سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :25

 

مرزا دوست محمد ”دوست“

]1862ع – 24، سيپٽمبر 1920ع[

مرزا دوست محمد بن مرزا علي بخش تخلص ”دوست“ ٽنڊي آغا ۾ تولد ٿيو. هن جا وڏا ٽالپر حڪمرانن جي چوڻ تي خيرپور مان لڏي اچي حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ مقيم ٿيا هئا جي سنڌ جي ميرن وٽ وڏي عزت ۽ آبرو وارا ۽ مرثيه گو هئا.

مرزا دوست محمد وقت جي رواج مطابق چڱي تعليم حاصل ڪئي، هو گذر اوقات لاءِ تپيدار ٿيو جنهن جو ذڪر هن هيئن ڪيو آهي.

ڪريان ڪنهن جو هرگز نه شڪر و شڪايت،

هئي قسمت ۾ هي تپيداري عزيزو.

مگر پوءِ مير نور محمد جي زور تي نوڪري ڇڏي وڃي سندس ڪم سنڀالڻ، ڪتابت ۽ مرثيه نويسي ڪرڻ لڳو.

”دوست“ مير عبدالحسين جي خاص مصاحبن ۽ ننڍن همعصر شاعرن مان هو جنهن جو ذڪر سانگي هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.

آهي ”دوست“ ۽ ”حيدري“ جي جواني،

اسان ۽ ”گدا“ سا وساري عزيزو.

سنڌي شاعري ۾ هن جو استاد غلام محمد شاهه ”گدا“ هو، جنهن لاءِ هو چوي ٿو:

آءٌ شاگردِ ”گدا“، شاهي سندس مضمون ٿيا،

شعر جي ميدان ۾ مون سان برابر ڏي ڪو لاهه.

 

آهي استاد نڪته سنج ”گدا“،

شعر ان جو پسندِ شاهان ٿيو.

گدا سان مرتضائي جيڪو جهيڙو ڪيو هو ان ۾ هو پنهنجي استاد گدا جو پاسو هو پنهنجي هڪڙي غزل ۾ مرتضائي تي هيئن طنز ٿو ڪري.

شعر گوئي مرتضائي جي سڄي معلوم ٿي،

خام فڪرين کان سندن ناهي نبين کي پناهه.

اردو ۽ فارسي شاعري ۾ هن جو استاد مولانا ابوالحسن لکنوي هو. هو مرثيه ۽ غزل ٻنهي ۾ طبع آزمائي ڪندو هو. هن جو ڪلام سنڌي، اردو ۽ پارسي ۾ موجود آهي. هو پنهنجي مرثيه خواني لاءِ چوي ٿو.

مرثيه خوان حسين جو آهيان،

مون کي تنهن شاهه ڪربلا جو قسم.

 

دوست 1920ع ۾ وفات ڪئي کيس ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

ڪلام جو نمونو (1)

هجر ۾ محبوب جي جندجان ڳاريو ڳاريان،

آرزو ئي وصل ۾ ڳوڙها آءٌ هاريو هاريان.

 

سوزِ هجران هڪ طرف ۽ ٻي طرف آڙاهه عشق،

شال تن کي وصل دلبر جي سان ٺاريو ٺاريان.

 

منهنجي قسمت ۾ لکيو جو مالڪِ تقدير آهه،

ڪير پيو پاري سوا منهنجي آءٌ پاريو پاريان.

 

آءٌ ڪڙن ڪوٽن مان نڪري شل مٺا مارو ڏسان،

تنجا ڇيلا ڇانگ ڪيو چيهن ۾ چاريو چاريان.

 

جي اچي منهن جي اڱڻ ۾ پيرڙا پائي پرين،

نقش پاءِ يار تان سر ساهه واريو واريان.

 

هيڪڙائي هٿ ڪري آءٌ ٻن ٻيائي کي ڏيان،

آءٌ يگاني يار ڌاران ٻيو نه ڌاريو ڌاريان.

 

رات مرڪي مون کي چو محبوب منهنجي، منهنجا ”دوست“

آءٌ ته تو جهڙا سوين عشاق ساريو ساريان.

-

 

جوت جاني جو جيئن ڏٺئين جهٽڪو،

دل ۾ عاشق جي تيئن پيو ڦٿڪو.

 

عشق جي درد جي دوائن لئه،

مون ڇڏيو شهر ڪونه ڪو هٽ ڪو.

