ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين کي
خاص طرح وڏي پيڙهيءَ وارن کي سنڌي زبان سان پيار
نه پر چريائپ جي حد تائين عشق آهي، هو پنهنجي جيجل
ٻوليءَ کي نه صرف زندهه پر وڌندو ويجهندو ڏسڻ
چاهين ٿا ۽ ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ڪري رهيا آهن، پر هنن جو پنهنجو پرڳڻو ڪا زمين ڪين
آهي، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو مايوسي جو شڪار ٿي وڃن
ٿا جيئن موهن ڪلپنا جي هنن لفظن مان ظاهر آهي،
”ٻوليءَ کي ڳوٺ پيدا ڪندا آهن ۽ هندستان ۾ سنڌي
ڳوٺ ڪين آهن، ٻوليءَ جو واهپو روزمرهه جي زندگيءَ
سان ٿيندو آهي، مگر ترقي لاءِ ان جو دفتر ۽ ٽپال
۾، ڪورٽ ۽ واپار ۾ هلڻ لازمي آهي، اسين سنڌ ڇڏي
جلاوطن ٿي وياسين، هتي اسان جي پيرن هيٺان زمين نه
آهي، تاريخ جو پورو وهڪرو سنڌي زبان ۽ ادب جي خلاف
آهي“
(1).
موهن ڪلپنا جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي
ٻوليءَ جي ڀارت ۾ آئيندي بابت وڌيڪ پراميد آهي هو
چوي ٿو، ”ڀارت ۾ سنڌي کي پنهنجو الڳ ڪوبه علائقو
ڪونهي. سنڌي ڳالهائيندڙ جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾
ٽڙيل پکڙيل آهن، جنهن ڪري سنڌي ٻولي، ادب توڙي
تعليم جي کيتر ۾ سڀاويڪ طرح ڪيتريون مشڪلاتون آهن.
انهن جي باوجود سنڌي اديب ۽ اڳواڻ پنهنجي ٻولي،
ادب ۽ سنڌيت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ انهيءَ جي واڌاري
لاءِ جفاڪشي ڪري رهيا آهن. انهيءَ کي ڏسي چئي
سگهجي ٿو ته ڀارت ۾ سنڌي ادب جو آئندو بلڪل
اونداهو نه آهي. اهو وقت جلد ايندو جڏهن ڀارت جي
ٻين ادبي ٻولين جيان سنڌي به هر کيتر ۾ ترقي جي
راهه تي اڳتي اڳتي وڌندي ويندي“
(2).
ڀارت ۾ شروعاتي گهٽ ۽ ٻوسٽ کان پوءِ سنڌي شعر
جي خشڪ ٿي ويل زمين تي ميگهه ۽ ملهار ٿيو، پهريان
هلڪيون بوندون پيون پوءِ پيٽ پيٽان ٿي وئي ۽ چوطرف
واهوندا وريا، سنڌي شعر جي زمين سائي ۽ سرهي ٿي
وئي ۽ ڪيترائي نوان سهڻا رنگ به رنگي گل ٽڙي پيا،
جن گهڻن جي دلين کي موهي رکيو. شاعري جذبن جي
تصوير آهي، جڏهن جذبن ۾ آنڌمانڌ پيدا ٿئي تڏهن
شاعر ڪجهه ڪڇڻ کان ماٺ ڪٿي ٿو ڪري سگهي. سنڌ مان
جيڪي شاعر ڀارت لڏي ويا هئا تن ۾ ليکراج عزيز،
پرسرام ”ضيا“، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ”خادم“ ،
پرڀو ”وفا“، نارائڻ ”شيام“، هري دلگير ۽ ڪي ٻيا
سنڌ ۾ به شاعري ڪندا هئا ۽ انهن مان ڪي استاد شاعر
تسليم ڪيا ويندا هئا. وقت جي حالتن جو انهن شاعرن
تي گهرو اثر هو خاص طرح پنهنجي وطن کان وڇڙڻ،
پنهنجي جنم ڀومي، جتي هنن جي زندگي جون گهڙيون
گذريون هيون، جي جدائي جا چاڪ هنن جي اندر ۾ چڪي
رهيا هئا. پنهنجي اباڻي زمين کان سواءِ انسان
ويڳاڻو آهي. سنڌي هندن اهو ڪجهه وڃايو هو جيڪو
ڪنهن انسان جي روح جو حصو آهي، تنهنڪري هنن انهيءَ
پيڙا کي شعر جو جامو پهرائي پيش ڪيو. اهڙيءَ طرح
ڀارت ۾ سنڌي شاعري جو سلو ڦٽو. جيئن لڏي ويل شاعرن
مان گهڻا غزل گو شاعر هئا، تنهن ڪري هنن سنڌ جي
ڌرتي سان پنهنجي محبت جو اظهار ٻين صنفن کان وڌيڪ
غزل جي زمين ۾ ئي ڪيو.
