غلام احمد ” نظامي“
]15
جون 1895ع – 22 فيبروري 1951ع[
غلام احمد ولد حاجي محمد صديق تخلص ”نظامي“ ڪراچي
۾ تولد ٿيو. هن جو والد لاهوري محلي لاڙڪاڻي جو
رهندڙ هو روزگار خاطر ڪراچيءَ آيو ۽ هميشه لاءِ
ڪراچيءَ جو ٿي ويو. ٽي درجا اردو پڙهڻ کان پوءِ
نظامي کي درزڪي ڪم تي ويهاريو ويو، 1924ع ۾ جهونا
مارڪيٽ ۾ قومي ڪتبخاني جي نالي سان ڪتابن جو دڪان
کوليائين، 1930ع ۾ اڇي قبر وٽ سيڌي جو دڪان
لڳايائين. کيس شعر و شاعري سان ايترو شوق هو جو
پنهنجي ڪنهن به ڌنڌي ڏانهن پورو ڌيان ڏئي نه
سگهيو، تنهن ڪري هر ڪاروبار ۾ کوٽ پاتائين، آخر
پنهنجي ڀاءُ حاجي غلام حسين جي سنڌ بلوچستان هوٽل
(بولٽن مارڪيٽ) ۽ پنهنجي ٻئي ڀاءُ حاجي محمد رمضان
جي سنڌ اسلاميه هوٽل (ووڊ اسٽريٽ بولٽن مارڪيٽ) جي
ڪاروبار جي سنڀال ۾ سندن مددگار ٿي رهيو.
نظامي کي جيتوڻيڪ نهايت مختصر تعليم ملي هئي مگر
شعر سان شغف سبب هن پنهنجو مطالعو وسيع ڪيو ۽ شعر
۾ گهڻي مشق سبب سٺو شاعر ٿي پيو. شروع ۾ تخلص
”اصغر“ پوءِ ”خبطي“ ۽ آخر ۾ حضرت نظام الدين محبوب
الاهي جي گادي نشين اردو جي وڏي اديب خواجه حسن
نظامي جي بيعت ڪرڻ کان پوءِ 1926ع ۾ پنهنجي مرشد
جي نسبت قائم رکڻ لاءِ ”نظامي“ تخلص اختيار ڪيائين
(1).
شاعري ۾ هن جو پهريون استاد محمد هاشم ”مخلص“ هو
جنهن کيس عشقيه شاعريءَ بجاءِ قومي شاعريءَ جي دڳ
لائي ڇڏيو. خلافت تحرڪ جي زماني کان گل و بلبل جي
شاعريءَ کي ترڪ ڪري قومي شاعري شروع ڪيائين. مخلص
کان پوءِ حاجي محمود خادم کان جيڪو سندس دلي دوست
هو، شعر ۾ اصلاح وٺندو هو.
1923ع ۾ غلام احمد نظامي جي ڪوشش سان شڪارپوري
محلي ڪراچي ۾ سنڌي بزم ادب قائم ٿي. ڪراچيءَ ۾ هي
پهريون ادبي ادارو جاري ٿيو جنهن جي سهاري هيٺ
علمي مجلسون ۽ مشاعرا منعقد ٿيڻ لڳا
(1).
هن مشاعري جلد ئي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، سنڌ جا
ڪيترا شاعر ادب جي طرحي مشاعرن ۾ پنهنجا غزل
موڪليندا هئا يا پڻ شريڪ ٿيندا هئا، 1951ع ۾ نظامي
جي وفات کان پوءِ بزم ادب جو نالو مٽائي بزم نظامي
رکيو ويو. 1946ع ۾ ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي
موقعي تي نظامي جي تحرڪ سان جمعيت الشعراءِ سنڌ
وجود ۾ آئي، 1949ع ۾ ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي
تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جيڪو سنڌي زبان کي
خطرو پيدا ٿيو هو تنهن جي مدنظر نظامي جي ڏنل
هيٺين طرح مشاعري لاءِ ڏني وئي هئي:
”قوم زندهه ٿي رهي پر جي زبان زندهه رهي.“
نظامي کي صحافت سان دلچسپي هئي، 1929ع ۾ ”درهِ
حيدري“ نالي رسالو شروع ڪيو هئائين، ڪجهه وقت اديب
سنڌ جو به ايڊيٽر رهيو هو، وفات کان اڳ وحدت نالي
هفتيوار اخبار شروع ڪئي هئائين مگر ان جا ٻه پرچا
مس نڪتا ته هو 1951ع ۾ وفات ڪري ويو. هن نثر توڙي
نظم ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن جن مان هي ڪتاب ڪافي
مشهور آهن. بياض نظامي (نظم)، رياض نظامي (نظم)،
مسدس حالي (نظم ترجمو)، حورِ دمشق، محرم نامو،
خدائي انتقام وغيره.
