سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :43

 

شيخ عبدالله ”عبد“

 

 5 ] مارچ 1910ع – 26 نومبر 1973ع[

شيخ عبدالله ولد عبدالواسع تخلص ”عبد“ ڪراچيءَ جي ان وقت جي هڪ ننڍڙي محلي نو آباد ۾ تولد ٿيو. سندس والد جو هڪڙو ننڍو ملا اسڪول اتي هوندو هو جنهن ۾ هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي والد صاحب جي وفات کان پوءِ پاڻ ان اسڪول جو مهتمم ٿيو مگر ان سان گڏ پنهنجي تعليم جاري رکيائين. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ بي.ٽي ڪيائين جنهن ۾ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. سرڪاري نوڪري ۾ گهڙڻ کان پوءِ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ٽريننگ ڪاليج فارمين جي پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿيو، ترقي ڪري تعليم کاتي ۾ پلاننگ آفيسر ٿيو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ رٽائر ڪيائين. نوڪري جي سموري وقت ۾ هو هڪ ڪامياب استاد ٿيو ۽ سنڌ ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪيائين.

 

عبد هڪ پختو شاعر، قابل تنقيد نگار ۽ ابتدائي دور جي افسانن لکندڙن مان هو. کيس اهو علمي شوق والد صاحب جي تربيت هيٺ حاصل ٿيو. شاعري ۾ زمان شاهه ساقي جي صحبتن هن ۾ وڌيڪ چاهه پيدا ڪيو ۽ ڪراچيءَ جي هڪ اردو شاعر افسر صديقي کان عروض جي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ مشقِ سخن به جاري رکيائين.

هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا غزل بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ موڪليندو هو، اڳتي هلي هن پنهنجي والد واري مدرسي ۾ ننڍڙي مشاعري جو بنياد وڌو (2). جتي ڪيترائي نامور اديب، بلند پايه ۽ مشهور شاعر ۽ ادبي ذوق رکندڙ حضرات اچي گڏ ٿيندا هئا. ٻاهران آيل شاعرن سان گڏوگڏ مقامي شاعر به چڱي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا هئا (1).

 

هو بزمِ ادب ڪراچيءَ جي مشاعرن ۾ به شريڪ ٿيندو هو، 1933ع ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي جو جن بزرگن بنياد وڌو هو، هي انهن مان هڪ هو. شيخ عبدالله کي ان جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو هو (2).

 

جڏهن ڊاڪٽر دائود پوٽو سنڌ جو ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي آيو ته هن محسوس ڪيو ته درسي ڪتابن ۾ اکرن جي مٿان اعرابن لڳائڻ سان لفظ جي صحت ۽ ٻارن لاءِ آساني ٿيندي، 1939ع جو زمانو هو ساري ملڪ ۾ هندو مسلم ڪشيدگي زور هئي. هندو پريس ان ڳالهه کي آسمان تي کڻي کنيو ۽ سخت مخالفت ڪئي. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ سموري هلچل جو نهايت استقلال سان مقابلو ڪيو ۽ ان مقابلي ۾ شيخ صاحب ڊاڪٽر جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ هندو پريس جي اعتراض جا مدلل جواب ڏنائين.

1958ع کان پوءِ پاڪستان سرڪار نئين سر درسي ڪتابن لکائڻ بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون مقرر ڪيون، سنڌي ڪتابن لاءِ جيڪا ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، شيخ عبدالله ان جو هڪ ميمبر هو. شيخ صاحب کي مختلف درسي ڪتابن لکڻ لاءِ مضمون جي بورڊ تي به مقرر ڪيو ويو جتي محمد اسماعيل عرساڻي، اياز قادري ۽ ٻين رفيقن سان گڏجي ڪتاب لکيائين (3). سنڌ ۾ افساني جي شروعاتي دور ۾ هن ڪجهه افسانا به لکيا جن مان اسڪول ماسترياڻي، اتفاق ۽ مزيدار ڀل پنهنجي وقت جا مقبول افسانا هئا.

