آسورام ”آسو“
(1824ع -)
صوفي آسومل پٽ ڌانڌومل عرف صوفي آسورام هالن پراڻن جو رهندڙ هو.
هو جڏهن ننڍي عمر جو هو ته سيد فقير علي شاهه وٽ
جيڪو اکين کان معذور هو نبض شناسي ۽ حڪمت جي تربيت
حاصل ڪندو هو. سندس صحبت ۾ آسو کي تصوف جو اثر
ٿيو. هن کي جواني جي زماني ۾ عشق جي چوٽ لڳي پر
مائٽن هن جي جلد شادي ڪرائي ڇڏي.
آسو کي سنڌي پارسي ۽ ٻين ٻولين جي سٺي ڄاڻ هئي، هن حق جي تلاش ۾
ويهن ورهين جي عمر اندر قرآن شريف به پڙهيو ۽
انجيل به مطالع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هو پرائمري
ماستر ٿيو، نارمل اسڪول حيدرآباد مان ٽريننگ حاصل
ڪري نصرپور ۾ ماستر مقرر ٿيو جتي هن کي مصري شاهه
جي صحبت نصيب ٿي، جنهن هن ۾ تصوف جو وڌيڪ چاهه
پيدا ڪيو ۽ هن جي شاعري جي شوق کي پڻ وڌايو. اتان
وري جهوڪ جو ڏس مليس جتي سندس من جي مراد پوري ٿي
۽ اندر جا اولا لهي پيس.
صوفي آسورام گهڻو ڪلام لکيو آهي. تاريخ سنڌي ادب جو مصنف لکي
ٿو، ”سنڌ جي شاعرن ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر جو ايترو
ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي
آسورام جو لکيل آهي“
(1).
هن جا ٽي وڏا ڪتاب 1. ديوان آسو، 2 رساله آسو، 3
پريم غنچه لکيل آهن. هن ديوان آسو 1897 ۾ لکي پورو
ڪيو هو کٽڻ مل بڪ سيلر لاڙڪاڻي واري ڇپايو هو،
باقي سندس ٻه ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن.
آسو هڪ سچو صوفي هو، هن جي من ۾ مذهبي نفاق ۽ هندڪي مسلمانڪي
ڪين هئي، هو حق جو طالب هو ۽ اها طلب سندس سموري
ڪلام ۾ موجود آهي، سندس غزل تي تصوف جو رنگ گهرو
ڇانيل آهي. هو پهريون هندو سنڌي غزل گو شاعر آهي
جو تصوف جي اوڙاهه ۾ ٻڏل آهي. هن جي غزل ۾ مجاز
آهي ئي ڪونه صرف تصوف آهي. هن هندو ويدانت ۽ تصوف
جي خيالن کي ملائي هڪ ڪري پيش ڪيو آهي. هن جي غزل
جي ٻوليءَ تي ڪٿي پارسي ۽ ڪٿي هندي رنگ غالب ٿي ٿو
وڃي. سندس ڪلام پڙهڻ سان من کي شانتي حاصل ٿي ٿئي.
ڪلام جو نمونو
(1)
لا غرض ساڻ لاغم لا شڪ مون نينهن لاتو
جيڏيون دعا ڪجو تان نبهي اچيم ناتو.
هن بحر بي حديءَ ۾ ڪانهي ڪنڌي ڀڄڻ جي
ويئي پروڙ ڀلجي جنهن وير پير پاتو.
ڪڙڪا پون ڪنن جا ويران جي وهڪري کان
لهرن سندي لڙاٽ کان ٻي سڌ نه ڏينهن راتو.
مشڪل ۾ آهي مشڪل هيءُ عشق هڏ اڙانگو
تنهن حال ساڻ مس مس مون تان سڄڻ سڃاتو.
هن درد جي دوا لئي حاذق طبيب پڇيم
چيائين ته ڪر ڪري پو پيءُ وڃي ڪرياتو.
اشرف ڪيوءِ آدم ابليس ڪيئن بڇايئه
چي آهه آزمودو، رهه عشق ۾ بلاتو.
لائي برهه بندي سان ڇو پاڻ کي ڇپايئه
چي دل منجهان دوئيت جو لاهي ڇڏين لباتو.
آهيم اميد تنهن جي منجهه مهر سچ ملڻ جي
چي ڪنب ڪت ادب رک آسو نه ٿيج آتو.
-
اچي اڄ مليو محب مهرون منيب
وڇوڙي جي ڦٽ جو ٿيو تن طبيب.
پسي حال هيڻو ڪري ڀال پاڻ
نوازيئه نظر سان هي گولو غريب.
اوسيئڙو ۽ اندوهه گوندر ويا،
وڏي قرب حب سان مليو سو حبيب.
تجلو ڏٺم نور جو دل اندر
بهر جا بهررنگ نرمل نجيب.
اها آهه عبرت ۽ اچرج عجب
ڍڪي ويس آدم جو آيو عجيب.
آسو عشق جو سر ظاهر نه ڪر
همهه جا همهه وقت ۾ رهه اديب.