نظامي جو شعر قومي رنگ ۾ رڱيل آهي. پوءِ اهو نظم
هجي يا غزل. هن جي شاعري تي اقبال ۽ حالي جو گهڻو
اثر آهي اهو ئي سبب آهي جو هن اقبال جي ڪيترن نظمن
۽ مسدس حالي جو ترجمو ڪيو آهي. هن کي انگريزن جي
دور ۾ مسلمانن جي ابتر حالت جو گهڻو احساس هو تنهن
ڪري هن مسلمانن ۾ بيداري ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ
لکيو. هن جي ڪلام ۾ سلاست ۽ رواني آهي. شيخ محمد
ابراهيم خليل سندس شاعريءَ لاءِ لکي ٿو، ”نظامي
صاحب پنهنجي پرواز لاءِ اها فضا اختيار ڪئي آهي جا
اردو شاعري لاءِ مولوي حالي ۽ اقبال مرحوم ڪئي
هئي. سنڌي قومي شاعري جو سهرو بلا مبالغه نظامي جي
سر تي آهي“
(2).
ڪلام جو نمونو
دل ٿي چوي ته عام ۾ دل جو بيان ڪجي،
مدت جي مخفي راز کي بلڪل عيان ڪجي.
طوفان بڻجي آڻجي دنيا ۾ انقلاب،
موجِ سخن سان ملڪ ۾ دريا روان ڪجي.
پنهنجي عمل سان پاڻ ئي پيدا ڪري بهار،
آباد بلبلن جو وري آشيان ڪجي.
همت سان پنهنجي پاڻ کي بلڪل ڪري بلند،
زير و زبر زمين ڪجي آسمان ڪجي.
ملت جي لاءِ وقف ڪجي زندگي عزيز،
پيريءَ ۾ اي نظامي نه عشقِ بتان ڪجي
(1).
-
زماني تي نظر اي بي خبر ڪر،
نه دل کي خواهه مخواهه تون دربدر ڪر.
نه آهي وقت هي غافل سمهڻ جو،
اٿي قربان جان و مال زر ڪر.
فدائي قوم و ملت لاءِ هميشه،
ٻڌي سر سان ڪفن سينو سپر ڪر.
عمل جو وقت آهي اٿ عمل ڪر،
اجايو ڪين خالي شور و شر ڪر.
اڏامڻ جي رکين جي آرزو ٿو،
ته پهرين پاڻ ۾ پيدا تون پر ڪر.
کڻي اخلاق جو پرچم نظامي،
مسخر پوءِ سارو بحر و بر ڪر
(2).
-
قادر بخش ”بشير“
]20
ڊسمبر 1896ع – 14 مارچ، 1954ع[
قادر بخش ولد دوست محمد سومرو تخلص پهريان حقير
پوءِ بشير ڳوٺ ميرپور تعلقو ٺل ضلع جيڪب آباد ۾ هڪ
غريب گهر ۾ تولد ٿيو. سندس پيءُ مسجد جو ملان هو ۽
ٻارن کي قرآن پڙهائيندو هو. ماءُ جي گود ۾ هو جو
سندس والد گذاري ويو. سندس مامن ۽ چاچن مٿس هٿ
رکيو. 1911ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري ماستر ٿيو،
1915ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ تعليم وٺڻ ويو
اتي اردو ۽ فارسي زبانن جي ڪيترن نظم جي ڪتابن جو
مطالعو ڪيائين.
ماستر قالو خان اياز هن جي شاعري جي شروعات بابت
لکي ٿو، ”حيدرآباد ۾ ٽريننگ دوران سندس هڪ دوست
فوت ٿي ويو جنهن جي صدمي هن جي دل جي خاموش ويران
سڪون ۾ خون جون لهرون پيدا ڪيون.... هن جي آهه ۽
فغان لبن تي پهچي شعر جي صورت ۾ ظاهر ٿي“
(1).
