جان محمد ”فدا“
]4،
سيپٽمبر 1885ع – 1921ع[
ميان جان محمد ولد ميان فيض محمد تخلص ”فدا“ جو سلسله نسب ڇهين
پيڙهيءَ ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي سان ملي ٿو. هو
ٻورڙي جي ڳوٺ تعلقه ڪڪڙ ضلع دادو ۾ تولد ٿيو.
ابتدائي سنڌي ۽ پارسي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. 1900ع
۾ شڪارپور سينٽر مان فائينل جو امتحان پاس ڪري
لاڙڪاڻي تعلقي ۾ ماستر ٿيو، ڪچي نوڪري سبب اها
نوڪري ڇڏي ڪراچي ضلع ۾ ماستري ڪيائين، 1906ع ۾
ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ٽن سالن جو ڪورس ڪرڻ
کان پوءِ ڪراچي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ماستر ٿي
رهيو جتان بدلي ٿي راڌڻ ضلع لاڙڪاڻي (ان وقت) ۾
آيو کيس جوانيءَ ۾ ئي تپِ دق جي بيماري ٿي پئي،
1921ع ۾ وفات ڪيائين، اهو رمضان جو مهينو هو.
فدا ڪيتريون زبانون ڄاڻندو هو ۽ کيس مذهبي، علمي ۽ ادبي بحث ڪرڻ
جو شوق هوندو هو.
فدا صاحب ديوانِ شاعر آهي، نه ته سندس ديوان شايع ٿيل آهي جو
معلوم ٿيو آهي ته سندس فرزندن کان هيٺ مٿي ٿي ويو
آهي ۽ نه ئي سندس گهڻو ڪلام ڇاپيل آهي، پر جيڪو
ڪلام مليو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
هو خوش گو غزل چوندڙ هو، هن جي غزل ۾ اهي سڀ
خوبيون موجود آهن جيڪي سٺي غزل ۾ هئڻ گهرجن.
ڪلام جو نمونو
(1)
جوابِ خط نه لکيو يار شايد،
وساريو پنهنجو ان اقرار شايد.
ڪيم انکي جو تاڪيدِ ملاقات،
انهيءَ تي بدگمان ٿيو يار شايد.
هتي اهڙو نه هو اهڙو ستمگر،
اتي ٻي طرح ٿيو دلدار شايد.
ڪري وعدو اچڻ جو ڪين آيو،
اچڻ دلبر کي ٿيو دشوار شايد.
نه آ زندان ۾ اڄ سو شور ۽ غل،
جهان ڇڏيو سندءِ بيمار شايد.
صبح لاڪر ڦري ٿي اک ”فدا“ جي،
پري رخسار ايندو يار شايد.
-
ٿي پرغم نرگسِ بيمار جي اک،
ڏٺائين ڪنهن پري رخسار جي اک.
کڻي هن طرح وڃ قاصد هي ڪاغذ،
پوي ان تي نه ڪنهن اغيار جي اک.
محبت جو نه وٺندو مور نالو،
ڏٺي جنهن عشق جي آزار جي اک.
لڳي دائم رهي ٿي در ۾ تولئه،
سندءِ هن زار دل افگار جي اک.
ڏٺو پورو ”فدا“ سو ڪين سپنو،
کلي وئي طالبِ بيمار جي اک.
-
غلام سرور ”فقير“
]10
جنوري 1886ع – 28، نومبر 1932ع[
ميان غلام سرور ولد ميان نور محمد قادري ذات جو ڄام هو تخلص
شروع ۾ ”حنيف“ پوءِ پنهنجي خاندان جي نسبت سان جن
کي عام طرح قادري فقير سڏيو ويندو آهي، پنهنجو
تخلص ”فقير“ رکيائين. سندس ڏاڏو ميان محمد صالح
ميان عبدالحق درازي جو مريد ۽ خليفو هو ۽ هڪ سٺو
شاعر هو، سندس ڪافيون، مولو وغيره اڄ تائين مشهور
آهن. سندس چاچو ميان غلام محمد ”گدا“ پڻ هڪ وڏو
شاعر هو. ميان علي محمد قادري سندس پڦاٽ هو.
لاڙڪاڻي ۾ هن خاندان شروع کان شعر و شاعري ۽ علم و
ادب جو ڏيو روشن ڪيو هو.