-
سيد محمد فاضل شاهه ”فاضل“
(1836ع – ڊسمبر 1900ع)
سيد محمد فاضل شاهه ولد سيد حيدر شاهه تخلص ”فاضل“ حيدرآباد شهر
جي بزرگ خاندان مان هو، سندس وڏا مرزا عيسيٰ ترخان
جي زماني ۾ ايران مان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيا. فاضل
شاهه جو والد سيد حيدر شاهه وڏو عالم ۽ شاعر هو.
هن ڏوهيڙن جي صورت ۾ ”ليليٰ مجنون“ جو ڪتاب ٺاهيو
هو جو بمبئي جي ليٿو ڇاپي ۾ ڇاپيل هوندو هو
(1).
سيد حيدر شاهه کي ڇهه پٽ ٿيا جن ۾ فاضل شاهه سڀني
کان وڏو هو.
فاضل شاهه، مشهور درويش آخوند محمد صابر هالائيءَ کان قرآن شريف
پڙهيو، مولوي عبدالله ولهاري وٽ پارسي ۽ عربيءَ جي
تعليم حاصل ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ مولوي محمد
حسن وٽ عربي جي درس جي تڪميل ڪيائين ۽ منطق
پڙهيائين. سيد اسد الله شاهه ”فدا“ ۽ مولوي هدايت
الله مشتاق هالائيءَ به هن مولوي صاحب جا شاگرد
هئا.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فاضل شاهه واندڪائي جو وقت گذارڻ لڳو،
مائي ابوڙي چاڪياڻي جي ڪارخاني ۾ ڪتابن جو مطالعو
ڪندو ۽ وقت گذاريندو هو، جتي کيس مجاز جي مهميز
اچي وئي جلد ئي سندس شادي ٿي. هن گهر مان کيس ٻه
پٽ ۽ اٺ نياڻيون ٿيون سندس پٽ سندس حياتيءَ ۾
گذاري ويا. ٻي شادي مان کيس هڪ پٽ ڄائو جو سندس
وفات کان پوءِ فوت ٿي ويو.
شاديءَ کان پوءِ فاضل شاهه دنيا جي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڏنو. ان
زماني ۾ ڪنهن به پڙهيل ۽ قانون جي واقف ڪار کي،
وقت جو مئجسٽريٽ قانونداني جو سرٽيفڪيٽ ڏيندو هو
ته سرڪار ان کي وڪالت جي سند ڏيندي هئي ۽ هو وڪالت
ڪري سگهندو هو، اهڙي ماڻهوءَ کي ”مختيار“ ڪري
سڏيندا هئا. فاضل شاهه کي به اهڙي سند ملي ۽ هو
وڪالت ڪرڻ لڳو.
1888ع ۾ فاضل شاهه جي والد وفات ڪئي تنهن ڪري وڪالت جو ڌنڌو ڇڏي
ڏنائين ۽ عالمانه ۽ فقيرانه روش اختيار ڪيائين.
انگريز سرڪار پنهن جي شروعاتي دور ۾ وڏن شهرن ۾ قاضي ۽ مفتي
مقرر ڪندي هئي. حيدرآباد جو قاضي ۽ مفتي مخدوم
حاجي احمد مٽيارين وارو هو، جو نارمل اسڪول ۾
پارسي پڙهائيندو هو. ان کان پوءِ فاضل شاهه جي
چاچي محمد يوسف شاهه کي ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو.
فاضل شاهه فتوائن جي ڪم ۾ چاچي جي گهڻي مدد ڪندو
هو، 1892ع ۾ سندس چاچي وفات ڪئي، جنهن بعد شهر جو
قاضي سندس سوٽ ابراهيم شاهه ولد يوسف شاهه کي ۽
مفتي ۽ مهر جو مالڪ فاضل شاهه کي مقرر ڪيو ويو.
فاضل شاهه مسلمانن جي ترقي ۽ واڌاري جي ڪمن ۾ به
دلچسپي وٺندو هو. حيدرآباد ۾ حسن علي آفندي جي
مددگارن بابت مرزا قليچ بيگ چوي ٿو، ”ميان محمد
جعفر طبيب، سيد فاضل شاهه، قاضي امام علي، قاضي
مريد علي ميان صاحب (حسن علي آفندي) جا سنگتي
صحبتي هئا ۽ انجمن اسلام جي ڪمن ۾ کيس مدد ڪندڙ
هئا“
(1)
فاضل شاهه زندگي جي پوين سالن ۾ زهد ۽ عبادت ڏانهن پاڻ کي گهڻو
رجوع ڪيو هو. هو دنيا جا سڀ ڪم ڪار ڦٽا ڪري ساندهه
ٻارنهن مهينا مسجد جي ڪنڊ وسائي ويهي رهيو. وفات
تائين سندس اهو دستور هو ته رمضان شريف جو سارو
مهينو مسجد جي ڪنڊ ۾ رهندو هو. هن ڊسمبر 1900ع ۾
وفات ڪئي.