بشير پنهنجي شاعري جي ابتدا لاءِ لکي ٿو، ”شعر جي
ابتدا 6، آڪٽوبر 1917ع حيدرآباد ۾ ٿي وري جڏهن 28
مئي 1918ع تي ڪاليج ڇڏي اچي نوڪري ۾ گهڙيس ته پوءِ
ماضي جي ياد ۾ طبع وڌيڪ موزون ٿيندي وئي“
(2).
نوڪري جي زماني ۾ بشير جيڪب آباد ضلعي جي ڪيترن
اسڪولن ۾ استاد ٿي رهيو، جتي هو محبت سان محنت
ڪندو رهيو، 1949ع کان 1952ع تائين ڊي. آءِ. ايس ٿي
رهيو. جنهن کان پوءِ نوڪري تان رٽائر ڪري اليڪشن
وڙهيو. وڏيري جي مقابلي ۾ ماڻهن ماستر کي ووٽ نه
ڏنا، هن هارايو. هن کي پوئين وقت ۾ سلهه جو مرض ٿي
پيو هو جنهن کيس وڌيڪ زندهه رهڻ نه ڏنو 1954ع ۾
وفات ڪيائين.
بشير کي شاعري سان عشق هو ۽ اهو عشق آخر تائين
نڀايائين هو حقير جي تخلص سان شاعري ڪندو هو پر
فيبروري 1943ع کان پنهنجو تخلص بشير ڪيائين
(1).
بشير ٽريننگ ڪاليج واري زماني ۾ مرزا قليچ بيگ جي
صحبتن مان فيض پرايو ۽ مشاعري ۾ مرزا صاحب کي
پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو. سندس پهريون نظم 13
ڊسمبر 1922ع ۾ سنڌ زميندار ۾ ڇپيو، جنهن کان پوءِ
هن جا اشعار سنڌ جي سمورين نالي وارين اخبارن ۽
رسالن جو سينگار ٿيندا رهيا. بشير کي بزم مشاعرن
جي محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ جو ڏاڍو چاهه هو ۽ انهن ڏانهن
طرحي شعر ڏياري موڪليندو هو. بزم ادب ۽ بزم
مشاعرهه لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ گهڻو ڪري شريڪ ٿيندو
هو. شيخ عبدالله پنهنجين يادگيرين ۾ سندس مدرسي ۾
ٿيندڙ هڪ مشاعري جو احوال هيئن بيان ڪيو آهي،
”قادر بخش حقير مرحوم انهيءَ وقت ڪراچي آيل هو
جڏهن کيس مشاعري جي خبر پئي تڏهن طرح ڏياري
موڪليائين. اهو مشاعرو سندس صدارت هيٺ ٿيو“
(2).
قليچ لٽرري سوسائٽي ڪراچي 10، مارچ 1934ع تي مخلص
جي وفات تي هڪ تعزيتي مشاعرو منعقد ڪيو هو، مصرع
طرح هئي:
”باغبان هي گل ڇني گلشن کي تو ويران ڪيو“
بشير ان موقعي تي جو نظم پڙهيو هو ان جو هڪ بند
ملاحظه ڪيو:
ڇو چمن ۾ ٿي وئي بلبل ڀلا خاموش آ،
ڇو نڪو ساقي، نڪو ساغر نڪو مي نوش آ،
ڇو مزو محفل ۾ ناهي ۽ نڪو ڪو جوش آ،
بس سبب مخفي نه آ مخلص ٿيو روپوش آ،
باغبان تو گل ڇني گلشن کي ويران آ ڪيو.
بشير جيستائين زندهه هو تيستائين هر ادبي ڪانفرنس
۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو، ان ڪري هن جا پنهنجي همعصر
شاعرن سان تعلقات گهرا هئا.