 

”عبد“ جا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سان علمي، ادبي ۽ دوستانه گهرا تعلقات هئا. سيوهاڻي جڏهن ”اصلاح“ هفتيوار اخبار جاري ڪئي ته کيس به ادارت ۾ شامل ڪيائين.

 

”عبد“ کي سنڌ جي پهرين تنقيد نگارن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هن ان دور جي ادب خاص طرح شاعري تي سخت تنقيدي مضمون لکيا. هن جا تنقيدي مضمون ان وقت جي اخبارن ”الوحيد“، ”اصلاح“ وغيره ۾ پارکو جي نالي سان شايع ٿيندا هئا.

 

عبد خوش ذوق، خوش گو ۽ خوش فڪر شاعر هو. هو غزل کان زيادهه نظم جو شاعر هو پر هن جا غزل شوڪتِ زبان، وسعتِ خيال ۽ اندازِ بيان سبب پنهنجي حيثيت رکن ٿا. هن جي غزلن جو شروعاتي دور غمِ جانان وارو هو پر اڳتي هلي هن انهن ۾ مسلم قومي رنگ ڀريو. سندس هڪ قومي نظم ”هڪ شرط“ مخلص پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪري هيٺيان تعريفي نظم لکيو هو جنهن جا ٻه شعر هي آهن:

 

مرحبا خوب چيو عبد تو هي آهه ڪلام،

مغز شعراءِ جهان جنهن کان معطر ٿي پون.

 

آهي رنگ نرالي ۾ عجب تنهنجو خيال،

جنهن تي تعميل مان ميدان سڄو سر ٿي پوي (1).

 

عبد سنڌي ادب ۾ پنهنجا پختا نشان ڇڏي 1973ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي هجري ۽ عيسوي تاريخ عبدالله اثر هنن قطعي ۾ بيان ڪئي آهي.

 

اي اثر عبد فاضل دوران،

سوءِ جنت سو علم پرور ويو.

فڪرِ تاريخ تي چيو هاتف،

طوطئي دهر نيڪ محضر ويو.

1393 هه


 

ويو الله جو هڪ نيڪ ٻانهو،

ٿئي نازل ٿي ان تي حق جي رحمت.

 

ملي وئي اي اثر هن مردِ حق کي،

نومبر جي ڇويهين نعمتِ حق (1).

1973ع

 

ڪلام جو نمونو (2)

 

هجر ۾ آهه و فغان اي دلِ ناشاد نه ڪر،

لطف الفت جو آهه ته فرياد نه ڪر.

 

مرحبا ذوقِ خرابي، تنهنجي بربادن جو،

يا خدا عشق جي ويراني کي آباد نه ڪر.

 

حسرتون، درد ۽ ارمان منهنجي دل ۾ ٿا رهن،

هاءِ هن خانئه آباد کي برباد نه ڪر.

 

ڏس متان اي دلِ نادان، هو ناراض ٿئي،

هن جي اڳيان تون ڪو ذڪرِ قدِ شمشاد نه ڪر.

عشق مزدوريِ خسرو کان بلند آهي بلند،

عاشقن وٽ ڪا ثنا خوانيِ فرهاد نه ڪر.

 

يار جي جور و جفا جي هي شڪايت ڇو عبد،

ظلم سهه ظلم، مگر شڪوهِ بيداد نه ڪر.

-

بي پردهه اڄ جو روءِ بت سيمتن ٿيو،

وحشت ۾ چاڪ چاڪ منهنجو پيرهن ٿيو.

 

هڪ رنگ تي ڪڏهن نه رهيو منهنجي گل جو رنگ،

غنچو ٿيو، گلاب ٿيو ياسمن ٿيو.

 

هن شوخ دلربا جي ڏسي ظلم و زور کي،

غرق آب انفعال ۾ چرخِ ڪهن ٿيو.

