ارجن ”شاد“
]17،
ڊسمبر 1924ع –
[
ڊاڪٽر ارجن پٽ گوبند رام ميرچنداڻي جو اصل وطن لاڙڪاڻو آهي،
جتان ورهاڱي کان پوءِ لڏي بمبئي ۾ اچي رهيو آهي
جتي هو سنڌين طرفان قائم ڪيل جئه هند ڪاليج ۾ سنڌي
ادب جو پروفيسر ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ آهي. هن کي
”سنڌي غزل“ جي موضوع تي ٿيسز پيش ڪرڻ ڪري بمبئي
يونيورسٽي طرفان پي.ايڇ. ڊي جي ڊگري ڏني وئي آهي.
ارجن ”شاد“ ساهتيه ايڪيڊمي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر آهي، ان جي
پاران شايع ٿيندڙ ”انسائيڪلوپيڊيا“ لاءِ معلوماتي
مواد پڻ لکندو آهي.
ارجن ڀارت جي مقبول سنڌي شاعرن مان هڪ آهي. سندس هيٺيان ڪتاب هن
وقت تائين شايع ٿي چڪا آهن.
1. آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ (نظم)
2. ڏاهيون ڏک ڏسن (آپيرا)
3. بيوس ۽ نئون دور (تنقيدي مقالو)
4. تپسيا جون روشنيون (نئون نظم)
5. 1968ع ۾ سندس ڪتاب ”وولگا جي ڪناري“ لاءِ نهرو امن انعام
مليو هو
(1).
شاد اڄ ڪلهه نئين ڪويتا يا نظم طرف گهڻو مائل آهي پر هو غزل جو
به پختو ۽ عمدو شاعر آهي. هو هڪ حساس طبيعت شاعر
آهي. هن جي حساس طبيعت جتي زندگيءَ جي امرت جا پر
پيالا پيش ڪري ٿي اتي زندگيءَ جي وهه جون وٽيون به
آڇي ٿي. ڇاڪاڻ ته زندگي صرف گلن جي سيج آهي، تنهن
ڪري هن جي غزل ۾ گل به آهن ته ڪنڊا به آهن، هن جي
غزل تي خارجي تاثر ڪافي آهي. شاد جا خيال پرڪشش ۽
ٻولي وڻندڙ آهي.
ڪلام جو نمونو
(2)
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اڏڻ ڏيو،
اصلي وطن جي ڀي زمين کي ڏسڻ ڏيو.
هن روح جي ڪڙيءَ کي نه ورثي کان ڪاٽجو،
ڦٿڪي رهي آهي قوم انهيءَ کي جيڻ ڏيو.
هستيءَ جي گم ٿيڻ جو نه پيدا گمان ٿئي،
منهنجي ڪنن ۾ شاهه جي ٻولي ٻرڻ ڏيو.
سنڌوءَ جي ڌارا ڌار رهي ڪانه ٿي سگهي،
ساري نديءَ جي آب کي جهر جهر هڻ ڏيو.
هڪڙي بهار، هڪڙي خزان، غم خوشي به هڪ،
هڪڙي ئي زندگيءَ کي نه ٽڪرا ٿيڻ ڏيو.
احسان قديم شمع جا ساقيءَ جي حسن تي،
محفل ۾ پورو ذڪر اسان جو ٿيڻ ڏيو.
-
آءُ ڍوليا ته ڪريون پيار هليا وينداسين،
ڪيسين هئن رهبو ڀلا ڌار هليا وينداسين.
ڪجهه خطا منهنجي ته ڪجهه تنهنجي به هوندي ڍوليا،
ٿيندا پورا نه هي تڪرار هليا وينداسين.
جا گهڙي گذري، لڄي ڪين ڪري شال مونکي،
زندگي آهه گهڙيون چار هليا وينداسين.
بس فقط پنهنجو جئڻ آهه يا ٻئي جو به خيال،
ڪر ٻين جو به ويچار، هليا وينداسين.
هو حسين چهرا ۽ هي دل ۽ هي الفت جو اثر،
ڇا ڇڏي سهڻو هي سنسار هليا وينداسين.
موت آهي ته جئڻ ٿئي ٿو زيادهه ظاهر،
شاد جيون جي ڪريون سار، هليا وينداسين.
