سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :10

 

رسول بخش ”رهي“

(- 1912ع)

منشي رسول بخش تخلص ”رهي“ ذات جو بروهي ۽ اصل قلات جو هو. نئين عمر جي زماني ۾ هن کي خداداد خان ڪلات جي واليءَ جي حمايت ۾ انگريزن بمبئي جي ڀرسان ”بورهه“ جي زندان خانه ۾ قيد رکيو هو. هن قيد جي تڪليف کان تنگ اچي هڪ مناجات سه حرفي چئي جنهن کان پوءِ هو جلد ئي آزاد ٿي وطن واپس وريو (1).

 

مناجات جو هڪ بند هي آهي:

 

الف اول اي مٺا مختار تون،

دل گهريو محبوب من جو ٺار تون.

 

مرسلن ۾ سرورا سالار تون،

مجتبيٰ عامين سندو غمخوار تون.

 

يا رسول الله ولهن واهه تون،

سيدا هيڻن سندو همراهه تون.

هو شروع ۾ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽري ۾ سيڪنڊ منشي هو، جتان ترقي ڪري مختيار ڪار ٿيو. خان خداداد جي وفات کان پوءِ قلات ۾ سندس خاندان ۾ وڏا اختلاف پيدا ٿي پيا. انگريز سرڪار اختلافن کي دور ڪرڻ لاءِ منشي رسول بخش کي اوڏانهن موڪليو جنهن جي حسن تدبير سان اختلاف سهڻي نموني دور ٿي ويا، انهيءَ خدمت عيوض برطانيه سرڪار هن کي خانبهادر جو لقب ڏنو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر بنايو. 1898ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ پليگ پئي هئي هن کي انتظام واسطي ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو هو. ”مفرح القلوب“ هفتيوار پارسي اخبار جنهن ۾ سندس پارسي شعر شايع ٿيندو هو، جي ورق گرداني ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته هو 1877ع ۾ قلات ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي منشيءَ جي عهدي تي هو، 1878ع ۾ روهڙي ۾ سرڪاري لوڻ جي ڪارخاني جو ناظر هو ۽ 1879ع ۾ شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تي سرفراز هو. هو مير فيض محمد جي زماني ۾ خيرپور ۾ نائب وزير هو. هن کي انگريزن ۽ مير صاحب جي طرفان جيڪب آباد، قنبر (ضلع لاڙڪاڻو) ۽ خيرپور ۾ وڏيون زمينون مليل هيو. هن ۽ سندس خاندان جيڪب آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. سندن پاڙي کي نائبن جو پاڙو ڪوٺيو ويندو هو.

منشي رسول بخش پارسي جو مقبول شاعر هو سندس غزل نهايت اهتمام سان مفرح القلوب ۾ شايع ٿيندا هئا، جنهن تي ڪيترا شاعر جوابي غزل لکندا هئا ۽ پاڻ به استاد شاعرن جي غزلن تي غزل لکندو هو. سنڌيءَ ۾ به غزل سرائي ڪندو هو، هن جا سنڌي غزل سنڌ سڌار ۾ شايع ٿيندا هئا. سنڌ سڌار ۾ به ڪيترا شاعر سندس غزلن تي غزل لکندا هئا ۽ هو انهن جي غزلن تي جوابي غزل لکندو هو.

رهي جي خاندان ۾ سندس ڀاءُ منشي غوث بخش خاڪي پارسي ۽ سنڌي جو شاعر هو ۽ سندس پٽ غلام سرور مغل سنڌي ۽ اڙدو جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي.

ڪلام جو نمونو

هر دم جدائي ۾ رئان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن

هٿڙا کڻي رب کان گهران جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.

 

آمد بهار و شد خزان هر سو است شور بلبلان،

اي قاصدِ مرﱞده رسان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.

 

سرسبز ٿيو سڀ گلستان انهار ۾ بادِ روان،

ڪانگل اچي ڪر تون عيان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.