 

 

ساري عالم جا مون حسين ڏٺا،

پر نه تنهنجو سڄڻ ڏٺم مٽ ڪو.

 

يارو وعدو ڪيو اچڻ جو اڄ،

مون کي گهرجي تو مي سندو مٽ ڪو.

 

وار واسينگ جيئن ڇڏيئين ڇوڙي،

قيد ڪيئين زلف جو وجهي وٽ ڪو.

 

دوست دلدار مون کي تون ڏيکار،

غمزهه و ناز ۽ نئون نٽ ڪو.

 

حسن جي ناز سان ڪيئين بيهوش،

توڻي عاقل حريف ڇا ڄٽ ڪو.

 

دوستا ڪر علي جي تون به صفت،

روز شب جنهن طرح ڪهي ڀٽ ڪو.

-

اسد الله شاهه ”فدا“

]1868ع – 11، فيبروري 1926ع[

علامه قاضي اسدالله شاهه ولد سيد الله بخش شاهه ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. سندس پهريون استاد حافظ يوسف هو جنهن وٽ سنڌي، پارسي، فقه پڙهيائين ۽ نون مهينن ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين. وڌيڪ تعليم پنهنجي مرشد خواجه عبدالرحمان ۽ حيدرآباد ۾ مولوي محمد حسن وٽ ڪيائين، جنهن کان پوءِ زياده تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مائٽن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ديوبند هليو ويو، جتان ميران محمد شاهه اول ڳوٺ واپس وٺي آئي.

 

طب ۾ سندس استاد ميران محمد شاهه اول هو. سندس ٽکڙ ۾ هڪ عاليشان دواخانو هو ۽ هو پنهنجي وقت ۾ حاذق حڪيم تسليم ڪيو ويندو هو. هن وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو جو سندس پوين جي غفلت سبب زبون ٿي ويو.

 

فدا خلافت تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو هن نور محمد وڪيل حيدرآباد واري، عبدالجبار وڪيل، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير غلام مجدد سنڌي سان گڏجي خلافت تحريڪ ۾ وڏو ڪم ڪيو. مسلمانن سندس قومي جذبو ڏسي کيس حيدرآباد شهر جو قاضي مقرر ڪيو.

 

فدا پنهنجي وقت جو مشهور شاعر، اديب، نقاد، صحافي ۽ علامه ٿي گذريو آهي. هو ”بهارِ اخلاق“ ماهوار رسالي جو ايڊيٽر هو. جڏهن محمد هاشم مخلص کي ڪن مضمونن لکڻ ڪري روپوش ٿيڻو پيو هو ۽ انهيءَ حالت ۾ ٽکڙ موٽي آيو تڏهن 1906ع ۾ بهار اخلاق شايع ڪرڻ جو اجازت نامو اسد الله شاهه جي نالي تي حاصل ڪيو ويو. بهار اخلاق کي ڪامياب بنائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. فدا جي زرين ڪارنامن مان هي ڪارنامو سنڌ وارن کان ڪڏهن به نه وسرندو جو هن بزرگ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي تي تحقيق و تدقيق جي روشني ۾ هڪ عالمانه تنقيد ڪئي (1).

فدا کي حافظ حامد، محمد هاشم مخلص، آغا حسين جان ۽ غلام محمد شاهه ”گدا“ جيڪو ٽکڙ ۾ وڃي رهندو هو جي صحبتن ۾ شاعري جو شوق پيدا ٿيو. مرتضائي ۽ گدا هن کي هن طرح خراجِ تحسين پيش ڪن ٿا.

 

مرتضائي:

گل مثل گفتار جنهن جا مير سو عبدالحسين،

بلبلِ گلزار منطق سو ”فدا“ جئن يار ڪٿ.

گدا:

مضامين فهم معنيٰ ياب، صائب فڪرت فائق،

سلامت حق رکي هرجا، ”فدا“ جهڙي سخندان کي.

جيتوڻيڪ هن غزل به چيا آهن پر هن جو نعتيه ڪلام گهڻو ۽ سٺو آهي. هن جي غزل تي عربي ۽ پارسي جو رنگ چڙهيل آهي. هن پارسي ترڪيبون ۽ ٻيون صنعتون وڻندڙ نموني ڪم آنديون آهن. هن جي غزلن ۾ خيال آفريني، لفظن جي بندش ۽ وزن جي پختگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن جا ڪجهه مذهبي ڪتاب لکيل آهن.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

صرف ٿي هي عمر منهنجي درميان ڪوءِ دوست،

بس ٿيو مانوسِ خاطر آستانءِ ڪوءِ دوست.