-
ايم – ڪمل
]8،
آگسٽ 1925ع –
[
مولچند منگهارام ملڪاڻي اصل ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جو رهندڙ
آهي. سندس جنم ڪراچي ۾ ٿيو. انٽر سائنس ڊي. جي
سائنس ڪاليج مان پاس ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ
پنهنجي عزيزن سان گڏجي هندستان هليو ويو، جتي
ريلوي ۾ نوڪري ڪيائين. هن وقت سينٽرل ريلوي بمبئي
۾ ملازم آهي. سندس رهائش الهاس نگر ۾ آهي. هو سنڌي
۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ شاعري ڪندو آهي، سنڌي شاعريءَ
۾ سندس استاد ليکراج ڪشنچند هو. جنهن جي شاعري ۽
فن کان گهڻو متاثر آهي، اردو شاعري ۾ مير تقي
”مير“ جي بزرگي جو قائل آهي. سندس نظم جا هي ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن. ننڊ سجاڳ، هريل جيءُ ۽ ڳرندڙ برف
جا نقش.
ايم – ڪمل غزل جو شاعر آهي ۽ هن کي شاعري جي صنفن مان غزل سان
وڌيڪ پيار آهي. هن سنڌي غزل کي پراڻين راهن ۽
پيچرن مان ڪڍي نئين راهه ۽ رند تي هلائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. هو غمِ جانان جو نه پر غمِ دوران جو شاعر
آهي. هو خارجي اثرات کي سيني ۾ سموهي اندر جي آهن
جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. هن جي غزل ۾ پنهنجي دور جي
سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو شديد احساس ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. هن زندگي لاءِ گلن جي سيج وارو تصور قائم نه
ڪيو آهي پر ان کي ان جي صحيح صورت ۾ ڏٺو آهي ۽
زندگيءَ جي زخمن مان وهندڙ ناسور کي ائين پيش ڪيو
آهي جيئن هن ان کي ڏٺو آهي. هو ڀارت ۾ نئين غزل جو
علمبردار آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڀارت جا ڪيترا
ٻيا شاعر به نئين غزل جي جهنڊي هيٺ ڪٺا ٿيندا وڃن.
ڪلام جو نمونو
(1)
جيڪا گذري سا ڀلايون جو اڃا جيئڻو آ،
ڪو نئون ورق ورايون جو اڃا جيئڻو آ.
ڇو ڇنڊي پلئه اٿئون آس جي پڙ مان هاڻي،
اڄ نئون داءُ لڳايون جو اڃا جيئڻو آ.
پنهنجي دک سک جو ته هن ساڻ ئي ناتو آهي،
چاهه جڳ مان ڇو گهٽايون جو اڃا جيئڻو آ.
ڪنهن نه ڪنهن آس جي دونهي کي دکائي دل ۾،
نت نوان پور پچايون جو اڃا جيئڻو آ.
هاڻي ئي خون جگر جو پي ڪيون پورو ڇو،
ڪڇه ته پوءِ لئه ڀي بچايون جو اڃا جئڻو آ.
-
هر گهڙي انتظار جان ڇو آ،
زندگي پنهنجي بار جان ڇو آ.
زندگي جي خوشي اسان جي لئه،
اوپري جي نهار جان ڇو آ.
تارو تار لڇي ٿو درد ۾ ڄڻ،
چنڊ ڪنهن دل گفار جان ڇو آ.
گل چهڪي خار کان پڇيو ٿي ”ڪمل“،
تنهنجي نفرت به پيار جان ڇو آ.
-
ياد تنهنجي کان پلئه دل، ڇو ڇڏائي نه سگهي،
درد جيوت جو ته ناهي، جنهن کان ڇنائي نه سگهي.
شام ڪهڙي، جان آرام جو پيغام ڏئي،
صبح ڪهڙو، جو نئي آس جڳائي نه سگهي.
جيڪا طوفان سگهي ڪين ٿي، آهه نه ڀر،
ڳار نه آنسون اُهو، جو باهه لڳائي نه سگهي.
تنهن تمنا جو هئڻ يا نه هئڻ، يڪسان آهه،
سوز ۽ سوچ جا ديپڪ جا جلائي نه سگهي.