 

اي قاصد شيرين دهان، باري بيا بڪشا زبان،

جند جان آءٌ قربان ڪريان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن.

 

هر دم ”رهي“ آءٌ ٿو چوان هي مصرع رنگين زبان،

”سائل“ جي هر دم هي فغان جاني اڱڻ ايندو ڪڏهن (1).

-

ناهه ڪو ثاني مٺي منٺار جو،

ناهه ڪو همسر سچي سالار جو.

 

خود خدا مادح مٺي منٺار جو،

ڇا ڪندو ڪو وصف تنهن مختار جو.

 

يوسفِ مصري باين حسن و نوا،

آهه ٻانهو سيد الابرار جو.

 

موسيٰ و عيسيٰ مرسل ٻيا مڙي،

سڀ کان درجو آ وڏو سردار جو.

 

احد ۽ احمد ۾ ناهي فرق ڪجهه

ميم هڪ باعث ٿيو جنسار جو.

 

درد کان دانهون ڪيان ٿو دمبدم،

ڏي ادا قاصد نياپو يار جو.

 

جان بلب آهي گناهن کون ”رهي“

ڪر شفاعت لڳ خدا بدڪار جو.

 

شاعرن مان ڪو جي ڏي مون کي جواب،

آءٌ ٿيندس گولو سندس گفتار جو (1).

هن غزل جي جواب ۾ ”فصيح“ تخلص واري شاعر جوابي غزل ۾ لکيو آهي جيڪو مجاز جي رنگ ۾ آهي، ان جو مطلع آهي:

ڏي صبا آڻي نياپو يار جو،

دوست دلبر دل گهرئي دلدار جو.

-

 

محمد اسلم علوي ”اسلم“

]- وفات 1909ع کان پوءِ[

محمد اسلم علوي حضرت فقير الله شاهه علوي جو پڙپوٽو ۽ شڪارپور جي قديم پرائمري استادن مان هو. 1878ع ۾ بيچانجي جي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. پنهن جي وقت جي سٺن غزل گو شاعرن مان هو. هن جا غزل سنڌ سڌار اخبار ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. ڪيترن شاعرن سندس ڪلام جي تعريف ڪئي آهي.

 

خليفو قاسم چوي ٿو:

 

هڪ غزل اخبار نالي سنڌ سڌار

منجهه ڏٺم وهه وهه سالم صفا.

 

جو چيو ”اسلم“ ته عالم جي مٿس،

آفرين صد آفرين جس جس سدا.

 

 

هوش حيرت ۾ پيو ڏانهنس ڏسي،

ڇا سندس مضمون معنيٰ مغز ڇا (1).

 

عبداللطيف ”لطيف“ ٻين شاعرن سان گڏ ”اسلم“ کي داد ڏئي ٿو:

 

اڪمل و اسلم ۽ خاطي خوب ڪن ٿا گفتگو،

بلبلن جان خوش نوائي ٿي اچي گلزار کان (2).

”اسلم“ جي غزلن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته قاضي قادر بخش نالي شاعر سان سندس جهڙپ ٿي هئي. هن سندس غزل مان غلطي ڪڍي هئي جوابي غزل ۾ هن پڻ ”هن“ جي غلطي نروار ڪئي آهي.

خاتم الشعراءِ قادر بخش آهي منجهه جهان،

غزل مان غلطي ڪڍڻ ۾ آفرين ان کي ڏسن.

 

چوڪ قادر بخش ڪئي منجهه صرف ڏاها مر ڏسن،

سال ٿيا سڪندي جنهين لئي اڱڻ منهن جي سي اچن (3).

 

”اسلم“ جو ڪلام گم ٿي ويو آهي ڪجهه غزل سنڌ سڌار جي سيني ۾ محفوظ آهن، سندس غزلن ۾ مجاز سان گڏ عشق حقيقي جو پرتو آهي.

 

ڪلام جو نمونو

طالبن جي تات تاري آهه پنهن جي يار سان،

پل نه پاسي ٿين حاضر پرينءَ جي پيزار سان.