 

روضهِ رضوان ۾ ناهي ڪجهه نشانِ ڪوءِ دوست،

لامڪان جي شان سان ٿيو آهه شانِ ڪوءِ دوست.

 

قبر ۾ ڪفنِ شهيد ناز خون آلوده آهه،

ٿيو مٿس تا حشر آ باقي نشانِ ڪوءِ دوست.

 

هن سبب کان ٿي زبان بلبل سندي آهي فصيح،

روز شب جو ان کي ٿي وصفِ مڪانِ ڪوءِ دوست.

 

ڇا رضا اي سوختئهِ دل، قطرهِ مي واسطي،

ساغرِ خون ٿا وٺن هي ساقيانِ ڪوءِ دوست.

 

آهيان ڪشته تڏهن ٿا ناز مان ڊوڙايو اچن،

لطف سان مون ڏي ”گدا“ هي ڏس سگانِ ڪوءِ دوست.

-

 

منهنجا دشمن هجي مبارڪ تو،

تيغ ابروءَ جي منهنجي گهائي دل.

 

ڪهڙي ڪوشش ۽ جستجوءِ ڪجي،

جا وئي سا نه مور آئي دل.

 

دل جا دلبر جي دست ڪين وئي،

آهه سچ پچ اها اجائي دل.

 

آهيان عوام مان نه آءٌ ”فدا“

دور منزل سندم رسائي دل.

-

سيد محمد شاهه ”مصطفائي“

(1870ع – 1918ع)

سيد محمد شاهه ولد حاجي عبدالله شاهه ڪاظمي لڪعلوي تخلص ”مصطفائي“ آمري جو هو. ابجد جي حساب سان سندس نالو ظهيرالعلم رکيو ويو هو جنهن مان سندس تولد ٿيڻ جو سن 1286هه مطابق 1870ع نڪري ٿو.

 

سندس ابتدائي تعليم سندس والد وٽ ٿي، پوءِ هالن جي مدرسي ۾ تعليم ورتائين. جواني جي زماني ۾ هن جي آمري جي اسٽيشن ماستر سان دوستي هئي جنهن جي صحبت ۾ انگريزي به پڙهيو هو، 1898ع ڌاري هڪڙي انگريز ڪليڪٽر سندس ڳوٺ ۾ ڪئمپ هنئي، مصطفائي هن سان انگريزي ۾ گفتگو ڪئي. ان وقت انگريزي تعليم عام ڪونه هئي، هڪڙي ڳوٺاڻي ملان کي انگريزي ڳالهائيندو ڏسي ڪليڪٽر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شاهه کان پڇيائين ته اوهان کي ڇا کپي؟ مصطفائي هن کي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس ڪانهي، تنهن ڪري هن ڳوٺ جي ماڻهن کي پوسٽ جي تڪليف آهي. ڪليڪٽر سندس اها گهر قبول ڪري آمري ۾ پوسٽ آفيس جو انتظام ڪرايو.

مصطفائي کي مطالعي جو گهڻو شوق هو، تنهن ڪري پير جهنڊي واري لئبرري جو مطالعو ڪرڻ لاءِ اتي وڃي رهندو هو. هن جي دوستي سيد مٺن شاهه حيدرآبادي ۽ دادو جي محمد هاشم ڪتب فروش سان هئي، انهن وٽ وڃي رهندو هو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو هو. ڪجهه وقت لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾ پير حاجي شاهه نورائي جي فرزند مولوي محمد بخش کي تعليم ڏيڻ لاءِ اتي وڃي رهيو.

مصطفائي ڪجهه وقت لاءِ سنڌ مدرسه مان شايع ٿيندڙ اخبار ”معاون الاسلام“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن جا پنهنجي دور جي شاعرن سان سٺا تعلقات هئا، جن ۾ گدا ۽ مرتضائي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

مرتضائي چوي ٿو:

”مصطفائي“ بي وفائي ”مرتضائي“ سان نه ڪر،

بيوفائن جو زماني ۾ وڏو غل ٿو ڏسان.

مصطفائي جو پهريون تخلص ”مسڪين“ هو پر مرتضائي جي مشوره تي هن پنهنجو تخلص بدلائي مرتضائي جي پٺيان مصطفائي رکيو. ان واقعي جو ذڪر مرتضائي هيئن ڪيو آهي:

 

محمد شاهه هي ”مسڪين“ شاعر آمري وارو،

رسيو ٺٽي ۾ رونق سان سبب آهي خدائي جو.