-
لکميچند ”پريم“
]15
مارچ 1928ع –
[
ڊاڪٽر لکميچند جي والد جو نالو خوشيرام ذات ڏوڏيجا ۽ تخلص
”پريم“ آهي. سندس وڏا اصل ”همايون“ جا هئا، جتان
لڏي اچي سکر ضلعي جي ڳڙهي ياسين شهر ۾ رهيا. سندس
وڏا خانداني حڪيم هئا، جيڪو پيشو سندن خاندان ۾
پنجن ڇهن پشتن کان هلندو اچي. ”پريم“ جيتوڻيڪ وڏي
تعليم حاصل نه ڪئي آهي، تنهن هوندي به اباڻي پيشي
۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي ۽ طب سان گڏ ڊاڪٽري به ڪندو
آهي.
”پريم“ شاعر ٿيڻ کان اڳ سنگيت جي سکيا حاصل ڪئي. ورهاڱي کان اڳ
هو آزاديءَ جي جلسن ۾ پنهنجي مڌر ۽ پرجوش آواز سان
ڪيترن انقلابي شاعرن جا گيت ۽ نظم چوندو هو. هن
ننڍي عمر ۾ ڪيترن سنگيت مجلسن ۽ چٽاڀيٽين ۾ حصو
ورتو ۽ انعام حاصل ڪيا هئا. ان زماني ۾ اسٽيج
ڊرامن جو گهڻو چاهه هو، هن ڪيترن ڊرامن کي گيتن
سان سنواري اسٽيج تي پيش ڪيو هو.
لکميچند ”پريم“ هن وقت پڙودا ۾ رهي ٿو جتي هو ڪيترن ادبي ادارن
جو صدر ٿي رهيو آهي. هو ساهتيه اڪادمي (دهلي) جيڪا
هر سال هر ٻوليءَ جي اديب کي پنج هزار روپيه انعام
ڏيندي آهي ۽ ڀارتيه گيان پيٺ جا هر سال هڪ ٻوليءَ
جي اديب کي هڪ لک روپيه ڏيندي آهي، جي صلاحڪار
بورڊ جو ميمبر پڻ آهي.
پريم جا هيٺيان شاعري جا ڪتاب هن وقت تائين شايع ٿي چڪا آهن:
1. پريم پشپ (هندي) 1952ع، 2. پريم شانجلي 1953ع،
3. شمع ٻاريندي شب 1960ع، 4. خمار 1963ع ۽
5. اکڙين جي آلاڻ 1972ع.
پريم جي شاعري جهرڻن جي مڌر سنگيت مثل آهي. هن جي غزلن ۾ اندر
جي اُڌمن ۽ من جي موجن جي ترجماني آهي. جيئن ته هو
سنگيت جو ماهر آهي، تنهن ڪري هن جي غزل جي ٻولي
نرم ۽ نازڪ ۽ انداز بيان وڻندڙ آهي. هن جا خيال
گلن جي انهن پتن وانگر آهن، جي پاڻيءَ جي مٿاڇري
تي ترندا آهن، مگر دل کي ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن.
انتخاب ڪلام
نه دل کي لوڏيو، اي هم شريڪو اوهان جي صف کان جدا نه آهيان،
نه منهنجي خاموشين مان سمجهو، اوهان سان مان همنوا نه آهيان.
اوهان جي هر هڪ قدم سان پنهنجو قدم ملائي هلان ٿو هر دم،
ڏسان ٿو منزل جون شاهراهون، انهن کان ناآشنا نه آهيان.
خموش جذبا، خموش ڌڙڪن، خموش دل ۾ رکان ٿو ليڪن،
پلان ٿو طوفان جي وادين ۾ ۽ آنڌين کان جدا نه آهيان.
رکان ٿو احساس زندگيءَ جو، نه زندگيءَ کان ڪريان ڪنارو،
هجي الڳ ڀل زندگي پر، مان زندگيءَ کان سوا نه آهيان.
ڪڏهن اچي ٿي جي چپ جي دنيا، ته چپ ۾ مان ڀي نه چپ نه ٿو چوريان،
نه شور غل لئه اٿم شڪايت، خموشين کان خفا نه آهيان.
نڪو ڪو پيري، نڪو فقيري جي لاءِ گوشه نشين آهيان،
رهان ٿو هر دل ۾ پريم بڻجي، ڪڏهن به جور و جفا نه آهيان
(1)
-
اسان جي چپ مان نه سمجهو ته بي زبان آهيون،
نياز کي متان سمجهو ته ناتوان آهيون.
وسيع دل آ اسان جي گواهه آ دنيا،
اهو غلط آ ته ظالم تي مهربان آهيون.