ديس پنهنجو ڇڏي پرديس وسائي دنيا،
روح جي جن سان رچي، ماڳ مٽائي ويٺا.
هن دورنگيءَ جي عجب دور جدايون آنديون،
پنهنجا پنهنجن کان اڏا دور اڏائي ويٺا.
سي رهاڻيون ڪٿي، ديدار ڪٿي، پيار ڪٿي،
ڪن، اکيون، دل ٽيئي دلدار سڪائي ويٺا.
جنجي لئه پنهنجا پراوا مون ڪيا ترڪ عزيز،
سيئي سورن جا ڏيئي ساٿ سڪائي ويٺا.
ليکراج ”عزيز“
(1).
-
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو،
اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو.
هن روح جي ڪڙيءَ کي نه ورثي کان ڪاٽجو،
ڦٿڪي رهي آ قوم انهيءَ کي جيڻ ڏيو.
سنڌوءَ جي ڌار، ڌار رهي ڪين ٿي سگهي،
ساري نديءَ جي آب کي جهرجهر وهڻ ڏيو.
هر فرد جي نراڙ تي هر قوم جو نشان،
سنڌين ۾ مونکي سنڌ جي صورت پسڻ ڏيو.
(ارجن شاد)
(1).
سنڌو ۽ سنڌڙيءَ جو ويٺي خيال آيو،
اي اک ملينءَ نه دل سان، ڳوڙها نه هيئن پئين ها.
-
گنگا جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.
(نارائڻ شيام).
جتي هنن کي پنهنجي وطن کان وڇڙڻ جو صدمو هو
اتي هنن کي نئين ڌرتي، نئين ماحول ۾ پنهنجي ٻوليءَ
کي زندهه رکڻ جو به اونو هو. هنن کي پنهنجي ٻوليءَ
سان محبت هئي هنن پنهنجي نئين نسل ۾ به پنهنجي
ٻوليءَ سان محبت جو اتساهه پيدا ڪرڻ ٿي چاهيو،
تنهن ڪري هنن پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ پنهنجي
ٻوليءَ جي ساراهه جو اظهار ڪيو.
جنهن ۾ ماءُ ڏني مون کي لولي،
اها زندهه رکندس سنڌي ٻولي.
-
هستي جي گم ٿيڻ جو نه پيدا گمان ٿئي،
منهنجي ڪنن ۾ شاهه جي ٻولي ٻرڻ ڏيو.
(ارجن شاد)
الا، ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
(نارائڻ شيام)
”نرمل“ گهڻيون ئي سهڻيون ٻوليون جهان ۾ آهن،
ڪجهه اور آهه ليڪن، سنڌي زبان سهڻا.
(واسديو نرمل)
(1)
اڄ جو شاعر هڪ اهڙي دور ۾ رهي ٿو، جو حقيقت ۾
مادهه پرستي جو دور آهي، هن دور جو شاعر نه صوفي
آهي نه ولي آهي نه ڪاني ڪرامت جو صاحب نه غيب جي
اسرارن جو ڄاڻو، هو ٻين عام رواجي انسانن جهڙو
انسان آهي مگر هن کي قدرت جي طرفان وڌيڪ حساس دل
عطا ٿيل آهي، جيڪا نه صرف پنهنجي پيڙا کي پر ٻين
جي ڏک کي به محسوس ڪري ٿي ۽ سماج جي ناانصافين ۽
اوڻاين خلاف آواز اٿاري ٿي.
1947ع ۾ آزادي ملڻ ۽ هندستان جي ورهاڱي
کانپوءِ اسان جي ملڪ ۾ کليل هوا جنهن ۾ سهنجو ساهه
کڻي سگهجي بجاءِ گهٽ ۽ ٻوساٽ رهيو آهي، جمهوريت کي
دم پٽڻ ئي نه ڏنو ويو آهي، بار بار مارشل لا لڳائي
جمهوريت کي جهوريو ويو آهي.
