سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :13

 

خوش محمد ”خاطي“

 

خوش محمد ”خاطي“ شڪارپور جو رهندڙ هو ۽ شايد ماستر هو. پنهن جي وقت جو مقبول شاعر هو ڪيترن شاعرن جي غزلن تي غزل چيا اٿس ۽ ڪيترن شاعرن هن جي غزلن تي غزل چيا آهن.

 

عبدالواحد سائل هڪ غزل خاطي ۽ محمد صديق (شڪارپوري) جي غزل جي جواب ۾ چيو جنهن جا ڪجهه شعر هي آهن:

 

مڪن تڪيه برين دنيا ڪ بيشڪ بي بقا آهي،

حياتيءَ تي نه رک دعويٰ که اجلش در قفا آهي.

 

ڏٺم صديق خاطي کان غزل مضمون ملاحت سان،

تن جي ڪاڻ از دل جان هزارين مرحبا آهي.

 

ڪلام جو نمونو

 

ڪيئن نه منهن جي دل سڙي جو مون سان ياڪي يار ٿيو

آشنا يڪدم وڃي هاڻي سندم اغيار ٿيو.

 

هاءِ مون ڪنهن سان ڪريان هن درد ۽ ڏک جو بيان،

جيءُ پيو جنجال ۾ ۽ دل تي غم جو بار ٿيو.

 

ويڄ منهنجو حال تون ڇا ٿو ڏسين مون کي نه چئو،

ڪي تون ڄاڻين ٿو جو پيدا هي ڪٿان آزار ٿيو.

 

دمبدم سهڻا سڄڻ سائين سڙان ٿو سوز ۾،

عشق تنهن جي ۾ مٺل احوال منهنجو زار ٿيو.

 

مهوشا مفتون پنهن جي تي نظر ڪا ٻاجهه جي،

جي نه پنهن جي رخت کي غم کان متان بردار ٿيو.

 

رات هادي غيب کان آواز مون کي هي ڏنو،

خاطيا جيڪو حسد توسان ڪندو سو مار ٿيو. (1)

-

مهوشا ناز سندي جلوهه برابري گهرجي،

باغ جي درسن لئي ترت تياري گهرجي.

 

سنبل و سرو وسمن لاڏ منجهان لاف هڻن،

لاءِ رسوائي انهن جي بي طراري گهرجي.

 

لاڏ سان يار وري آءُ اڱڻ تي منهن جي،

عاشقن جي جي رضا لاءِ سچاري گهرجي.

مي و گل و مطرب و ساقي همه موجود ڪنون،

اي رفيقا به خدا جام شماري گهرجي.

 

نقد هستي جي هٿن کان تون ڦٽي ڪر دانا،

چست ٿي دوست مٿان جانِ نثاري گهرجي.

 

انما انطفر من الله لمالڪ الا شع

خاطيا پرت منجهان برد باري گهرجي. (1)

-

شمس الدين ”عاصي“

شمس الدين تخلص ”عاصي“ شڪارپور جو ويٺل هو. سندس ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هو غزل جي مزاج جو نبض شناس هو. هن سنڌيءَ ۾ غزل کي پنهن جين جمله شوخين ۽ نزاڪتن سان بيان ڪيو آهي ۽ عشق جي حقيقتن ۽ حڪايتن کي نهايت رنگين انداز ۾ اظهار ڪيو آهي.

 

ڪلام جو نمونو

ڏڪي ٿو ڏيل سندم زلف جو ڪمند ڏسي،

مثال مال سيهه موئي جو گزند ڏسي.

 

چمن ۾ سرو خرامان خجل ٿيو لاشڪ،

صنم جي قيامتِ دلجوءِ ۽ بلند ڏسي.

 

سدا جلائن پروانه جان نماڻا جان،

مثالِ شمع رخِ يار ارجمند ڏسي.

 

زخارِ هجر تو بلبل صفت هي نالم،

ملج گلِ رخ هيءُ حال دردمند ڏسي.

 

هڻي ٿو خنجر ڪاوڙ سندو جفا پرور،

مدام مون کي سو مشتاق مستمند ڏسي.

 

رسيد برگر دلم زير بار سنگِ الم،

رقيب ساڻ محبت سندس دوچند ڏسي.

 

جهان توکي جس جس چوي ادا ”عاصي“

عجيب تنهنجا اشعار دلپسند ڏسي (1).

-

 

 

عشق جو دل ۾ وري ڏس ڪيئن اثر پيدا ٿيو،

باغ ۾ تنهن جي محبت جو شجر پيدا ٿيو.

 

هاڻ هڪڙي آهه دلجي سوز کان ڪئي آهه مون،

شهر ساري ۾ وري شور و شر پيدا ٿيو.

 

رات هئي هئي ڊوهه سان چاڙهي ويا منهنجو پنهون،

عيش سرتيون سڀ ويو، موٽي هجر پيدا ٿيو.

 

ساڻ بيگانن رکي ٿو آشنائي دوست مون،

غم اندر جنهن جي ٻهر شام و سحر پيدا ٿيو.

 

ڏيم ڏس قاصد ادا مون کي پرين جي پار جو،

شوق تنهن جي ڏسڻ جو بارِ دگر پيدا ٿيو.

 

عاصيا رهه شاد هاڻي غم فڪر ڪوئي ٻيو،

اڄ سندءِ ايوان ۾ رشڪِ قمر پيدا ٿيو (1).

-

 

 

 

محمد عظيم ”عاصي“

ميان محمد عظيم تخلص ”عاصي“ 1878ع ۾ مير مهاري ۾ اسڪول ماستر هو. ڪڏهن ڪڏهن غزل جي گلزار ۾ خوش بياني ڪندو هو.

ڪلام جو نمونو

 

عرض ڪر تون اي صبا سردار کي،

صاحبِ معراج سرور ڄام کي.

 

ڪر ادا اول سلامم عجز سان

پوءِ هنجون هاري چئج مختار کي.

 

آهه مسڪين هڪڙو عاجز نحيف،

رات ڏينهن يڪسان رڙي ديدار کي.

 

هجر تنهن جي ۾ هڄي، جهوري جهڄي،

ناهه ڪو ٻيو آسرو بي نام کي.

 

لڳ ڌڻي ڪج تو مشرف پسڻ سان،

هن نماڻي نڌر دل افگار کي.

 

خود خدا مادح ٿيو قرآن ۾،

تو سندي نرمل سڄڻ اوصاف کي.

 

سيدا عاصي گناهن ۾ گتو،

ڪڍ ڪرم سان تنهن بندي بيڪار کي (1).

-


(1)  سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 20 سيپٽمبر 1878ع.

(1)  ”شاعران شيرين بيان“ ص 43، قلمي ملڪيت، مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد.

(1)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر ”سڀ رنگ“ ص 211، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1968ع.

(1)  ”سنڌ سڌار“ ص 2، تاريخ 29، نومبر 1878ع.

(1)  ”سنڌ سڌار“ ص 2، تاريخ، 25 آڪٽوبر 1878ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org