فقير پارسي شاعري جي ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي ميان غلام محمد
”گدا“ کان ورتي. جنهن جي وفات کان پوءِ ميان علي
محمد قادري سندس رهنمائي ڪئي. فقير جو والد ميان
نور محمد سهڻو خطاط ۽ خوش نويس ڪاتب هئو هن جا
ڪيترا هٿ لکيل ڪتاب سندس خاندان ۾ محفوظ آهن.
فقير اڃا ننڍو ئي هو جو سندس وڏو ڀاءُ ميان تراب علي عين جواني
جي وقت وفات ڪري ويو، هو روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي
هو جنهن ڏينهن وفات ڪيائين، ان وقت سندس
مختيارڪاري جو آرڊر اچي پهتو. ڀاءُ جي وفات کان
پوءِ فقير تي گهر جو بار اچي پيو، سنڌي فائينل جو
امتحان پاس ڪري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ پرائمري ماستر
ٿيو ۽ جلد ئي ٽريننگ ڪاليج پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ويو
جتان 1907ع ۾ ٽريننگ پوري ڪيائين ۽ ساڳي پرائمري
اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. هو تعليم کاتي ۾ ترقي ڪندو
اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل مقرر ٿيو.
فقير کي ننڍي عمر ۾ شاعري جو شوق هو. محمد هاشم مخلص 1904ع ۾
تحفئه احباب نالي رسالو ڪڍيو. ان جي ٽين پرچي ۾ هڪ
طرحي مشاعره ”ٿي ڏسي مدت کان تنهنجو عارضِ پورنور
شمع“ ۾ سندس غزل ملي ٿو، جنهن جو هڪ شعر هي آهي:
عاشق دلگير کي در کان ڪيو دلدار دور،
پتنگ کان پاسي رهڻ آهي ڪٿي دستور شمع.
ان وقت سندس عمر ارڙهن سال هئي ۽ ”حنيف“ تخلص هو. ميان علي محمد
”قادري“ سان گڏ فقير به بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي
بانين مان هو. سندس مختلف شاعرن سان دوستانه
تعلقات هن مشاعره کي زور وٺايو.
علامه آءِ.آءِ.قاضي 1925ع ۾ جيڪا پوئٽري سوسائٽي قائم ڪئي هئي،
تنهن جي لاڙڪاڻي واري شاخ جو روحِ روان فقير هو.
1919ع ۾ آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپور ميرس جي
موقعي تي منعقد ٿيل مشاعري ۾ قادري، فقير ۽ خادم
بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان شريڪ ٿيا هئا. فقير ان
موقعي تي ”نالئه عبرت“ جي عنوان سان هڪ زوردار نظم
پڙهيو هو.
1921ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا پهرين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي
هئي، ان جي بانين مان فقير هڪ هو، 1925ع ۾ آل سنڌ
محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي حيدرآباد ۾
جيڪا ٻي ڪل ادبي ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن ۾ فقير طرحي
غزل کان سواءِ ”نالئهِ دل“ جي عنوان سان هڪ نظم
پڙهيو هو جنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کان بيحد داد
حاصل ڪيو هو.
1924ع ۾ ”فقير“ ڪربلا معليٰ ۽ مشهد مقدس جي زيارتن کان مشرف ٿيو
هو.
1922ع ۾ قادري ۽ فقير گڏجي لاڙڪاڻي ۾ قادريه پرنٽنگ پريس ۽
الحقيقت اخبار جاري ڪئي. اخبار تي ميان غلام عباس
”جوش“ جو نالو بطور ايڊيٽر لکيل هوندو هو پر ڪم
سارو ”فقير“ سنڀاليندو هو. الحقيقت پنهنجي دور جي
نهايت مقبول اخبار هئي، جنهن سنڌي ادب خاطر عروضي
شاعري ۽ غزل جي ترقي لاءِ سياسي، سماجي خدمتن سان
گڏوگڏ ڪم ڪيو. علي محمد راشدي لکي ٿو، ”بطور
ايڊيٽر جي نالو ڪنهن جو به هو، مگر اخبار جا
ايڊيٽوريل مرحوم غلام سرور صاحب قادري لکندو هو.