 

اي شيخ اهڙو آهيان مان بت پرست جو،

ادنيٰ مريد در جو سندم برهمن ٿيو.

 

اي ”عبد“ فڪر روز قيامت جو تون نه ڪر،

داور به روزِ حشر جو آ ذولمنن ٿيو.

-

 

ضياءُ الدين ”ضيا“

]15 ڊسمبر 1910ع – 14 سيپٽمبر 1966ع[

رئيس ضياءُ الدين ”ضيا“ سنڌ جي مشهور شاعر شمس الدين ”بلبل“ جو فرزند هو. سندس ولادت ان دور جي مشهور عالمِ دين، اهل الله ۽ مجذوب دريش غلام محمد سوڍر جي دعا سان ٿي. سندس والد جي وفات کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت جو بار پڻ درويش غلام محمد سوڍر سنڀاليو.

 

ضيا تعليم لاءِ ٻه سال لاڙڪاڻي ۾ رهيو ۽ اتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي والد جي دوستن ميان علي محمد قادري، ميان غلام سرور فقير ۽ حاجي محمود ”خادم“ جي صحبتن مان فيض حاصل ڪيائين ۽ بزم مشاعره جي محفلن کان روشناس ٿيو.

 

1938ع ۾ ايم.اي (فلاسافي) ۽ ايل.ايل.بي جا امتحان علي ڳڙهه مان پاس ڪيائين. 1943ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جو پهريون ڪاليج ”سنڌ مسلم ڪاليج“ قائم ٿيو، جنهن ۾ ”ضيا“ منطق ۽ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو مگر اتان جلد نوڪري ڇڏي اچي دادو ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. ڪجهه وقت دادو جي بار ائسوسيئيشن جو صدر ٿي رهيو (1).

 

ضيا کي پنهنجي والد وانگر پنهنجي ٻولي ۽ ادب سان پيار هو. هن پنهنجي والد جي ياد ۾ ميهڙ ۾ ”بزم بلبل“ قائم ڪئي. جنهن جي ماتحت ماهوار مشاعرا ٿيندا هئا. انجمن آفتاب ادب دادو جو صدر ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جو وائيس پريزيڊنٽ هو ۽ قلندر لال شهباز ميموريل ڪاميٽي جو سرگرم رڪن هو.

 

هو ڪجهه وقت ”اديب سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ آخري وقت ۾ هڪ هفتيوار اخبار ”تنظيم عوام“ پڻ جاري ڪئي هئائين (1). 1944ع ۾ دادو ۾ ڪوٺايل ستين ادبي ڪانفرنس جي صدارت ”ضيا“ ڪئي هئي (2)

 

هن جي ڪوشش سان 1948ع ۾ ميهڙ ۾ نائين ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين پاڻ هو (3).

 

”ضيا“ 14 سيپٽمبر 1966ع تي دادو ۾ رحلت ڪئي. سندس وفات جو هجري سال مولوي دين محمد اديب هيٺين قطعه ۾ ڪڍيو آهي:

 

چو رفت از ما ضياءُ الدين بلبل،

به بستانِ جهان شد شوروغلغل.

 

به دنياي ادب غم گشت طاري،

شده ”شفته تر“ قمري وصلصل (4).

1386 هه

ضيا جي شاعري تي پنهنجي والد جي شاعري وانگر پند ۽ نصيحت جو رنگ زياده غالب هو. سندس غزلن جو به اهو انداز هو. ضيا قديم مڪتبِ فڪر جو هڪ سنجيدو نمائندو هو (5). ضيا صاحب جي شاعري نه رڳو باغ و بهار، گل و بلبل، شمع و پرواني جي شاعري هئي پر قومي ۽ ناصحانه رنگ به هن جي ڪلام ۾ گهڻو ملي ٿو (6).

 

ڪلام جو نمونو

حرص و هوس جي واءُ نه دل جي وساءِ شمع،

ڪاري آ ڪاڪ ۾ نه گذارو سواءِ شمع.

