قلندر بخش ”نثار“ بزمي
]13،
جون 1924ع -
[
قلندر بخش ولد محمد حسن جوڻيجو تخلص ”بزمي“
نثار بزمي جي نالي سان مشهور آهي. سندس ڳوٺ
مرزاپور نزديڪ الهداداڻي ريلوي اسٽيشن ضلع سکر ۾
آهي. ڪجهه وقت پرائمري ماستري ۽ تپيداري ڪرڻ کان
پوءِ نوڪري ڇڏي تجارت ڪري رهيو آهي.
نثار بزمي هڪ سٺو ڳائڻو ۽ موسيقار رهيو آهي.
هن کي راڳ ۾ هڪ طرف سيد منور علي شاهه معصومي ۽
الهڏني جهڙن استاد ڳائيندڙن ۽ ٻئي طرف عمر دل
فقير، فقير ايسر داس، فقير غلام علي مسرور ۽ صوفي
سانوڻ مل جهڙن صوفين جي سنگت ۽ صحبت حاصل ٿي آهي،
جنهن هن کي موسيقي جي فن ۾ مهارت بخشي آهي.
نثار بزمي مشاعرن کان پري رهي پنهنجن دوستن ۽
احبابن جي خاص ٽولي ۾ شاعري ڪندو رهيو آهي. هن
شاعري سان گڏ ڪيترا ڊراما پڻ لکيا آهن، جن ۾
بيداري ۽ غريبن جي آهه ڪافي پسند ڪيا ويا آهن.
شاعري ۾ ”سنڌڙي“ نالي سان سندس ڪلام جو مجموعو
1971ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
نثار بزمي جي ڪلام ۾ وڏي رواني ۽ سلاست آهي.
هن جي ٻولي سولي، صاف ۽ وڻندڙ آهي. سندس غزلن ۾
موسيقيت جو گهرو اثر آهي، سندس خيال وڻندڙ ۽ پرڪشش
آهن.
ڪلام جو نمونو
زندگي آ اُجاڙ بن وانگر،
دل جي احساس جي ٿڪن وانگر.
دل جي ناڪام حسرتن جو قسم،
مان آهيان لاش جي ڪفن وانگر.
هي به احسان آهي ڪرمن جو،
مان رلان سرءُ جي پنن وانگر.
پنهنجي قسمت سنوارجي نه سگهي،
يار جي زلف پرشڪن وانگر.
منهنجي اکين جا جام ٿا ڇلڪن،
اُڏرندي ڪانگ جي پرن وانگر.
ڇو ٿيو آئين تون ميان ”بزمي“،
ڇورڙي ٻار جي لٽن وانگر.
-
نقابِ شب ۾ جمال سحر تلاش ڪجي،
اچو تبسم گل هاءِ تر تلاش ڪجي.
ذرهه ذرهه ۾ ڪو ڳوليون فروغ ماهه و نجوم،
رداءِ خاڪ ۾ لعل و گهر تلاش ڪجي.
نياز و ناز جا تازا ڪريون ڪي افسانا،
به ذوق عجز ڪوئي سنگ در تلاش ڪجي.
چمن اداس آ، گل سرنگون، فضا خاموش،
اچو طلاطم برق و شرر تلاش ڪجي
(1).
-
الهورايو ”سليم“ ڳاڙهوي
]15،
مارچ 1925ع –
[
الهورايو ولد حاجي الهڏنو مهر تخلص ”سليم“ ڳوٺ
ڳاڙهي تعلقي خيرپور جو رهندڙ آهي. کيس شاعري جو
شوق ننڍپڻ کان هو، اسڪولي زماني ۾ استاد سندس
ڪافيون ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا، هن عروضي شاعري جي
ميدان ۾ 1947ع کان پير پاتو ۽ لاڙڪاڻي جي مشهور
عروضي شاعر حاجي محمود خادم جي شاگردن جي صف ۾
شامل ٿيو. سندس شروعاتي ڪلام اديب سنڌ جي زينت
بڻيو.
سليم کي پنهنجي زمينداري ۽ کجين جا باغ آهن،
جنهن ڪري سندس وقت سکيو گذري ٿو. هو اڪيلائي پسند
۽ گوشئه نشين رهندو آهي، ڪڏهن به ڪنهن بزم مشاعرهه
يا ادبي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو آهي البت سندس ڪلام
هر مشاعرهه ۽ ڪانفرنس ۾ پهچي ويندو آهي.
سليم نهايت پرگو شاعر آهي، سندس ڪلام ۾ سنڌوءَ
جهڙي رواني ۽ تيزي آهي. هن هر صنف تي لکيو آهي.
جيتوڻيڪ هو پنهنجي غزلن کي جديد رنگ ۾ رنگي رهيو
آهي پر سندس ڪلام تي قديم رنگ جي چٽسالي نمايان
آهي. سندس انداز بيان شيرين ۽ ٻولي سادي هوندي آهي
۽ هن جي غزلن ۾ جماليات جي سهڻي ترجماني هوندي
آهي.