 

خدا آباد ۽ دلشاد ڌاري دوست دلبر کي،

محمد شاهه عاليجاه منجهه منطق مٺائي ٿيو.

 

تخلص شعر ۽ اشعار ۾ هن بعد هي ڏسجو،

محمد شاهه از ”مسڪين“ مبدل ”مصطفائي“ ٿيو.

مصطفائي کي جواني ۾ عشق جي چوٽ آئي هئي، جنهن بيبيءَ سان هن کي محبت هئي سا هڪ وڏي زميندار گهر جي نياڻي هئي. مائٽن انهيءَ خيال کان ته جي ڇوڪري جي شادي ڪرائينداسين ته کيس ملڪيت مان حصو ڏيڻو پوندو کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو. ان حادثي جو هن جي دل تي گهرو اثر پيو جنهن ڪري دنيوي عشق ڇڏي حقيقي محبوب سان لنو لڳايائين ۽ پنهنجو عشقي ڪلام ضايع ڪري مذهبي شاعري ڪرڻ لڳو ۽ ان ۾ گهڻو نالو ڪڍيائين. سندس ٿورو گهڻو مجازي ڪلام ان وقت جي رسالن ۾ ملي ٿو.

ٻي جنگ عظيم جي خاتمي واري وقت 1918ع ۾ سنڌ ۾ انفلوئنزا جي سخت بيماري پئي هئي جنهن ۾ ڪيترا موت ٿيا هئا. مصطفائي به ان بيماريءَ ۾ ساڳي سال وفات ڪئي، کيس پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

 

ڪلام جو نمونو

ٿي سيہ رو از روئي رشڪ پرنور شمع،

رئي اڳيان روشن دلن جي نير بدران نور شمع.

 

شمع رو جي همسري جو هو پيو ڪو پور شمع،

سر برهنه نت سڙي ٿي سربسر محسور شمع.

 

الاقارب ڪالعقارب رشتو رشتي جو مرض،

او به رشتو جنهن جلائي ڪي نسڀت ڪافور شمع.

 

پنهنجي پشت ۽ بطن کان ماڻهو سڃاڻپ کان ٿيا انڌا،

پنهنجي پايه جي پسڻ کان ناهه هڪ معذور شمع.

 

ڪا عمر ڀي خلق معهود حيات و موت خاص،

هت حيات و موت ۾ شام و سحر مقهور شمع.

 

مصطفائي ٿي فنا في العشق ٿيو باقي بحق،

جين فنا في النار ٿي هٿ ٿي بقا بالنور شمع (1).

-

چوان ڇا حال مون بي حال ۽ بي دل سندي دل جو،

مسلسل هوبهو دلدار جي موئي مسلسل جو.

 

پرو ڪنهن کي نه پيو ڪجهه تنهن سراپا حسن ڪامل جو،

سندس سوڀيا جي ساره منجهه منجهيو سحبان وائل جو.

 

خدا خود ڪين ورنائي ٿو ڪو سڏ قلب غافل جو،

صنم فرياد ڇا سڻندو اسان عشاق بيدل جو.

 

ڪٿي شيرين سخن جانان جي ڪيو ڪم آبِ حيوان جو،

ڪٿي ڪيو تلخ گفتي تنهنجي حال اصلي هلاهل جو.

 

ڪجي جنهن ساڻ اڄ احسان ٿئي تنهن مان ستت نقصان،

ڏٺم محسن ڪشي اڪثر عمل دنيا جي عامل جو.

 

سڃاتو پاڻ پنهنجو جنهن سڃاتو سائين پنهنجو تنهن،

اهو ڏس مصطفائي بس تميز حق و باطل جو.

-

سيد محمد حسن علي شاهه ”مجتبائي“

( - 1916ع ڌاري)

سيد محمد حسن علي شاهه عرف جمن شاهه ولد پير بخش شاهه آمري جي وڏن زميندارن مان هو. سيد محمد شاهه مصطفائي جي شاگردن مان هو. هن وٽ سنڌي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. مصطفائي جي صحبت ۾ کيس شاعري جو شوق پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي تخلص پٺيان هن جو تخلص مجتبائي رکيو. مجتبائي عين جواني جي وقت وفات ڪئي. سندس وفات سندس استاد جي وفات 1918ع کان ٿورو اڳ ٿي، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته هو 1916ع ڌاري وفات ڪري ويو. هن کي پٽ جي اولاد ڪانه هئي. پير مظفر علي شاهه نوراني سجاده نشين سخي بچل شاهه جي درگاهه ٽنڊو محمد خان ۽ افضل حسين شاهه جنهن جو فرزند پير عالي شاهه جو سجاده نشين آهي سندس ڏوهٽاڻ مان آهن.

