ڪلنگيون جني کي تني کي نه ليکيم،
کٿن جون ۽ لوئن جون ڳالهيون مون ڳاتيون.
(تنوير عباسي)
هن دور جو شاعر سماجي طرح سجاڳ آهي، هو پنهنجي
سماج جي ناانصافين، هيڻن تي ڏاڍن جي ڏهڪار، انسان
سان انسان جي ناانصافي سرمائيدارن طرفان مزدورن جي
پورهئي تي ڌاڙو ۽ وڏيرن ۽ زميندارن طرفان هارين جي
پگهر جي ڪمائيءَ تي قبضي کان خبردار آهي. هو ڏسي
ٿو ته هڪڙا انسان آهن جي بک ۽ بيمارين ۾ ڪجهندي ۽
ڪڻڪندي گندن گهرن ۽ گهٽين ۾ پساهه پورا ٿا ڪري ڇڏن
۽ انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا انسان آهن جن کي سڀ ڪنهن قسم
جا سک ۽ سهوليتون حاصل آهن، اهو تفرقو هن کي
بيقرار ڪري ٿو ڇڏي تنهن ڪري هن نه صرف انهن موضوعن
تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر هو ان سماج جي ديوارين
ڊاهڻ جو به قائل آهي جنهن ۾ اهڙو انياءُ هجي.
عبدالڪريم گدائي هن دور ۾ محبت کي پنهنجو موضوع
بنائيندڙ شاعر سان هنن لفظن ۾ مخاطب آهي:
ذڪرِ خوبان کان سوا يا فڪرِ جانان کان سواءِ،
ڇا ڪوئي موضوع نه آهي حور و غلمان کانسواءِ.
تنهنجي منهنجي درميان هي فرق آهي هم سخن،
توکي نظري ڪجهه نٿو رخسارِ جانان کانسواءِ.
مان غمِ دوران جو قائل، تون غمِ جانان سندو،
منهنجي دل ۾ ڪجهه نه آهي دردِ انسان کانسواءِ.
هن دور جا شاعر سماجي ناانصافين، مزدور ۽
هارين جي ڏتڙيل حالتن کي هنن لفظن ۾ بيان ڪن ٿا.
ڪنهن کي آهي ڪڻو ته ڪنهن کي خرار،
فــــــــــــــــــــــــــــــــرق
پـــــــــــــــــروردگار
ڇــــــــــــــــــــــو آهي.
(عبدالحليم جوش)
هر عيش ۽ آرام، اميرن کي ميسر،
محروم سدا محنتي محنت جي ثمر کان.
واسينگ وڏيرن جو ٿيو ڪڻڪ تي قابض،
هاريءَ جا ٻچا رد جوئر کان ۽ مٽر کان.
(گدائي)
هر هڪ ڏينهن هزارين تاڪيا، ٺاهي ٿي هر مل،
انگ اگهاڙا، جن نه ڍڪيا سي آڏاڻا ڇو.
(استاد بخاري)
قافلا پيٽ بکين جا ڏسو نڪتا يارو،
زندگي ٿي آ وري درد جو صحرا يارو.
(تاج بلوچ)
دنيا تي ۽ سڪون ملي ڪنهن غريب کي،
تون ڀي زمين تي ٿو ڪرين آسمان جي ڳالهه.
(تنوير عباسي)
هن دور جي شاعر ڏاڍن جي ڏهڪاءَ سياسي ۽ سماجي
بي انصافين خلاف هيٺين صاف لفظن ۾ انقلاب جون
ڳالهيون ڪيون آهن.
فقط ٿوري همت ۽ محڪم ارادو،
نظامِ تشدد ۾ آڻيندو ڦيرو.
(گدائي)
اي مظلوم روحو مبارڪ هجي،
اجهو ڄاڻ بدلي فضائي دهر.
(شمشيرالحيدري)
نئون جڳ سوئي سگهندو ٺاهي،
هي جڳ جو به ڇڏيندو ڊاهي.