 

عاشقان هر لحظه گريند از برائي وصلِ دوست،

بس نه ڪن برسات کون سي چشم خون افشار سان.

 

پڪ پيڻ اصل عاشق سر کنيون هٿ ۾ گهمن،

سر جو سانگو نا رکن سي چشم خون افشار سان.

 

مست متوالا ٿين ٿا، جڏ پسائي پاڻ ٿو،

جيئن ڪليم الله بيخود طور جي ديدار سان.

 

غير غيرت ڪڍ ڪدورت صاف سالم ٿي سچو،

تڏ ملين محبوب پنهن جي کي انهي آچار سان.

 

مهه لقا بر در گهت اسلم همين نالد فقير،

وقتِ نزعم بخش ايمان را پنهن جي آڌار سان (1).

-

اي صبا ساري سڻائج تون سنيهو کي پرين،

عشق ۾ جنهن کي اڙايئه سور سي ويٺا سهن.

 

مرسلن ۾ مرڪندڙ ۽ مشتهر موليٰ ڪيو،

اسم پاڪيزو پرين جو پرت مان احمد پڙهن.

 

نظر تنهن جي ناز ڪا ڪامل آهي جان ڪيميا،

درمِ دل مارا چو، زر ڪن احمدا واهر ولهن.

 

ماڙ مون مسڪين تي اي مصطفيٰ ڪن از ڪرم،

آهه جو ٻانهو اوهان جو اسم ”اسلم“ تنهن چون (1).

-

عبداللطيف ”لطيف“

عبداللطيف ”لطيف“ سنڌ جي انهن شاعرن مان آهي جن سنڌي غزل جي واڌاري ۾ شروعاتي ڪم ڪيو آهي. هو سانگي جي بزرگ معاصرن مان هو. کيس انهيءَ لحاظ سان خليفي قاسم جو هم عصر چئي سگهجي ٿو. 1876ع ۾ جهرڪن ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. کيس ٺٽوي به ڪوٺيو ويو آهي. سندس تعلقات پنهن جي وقت جي شاعرن خاص طرح غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي سان گهرا هئا، جنهن پنهن جي ديوان ۾ وقت به وقت هن کي ياد ڪيو آهي.

مرتضائي چوي ٿو:

لطيفا مرتضائي ڏس، محبت جو فدائي ڏس،

نه تنهن جي بيوفائي ڏس، هلي هيجان اجهو آيو.

 

مرتضائي هن کي پنهنجن غزلن تي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو:

هن غزل جو حال وٺ کان ماستر عبداللطيف،

مرتضائي بي گمان ويو مست ميدان کي ڇڏي (1).

لطيف پنهن جي غزلن ۾ پنهن جي دور جي شاعرن کي داد ڏنو آهي. خليفي قاسم لاءِ چوي ٿو:

قاسم جهو نه ڄاڻان سگهه سرت جي سڃاڻان،

سورهه اڳيان ساڻا ڪمزور ڪل ڪرارا (2).

پنهن جي ٻئي غزل ۾ ڪيترن شاعرن جي تعريف ڪندي چوي ٿو:

رحم سان راحم ڪرين مسئول ”سائل“ جو روا،

تند مصري ٿي خجل جنهن جي شڪر گفتار کان.

 

شعر گوئي جي فصاحت ختم ٿي ”قاسم“ اتي،

گوءِ سبقت جي نيائين هر ڪنهن هشيار کان.

 

شاه فاضل پڻ فصاحت ۾ ڪري ڏاڍو ڪلور،

بحر مان غواص جان موتي ڪڍي پاتار مان.

 

اڪمل و اسلم ۽ خاطي خوب ڪن ٿا گفتگو،

بلبلن جان خوش نوائي ٿي اچي گلزار کان.

 

واهه قانع ۽ خيالي جو ڏسان ٿو پڻ خيال،

روح کي فرحت رسي ٿي تن سندي اشعار کان.