اسين بنهه، نٿا منزل سندي ڪيون پروا،
اسين ته پاڻ ئي منزل ۽ ڪاروان آهيون.
هزار مرتبا آيا وبال دنيا جا،
مگر نه مٽجي وڃڻ جا اسين نشان آهيون.
ڪيو آ برق ۽ طوفان بار بار حملو،
اسين جلي وڃون اهڙا نه آشيان آهيون.
اسان جي لاءِ هتان ۽ هتان پڇو ڇو ٿا،
اسين ته ”پريم“ ازل جا ئي داستان آهيون
(1).
-
گورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“
(13، جنوري 1929ع - )
گورڌن پٽ آسومل محبوباڻي لوهاڻو تخلص ”ڀارتي“ جو جنم ڳوٺ آراضي
تعلقو سيوهڻ ضلع دادو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم سنڌ ۾
حاصل ڪيائين. بي.اي آگرا يونيورسٽي ۽ پرڀارڪر
(هندي) پنجاب يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سندس
شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ٿي، هن وقت سندس ڪلام
ڀارت ۽ سنڌ جي رسالن ۾ شايع ٿيندو رهندو آهي.
شاعري ۾ سندس استاد نارائڻ شيام آهي.
گورڌن ڀارتي جو ناتو ڀارت جي ڪيترن ادبي سوسائٽين سان رهيو آهي.
جهڙوڪ: 1. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا (بمبئي)،
2. ساهت سنگت اجمير، 3. ساهتيه اڪاڊمي دهلي، 4.
راجستان اڪاڊمي (جيپور).
گورڌن ڀارتي نه صرف سٺو شاعر آهي پر سٺو ڪهاڻي، ناٽڪ ۽ مضمون
نويس آهي ۽ هن انهن سڀني زمينن ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا
آهن. جن مان چوڏهن نظم، ٽي ڪهاڻين ۽ ٻه ڊرامن جا
ڪتاب وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. هن ڪجهه درسي
ڪتاب پڻ لکيا آهن. هن کي ٻارن جي ادب تي 1957ع ۽
1962ع ۾ ڀارت سرڪار جي وزارت تعليم کان ايوارڊ
مليا آهن. ان کان سواءِ 1966ع ۾ واسواڻي ايوارڊ ۽
قومي گيتن جي سلسلي ۾ آل انڊيا ريڊيو کان ايوارڊ
حاصل ڪري چڪو آهي. گورڌن هڪ سٺو ايڪٽر آهي، هن
ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين تمام گهڻن ڊرامن ۾
مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ مان لڏي وڃڻ کان
پوءِ هو اجمير ۾ رهي ٿو. جتي هو سب هيڊ ٽريفڪ
اڪائونٽس آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
گورڌن جي شايع ٿيل ڪتابن مان ڪن جا نالا هي آهن:
عمر مارئي
)هندي،
ڊرامو)، 2. گل ۽ مکڙيون
]شعر[،
3. پيلو چند لال داغ
]ڪهاڻيون[،
4. اٺا مينهن ملير ۾
]گيت[،
5. طوفاني رات
]ناٽڪ[،
6. لاتيون
]انعامي
ڪتاب ٻارن جا گيت[، 7. نئين بستي
]انعامي ڪتاب ٻارن لاءِ آکاڻيون[،
8. پانڌي پراڻو واٽ نئين
]ڪهاڻيون[.
گورڌن ڀارت جي انهن ارڏن شاعرن مان هڪ آهي، جن شاعري ۾ نواڻ جو
رنگ ڀريو آهي. گورڌن جي غزلن ۾ نئون رنگ نمايان
آهي. هو دل جي زخمن کان زيادهه جهان جي دک جو ذڪر
ڪري ٿو. هو داخلي الجهن بجاءِ خارجي حالتن کي وڌيڪ
بيان ڪري ٿو. جو ڏسي ٿو سو ٻڌائي ٿو. هن جي غزلن ۾
گلن جي نزاڪت بجاءِ گلن جي ڪنڊن واري تيزي ۽ تکائي
آهي.
ڪلام جو نمونو
تون بيقرار دلين کي قرار ڏيندو وڃ،
نه جن کي پيار مليو، تن کي پيار ڏيندو وڃ.
چپن سان لال ڳلن تان گلاب چونڊ اچي،
پسي گلي کي به ٻانهن جو هار ڏيندو وڃ.