خاص طرح سنڌ وارن کي پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي
محرومي جو احساس رهيو آهي ڪراچيءَ جو سنڌ کان جدا
ٿيڻ، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ ٻوليءَ جا جهڳڙا اهڙا
واقعا آهن جن سنڌ جي شاعريءَ جو رخ وطن پرستي ۽
قوم پرستي ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر
خلاف سخت احتجاج ۽ آواز ملي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت
جي سنڌي شاعرن آزاد ماحول، کليل فضا ۽ جمهوري قدرن
۽ روايتن ۾ ساهه کنيون آهي. تنهن ڪري هنن جي ڪلام
۾ سنڌ جي شاعرن واري قوم پرستيءَ بجاءِ زندگي جي
ٻين مسئلن جي عڪاسي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڀارت جي سنڌي
شاعر جي خيالن ۾ وسعت ۽ ڪشادگي آهي. هو انساني
زندگيءَ جي غم ۽ خوشي، بک ۽ بيروزگاري، سرمائيداري
۽ غريبي، روزمرهه جي ٻين مسئلن انساني عظمت ۽
زندگيءَ جي نون قدرن، انجي مجبورين، محرومين،
ناڪامين ۽ حاصلات کي پنهنجي ڪلام ۾ وڌيڪ جاءِ ڏئي
ٿو ۽ سماجي اوڻاين خلاف آواز اٿاري ٿو. هو پنهنجن
اهڙن جذبن کي شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏ غزل ۾ به
جاءِ ڏي ٿو. تنهن ڪري ڀارت جو سنڌي غزل پراڻي
روايتي پيچري کي ڦٽي ڪري نئين راهه تي هلڻ لڳو
آهي، جنهن ۾ غمِ جانان گهٽ پر غمِ دوران زيادهه
آهي، ڀارت جي سنڌي غزل ۾ خيالن ۾ وسعت ۽ اهڙي نواڻ
پيدا ٿي وئي آهي جهڙي سنڌي غزل اڳ ڪڏهن به ڏٺي نه
هئي، نارائڻ شيام جي هن غزل مان پتو پوي ٿو ته
ڀارت جي سنڌي غزل پنهنجي زمين ۾ خيالن جي ڪهڙي
نواڻ آندي آهي:
ائن ته سڀن جي رات وهاڻي،
پر ڪنهن ڀوڳي ۽ ڪنهن ماڻي.
سرخ افق جا ڏٺئه صبح جو،
رات جي اک اوجاڳي هاڻي.
حال پڇيو پنهنجن ۽ پراون،
دل جو دک نه سگهيو ڪو ڄاڻي.
آياسين ته سپون ئي سوڌڻ،
پر جي هوند گهرو پاڻي.
مند نئينءَ جو واءُ وريو جيئن،
گذريل رت جي ڌوڙ اڏاڻي.
پل تي بيهي ڪئن نه ڏٺئه پئي،
گهوري گهوري وهندڙ پاڻي.
دهلي هيڏي ساري بستي،
شيام تڏهن ڀي دل ويڳاڻي.
(نارائڻ شيام)
۽ هيٺيان شاعر ٻڌائن ٿا ته ڀارت جو شاعر غمِ
دوران جو ذڪر ڪيئن ڪري ٿو:
ڪنهن مشيت جان زندگاني آ،
هي نئين جڳ جي مهرباني آ.
(ايم – ڪمل)
مان مري پڻ ڪڏهن مران ئي نٿو،
ڪئي مون اڄ به خودڪشي آهي.
(ارجن حاسد)
گذاري جي ڪشاڪش ۾ الا ايڏو پتوڙيوسين،
جو پنهنجي جان مان آخر اسين بيزار ٿي پياسين.
(موتي پرڪاش)
فقط بک جي ڪري ايندو نه ڪوئي انقلاب آهي،
لڙڻ جو ناهه جي جذبو، مرڻ سان ڪجهه نه ٿيڻو آ.
(ڪرشن راهي)
ڀارت جو شاعر طبقاتي ناانصافين کان واقف آهي،
هو وڏن شهرن جو رهواسي آهي، جتي هن کي ڪارخانيدارن
۽ مزدورن جي ڪشمڪش جا نظارا هر روز ڏسڻ ۾ اچن ۽
وڏن شهرن ۾، وڏن ماڻهن جي، وڏن بنگلن جي ڦٽپاٿين
تي، پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا انسان ڏسي هن جي دل ۾
پنهنجي پرماريت واري سماج خلاف ڌڪار ۽ بغاوت پيدا
ٿئي ٿي ۽ هو شعوري طرح پنهنجي شعر ۾ طبقاتي نظام
خلاف آواز اٿاري ٿو:
سرڪار پنهنجي ساڻ بغاوت ٿي ڏوهه پر،
جي ڏينهن رات بک ۾ ٿجي پاهه ڇا ڪجي.