بشير پنهنجي جواني واري زماني ۾ بزم مشاعره
لاڙڪاڻي کان متاثر ٿي بزم مشاعره قائم ڪيو هو جتي
ننڍڙي پيماني تي مشاعرا ٿيڻ لڳا. پهريون مشاعرو
15، مئي 1926ع تي ڪوٺايو ويو مصرع طرح هئي:
”محفلِ اغيار جي ڪيئن توکي الفت ٿي وئي“
بشير جي ڪڏهن ڪڏهن ٻين شاعرن سان ڏي وٺ به ٿيندي
رهندي هئي. جڏهن لطف الله ”جوڳي“ ۽ قادر بخش
”حقير“ هو تڏهن سنڌوءَ ۾ جوڳي جو هڪ نظم ڪتي جي
وفاداري تي شايع ٿيو هو، جنهن جي خلاف حقير ڪتي کي
ڪڙهه جو ويري ثابت ڪيو هو. اها ڏي وٺ چڱو وقت هلي،
1947ع ۾ سنڌ ۾ بشير سان روڏي موالي جيڪو اصل ۾
رشيد لاشاري هو کونس ڪئي پوءِ ڏاڍو معاملو متو ۽
ڪافي وقت هڪ ٻي خلاف طنزيه ۽ هجويه شعر شايع ٿيندا
رهيا. جهيڙي جا ٿورا شعر هي آهن:
روڏو موالي:
عيوبي شاعري جا سنڌ ۾ افسر اوهين آهيو،
سڏائي پاڻ کي اڪبر ڪندا ٽر ٽر اوهين آهيو.
کلايو پاڻ تي ٿا خلق هر بزمِ سخن اندر،
گروههِ مائرانِ سنڌ جا ليڊر اوهان آهيو.
بشيرا ”اسفل الشعرا“ لقب زيبا اوهان جو آ،
بڻيا روڏي موالي کان گهڻو بهتر اوهان آهيو
(1).
قادر بخش بشير جو جواب:
ڇڳل پادر اوهان آهيو، بلاشڪ تون صحيح آهين،
لڳا روڏي موالي کي اهي پادر اسين آهيون.
نه نڪري گندگي اڳتي، ڏيارج وات کي ريهو،
لڀئي ڪو ٽين وارو نه ته هتي لوهر اسين آهيون.
ٽڪا ٽي چار پاڪي سان ڏيان ڪي روڏ تنهنجي کي،
ڪني رت جي ڪڍڻ جي واسطي نشتر اسين آهيون
(2).
بشير بنيادي طرح نظم جو شاعر هو. هن ڪيترا لاجواب
نظم لکيا جن مان اباڻا ياد پيا سنڌو ۽ دوزخ جو
داروغو سنڌي ادب جا شهه پارا آهن. بشير غزل ۾ به
گهڻو ڪجهه لکيو آهي سندس ديوان اڃا قلمي صورت ۾
آهي. هن جي غزلن ۾ نظمن واري سلاست ۽ رواني آهي.
هن جا گهڻا غزل مسلسل آهن. غزلن ۾ خيالن جي ڪجهه
نواڻ آهي ۽ پنهنجي وقت جي حالتن جو عڪس آهي. هن جا
خيال سادا ۽ عام فهم آهن، جن ۾ نه آهن ور نه وڪڙ.
ڪلام جو نمونو
عشقِ بي دل گهٽي ڪيئن يار واري کي ڇڏي،
ڪيئن ڀلا بلبل گلن جي سبز ٻاري کي ڇڏي.
رات ڏينهن جو روڄ راڙو ورد ٿيو مجروحِ دل،
چشم پرنم ڪيئن ڀلا چئو اشڪباري کي ڇڏي.
ريءَ سڄڻ جي رات گهارڻ شل نه ٿي ڪنهن کي نصيب،
يار بن ٻيو ڇا ڪندو اختر شماري کي ڇڏي.
عيش عشرت ڪيئن وڻي ديدار دلبر جي سوا،
دل کي راحت ڪيئن اچي هن سوگواري کي ڇڏي.
زلف ابرو جا هنيل سالم ڏٺاسون ڪينڪي،
درد واري دل ڪٿي ٿي آهه زاري کي ڇڏي.
ڏي حقيرا سر اچي هن عشق جي ايوان ۾،
پيا سوين زاهد ٽپي پرهيزگاري کي ڇڏي
(1).
-
سهڻا تون ڪري قرب هي بيمار ڏسي وڃ،
زردار اچي جلد هي نادار ڏسي وڃ.
هر وقت پرين ڪهڙا پيو ڪانگ اڏايان،
بهتر ته اچي پاڻ هي لاچار ڏسي وڃ.
پو ڪهڙا قبا قبر تي دلدار اڏيندين،
هيڻي جو اچي حال هڪوار ڏسي وڃ.
