ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.

(1)  اسرار احمد علوي ”مير“، ”رتيءَ جي رهاڻ“ ص 47، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر، 1972ع.

(3)  ”ديوان فدا“ قلمي، ملڪيت اسرار احمد علوي شڪارپور.

(1)  ”آغا غلام نبي صوفي جون ادبي خدمتون“ (قلمي) احسان الله حبيب الله ڀٽو (مونو – سنڌالاجي) 1965ع.

(2)  ”انتخاب غزليات آغا“ قلمي حبيب الله ڀٽو، شڪارپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org