ڪلام جو نمونو
ضبط جو بند ڀڃڻ چاهيان ٿو،
تنهنجي محفل ۾ اچڻ چاهيان ٿو.
دل جي ٽڪرن کي رکي تو آڏو،
تنهنجو احساس ڏسڻ چاهيان ٿو.
چاهه منهنجو به عجب چاهه آهي،
توکي ئي توکي ڏسڻ چاهيان ٿو.
اي غمِ دوست رهين ٿو دل سان،
تنهنجا احسان مڃڻ چاهيان ٿو.
ڪنهن جي آمد جون اميدون آهن،
راهه ۾ نيڻ رکڻ چاهيان ٿو.
روبرو چشمِ غزال آهه سليم،
هڪ غزل ٻيو به لکڻ چاهيان ٿو.
-
تصور ۾ جڏهن توکي ڏسان ٿو،
خطا پنهنجي پرين توکان پڇان ٿو.
محبت ۽ مروت گم ٿي ويئي،
ترقيءَ جو زمانو آ مڃان ٿو.
ملن ٿا ڪن کان گل ۽ ڪن کان پٿر،
جهلي جهولي اٿم سڀ ڪجهه وٺان ٿو
(1).
-
علي محمد خالدي
]10،
جون 1925ع – 30، آگسٽ 1972ع[
علي محمد ولد نهال خان لشاري تخلص ”خالدي“ هڪ
غريب هاري جو فرزند هو. پنهنجي محنت ۽ علم حاصل
ڪرڻ جي شوق هن کي وڏي منزل تي پهچايو.
هن پرائمري ۽ انگريزي تعليم ٺٽي ۾ حاصل ڪئي پر
مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسه مان پاس ڪيو. هو انهن
شاگردن مان هڪ هئو جن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جي
شروع ٿيڻ سان ان ۾ داخلا ورتي هئي. خالدي بي.اي
1949ع ۾ ۽ ايل.ايل.بي 1951ع ۾ پاس ڪئي.
تعليم وارن ڏينهن ۾ هو سنڌ سول سپلاءِ ۾ ڪم
ڪندو هو. ايل.ايل.بي پاس ڪرڻ کان پوءِ پهريان ٺٽي
(1952ع) ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. وڪالت
دوران علمي شوق سبب 1964ع ۾ ايم. اي سنڌي ۾ پڻ پاس
ڪيائين. هو ٺٽي ۾ اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ڊسٽرڪٽ
پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو، وفات کان اڳ کيس سنڌ جو
اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو هو.
خالدي 1942ع کان شاعري شروع ڪئي. ڪراچيءَ ۾
کيس غلام احمد نظامي جهڙي شاعر جي استادي حاصل ٿي،
جنهن کيس شاعري جي فن کان چڱو واقف ڪيو. ان وقت
نظامي صاحب جا ٻيا به شاگرد امير علي شاهه ”جامي“
معصومي ۽ عطا محمد ”حامي“، نظامي صاحب جي شعر و
شاعري جي صحبتن کان مستفيض ٿيندا هئا. هنن ٽنهي
اڳتي هلي شاعري ۾ چڱو نالو ڪڍيو.
خالدي بنيادي طرح نظم جو شاعر هو، هن ڪيترائي
سٺا نظم لکيا جن ۾ ڪينجهر، ڪارونجهر، مڪلي ۽ گنجي
ٽڪر وارا نظم ڪافي مقبول آهن. سندس تصنيفن ۾ نسيم
سحر (شاعري)، مڪلي جا پراسرار داستان ۽ خاموش
گواهه نهايت دلچسپ آهن. ”ڪليات خالدي“ قلمي صورت ۾
آهي.
خالدي ٺٽي جي شاعري جو اهو ڏيو هو جيڪو زمان
شاهه جي شمع جيان گل ٿيڻ کان پوءِ روشن ٿيو هو.
سندس غزلن ۾ رواني ۽ فني خوبيون هيون. جيتوڻيڪ هن
جي غزل جو رنگ قديم شاعرن کان متاثر هو پر هن ان ۾
ڪيترا نوان خيال بيان ڪيا هئا. جتي هن ليلا مجنون
۽ شيرين خسرو جو ذڪر ڪيو هو اتي سسئي پنهون ۽ مومل
مينڌري کي به نه وساريو هو.
ڪلام جو نمونو
(1)
بدلجن پيئون تقديرون، ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون،
ٿين ٿيون نقش تحريرون، ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون.
سسئيءَ کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ، آري کي اچي ڪرڻيون،
پيون اختيار تدبيرون، ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون.
ڪڏهن ڏک جون، ڪڏهن سک جون، ڪڏهن رنج و مسرت جون،
ڏئي ٿو عشق جاگيرون، ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون.
دمادم خالدي وحدت سنديون مستيون ”اناالحق“ جون،
هنيم مستيءَ ۾ تڪبيرون، ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون.
-
اميرن کان لقب القاب اميرانه به وسري ويا،
محبت ۾ ڪرڻ ٺٺ ٺاٺ شاهانه به وسري ويا.