 

ساقي تي، مي سبو تي نظر هئي سڀن جي پر،

پرواني ٿي ڏٺو نه ٻيو ڪجهه سواءِ شمع.

 

وڌندي وڃي ٿي رات، ته ٻڏندي وڃي ٿي دل،

آيو نه شمع رو ته، مگر تون نڀاءِ شمع.

 

توکان ضيا ملي هي زماني کي روشني،

رهندو جگر جو داغ ٿي روشن بجاءِ شمع (1).

-

آهه روٽي جي نه پر دل جي بک،

آ ورايو ڪذب ڪس باطل جي بک.

 

ڪين برڪت آهه بسم الله جي،

ٿي لهي تڏهين نه ڪا جاهل جي بک.

 

آ نئين تهذيب هونءَ بيشڪ ”ضيا“

پر رڳي آندي اٿس گڊول جي بک (2).

-

ڪهڙو کاڌو نه وقت آ ڦيرو،

ٻڪري ڪسجي ٿي جي کپي جيرو.

 

آهه ڪپڙو لٿو اڇو اجرو،

آهه ميرو جي ڪجهه ته تن ميرو.

 

چاءِ بسڪوٽ سان کپي نيرن،

ڇا جو ڏڌ جو وٽو مکڻ ٽيرو.

 

آيو مصلح ٿي جهيڙو ٽارڻ جو،

پاڻ ڏيندو ويو سو وڌ ڇيرو.

 

آهه دستور ٿي وئي اوندهه،

آڻي خالق ”ضيا“ جو ڪو ويرو (1).

-

 

انور علي شاهه ”اظهر“ گيلاني

]11 آڪٽوبر 1915ع – [

 

سيد انور علي شاهه ولد اصغر علي شاهه تخلص ”اظهر“ تعلقي گهوٽڪي لعلو واري ڳوٺ ۾ تولد ٿيو، مختلف سببن جي ڪري وڏي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي سان پنهنجي علم ۾ گهڻو اضافو ڪيو اٿائين.

 

اظهر مختلف هنڌن تي نوڪريون ڪيون آهن، جن مان هن ماسٽرس وائس (رڪارڊنگ) ڪمپني ڪراچي ۽ ينگ انڊيا رڪارڊس ڪمپني بمبئي قابلِ ذڪر آهن. هو ٻنهجي ڪمپنين کي گيت لکي ڏيندو هو جيڪي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويندا هئا.

 

اظهر کي صحافت سان دلچسپي رهي آهي جنهن ڪري هن مختلف وقتن تي مختلف اخبارون ڪڍيون آهن. جن مان عالمگير هفتيوار (لاڙڪاڻه) ۽ ذوالفقار هفتيوار (گهوٽڪي) مشهور آهن. ذوالفقار ۾ مختلف مشاعرن جون وقت بوقت ڪارروايون ۽ سنڌ جي مختلف شاعرن جا غزل شايع ٿيندا رهيا آهن.

 

اظهر گهوٽڪي ۾ ”بزمِ تارڪ“ جو پايو وجهي ڪيترن سالن کان مشاعرا منعقد ڪري رهيو آهي. هن ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ شايع ڪيا آهن. جن مان 1. آواز عشق، 2 سخن بي نظير، 3. سريلا سخن. 4. رعدِ اظهر چڱي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.

اظهر جو بزم مشاعره لاڙڪاڻه، جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽ بزم طالب الموليٰ سان گهرو ناتو رهيو آهي.

اظهر جيتوڻيڪ نظم، ڪافيون، مسدس ۽ مخمس وغيره لکيا آهن پر هو غزل جو شاعر آهي. هن جي غزل ۾ رواني ۽ جوش آهي. هن جا غزل قديم رنگ جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سندس غزلن ۾ محبت ۽ عشق، فراق ۽ هجر، وصل ۽ ميلاپ جون حڪايتون ۽ شڪايتون آهن. هاڻي مجازي شاعري کان منهن موڙي اهلبيت جي شان ۾ لکندو رهي ٿو ۽ پاڻ کي ”شاعرِ اهلبيت“ جو لقب ڏنو اٿائين.