محنت جو ڦل جي هن نه ته ٻئي جنم ۾ ملي،
جنهن ۾ پر ڄمي نه جي ويساهه ڇا ڪجي.
(ارجن شاد)
روز جيان روز ٿو سج اڀري،
روز ماڻهوءَ کي ورائي ڇڪتاڻ.
(ارجن حاسد)
هڪل پنهنجي نه گهٽ باروت جي ئي کاڻ کان آهي،
ستم جي هر عمارت جي ٿياسون جڙ پٽڻ وارا.
(ليکراج عزيز)
پيڙي انسان کي انسان، هي اوندهه ته ڏسو،
ڪنهن طرح شمع مساوات جڳائين ته مڃانءِ.
(نارائڻ شيام)
غزل عشقي شاعري جو ٻيو نالو آهي، ان هوندي به
غزل جي ريشمي چولي ۾ سماجي، سياسي، معاشي، اقتصادي
حالتن کان متاثر ٿيل جذبن جا جواهر جڙيا وڃن ٿا،
پر ان جو تاڃي پيٽو وري به عشق ئي رهيو آهي. ان ۾
شڪ ڪونهي ته ڀارت جي سنڌي شاعرن غزل ۾ اهڙي نواڻ
پيدا ڪئي آهي جو اهو ڄڻ عشق ۽ محبت جي گس ۽ گهيڙن
جو واقف ئي نه آهي پر جيئن ته شاعر محبت کان
پنهنجو دامن بچائي نٿو سگهي تنهن ڪري هو وري به
مجبور ٿي غزل ۾ پنهنجي عشق ۽ محبت جي اظهار ۾ اردو
۽ پارسي شاعري واري روايتي ۽ بناوتي راهه ڇڏي لفظن
جي ظاهري ٺاهه ٺوهه کان پاسو ڪري سولن سادن لفظن ۾
نهايت سادگيءَ سان پنهنجي محبت جي اظهار کي هڪ
نئين ۽ وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي:
آمهون سامهون دري دريءَ جي آ،
پنهنجو رستو ته ٻيو ڪو ڪونهي.
(ارجن حاسد)
واپس ڪيئه ڪتاب جو، ان ۾ هي پنکڙيون،
ڪيڏو لڳين ٿي ”شيام“ رکو هونءَ سڀاو ۾.
(نارائڻ شيام)
تنهنجي آهٽ ٻڌم صبوح سمي،
بيٺي بيٺي ئي رات ٿي ويئي.
(هري دلگير)
هن کي ٻڌائي هلڪو ڪريان مان ته پنهنجو غم،
هوءَ پنهنجو غم اچي جي ٻڌائي ته ڇا ڪريان.
(ڪرشن راهي)
تنهنجي مرڪڻ مان ٿيو اهو احساس،
حالِ دل اوپري سان اوريوسين.
(ايم – ڪمل)
تو الائي ڇا سوچي مرڪي ڏنو،
دل اڃا پيئي ڪري دعا توکي.
(سڳن آهوجا)
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو املهه خزانو آهي، لغت
جي خيال کان هوءَ هڪ شاهوڪار ۽ وسيع ٻولي آهي.
ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ وسعت جو مدار ڳوٺن ۽ واهڻن
تي آهي، جتي ڪمي، ڪاسبي، وڻج واپار وارا، هاري
ناري وغيره نوان اصطلاح ۽ محاورا گهڙين ۽ مروج ڪن
ٿا. ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين کي نه آهي پنهنجي زمين نه
آهن وستيون ۽ واهڻ، تنهن ڪري هنن جي ٻوليءَ ۾ ٺيٺ
سنڌي وسعت پيدا ٿي نه ٿي سگهي، تنهن نسل کي ٺيٺ
سنڌي پهاڪا، اصطلاح ۽ محاورا سمجهه ۾ ئي نٿا اچن.