 

مست تو ڇو؟ مان آهي جوش ۽ جولان ري،

هڻ هڪل هشيار هاڻي سرت واري تار کان.

 

ڪر لطيفا مدعا هر ڪنهن سندي تون مستجا،

ڏات ڏيارج کان شفاعت دين جي مهندار کان (1).

”لطيف“ پنهن جي همعصر شاعرن جي دعوت تي غزل لکيا آهن ۽ ڪن شاعرن سندس دعوت جي جواب ۾ پڻ غزل لکيا آهن. هيٺين مطلع وارو غزل لطيف، عبدالواحد ”سائل“ جي جواب ۾ لکيو آهي (1).

زلف مشڪين واسيو عالم سڄو هٻڪار کان

ٿي جگر خون شرم کان نافور سين تاتار کان.

عبدالواحد ”سائل“ هيٺين مطلع وارو غزل سندس غزل جي جواب ۾ لکيو آهي (2).

مون کي ڇڏي وڃي وٽ اغيار ياريار،

خاطر ۾ ترس ڪو تون دلدار ڌار ڌار.

هن جا ماستر امام بخش خادم شڪارپوري سان دوستانه تعلقات هئا. سندس خادم ڏانهن لکيل ڪيترا منظوم خط بياض خادمي ۾ محفوظ آهن. هڪ خط هن ريت آهي:

چمي خط اکين تي رکيم يار جو،

وفادار منٺار سچار جو.

 

ويا غم ۽ گوندر ۽ ارمان ڪل،

خوشي خورميءَ جو اٿيو خوب هل.

گسر ڪين گهرجي سچارن ڪنان،

ائين مون ٻڌو عقل وارن ڪنان.

 

چوي حاضر آن وقت عبداللطيف،

ته آهيان گنهگار بندو ضعيف.

 

دعا ڪا ڪريو خير جي حق کان،

ته قابو هجان بدسگالن ڪنان.

 

هدايت ٿئي رب کان مون عطا،

ڪري بخش منهنجون سڀئي خطا (1).

لطيف جا جيڪي غزل مليا آهن، انهن جي مطالعي جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هو پنهن جي دور جو رنگين طبع غزل گو شاعر هو. هن جي غزل ۾ رواني، سلاست، مضمون آفريني ۽ مجاز موجود آهي. سندس دور جي ڪيترن شاعرن جو ڪلام پند ۽ نصيحت سان ڀريل آهي پر لطيف جي ڪلام ۾ مجاز ئي مجاز آهي. هن جا ڪيترا غزل مسلسل غزل آهن. هن جي هڪڙي مسلسل غزل ۾ بهار جي آمد جي رنگارنگ تصوير چٽيل آهي.


(1)  روايت نثار مغل ولد غلام سرور مغل ولد رسول بخش رهي.

(1)  سنڌ سڌار هفتيوار ص 3، تاريخ 1، نومبر 1978ع. هي غزل ”رهي“ ماستر عبدالواحد ”سائل“ جي غزل جي جواب ۾ جوڙيو آهي.

(1)  شاعران شيرين بيان ص 25، قلمي ملڪيت مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد.

(1)  ”ديوان قاسم“ ص 5، پوڪرداس اينڊ سنس شڪارپور 1936ع.

(2)  عبداللطيف سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 15، فيبروري 1878ع.

(3)  شاعران شيرين بيان، قلمي ص 32، ملڪيت مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد.

(1)  ”سنڌ سڌار“ ص 2، تاريخ 15، فيبروري 1878ع.

(1)  شاعران شيرين بيان، قلمي ص 30، ملڪيت مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد.

(1)  ديوان مرتضائي (قلمي)

(2)  سنڌي ادب جي تواريخ ص 202.

(1)  سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 15، فيبروري 1878ع.

(1) سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 15، جنوري 1878ع.

(2)  سنڌ سڌار ص 2، تاريخ 25، فيبروري 1878ع.

(1) ”ڪليات خادم“ ص 48، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org