پاڻ سرڪاري ملازمت ۾ هو تنهن ڪري پنهنجي نالي ۾
مضمون ڪونه لکي ٿي سگهيو. مضمون پختا هوندا هئا پر
طويل، زبان شاعرانه بلڪه عاشقانه، اشارا ڪنايا،
خفيف نوڪ جهوڪ ۽ علم مجلسي مان اردو پارسي، حتاڪ
هر جملي جي ابتدا خواهه انتها ڪنهن نه ڪنهن شعر
سان پئي ٿيندي هئي“
(1).
فقير پنهنجي اخبار نويسي جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
ناهه بيڪار فقير آهه گهڻن شغلن ۾،
شغل اشعار جدا، شعل آ اخبار جدا.
فقير کي نومبر 1932ع ۾ سردي لڳي گهڻين ڪوششن جي باوجود ڪو فرق
نه ٿيو، ٻه ٽي ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ سندس روح
جو پکي پرواز ڪري ويو. سندس وفات تي ڪيترن شاعرن
مرثيه ۽ قطعه تاريخون لکيون جن مان ڪي هي آهن: 2
جون 1932ع تي بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان طرح هئي:
”نه بعد مرگ ڪڏهن آيو منهنجي تربت تي“
هدايت علي نجفي ان طرح تي جيڪو غزل لکيو هو ان ۾ ”فقير“ جي وفات
جي تاريخ هيئن بيان ڪئي آهي:
لڏي ويو مشفق غلام سرور هاءِ،
ڇڏي ويو بزم سخن غم ۾، پنهنجي رحلت تي.
سندس وفات جو سن پايئه فضيلت بود،
1351 هه
هجي مقيم الاهي بهشتي نعمت تي
(1).
سردار عبدالباقي سندس وفات تي پارسي ۾ مرثيو لکيو جنهن جو مطلع
۽ تاريخ وفات ۾ چوي ٿو:
اي اجل هيچڪس از چنگِ تو آزاد نه شد،
خانہء نيست که از جور تو برباد نه شد.
بود از هفتد دوشنبہ ز رجب بيست و هشت،
کرد رحلت ز عزيزان ڪسي شاد نه شد.
سنه سہ صد و پنجاه و يک از هجرت بود،
سوئي فردوسِ برين شد غمش از ياد نه شد
(2).
ميان علي محمد قادري ”تاريخ وفات مرحوم ميان غلام سرور متخلص به
فقير“ جي عنوان سان هيئن بيان ڪئي آهي:
خوش خوئي نيڪ انسان مرغوب زمانه
دردا غلام سرور داناءِ سخنور
بلبل به آه و افغان ميگفت به بستان
آن صاحبِ فضيلت پرنور زرحمت
آمد بسال وصلش آواز زهاتف |
آن سرو باغ عرفان مرغوب زمانه
افسوس شد زدوران مرغوب زمانه
اي واءِ رفت انسان مرغوب زمانه
رفت از جهان به ايمان مرغوب زمانه
اي قادري بديسان مرغوب زمانه. |
مرغوب زمانه
1351 هه
محمد هاشم مخلص فقير جي وفات تي هيٺيون پرسوز مرثيو لکيو هو:
ٻڌم يڪا يڪ هي آهه لاڙڪاڻي کان،
ستم هي ڪهڙو ٿيو اڄ ته چرخِ اخضر جو.
ٿيو زمين ۾ غائب سو آفتابِ سخن،
زبون حال اسان جي ٿيو مقدر جو.
هئي جنهين جي ذات کان بزم مشاعره روشن،
نشان ڏسجي نه ڪو تنهن غلام سرور جو.
عجيب شعر سندس ۽ عجيب نڪتا هئا،
مزو مليو ٿي تنهين مان شهد شڪر جو.
هو دوستن جو دوست، يار يارن جو،
ملي مثال نه ان مرد مهر پرور جو.
ڪيائين عمر سڄي صرف حبِ حيدر ۾،
هو مدح خوان سدا ان جي آلِ اطهر جو.
الاهي روزِ جزا ۾ بحرمت حسنين،
ٿئي او خادم مولا جي حوضِ ڪوثر جو.
سندس قبر تي سدا سايو پنجتن جو رهي،
اهو سوال ٿيو مخلص جي قلبِ مضطر جو
(1).
”فقير“ پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر هو، جنهن جو اظهار سندس وقت
جا همعصر شاعر ۽ عالم ڪندا رهيا آهن. جهڙي ريت
محمد هاشم مخلص جي مرثيه مان ظاهر ٿئي ٿو.