(تنوير عباسي)
مون مرڪي پنهنجو پاند ڏنو،
رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
(شيخ اياز)
هي دور ماديت جو آهي، اڄ انسان روحانيت جي
رمزن ۽ رازن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ بجاءِ پنهنجي پيٽ
جي مسئلن جي پوئواري جي فڪر ۾ مبتلا آهي ان ڪري هو
تصوف کي صفا ترڪ ڪري چڪو آهي، هن دور جو شاعر
پنهنجي ڪلام ۾ تصوف بجاءِ زندگي ۽ پيٽ جي مسئلن کي
وڌيڪ جاءِ ڏي ٿو، هو خدا جو ذڪر ڪري ٿو مگر سماجي
ناانصافين سبب ڪجهه شڪوهه ۽ شڪايت جي انداز ۾.
ٿيو جوش ڌرتيءَ تي دوزخ جو منظر،
اڃا ماٺ هوندو خدا ڪيستائين.
(عبدالحليم جوش)
ٻڌڻ جي تون به ٿو ڇڏين يارب،
ٻيو آخر خدا ڪٿان آڻيان.
(استاد بخاري)
ڪير هن حال جو سبب آهي،
ڪاٿي آهي جي تنهنجو رب آهي.
نوع انسان سان ايترو انڌير،
پوءِ به آهي خدا؟ عجب آهي.
(شيخ اياز)
شيخ اياز جڏهين مدهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ اچي ٿو
وڃي ته خدا جو ذڪر هن انداز سان ٿو ڪري.
اسان سوال ڪيو هو خدا به آهي ڇا،
اوهان جو حسن انهيءَ جو جواب آ سائين.
جاڳائجي ڪريم کي، ٽڪرائجي ”اياز“
جامِ شراب عرشِ برين سان ڪڏهن ڪڏهن.
حور غلمان ۽ طهورا ٿو رکين،
عرش وارا تون به گهٽ ناهين جناب.
شيخ اياز پنهنجي غزلن ۾ عبادت جو پنهنجو انداز
اختيار ڪيو آهي.
هر حقيقت کان مٿي آهي مجاز،
هر عبادت کان چڱو آهي شراب.
اياز آهه سجدي ۾ مثل صراحي،
انهيءَ جي عبادت پيئو ۽ پياريو.
هن دور جي شاعرن جتي پنهنجي ملڪي مسئلن کي
پنهنجي غزلن ۾ جاءِ ڏني آهي، اتي هنن عالمي مسئلن
کان به منهن نه موڙيو آهي. هنن وقت به وقت انهن تي
پنهنجي شعرن ۾ خيال آرائي ڪئي آهي. سنڌ جو شاعر
پنهنجي وطن ۽ ساري دنيا ۾ امن جو خواهان آهي. هن
کي تشدد، جنگين ۽ ائٽمي هٿيارن کان نفرت آهي.
ناگا ساڪي ڪافي ناهه،
سڀ ڪجهه ناس ڪندو انسان
ساڳي گانڌي لئه گولي،
ساڳيو لال لهوءَ سان گيان.
(شيخ اياز)
پاريهر جي ڳٺ ڳٽ ۾،
توبن جو ڌڌڪو ٻي ڳالهه.
رنگ شفق جو ڪڪرن ۾،
دونهون ائٽم جي ٻي ڳالهه.
(تنوير عباسي)
هڪ هڪ بم تي لک لک ضايع،
مائي بابا هڪ ڍوڍو.
(استاد بخاري)
محبت انسان جو اهو جذبو آهي جنهن هر دور ۾
انسان کي پنهنجي قبضي هيٺ رکيو آهي، انسان نه اڳ،
نه اڄ ۽ نه ئي سڀاڻ ان کان دامن ڇڏائي بي نياز ٿي
سگهي ٿو، اڳ جي انسان تي جڏهن محبت جو غلبو ٿيندو
هو ته هو دنيا کان بي نياز ٿي، صرف محبت جو شيدائي
ٿي ويندو هو پر هن دور جو انسان اڳ جي انسان کان
زيادهه حقيقت پسند ٿي ويو آهي. هو غمِ دوران سبب
غمِ جانان کي ته وساري سگهي ٿو پر غمِ جانان سبب
غمِ دوران کي وساري نٿو سگهي. هن دور جو سنڌي شاعر
به محبت ۾ ايترو مدهوش نه آهي جو پنهنجي زندگيءَ
جي مسئلن کي صفا وساري هر وقت آهه ۽ زاري ۾ مشغول
هجي پر هو محبت سان گڏ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي
به تسليم ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن دور جي
شاعر محبت جي معاملن کي نئين انداز ۾ بيان ڪيو
آهي.