يقين ”ڪلهه“ جو ڪٿي؟ ڀروسو سڀان جو ڪٿي،
اسانکي ”اڄ“ جو رڳو اعتبار ڏيندو وڃ.
سڪن ٿا توکي ڏسڻ لاءِ جيڪي سالن کان،
انهن کي عمر سڄي انتظار ڏيندو وڃ.
سکن جو نور نه يا راحت جي روشني نه سهين،
ڏکن جي ڌوڙ، غمن جو غبار ڏيندو وڃ.
اسان جي درد جي تو وٽ نه جي دوا آهي،
اُداس روح، جگر داغدار ڏيندو وڃ.
-
پختا پونس ڀل پنجوڙ،
شينهن تڏهن به ڪندو گجگوڙ.
لُڪ، لڦون، چاڙهيون ۽ چوٽون،
جيون جبلن ۾ جاکوڙ.
رات صبح ۽ منجهند ڇاهي،
سج چنڊ تارن جي ڊڪ ڊوڙ.
صرف مِرُن ڇو؟ ماڻهن کي پڻ،
اڄ ڪلهه آهه لهوءَ جي لوڙ.
امن اهنسا جي نالي ۾،
جنگي هٿيارن جي هوڙ.
شاگردن جو شغل شرارت،
ڀيڙ، ڀڀڙ، ڀڃ ڊاهه اکوڙ.
-
ارجن ”حاسد“
]7،
جنوري 1930ع –
[
ارجن پٽ ڄيٺانند تنواڻي تخلص ”حاسد“ جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندن
وڏن جو ڳوٺ ڪنڊيارو ضلع نواب شاهه هو، جتي هن
پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، 1947ع ۾ هن
مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ جلد ئي ملڪ جي ورهاڱي سبب سندس
وڏا ڀارت هليا ويا. مالي تڪليف سبب هو وڌيڪ تعليم
حاصل ڪري نه سگهيو، زندگيءَ جي ضرورت کي منهن ڏيڻ
لاءِ هن کي احمد آباد پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪي ڪرڻي
پئي، جتي هن هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪئي. اڄڪلهه
هو جنرل پوسٽ آفيس احمد آباد ۾ اسسٽنٽ آهي.
حاسد جي شاعري جي شروعات 1954ع کان ٿي، جڏهن ڪن حالتن هن جي
طبيعت ۾ ايترو اڀار آندو جو هن شعر چوڻ شروع ڪيو.
هن جو پهريون ڪلام ”ڪهاڻي“ ۽ ”نئين دنيا“ بمبئي ۾
شايع ٿيو. هن جو ”سنڌي ساهتيه سنگت“ احمد آباد سان
ويهن سالن کان ناتو آهي ۽ ڪجهه سالن کان هو سنگت
جو صدر آهي. سندس شعرن جا ٻه ڪتاب 1. ”سواسن جي
سرهاڻ“ 1966ع، سنڌي ساهتيه سنگت احمد آباد، 2.
”پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا“، 1974ع، سنڌو ڪلاڪار منڊل
احمد آباد طرفان شايع ٿيا آهن.
حاسد غزل جو شاعر آهي، هو پنهنجي اندر جي اڌمن کي نهايت موزون
لفظن ۽ پراثر انداز ۾ غزل ۾ ئي وڌيڪ رواني سان
بيان ڪري سگهي ٿو. حاسد جي غزلن ۾ به ڀارت جي ٻين
غزل چوندڙن وانگر خيالن جي نواڻ آهي. هن جا خيال
زندگيءَ جي انهيءَ باهه جون چڻنگون آهن، جيڪا باهه
سماج ۽ ماحول هن جي هردي ۾ دکائي آهي. هو جيڪا به
ڳالهه چوڻ چاهي ٿو سا سادن سودن مگر دل ۾ گهرڪندڙ
لفظن ۾ آسانيءَ سان ٻڌائي سگهي ٿو.
ڪلام جو نمونو
(1)
نه مي آهي نه خونِ دل ٿا آڇون، جي پيئڻ چاهيو.
اسان جي دل آ ميخانو، پيئو، جي ٿا جيئڻ چاهيو.
محبت ۽ وفا، ڪيڏا نه دل ۾ وهم پاليو ٿا،
اوهان هن يگ جي ڪاغذ تي، اکر ڪو ٿا لکڻ چاهيو.