جنون و وحشت و ديوانگي پنهنجي ڏسي مون کان،
يڪايڪ قيس و وامق جهڙا ديوانه به وسري ويا.
سرِ محفل ٿي پنهنجو پاڻ ائين قربان ڏيکاريم،
جو شمعِ انجمن کان پنهنجا پروانه به وسري ويا.
محبت عقل و دانش ساڻ اهڙو ڪم ڪري ورتو،
حڪيمن کان جو سڀ نڪتا حڪيمانه به وسري ويا.
مٽايو ”مان“ ۽ ”تون“ جو مسئلو ائين نينهن جي ناتي،
حريفن کان جو منصوبا حريفانه به وسري ويا.
چپيٽون خالدي اهڙيون فقيرن عشق جون کاڌيون،
جو تن کان آستانا ئي فقيرانه به وسري ويا.
-
محمد شفيع ”انور“ هالائي
]11
ڊسمبر 1925ع –
[
محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو تخلص ”انور“
هالائي ميين عيسيٰ هالائي جي اولاد مان آهي. انجمن
علم و ادب هالا جي ادبي سرگرمين ۽ اديب سنڌ
لاڙڪاڻه جي مطالعي کيس شعر چوڻ جو چاهه ڏياريو.
سندس شروعاتي ڪلام اديب سنڌ ۾ شايع ٿيو. شاعري ۾
اختر هالائي جو شاگرد آهي.
انور نوڪري جي سلسلي ۾ روينيو کاتي ۾ تپيدار
هو، جتان نوڪري ڇڏي ڪجهه وقت روزانه هلال پاڪستان
ڪراچي ۾ ڪم ڪندو رهيو. موجوده وقت ۾ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ رسالي ”گل ڦل“ کي ڪاميابي
سان شايع ڪري رهيو آهي.
انور هالائي ڪيترين ادبي جماعتن ۾ سرگرم حصو
وٺندو رهيو آهي. هو انجمن علم و ادب هالا جو
سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ سنياسي ادبي سنگت هالا جي
خاص رڪنن مان آهي.
ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي رسالا گهڻو ڪري بند
ٿي ويا هئا، ان وقت ماهوار رسالو فردوس جاري ڪري
سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هن رسالي ڪيترا نوان
اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا. هن رسالي ۾ بزم فردوس جي
نالي سان طرحي مشاعرا شايع ڪيا ويا، جن سنڌي غزل
جي اوسر ۾ وڏو ڪم ڪيو.
انور هالائي جو هڪ سماجي ناول ”آواره“ 1953ع ۾
شايع ٿيو جيڪو پنهنجي وقت جو پسنديده ناول آهي.
انور جي غزل ۾ لطيف جذبن ۽ دلي امنگن جي اپٽار
آهي، هو حسن ۽ عشق جو شاعر آهي تنهن ڪري سندس غزل
حسن جي ساکن ۽ عشق جي آهُن سان ڀريل آهي. هن جي
غزلن ۾ ڪي نهايت وڻندڙ ۽ نيون تشبيهون ملن ٿيون جن
هن جي غزل جي حسن ۾ اضافو ڪيو آهي.
ڪلام جو نمونو
هاءِ حياتي، درد جي بجلي، غم جا بادل ڏک جا پاڇا،
تن من جي مون بازي لڳائي، آشا وڇڙي آئي نراشا.
گلشن گلشن، صحرا صحرا، ڀٽڪي ڀٽڪي چين نه پاتم،
وڇڙيل پن جئن واءُ ۾ وٽجي، نيٺ ٿئي ٿو خاڪ جا ذرڙا.
پيار اجايو ساهه سڪائي، لوساٽي ٿو جسم جواني،
ڦٿڪي ڦٿڪي سور سهايم، اُف نه چيم جئن دکڙا آيا.
ونئڻ جي گل جان پاڻ وڃائي، پيار جو نالو روشن ڪريان،
ڪئن پلئه پئي آس اندر جي، نيٺ ٽٽي پيا دل جا ڌاڳا.
دشمن بنجي پنهنجا آيا، جوت جي اگني آهه اُجهائي،
مون لئه آهي رات انڌاري، ڪٿ ٿا چمڪن چنڊ ستارا.
تنهنجي خاطر انور آخر پوڄاري آ تنهنجو بڻيو،
چپ ڇو آهين، ڪين ڪڇين ٿو، ڪا ته سخا ڪر دل جا داتا.
-
هن جي آئي موت آسان ٿي ويو،
نيٺ منهنجو پورو ارمان ٿي ويو.
چشم ساقي جو ڏٺم هي معجزو،
صحنِ مسجد بزم رندان ٿي ويو.
مون لڪايو پر جنونِ عشق ۾،
دردِ دل جو راز عريان ٿي ويو.
جو بنايم ڪانو ڪانو گڏ ڪري،
آشيانو نذرِ طوفان ٿي ويو.
موج ۽ مستيءَ ۾ آيا مي پرست،
جوش ۾ انور به قربان ٿي ويو
(1).
-
|