زندگي جي اداس راهن تي،
ڪنهنجي زلفن جو خم به ياد آيو.
(عبدالحليم جوش)
هت وفا جي اهو ئي هام هڻي،
جنهن کي دنيا سان واسطو نه هجي.
(تاج بلوچ)
ڪجهه اڳتي هلي ڏسجي ڇا ٿو ملي دنيا مان،
دل تنهنجي خيالن کي پٺتي آ ڇڏي آئي.
(تنوير عباسي)
پيار ته نعمت آهي سائين،
ماري ڇڏيو پيٽ پيار.
(شمشيرالحيدري)
تنهن جي زلفن جي اوٽ ۾ ها لڪل،
وقت جا حادثا ٽري نه سگهيا.
(علي محمد مجروح)
هن دور جي شاعر گل ۽ بلبل، قفس ۽ صياد، شمع ۽
پروانه، ميڪدهه ۽ ساقي وغيره جهڙن پراڻن
Symbols
کي پراڻي قديم عشق و محبت ۽ تصوف وارن روايتي
سمبلس بجاءِ نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ ۾ بيان ڪيو آهي،
اڄ جو شاعر انهن سمبلس مان نئون انقلابي ڪم وٺي ٿو
۽ انهن معرفت وقت جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو نقشو
چٽي ٿو. عبدالحليم جوش سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي
محرومين کي بيان ڪرڻ لاءِ ساقي ميڪدهه ۽ جام کان
هن طرح ڪم وٺي ٿو.
اسان جو ميڪدهه ساقي به پنهنجو،
اسان ئي پيا پڇون ڪو جام آهي.
۽ پنهنجي هڪ ٻئي شعر ۾ سياسي ڏاڍ کي برق، دورِ
خزان، قفس ۽ صياد ڪوٺيندي ان سان ٽڪر کائڻ جو ذڪر
هيئن ڪري ٿو.
برق، دور خزان، قفس، صياد،
منهنجو سڀ سان مقابلو ٿيندو.
(عبدالحليم جوش)
ٻين شاعرن مختلف سمبلس کي ڪهڙي طرح انقلابي
جذبن، سماجي ۽ سياسي بي انصافين ۽ وقت جي ڏاڍ ۽
ڏهڪاءُ وارين حالتن کي بيان ڪرڻ جو ذريعو بنايو
آهي تن جا ڪي مثال ملاحظه ڪريو.
آشيان جي ياد پڻ صياد وٽ هڪ ڏوهه آهه،
هي خطا هر هر ڪبي، هي خطا ڪرڻي جو پئي.
(استاد بخاري)
اچي بهار ته مجروح کي به ياد ڪجو،
انهيءَ به هجر ۾ راتيون گذاريون يارو.
(علي محمد مجروح)
گلستان ئي شايد جلائي ڇڏيندا،
وڌي وييون ٻوٽن کي ٻارڻ جون ڳالهيون.
(شمشيرالحيدري)
اجها هي رات ٿي راهي، اجهو صبح اي نياز آيو،
انهيءَ احساس کان غم ڀي اسان لئي خوشگوار آهي.
(نياز همايوني)
هن دور جي شاعرن محبوب جي پراڻن لقبن ۽ نالن
جهڙوڪ مهه رو مهه جبين، بت، صنم، ترڪ وغيره کي ترڪ
ڪري سليس ۽ سادن پنهنجن ۽ پيارن نالن سان ياد ڪيو
آهي، جهڙوڪ سائين، پرين، مٺڙا، پيارا وغيره.
”جوش“ جنهن ۾ نه آهي همدردي،
دل ته اهڙي نه ڌارجي سائين.