اي حسن سندا شاهه ڪري عرض گدا ڇا،
هڪ وار ته خيرات جو حقدار ڏسي وڃ.
دل قيد ڪيئه زلف جي زنجير ۾ سوگهي،
پر جلد سو پابند گرفتار ڏسي وڃ
(1).
-
محمد موسيٰ ”راز“
]1899ع
-
[
محمد موسيٰ ولد علي بخش ڀٽي تخلص ”راز“ حيدرآباد ۾
تولد ٿيو. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري سٽي سروي
۽ لئنڊ رڪارڊس ۾ منشي ٿيو، مگر جلد تپيداري جو
امتحان پاس ڪري ساڳي هنڌ تپيدار ٿيو. 1929ع ۾
ڪوآپريٽو جي محڪمي ۾ سپروائيزر ٿيو جتان 1955ع ۾
انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. هن 1938ع ۾
امر تسر مان آيرويدڪ ۽ يوناني طبيہ ڪاليج مان حاذق
الاطباءِ جو امتحان پاس ڪيو هو تنهن ڪري نوڪري سان
گڏ طب جو ڪم پڻ ڪندو هو.
راز کي حافظ حيات شاهه، فقير محمد عاجز ۽ محمد بخش
واصف جي صحبت ۾ شعر جو چاهه پيدا ٿيو. هو پنهنجو
ڪلام وقت بوقت بزم مشاعره لاڙڪاڻه جي طرحن تي
موڪليندو هو جو الحقيقت هفتيوار ۽ گلدسته سنڌ
ماهوار ۾ شايع ٿيندو هو. هن جو ڪلام سنڌ جي ٻين
اخبارن جو پڻ سينگار بڻبو هو.
راز صاحبِ ديوان شاعر آهي، سندس ديوان سندس پوين
وٽ محفوظ آهي. عبدالله ”خواب“ سندس ننڍو ڀاءُ آهي.
راز ڪيترا لاجواب نظم لکيا آهن جن ۾ حيدرآباد جي
قلعي تي لکيل نظم شاهڪار آهي. راز پُرگو شاعر هو.
هن جا خيال پُراثر ۽ ٻولي پنهنجي دور جي شاعرن کان
وڌيڪ صاف آهي. هن جي شاعري تي مذهبي، اصلاحي ۽
قومي رنگ ڪافي حد تائين چڙهيل آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
جادو هي ڪهڙي قسم جو ان جي نظر ۾ هو،
بيهوش جو نه هو سو به ان جي اثر ۾ هو.
اڄ ڪلهه جي ڳالهه ناهي ازل کان هي عشق آهي،
آدم کان اڳ به ذڪر سندس بحر و بر ۾ هو.
قاصد چيو ٿي جيڪي سا تنهنجي زبان هئي،
جمله جلال تنهنجو سندئي نابر ۾ هو.
ڇاکان نه اُت پون ها ٽپي پرت کان پتنگ،
سامانِ صد حيات چراغِ سحر ۾ هو.
ڏوريم تمام ڏيهه پرين لئه پري پري،
ليڪن ڏٺم جو غور سان شهه رگ جي ڀر ۾ هو.
کليو جو راز عشق مجازي جو ويا ڀڄي،
هو درد جو جگر ۾ ۽ سودا جو سر ۾ هو.
-
آهه ڇو گردش ۾، ڇو کائي ٿو چڪر آفتاب،
پيو ڦري هر روز تنهن سهڻي جي خاطر آفتاب.
روز تنهن سلطانِ عالم جي سلاميءَ لئه ڏسو،
صبح سان نڪري ٿئي ٿو سڪ مان ظاهر آفتاب.
ڇو ٿو ٿين نازان جوانيءَ تي ايها ويندي ائين،
جئن چڙهي هر صبح، سانجهيءَ جو وڃي گهر آفتاب.
اي پريرو زلف تنهنجا رات ۽ منهن ڏينهن آهه،
ماهه هڪ رخسار ۽ رخسار ديگر آفتاب.
حسن ڪنهن جو آهي هي اي راز جنهن تي روز شب،
شوق مان صدقي ٿين ٿا ماهه و اختر، آفتاب.