فاضل شاهه جا پنهن جي وقت جي شاعرن سان به گهرا تعلقات هئا ۽ هو
علم عروض جو اڪابر سمجهيو ويندو هو. سنڌ جي موزون
ڪلام چوندڙ شاعرن مان شاهه صاحب پهريون شاعر هو
جنهن علم عروض جي بحرن جا ارڪان پنهن جي هر هڪ غزل
جي سري تي لکي نروار ڪيا هئا. محمد صديق مسافر
پورا ٻه سال هن کان علم عروض ۾ سبق ورتا هئا.
مسافر ”ڪليات مسافر“ ۾ فاضل شاهه ۽ گدا جي هڪ
ملاقات جو هيئن بيان ڪري ٿو، ”هڪڙي ڀيري سائين
محمد فاضل شاهه وٽ عربيءَ جو سبق پئي ورتم ته
مرحوم سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ حيدرآباد جو نامور
شاعر ڪراچي واري معين الاسلام اخبار کڻي آيو، جنهن
۾ اتر سنڌ جي ڪنهن شاعر جو غزل ڇاپيل هو. ان غزل
جي سٽن تي ٻنهي صاحبن جيڪو بحث ڪيو سو مون پوري
ڌيان سان پئي ٻڌو“
(1).
آخوند محمد قاسم هالائي فاضل شاهه جو نهايت گهرو دوست هو. پاڻ
هن کي سنڌي شعر لکڻ لاءِ تيار ڪيائين ۽ هن کيس
پارسي شعر چوڻ تي آماده ڪيو هو. فاضل ۽ قاسم جي
ديوانن ۾ ٻنهي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا آيل آهي ۽ هنن هڪ
ٻئي جي غزلن تي ڪيترا غزل لکيا آهن. قاسم ”فاضل
شاهه“ جي تعريف ڪندي چوي ٿو:
سچ چوان انبر ته ڪنهن کي ڪين آهه،
جا فضيلت آهه فاضل شاهه کي.
فاضل شاهه جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن؛
1- ديوان فاضل 1873ع ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي ڇپرايو هو؛ 2.
ميزان الشعر؛ 3. چونڊ ڪافيون. سندس قلمي ڪتابن ۾
قرآن شريف جو سنڌي ۾ تفسير قابل ذڪر آهي.
فاضل شاهه جو غزل سنڌي غزل جي ابتدائي اوسر واري دور جو غزل هو.
فاضل شاهه کي جيتوڻيڪ جواني جي شروعات ۾ محبت جي
چوٽ اچي وئي هئي پر اهو سور سهي عالمانه ۽ زاهدانه
زندگي گذارڻ لڳو هو ۽ مجازي عشق جي راهه ڇڏي حقيقي
عشق جو رستو ورتو هئائين. تنهن ڪري هن جي غزل ۾
عشق جون حڪايتون ۽ شڪايتون گهٽ آهن جي آهن ته به
ڦٽيل دل مان نڪتل آهه وانگر نه پر دماغ مان نڪتل
درد وانگر آهن هن جي غزلن ۾ ايراني شاعري وارو
ماحول اڻ لکو آهي ان جي ڀيٽ ۾ ڪٿي ڪٿي مقامي ماحول
واريون جهلڪيون آهن. هن جي شاعري ۾ پند و نصيحت
گهڻي آهي. هن جو انداز بيان رنگين نه پر سادو آهي
۽ هن جي زبان تي ڪيترا ٺيٺ سنڌي، عربي ۽ پارسي جا
اهڙا لفظ چڙهيل آهن جي سندس شاعري جي چهري تي چنڊ
گرهڻ ٿي پون ٿا. هن جي ڪلام ۾ ڳولڻ سان ڪيترا اهڙا
شعر به ملن ٿا جن ۾ غزل جي سموري سونهن سمايل آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
بره جي بات کان نه ڪريان بس،
لئون جي لات کان نه ڪريان بس.
گاهه بيگاهه دوست دلبر جي،
تهدليان تات کان نه ڪريان بس.
محبت مار مار ته به آءٌ،
يار جي ذات کان نه ڪريان بس.
جي جدائي ڪرين جيارا ته به،
ريجهه جي رات کان نه ڪريان بس.
منجهه فراقن سدا ڪري ”فاضل“،
هاءِ هيهات کان نه ڪريان بس.
-
دلبري ديدار کان دل دوستن جي باغ باغ،
دشمنن جي دل اندر دهرو لهو هو داغ داغ.
عشق عمدو ڏس عجيبن جو امالڪ ڏس ڏنو،
پرت مان مون پيو ساجن سندو سولو سراغ.
مشڪ تاتاري ڪنان وڌ بوءِ ساجن جي سڄر،
صحن ۾ ايندي ڪيو سالم سندم سرهو دماغ.
حسن وارن ساڻ مٽ سٽ ڪين ڪي ٿيندو قبيح،
ڪيئن ڪبوتر سان برابر ڪار ڪنڇي زغن زاغ.
ذڪر سان ذاڪر رهي تون ياد ڪر الله کي،
مٿي فنا في الله ”فاضل“ فڪر کان نارغ فراغ.
|