(عبدالحليم جوش)
هيءَ حياتي ڪيئن گذري ها، جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿئي ها،
جي نه ملن ها هن دنيا ۾، تو جهڙا ڪي پيارا ماڻهو.
(تنوير عباسي)
ڇا ٿيو جي خراب حال آهي،
تاج کي اڄ به آزماءِ پرين.
(تاج بلوچ)
مون ۾ تنهنجي چپن ڪئي پيدا،
آرزو ۽ ثبات آ مٺڙا.
(شيخ اياز)
هن دور جي شاعرن سنڌ جي لوڪ داستانن، عشقي ۽
رزمي قصن جي تلميحن جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي،
انهن کي تصوف ۽ مجاز کان هٽي نئين ۽ انقلابي انداز
۾ استعمال ڪيو آهي. انهن ۾ سياسي ۽ سماجي بي
انصافين جو رنگ ڀريو آهي جنهن ڪري انهن جي سونهن ۾
ڪشش ۽ اثر ۾ اضافو ٿيو آهي. هن کان اڳ سنڌي غزل ۾
سنڌي جي لوڪ داستانن جي تلميحن جو روايتي انداز ۾
ايترو استعمال نٿو ملي جيترو هن دور ۾ نئين انداز
۾ ملي ٿو. ڪجهه مثال ملاحظه ڪريو.
ٿر تي آ، مارن تي ناهي،
خان عمر تنهنجو کاتو.
(استاد بخاري)
عمر ڀي اڪيچار ۽ ماريون ڀي،
اڃا باز ڏاڍو ۽ ڪمزور ڳيرو.
سسئي ٿي رڙي پئي اڃا ڪوه بر ۾،
پنهل جو اڃا ڪين ڏسجي ٿو پيرو.
(گدائي)
شاعر شعلا نوا ”تاج“ اوهان سان آهي،
ڪلڪتي ڪاهه ڪريو، هانو نه هاريو يارو.
(تاج بلوچ)
وڏا وڙ ڪيا نڙ، ڀلي آئين چارڻ،
جڏا جيءَ جاڳي پيا او جيارا.
(شيخ اياز)
هن دور ۾ پهريون ڀيرو هندو ”ديومالا“ مان
تلميحون سنڌي غزل ۾ استعمال ڪيون ويون آهن، شيخ
اياز ئي انهيءَ روايت جي ابتدا ڪندڙ آهي ۽ هن جي
غزلن ۾ ئي انهن جو ڀرپور استعمال ملي ٿو.
ٻرندا بن ۾ آيو آهين ڪنهن جي لاءِ ڪوي،
ڪنهن جي بنسي، ڪهڙي راڌا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
آگ بن ۾ لڳي راڌڪا ٿي رڙي،
بنسري شام جي بي سري ٿي وڄي.
(شيخ اياز)
آءٌ نه ڀٽ ڌڻي، نه ڪپل وستو جو شهزادو،
ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل.
(امداد حسيني)
هن دور جي شاعرن جو زيادهه توجهه شعر جي مضمون
ڏانهن رهيو آهي ان ڪري هنن شعر جي ٻاهرين حسن
بجاءِ پنهنجو سمورو ڌيان خيال ڏانهن ڏنو آهي، اهو
سبب آهي جو هنن پنهنجي غزل جي دامن تان پراڻيون
ترڪيبون ۽ محاورا، اشارا ۽ ڪنايه، تشبيهون ۽
استعارا ڇنڊي ۽ ڇاڻي ڇڏيا آهن، هنن سلاست ۽ سادگي
کي ئي سونهن سمجهي پنهنجو بنايو آهي. هنن ڪٿي ڪٿي
تشبيهن جو سهڻو استعمال ڪيو آهي پر اهي گهڻو ڪري
ايراني ۽ اوپري ماحول بجاءِ پنهنجي ئي ماحول مان
ورتل آهن تنهن ڪري انهن ۾ اثر جو جادو وڌيڪ آهي.
تنهنجا ڳل هي مکڻ سندا چاڻا،
وقت جي گرمين ۾ ويندا ڳري.
منهنجي لڙڪن جي اونهي پاڻيءَ ۾،
تنهنجي صورت ڪنول جان آئي تري.