ڀارت جي سنڌي، شهرن جي سنڌي وڃي رهي آهي. سنڌ ۾
سنڌي هندن جو سنڌي مسلمانن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ رات
ڏينهن گڏ اٿڻ ويهڻ، ڀائيچاري ۽ ڀائيبندي ڪري ۽
مسلمانن جي ادب جنهن ۾ عربي، پارسي جي لفظن جي
گهڻائي هئي جي پڙهڻ سبب عربي ۽ پارسي لفظن سان
واسطو وڌيل هو ۽ هو پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ عربي ۽
پارسي لفظ روانيءَ سان استعمال ڪندا هئا پر ڀارت ۾
سندن سنڌ وارو ماحول ڪين رهيو آهي تنهن ڪري سنڌ ۾
استعمال ٿيندڙ عربي ۽ پارسي لفظ وڃن ٿا ڏينهون
ڏينهن گهٽبا ڪي پراڻا شاعر جن جي گهڻي عمر سنڌ ۾
ئي گذري هئي تن جي غزلن ۾ اڃا به ڪجهه عربي ۽
پارسي جو پراڻو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جن ۾ ليکراج
عزيز جو نالو سرِفهرست آهي. ڊاڪٽر هرومل سدا
رنگاڻي، هري دلگير، پرڀو وفا، نارائڻ شيام ۽ ڪن
ٻين شاعرن جي غزلن ۾ به ٻوليءَ جو اهو هلڪو رنگ
ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
آرزن جو ٿو رکان حشر لڪائي دل ۾،
جو نه اظهار جي ڏئي ٿو ڪا اجازت بيداد.
(ليکراج عزيز)
(1).
زلفن جي تار تار ۾ بي تاب دل ڏسو،
اڄ بيٺو عشق حسن اڳيان بي پناهه آ.
(پرڀو وفا)
(2).
جي چئون ٿا ته نوان ايندا پيالا ۽ شراب،
نوان ميخانا ۽ ميخوار نوان ٿي پوندا.
(هري دلگير)
(3).
ڀارت جي سنڌي ادب جي مطالعي مان اها ڳالهه صاف
ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته جهڙي طرح سنڌ ۾ اردوءَ جي ويجهي
اچڻ ڪري سنڌي ادب تي اردو ۽ اردوءَ معرفت پارسي ۽
عربي لفظن جو اثر وڌي رهيو آهي، اهڙي طرح ڀارت ۾
سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جي اثر هيٺ اچي پنهنجو روپ
تيزيءَ سان بدلائي رهي آهي. جيڪي ٻوليون ڀارت ۾
سنڌي ٻوليءَ تي وڌيڪ اثرانداز ٿي رهيون آهن، سي
آهن اردو ۽ هندي، هنديءَ جو سنڌيءَ تي گهڻو اثر
آهي ڇاڪاڻ ته اها گهڻن صوبن ۾ لازمي طور پڙهائي
وڃي ٿي. ان کان سواءِ مختلف صوبن جا ماڻهو ان کي
پاڻ ۾ لاڳاپي جي ٻولي طور استعمال ڪن ٿا. هندي جتي
سنڌي ادب جي ٻين صنفن تي اثر وڌو آهي اتي غزل جو
دامن به ان جي اثر کان آجو نه رهيو آهي، پر غزل تي
وري به اردو جو اثر غالب آهي. لڇمڻ ڪومل چوي ٿو،
”هاڻوڪي سنڌي شاعرن مان ڪن تي اڙدوءَ جو گهاٽو اثر
آهي ته ڪن تي هنديءَ جو. جن تي اڙدوءَ جو اثر آهي
سي گهڻي ڀاڱي غزل لکن ٿا“
(1).
جيتوڻيڪ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي تي ڌاريا اثر وڌي رهيا
آهن پر ڪيترن شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي ماتر
ڀومي واري سڳنڌ ۽ سرهاڻ قائم رکي آهي، انهن جي
ٻوليءَ ۾ سنڌو تان پرهه ويل لڳندڙ ٿڌاڻ ۽ مينهن
اُٺي کان پوءِ ڪچي جي ڀنل ڀاڳ واري ڀون جي سرهاڻ
آهي.
ماڪ بوندن کي ڏسي، پرهه ۾ سوچيم دلگير،
ڪنهنجي اکڙين جي آ آلاڻ پکڙجي ويئي.
(هري دلگير)
جنهن کي تنهنجي چپن ڇهيو نه ڪڏهن،
تن چپن تي ئي شاعري آهي.
(نارائڻ شيام)
|