حياتي ڪو جيئي ٿو، ڪوئي ڀوڳي، ڪوئي ماڻي ٿو،
اهو پنهنجو شعور آهي، جيئو، جيئن ڀي جيئڻ چاهيو.
اسان کان ٿا پڇو، ڪنهن ڪنهن تي ڪئن ڪئن ڇا ڇا گذري آ،
پڇو پنهنجي تمنا کان اوهين جيڪي پڇڻ چاهيو.
ڏسو ٿا روز آئينو، ڏٺو پر ڪين دل پنهنجي،
اسان جي ئي خطائن کي، ڇو هر هر ٿا ڏسڻ چاهيو.
ڪڏهن ڪنهن مرڪ مان، ڪنهن لڙڪ مان ظاهر ٿي پوندو آ،
هتي ڪنهن ڇا ڏنو ڪنهن کي، ۽ ڪنهن کان ڇا وٺڻ چاهيو.
زماني ۾ اسين حاسد، ازل کان اجنبي آهيون،
نه پنهنجو ڪنهن بڻايو آ، نه ڪنهن منهنجو بڻڻ چاهيو.
-
الجهي الجهي پوي ٿي ڇو سرهاڻ،
ڊگهي ٿيندي وڃي ٿي ڪا ڇڪتاڻ.
ڌر تتيءَ جو هي اڌ سڙيل سپنا،
آءُ ميڙيان به ويٺو ڪنهن جي ڪاڻ.
ائن ته من تان اگهڻ آ چاهي مون،
ڪيترا ڀيرا سوچ جي ڪوڙاڻ.
ڪنهن جي نيڻن ۾ لڙکڙائي ٿي،
هڪ گهڙيءَ جي ئي ڳالهه ڇاڪاڻ.
وقت جي ذهن تان ڇڻي پوندي،
ٿي ٿي لاچار وقت جي ڳوراڻ.
پنهنجي ويران ٺوٺ چهري تي،
ڪير چنبڙائي مرڪ جي آلاڻ.
-
موتي ”پرڪاش“
]15،
مئي 1931ع –
[
موتي پٽ سکرامداد شرما تخلص ”پرڪاش“ جو جنم دڙي ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو.
هن جي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي. انگريزي
پڙهڻ لاءِ مائٽن سندس ناناڻي ڳوٺ جاتيءَ ۾ موڪليس
جتي پنڊت ڪندن آسورام شرما جي مٿس مهرباني ٿي،
جنهن کيس سنگيت ۽ هارمونيم سيکاري. پنڊت کي سنڌي
ناٽڪ سان ڏاڍو چاهه هو، هن جاتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪ کي
اوج تي رسايو هو. ”موتي“ هن جي لکيل ۽ هدايتڪاري
هيٺ پيش ڪيل ڊرامي ۾ پارٽ ڪندو هو جو گهڻو ڪري
سندس سهڻي شڪل ۽ صورت سبب زنانو هوندو هو.
ورهاڱي کان پوءِ هو ڀارت هليو ويو، جتي بي.اي (آنرس) ۽ بي.ايڊ
تائين تعليم حاصل ڪري ماستري جو پيشو اختيار
ڪيائين. دهليءَ ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نيوز
سروس ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو هو. هن وقت تائين 29
سال ماستري جي پيشي ۾ گذاري چڪو آهي. موجوده وقت
انڊين هاءِ اسڪول دبئي ۾ هيڊ ماستر آهي.
موتي پرڪاش کي ننڍپڻ کان لکڻ جو چاهه هو، اڃان اسڪول ۾ ننڍو ٻار
هو ته ”ٻال سنديش“ نالي (سنڌ ۾) رسالو شروع ڪيو
هئائين ۽ پنهنجا گيت ”گلستان“ رسالي ۾ شايع ڪرڻ
لاءِ موڪليندو هو. هن کي ڊرامن لکڻ ۽ هدايتڪاريءَ
جو گهڻو چاهه آهي، سندس هڪ سئو کن ڊراما ريڊيو تان
نشر ٿي چڪا آهن. 1960ع ۾ هن ڪن ساٿين سان گڏجي
بمبئي ۾ سنڌو ڪلامندر جو بنياد وڌو ۽ ان سنسٿا
طرفان ورهاڱي بعد پهريون ئي سنڌي اصلوڪو ناٽڪ پيش
ٿيو.