 

مجتبائي پنهنجي وقت جو چڱو شاعر هو. موت هن جي شاعري کي ٽرڻ نه ڏنو. هن جا گدا ۽ مخلص سان گهرا تعلقات هئا. گدا مجتبائي جي شاعري ڏسي پراميد هو ته هڪ ڏينهن سٺو شاعر ٿيندو.

عديم المثل ٿيندو ”مجتبائي“

فصاحت ۾ بلاغت ۾ بيان ۾.

ٻئي هنڌ چئي ٿو:

 

هڪڙو ”مخلص“ ٻيو ”مجتبائي“ شاهه،

اي گدا منهنجا دوستدار ٻئي.

 

۽ مخلص ”مجتبائي“ لاءِ چوي ٿو:

 

سندم همراز همدم مجتبائي،

شهِ فرخنده خو عال نسب آهه.

 

رهي جو آمري ۾ مجتبائي شاهه اي مخلص،

سدا گهر جي ڪرڻ تنهن مطلع الانوار جي صحبت.

مخدوم محمد ابراهيم ”صوفي“ هالائي به مجتبائي جي تعريف ڪئي آهي، هو چوي ٿو:

قدر تنهنجي غزل جو ”مجتبائي“

سخندان ڪر، سخندان ڪر، سخندان ڪر.

-

ڪلام جو نمونو

ٿيو دم آهه بر لب خنجرِ الفت جي گهائل جو،

بغير از وصل درمان ناهه عاشق نيم بسمل جو.

 

برنگِ لالئه احمر سراسر داغدار آهي،

عجب احوال ٿيو گل پيرهن جي ياد ۾ دل جو.

 

سٺم سنگين دلا تنهنجي طلب ۾ سر تي ڪوهِ غم،

ٿئي فرهاد قائل ڪئن نه منهنجي عشق ڪامل جو.

 

ٿيو لرزش ۾ آهي منهنجو لاشو بعد مردن پسڻ،

گذر ٿيو منهنجي مدفن کان سندم خونخوار قاتل جو.

 

جلائي جان منهنجي آتشِ هجران، مٺا تون مل،

وگرنه سر وڃي ٿو سوز ۾ تنهنجي سڪائل جو.

 

حمايت مجتبائي هر زمان مولا علي منهنجو،

ثناخوان صدق دل جي سان آهيان جنهن جي فضائل جو (1).

-

جئن ستارن ۾ ٿيو بر آسمان بدرالمنير،

محفلِ خوبان ۾ ائين سهڻو صنم پرنور شمع.

 

بارڪ الله بيمثل آهي بت رشڪِ قمر،

جنهن ڏٺي منهدم ٿئي از شرم چون ڪافور شمع.

 

ڪئن تيغِ حسن جي بسمل جي روشن قبر ٿئي،

جلوه گر ٿيو زخمِ جان جنهن جو برنگِ نور شمع.

 

پرتو نورِ جمال يار شايد پيو مٿس،

سوز جنهن جي ۾ سڙي ٿي همچو ڪوهِ طور شمع.

 

جي ڏسي يڪبارگي او عارضِ تابانِ يار،

هوند پروانو ڪري هرگز نه پوءِ منظور شمع.

 

مثل پرواني جي آهيان ان تي عاشق جان نثار،

مجتبائي جنهن جي جلوه کان ٿي چڪناچور شمع (2).


(1)  ”ديوان دوست“ قلمي ملڪيت اختر مرزا حيدرآباد.

(1)  نئين زندگي ص 14 ماهه جولاءِ 1953ع شيخ عبدالحليم ”سنڌ جي موزون شاعري.“

(1)  تذڪره شعراءِ ٽکڙ، ص 83.

(1)  ”تحفئه احباب“ ص 18، ماه سيپٽمبر 1904ع حيدرآباد.

(1)  ”تحفئه احباب“ ص 23، ماه آگسٽ 1904ع، حيدرآباد.

(2)  ”تحفئه احباب“ ص 20، ماه سيپٽمبر 1904ع، حيدرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org