جڏهن الحقيقت اخبار جاري ٿي هئي ته مرزا قليچ بيگ ان جي قطعه
تاريخ لکندي فقير کي هنن لفظن ۾ تحسين پيش ڪئي
هئي:
الحقيقت جاري ٿي اخبار واهه،
لاڙڪاڻي مان ۽ سڀڪنهن سا پڙهي.
ملڪ جو احوال سڀ معلوم ٿيو،
سنڌ ۾ هر طرح علميت وڌي.
مهتمم ان جو مقرر ٿيو فقير،
آهي مشهور شاعر قادري.
عالم ۽ فاضل وڏو ٿيو سو جڏهن،
”فاضلِ اعظم“ تڏهن تاريخ ٿي
(1).
1340 هه
پير علي محمد راشدي ”فقير“ لاءِ لکي ٿو، ”بطور شاعر نهايت پخته
گو تسليم ڪيو ويندو هو. مزاحيه قصيدن ۽ اردو طرز
جي پارسي آميز سنڌي غزلن لکڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل
هوندو هوس، مجلس جو مور هو، جت هوندو سندس شخصيت
هر طرح پئي محسوس ٿيندي“
(2).
پير حسام الدين لکي ٿو، ”نواز علي نياز کان سواءِ لاڙڪاڻي جي
مشاعري جو ٻيو مکيه شاعر ميان صاحب مرحوم هو. جنهن
کي گهڻي ۾ گهڻو داد ملندو هو ۽ جيڪو سچ پچ ته غزل
به سهڻو ۽ سٺو چوندو هو“
(3).
ميمڻ عبدالمجيد پنهنجي مقالي ”لاڙڪاڻي شهر جا شاعر“ ۾ چوي ٿو،
”سنڌ ۾ عروضي شاعري کي هن بزرگ جي هٿان وڏي ترقي
حاصل ٿي. بزم مشاعره کي هن بزرگ ۽ سندس عزيز ميان
علي محمد قادري رواج ڏنو“
(4).
حافظ محمد احسن چنا جو فقير بابت چوڻ آهي ته، ”بحر بيڪران هئا،
عروضي فن ۾ ساڻن ڪو همسر نه هوندو هو.“
فقير جيتوڻيڪ ڪيترا سٺا نظم به لکيا آهن پر هو شاعر هو غزل جو،
غزل هن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل هو. هن جي خيالن ۾
نه صرف پوپٽ جي پرن وانگر رنگيني آهي پر هن جي
خيالن ۾ بهار ۾ مختلف رنگن جي ٽرندڙن گلن واري
گهڻائي به آهي. هي اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي دور
جي غزل ۾ وسعت پيدا ڪئي. سندس ڪلام ۾ شگفتگي، شوخي
۽ ڪشش آهي. سندس انداز دلفريب ۽ بااثر آهي.
عبدالرزاق راز سندس غزل جو تجزيو هنن لفظن ۾ ڪيو
آهي ”فقير پنهنجي شاعري ۾ اهڙين حقيقتن جو اظهار
ڪيو آهي جي ازلي ۽ ابدي آهن ۽ هر ڪنهن انسان جي دل
جي ترجماني ڪن ٿيون“
(1)
ڪلام جو نمونو
(2)
دلبر وفا نڀائي تو اقرار جي طرح،
اقرارِ وصل ٿو ڪري انڪار جي طرح.
ديدار تنهنجي لاءِ اي پرده نشين صنم،
ويٺس گهٽيءَ ۾ سايئه ديوار جي طرح.
داغِ فراق تنهنجي کان اي رشڪِ گلستان،
سينو ٿيو سندم آهي گلزار جي طرح.
جلدي بغل مان تون ته وئين منهنجو هوش پڻ،
تنهنجي پٺيءَ ويو تنهنجي رفتار جي طرح.
مرڪز منهنجي مراد جو گهر آهي يار جو،
چوطرف ان جي ٿو ڦران پرڪار جي طرح.
عالم ۾ عشق پنهنجو اي دل جمال خو،
ظاهر آ راز طره دستار جي طرح.
خوش خو وڻي ٿو سڀ کي جيئن گل آ جنهن ۾ بو،
بدخو چڀي ٿو دل جي اندر خار جي طرح.
ڪاڏي وڃي ”فقير“ ڇڏي توکي اي سڄڻ،
قدمن تنهنجن سان گڏ آهي پيزار جي طرح.
-
|