(1)
موتي پرڪاش نثر توڙي نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هن جا هي ڪتاب
شايع ٿيل آهن:
ادينا؛ ڪاڪوڪلو، ڪالندي، انڊر سيڪريٽري (ترجمو)، رات هڪ طوفان
جي (جنهن جي سنڌي فلم به نڪتي هئي)، پردي اڳيان
پردي پٺيان (اصلوڪا ناٽڪ)، آءُ ته چوريون چنگ
(ڪلام جو مجموعو)، ادبي گل، دل جون ڳالهيون
(مضمونن جا مجموعا) ۽ ٻه ڊزن ڪهاڻيون.
موتي پرڪاش جي گهرواري ڀارت جي سٺي ليکڪا ۽ ڪلا پرڪاش جي نالي
سان مشهور آهي. موتيءَ جي ادب ۽ هن کي ايترو لکڻ
تي اڀارڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.
ورهاڱي کان پوءِ ائين پئي سمجهيو ويو ته هندستان ۾ لڏي ويل سنڌي
هندو مختلف هنڌن تي ٽڙي پکڙي وڃڻ سبب سنڌي ٻولي ۽
ادب جي ڏيئي کي روشن رکي نه سگهندا. هري دلگير،
موتي پرڪاش جي ڪتاب ”آءُ ته چوريون چنگ“ جي مهاڳ ۾
لکي ٿو، ”موتي پرڪاش انهن ڳاڻ ڳڻين نوجوان اديبن
مان آهي، جن جي سر تي سهرو آهي هندستان ۾ سنڌي
ساهتيه کي ٻوسٽ جي موت کان نجات ڏيڻ جو ۽ سندس
بچاءَ ڪرڻ جو“
(1).
موتي ترقي پسند اديب آهي، هن ڀارت ۾ ترقي پسند
تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو ورتو آهي، هو بنيادي طرح
ناٽڪ ۽ نثر نويس آهي پر هن شاعري ۾ به چنگ چوريو
آهي. هن غزل ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هو
ترقي پسند شاعر آهي پر غزل ۾ هو مجاز جي ڄار ۾
جڪڙيل ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هن جي غزلن ۾ سندس نظمن
”پريشاني“، ”جهوپڙي“، ”اسين“ ۽ ”داغ“ وارو ترقي
پسند رنگ نظر نٿو اچي. هن جي غزلن جي خوبي آهي،
سندس انداز بيان ۽ ٻولي. هن جو انداز بيان سليس،
سادو ۽ وڻندڙ آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ جادوگري ڪري،
نثر کي نظم بنائي ڇڏيو اٿس. هن جي ٻولي سادي ۽ عام
فهم آهي، جنهن ڪري سندس غزل وڌيڪ پراثر آهن.
ڪلام جو نمونو
اڄ وري گذريل زمانا ياد پيا،
پيار جا رنگين فسانا ياد پيا.
ماڪ سان منهن ڌوئي ٿيندا گل حسين،
لڙڪ لاڙڻ جا بهانا ياد پيا.
اچ وري ڪشبا ڏسي ڪنهن جا ڪمان،
تنهنجي نيڻن جا نشانا ياد پيا.
لام تي لنوندو ڏسي بلبل کي اڄ،
پنهنجا اجڙيل آشيانا ياد پيا.
-
ساقيا، جام ڀري پيار، پيئڻ تي دل ٿي،
ڏس سڪائي ته نه ائن مار، جيئڻ تي دل ٿي.
ويهه سامهون، ته جئڻ جو ڪو بهانو بڻجي،
دوبدو توسان اي دلدار، ٿيڻ تي دل ٿي.
موت سان ڀي اسين هٿ ڇو نه ملايون مرڪي،
ڪنهنجي دل تي نه ڪڏهن بار ٿيڻ تي دل ٿي.
لفظ ويا وٽڙي ۽ گيتن جو خزانو خالي،
توکي لڙڪن جا ٻه هار ڏيڻ تي دل ٿي.
-
هاءِ هي انتظار جو عالم،
هي خزان ۾ بهار جو عالم.
شال بي چين، بي قرار رهان،
پيارو پيارو آ پيار جو عالم.
رنگ و بو سان سدا وڪوڙيل آهه،
خار وٽ ناهه خار جو عالم.
قافلو ويو ائين اڳيان نڪري،
باقي غم ۽ غبار جو عالم.
بيقراريءَ ۾ ٿو قرار اچي،
هجر ۾ وصلِ يار جو عالم.