(تنوير عباسي)
دل ۾ ٻاريم وري حسرتن جا ڏيا،
هو ڦٽل شهر جنهن کي وساريو اٿم.
(عبدالحليم جوش)
ايئن اچن ارمان ٿا منهنجي دل ويران ۾،
جيئن پکيئڙا شام آيا صبح جو اڏري ويا.
(علي محمد مجروح)
تنهنجي ڀر ۾ آهيان بيٺو،
ديوار سهاري جئن پاڇو.
(امداد حسيني)
شاعر جي تخليق جو قدر ۽ قيمت ان وقت وڌيڪ ٿو
ٿئي جڏهن ٻن تخليقن کي خاص طبقي سان گڏ عوام به
سمجهي ٿو سگهي ۽ ان مان لطف اندوز ٿي ٿو سگهي. ان
ڪري لازم آهي ته شعر کي اهڙي زبان ۾ لکيو وڃي جيڪا
عوام به سمجهي سگهي، هن دور کان اڳ مختلف دورن ۾
غزل کي ڌارين ٻولين خاص طرح عربي ۽ پارسي جي لفظن
سان سينگاريو ويندو هو ۽ اهڙي زبان کي غزل جي زبان
تصور ڪيو ويندو هو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي غزل
پنهنجي سموري سونهن، زيب ۽ زينت جي باوجود عوام جي
دلين ۾ جاءِ نه جوڙي سگهيو. اڄ سڄاڻ شاعر جو ڪلام
خاص طبقي بجاءِ عوام جي لاءِ آهي. هن کي محبت کان
سواءِ ٻيون به سياسي ۽ سماجي بي انصافين، ڏاڍ ۽
ڏهڪاءَ جون نه صرف ڳالهيون ڪرڻيون آهن ۽ اهي عوام
جي دلين ۽ دماغن ۾ به ويهارڻيون آهن، ان ڪري هن
پنهنجي غزل جي زبان کي نهايت سادو ۽ عام فهم بنايو
آهي. ان ۾ هن پارسي ۽ عربي جي ڏکين لفظن استعمال
ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي، جنهن ڪري سندس ٻولي سولي،
سلوڻي ۽ صاف ٿي پئي آهي.
سانجهيءَ ٽاڻي سنڌو ڀر تي رنگ ڀريو درياهه روان،
سج کي سير ڏني ڪنهن يا هي لبڙن جي لالاڻ ڏٺم.
(سليم ڳاڙهوي)
جيءُ آئين اڄ به اي فاقا، مگر
ٺيڪ ناهي تو ٻڌي جا روز ٺُڪ.
(استاد بخاري)
هونئن ته ڪيئي ستارا ٿا چمڪن،
هڪ وهائو ئي آڻي ٿو پرڀات.
(تنوير عباسي)
هر طرح سان ڪنگ ڪانگيرا ڪيو خوش ٿيو گهمن،
بلبلين جي لاءِ آهي قيد خانو باغ ۾.
(حامي)
نه گل ٽڙيا ۽ نه مکڙين جي منهن تي سرهائي،
الائي پاڻ کي ڇو باغبان پڏائي ٿو.
(عبدالحليم جوش)
هن دور جي ڪن شاعرن پنهنجي غزلن کي پارسي ۽
عربي لفظن کان صاف ڪرڻ جو خيال ته رکيو آهي مگر
هندي لفظن جو گهڻو استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري سنڌي
ٻوليءَ تي وري به ڪنهن ٻي ڌاري ٻوليءَ جو ٺپو ڏسڻ
۾ اچي ٿو ۽ شاعر ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپي جو ناتو
ٽٽي وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ هندي لفظن استعمال ڪرڻ واري
تحريڪ جو اڳواڻ شيخ اياز آهي، جنهن جي غزل جا ڪجهه
هندي آميز شعر هي آهن:
او رکوالا، کوٽين ڇو ٿو هيءُ جيون جي رک،
آڻي اگنيءَ جهڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
هو ته مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهه شمشان ۾.
-
هي گهر تي گهنگهور گهٽا،
در تي مڌ جا مٽ سويل.