 

ڪلام جو نمونو (1).

نه هڪ جهڙي رهي حالت ٿي ڪنهن جي هن زماني ۾،

قفس ۾ ڪلهه هئو جيڪو، ٿو ڏسجي آشياني ۾.

 

خرد جي رهبري ۾، ڪاروانِ زندگي ڀٽڪيو،

جنون کي آفرين چئجي، رکي جنهن لڄ زماني ۾.

 

 

ڪڏهن پي ناوڪِ نازِ بتان جڳ ۾ خطا ٿيو آ،

اشارو ٿو اچي پورو، لڳو دل جي نشاني ۾.

 

سياڻپ ۾ نه سڌ پيئي، پرائي پنهنجي جي ”اظهر“،

کري کوٽي کي سمجهيوسين چريائي جي بهاني ۾.

-

نظر نظر سان لڙي آ، نظر کي ڇا چئجي،

قصوروار ڪئي دل، اثر کي ڇا چئجي.

 

هو آيو آهه عيادت لاءِ غير سان گڏ،

ڪرم ستم جي برابر، ڏمر کي ڇا چئجي.

 

صداءِ قيس مسلسل ڪنن ۾ گونجي ٿي،

اگر ڪو گهر ٿئي صحرا ته گهر کي ڇا چئجي.

 

وڃائي واٽ تي ڪاغذ زباني حال ڏنئه،

قصور بخت جو آ، نامه بر کي ڇا چئجي.

 

مدار هوش و خرد تي سڄو رکيو نادان،

ٻڌايو اظهرِ آشفته سر کي ڇا چئجي.

-


(2)  ”مهراڻ جا ماڻڪ“ ص 114، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي، شيخ عبدالله مضمون ”منهنجون يادگيريون“.

(1)  ”مٽي لڌو مان“ اياز قادري ص 88، علي محمد بلوچ، مضمون ”لياري جو هڪ ناقابل فراموش فرزند.“

(2)  الحقيقت هفتيوار ص 67، آڪٽوبر 1933ع.

(3)  مٽي لڌو مان، ص 79، محمد اسماعيل عرساڻي مضمون ”مرحوم شيخ عبدالله عبدالواسع ”عبد“.

(1)  مسلمان هفتيوار ص 1، تاريخ 10 نومبر 1927ع.

(1)  ”بياض اثر“ قلمي ملڪيت نظام الدين چانڊيو لاڙڪاڻو.

(2)  ”بياض عبد“ قلمي ملڪيت شيخ عبدالحليم ”جوش“ ڪراچي.

(1)  محبوب علي چنا، ”نئين زندگي“، ص 6، ماهه ڊسمبر 1966ع، مضمون ”مرحوم ادو ضياءُ الدين بلبل“.

(1)  غلام محمد گرامي ”ويا سي وينجهار“ ص 227، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع.

(2)  اديب سنڌ، ص 38، ڊسمبر 1944ع، مضمون ”آل سنڌ مشاعره ڪانفرنس دادو.“

(3)  محمد علي جوهر ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ ص 29، سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 1973ع.

(4)  الرحيم ماهوار، ص 88، نمبر 3، سال 1966ع.

(5)  محسن ڪڪڙائي نئين زندگي، ص 15، نومبر 1966ع.

(6)  محمد ابراهيم شيخ خليل، نئين زندگي، ص 48، جنوري 1967ع، مضمون ”رئيس ضياءُ الدين ضيا“.

(1)  نئين زندگي، ص 25، مارچ 1953ع.

(2)  نئين زندگي، ص 18، مارچ 1954ع.

(1)  نئين زندگي، ص 35، جون 1955ع.

(1)  ”ديوان اظهر“ قلمي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org