-
ڪرشن ”راهي“
]25،
مئي 1932ع –
[
ڪرشن وڇاڻي تخلص راهي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آباد جو
رهندڙ آهي. ورهاڱي کان پوءِ هو پنهنجن وڏن سان
گڏجي ڀارت هليو ويو، جتي هن بمبئي يونيورسٽي مان
بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي موجوده وقت ڀاڀا ائٽمڪ
ريسرچ سينٽر بمبئي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪرشن راهي جي ادبي زندگي ڪهاڻين لکڻ سان شروع ٿي پر پوءِ هن
ڪهاڻين سان گڏ شاعري به شروع ڪئي، جنهن ۾ هن چڱو
مقام حاصل ڪري ورتو آهي، کيس سندس شعرن جي مجموعي
”ڪماچ“ تي 1971ع ۾ ساهت ايڪيڊمي طرفان انعام ڏنو
ويو آهي. هن ”نئين دنيا“ (ماهوار) ۽ سنڌو ڌارا
(هفتيوار) جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ڪجهه وقت ميمبر
رهي ڪافي ادبي خدمت ڪئي آهي ۽ چئن سالن تائين ساهت
منڊل بمبئي جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو آهي. سندس
هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
1. لڙڪ ۽ مرڪ (ڪهاڻيون).
2. ڪماچ (نظم) ڪونج پبليڪيشن بمبئي، 1969ع.
راهي سنڌيءَ جو هڪ سجاڳ ۽ باشعور شاعر آهي. هن جيتوڻيڪ غزل کان
زيادهه شاعريءَ جي ٻين صنفن ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏنو
آهي ۽ غزلن جا ٿورا موتي ميڙيا آهن تاهم سندس غزل
نه صرف هن جي دل جي بلڪه هن جي سماج جي به ترجماني
ڪن ٿا. هن پنهنجي غزلن کي خيالن جي نون گلن سان
سينگاريو آهي. هن جي غزلن جا جتي خيال پيارا آهن،
اتي انهن ۾ شوخي به آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ هڪڙو
سرور ٿو محسوس ڪري.
ڪلام جو نمونو
(1)
وطن جو حال اهڙو هو غلامي ائين وئي چوندي،
ته صحرا ۾ بهارن جي اچڻ سان ڪجهه نه ٿيڻو آ.
فقط بک جي ڪري ايندو ڪوئي انقلاب آهي،
لڙڻ جو ناهه جي جذبو، مرڻ سان ڪجهه نه ٿيڻو آ.
پئڻ جي چيز هڪڙي مي ته ناهي، خون ڀي آهي،
فقط هڪ مي تي ئي بندش وجهڻ سان ڪجهه نه ٿيڻو آ.
ستم ۽ ڏاڍ جو هڪ ئي علاج آهي مقابل ٿيءُ،
ڪليجي تي رکي پٿر سهڻ سان ڪجهه نه ٿيڻو آ.
وڌڻ جي شوق سان گڏ ڄاڻ رستي جي کپي ”راهي“،
نظر ۾ ناهه جي منزل، وڌڻ سان ڪجهه نه ٿيڻو آ.
-
دل ۾ نه دل جو درد سمائي ته ڇا ڪريان،
۽ جي زبان ڀي نه ٻڌائي ته ڇا ڪريان.
ڏيئي پلئه ڏئي کي بچايان هوا کان مان،
پر جي ڏئو پلئه کي جلائي ته ڇا ڪريان.
لڙڪن سان دل جي باهه وسائي ڇڏيان مگر،
هيءَ باهه لڙڪ ئي جي سڪائي ته ڇا ڪريان.
هن کي ٻڌائي هلڪو ڪريان مان ته پنهنجو غم،
هوءَ پنهنجو غم اچي ٻڌائي ته ڇا ڪريان.
-
اکين ۾ غم ۽ طبيعت بي چئن،
سڄو نه راز سليو ڪجهه ته سليو.
اوهان جي دل ته اوهان جي آ مگر،
اسان جي دل ته ڇڏيو ڪجهه ته ڇڏيو.
جي رشتو ٻيو ڪو اسان جو ناهي،
ته دشمن ئي سڏيو ڪجهه ته سڏيو.
مليو آ ”راهي“ غنيمت آهي،
قدم ٻه گڏ ئي هليو ڪجهه ته هليو.
-
|