ٿوري عرصي کان سنڌي شاعري ۾ انگريزي لفظن کي
عام جام استعمال جو هڪ سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن
جو باني امداد حسيني آهي، سندس غزلن جا ڪجهه
انگريزي لفظن وارا شعر ملاحظه ڪريو:
وقت ٽرئفڪ جيان ٿي لنگهيو،
سنگنلز جيان مان هئس بيٺو.
گهر ٻار، آفيس ۽ باس،
جيون آ ڏچو ئي ڏچو.
آفيس امداد اوير آيو،
موڊ بگڙجي ويو صاحب جو.
غزل ۽ ڪافي ٻئي شاعري جون اهم ۽ پسنديده صنفون
آهن. ڪافي کي پنهنجو ترنم، موسيقيت ۽ سونهن آهي.
غزل جا پنهنجا لوازمات آهن ۽ ڪافيءَ جا پنهنجا.
غزل ۾ محبوب به مرد آهي ۽ عاشق به مرد آهي، پر
ڪافيءَ ۾ مرد معشوق آهي ۽ عاشق عورت آهي، ان ڪري
ٻنهي صنفن جي نه صرف اندازِ بيان، پر محبوب سان
خطاب ڪرڻ ۽ محبوب جي نالن ۽ لقبن ۾ به فرق آهي، ان
کانسواءِ غزل ۾ عروض جي پابندي جي سختي آهي، ڪٿي
به ڪو شعر فن کان ڪريو ته اهو معيوب ليکيو ويندو
پر ڪافي ۾ عروض جي آزادي آهي، ان کي ڇند وديا يا
موسيقي جي ماترائن مطابق بيان ڪيو وڃي ٿو جي ڪٿي
ان جا الفاظ موسيقي جي ماترائن تي پورا نٿا اچن ته
انهن ” او الا“، ”ڀلوڙي ڀلو“ يا ڪي ٻيا لفظ يا
جملا استعمال ڪري پورائو ڪيو ويندو آهي، پر غزل جي
لوازمات مطابق ائين نٿو ڪري سگهجي. شيخ اياز
پهريون شاعر آهي جنهن غزل ۾ ڪافي جي رنگ ڀرڻ جي
ڪئي آهي، جنهن جي ڪن ٻين شاعرن بلڪل ٿوري حد تائين
پيروي ڪئي آهي مگر اهڙي تجربي غزل جي سونهن ۽ شوخي
کي ڪوجهو ڪري ڇڏيو آهي. شيخ اياز جي اهڙي رنگ جا
مثال ملاحظه ڪريو:
ڪي ڏينهن هيا جو نينهن هيا، جو ڪنهن جي سونهن ورونهه هئي،
نه رهي، نه رهي، نه رهي، او الا، گذري به وئي گذري به وئي.
-
چنڊ جي سونهن ڏنو ساهه انهيءَ دم سائين،
تنهنجي منهن مان ٿي جڏهن باک ڦٽي او سهڻا.
-
مان ته ٻڌي هان تنهنجي ٻول،
ناتو تون نه ڍلو ڪر ڍول.
-
جيجل، ڪهڙي ٻيجل آندي هيءَ تنبي جي تان،
سر جي سٽ ڏئي ٿو آڇي هر ڪو دهرا دان.
-
ملن ئي نٿا اڄ ته پيرا پنهونءَ جا،
ڪٿي آهه هو ڪيچ، اي منهنجي آيل.
-
ڇا چوان آ ڪير ميهمان اي اديون،
آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان اي اديون.
هن دور جي سنڌي غزل جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ ان
نتيجي تي پهچي ٿو ته اڄ جو سنڌي شاعر غزل ۾ پنهنجي
لاءِ نيون واٽون ۽ راهون پيدا ڪري چڪو آهي، هو
مجاز ۽ تصوف بجاءِ ماديت جو قائل آهي، هو هن ملڪ ۽
سماجي تفرقي جي خاتمي جو خواهان آهي، هن کي پنهنجي
سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان محبت آهي، هو سنڌ کي سائو ۽
سنڌي ٻوليءَ کي سرهو ڏسڻ ٿو چاهي. |