-
حافظ محمد ”احسن“
]12،
اپريل 1900ع -
[
محمد ولد جمع خان چنو تخلص ”احسن“ ڳوٺ ملڪاڻي
تعلقو دادو ۾ تولد ٿيو. پنجن سالن جي عمر ۾ مولوي
غلام محمد نقشبندي ملڪاڻين واري جي مدرسي ۾ داخلا
ورتائين جتي قرآن شريف حفظ ڪيائين ۽ سنڌي، پارسي ۽
ٿوري عربي تعليم حاصل ڪيائين. 1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ
۾ ديني مدرسو قائم ڪيائين جتي 1951ع تائين تعليم
ڏيندو رهيو.
شاعري ۾ 1921ع کان وک وڌايائين. شاعري ۾ سندس
استاد مرزا قليچ بيگ ۽ جمع خان غريب هو. غريب جي
سنگت ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻه، بزم مشاعره ناري، بزم
مشاعره صوفي ۽ بزم بلبل ميهڙ ۾ وڏي چاهه سان بهرو
وٺڻ لڳو. 1943ع ۾ انجمن آفتاب ادب دادو جو پايو
وڌائين جنهن جو سيڪريٽري آهي. انجمن آفتاب ادب جي
سهاري هيٺ ٻه ادبي ڪانفرنسون سال 1949ع ۽ 1952ع ۾
دادو ۾ منعقد ٿيون. هن وقت دادو مان هفتيوار اخبار
”آواز سنڌ“ ڪڍي رهيو آهي جنهن ۾ قديم ۽ نون شاعرن
جو ڪلام نهايت اهتمام سان شايع ڪندو آهي.
احسن نثر توڙي نظم ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، سندس نظم
۾ ديوان احسن، گلزار شعر، احسن الاخلاق، رباعيات
احسن، مظاهر مصطفوي، گلدسته احسن، گلزار احسن،
لطيفي لات ۽ احسن الاشعار ۽ نثر ۾ سوانح مخدوم
بلاول، شاهه جو پيغام، بنات الرسول، قصص النبيا ۽
سراپاءِ رسول شايع ٿيل آهن.
حافظ احسن پُرگو شاعر آهي ۽ انهن پهرين شاعرن مان
آهي جن جو ديوان شايع ٿي چڪو آهي. حافظ احسن جو
موجوده ڪلام مذهبي ۽ قومي رنگ ۾ رنڱيل آهي. نه صرف
هن جي غزلن ۾ سادگي، سلاست ۽ رواني آهي پر انهن ۾
برجستگي ۽ پختگي به آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
سامهون ٿو اچي تيز مان دلبر ته نه آهي
ڌڪ ڌڪ ٿي ڪري دل، ڇا سندس ڏر ته نه آهي.
هر حڪم ۽ فرمان مڃي دل ٿي سڄڻ جو،
حاڪم يا دلين جو ڪوئي افسر ته نه آهي.
هٿ جي ٿو اشاري سان ڪري دليون مسخر،
ڇا يار کي جادو يا ڪو منتر ته نه آهي.
هر وقت درِ يار تي عشاق جو ميڙو،
برپا ٿيو هنگامئه محشر ته نه آهي.
احوال ڪيم دل جو ته جهٽ پٽ ۾ چيائين،
ڪر بند شڪايت جو هي دفتر ته نه آهي.
محبوب جي الفت ۾ چيو شعر تو احسن،
دل تنهنجي ۾ ڪو عشق جو جوهر ته نه آهي.
-
چيم مون سان ملڻ جي ڪا عنايت دلربا ٿيندي،
چيائين ها، ڪڏهن مقبول تنهنجي التجا ٿيندي.
پکيڙي زلف، ٺاهي دام، اڄ دلدار تون ويٺين،
نه بچندي پر يقين آهي وڃي دل مبتلا ٿيندي.
وجهن واسينگ وانگر ور ٿا سي زلف سيہ تنهنجا،
انهن زلفن سان همسر ڪينڪي ڪاري بلا ٿيندي.
ڀلي ڪر قتل قاتل، پر نه ڪر تون خون هي ضايع،
هٿن تنهنجن رڱڻ جي لاءِ هيءَ بهتر حنا ٿيندي.
چيم دلبر دمِ آخر پسائج رخ تون ”احسن“ کي،
چيائين خاطري ڪر تنهنجي پوري مدعا ٿيندي.
-
|