سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :44

 

عبدالله ”اثر“

]14 جولاءِ 1920ع – 26 ڊسمبر 1976ع[

عبدالله ولد مولوي الهڏنو چانڊيو تخلص ”اثر“ ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو (لاڙڪاڻه) ۾ تولد ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1936ع ۾ مسلم اسڪولن ۾ ماستر ٿيو. پارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي محمد اسماعيل قريشي ۽ مولوي غلام رسول عباسي کان حاصل ڪيائين، 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو امتحان ڏئي ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ استاد ۽ اي. ڊي. آءِ. ايس مقرر ٿيو.

 

”نجفي“ ۽ ”شيدا“ جي صحبتن ۾ کيس شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو، مولوي ”عاقل“ کي پنهنجو استاد وٺي شعر لکڻ لڳو. حاجي محمود ”خادم“ ۽ سرائي ”نظام الدين“ گوپانگ جي سنگت ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻه ۾ باقاعدگي سان دلچسپي وٺڻ لڳو. هو شاعري ۾ پهريان پنهنجو تخلص ”اثيم“ استعمال ڪندو هو. ميان علي محمد قادري سندس شعر کان متاثر ٿي هن کي ”اثر“ تخلص استعمال ڪرڻ لاءِ چيو جو خوشيءَ سان قبول ڪيائين (1).

 

اثر نواب شاهه عزيزن ڏانهن وڃي رهيو هو مگر اسٽيشن تي جيئن ريل ۾ چڙهي رهيو هو ته سندس پير ترڪي ويو. کيس سخت ڌڪ لڳا. کيس ٽيڪسي ۾ واپس لاڙڪاڻي آندو ويو، پر واٽ تي وفات ڪيائين.

 

انهيءَ واقعي کي بيان ڪندي احمد خان آصف سندس وفات جي تاريخ لکي آهي، جنهن جا ڪجهه شعر پيش آهن:

 

اسان کي غمن گوندرن ۾ گڏي،

اثر جاءِ جنت ۾ ويٺو اڏي.

 

سندس سال رحلت جو هاتف چيو،

اي آصف ”غروب اڄ مہ علم“ ٿيو (1).

1397 هه

سندس وفات جي ٻي قطعه تاريخ لاڙڪاڻي جي اردو شاعر رمز شاهجهان پوري هيئن بيان ڪئي آهي:

نازشِ افڪار صد رشڪِ قمر،

آخري تخليق، سڄڻن جو سفر.

 

مصرع تاريخ بن ڪر چها گيا،

”رمز نورِ مغفرت“ تم پر اثر (2).

عبدالله ”اثر“ لاڙڪاڻي جي انهن شاعرن مان هو. جن جو ڪلام پُراثر ۽ پُرڪشش آهي. هن ڪيترا مسدس مخمس وغيره به لکيا آهن پر هن جي غزل جو رنگ علحده هو. اندازِ بيان ۽ خيالن جي گهرائي هن جي غزل جون خوبيون هيون. جيتوڻيڪ هن جي زبان تي پارسي جي چاش زياده هئي، تڏهن به سندس غزل ۾ شوخي هوندي هئي. هن عربي جي مشهور قصيدن البرده ۽ بانت سعاد جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

عطا ٿيو سير گلشن جو ڪڏهن بادِ صبا وانگر،

ڪڏهن پابند رهڻو پيو چمن ۾ نقشِ پا وانگر.

 

ستم ان جو زماني ۾ ڪرم جو پاسدار آهي،

سيہ بختي به سر تي ٿي اچي ظلِ هما وانگر.

 

سلامت ٿو رهي عاشق جي دل ۾ شوقِ پابوسي،

فلڪ جون ٿو سهي سختيون تڏهن برگِ حنا وانگر.

 

نه سر جي آهه پروا هت، نه غم جانِ حزين جو آ،

اٽل هر فيصلو آهي، محبت ۾ قضا وانگر.

 

اهو اعزاز حاصل ڪين آهي بادشاهن کي،

جو پنجن بي نياز، جامِ جم ان جي گدا وانگر.

 

اثر ايڏي ته مشهوري ملي وئي عشق جي صدقي،

جو هر نا آشنا مون سان ملي ٿو آشنا وانگر.

-

بيسود زماني ۾ هر چاره گري نڪتي،

ديدار جي قابل آ هڪ دل جي دري نڪتي.

 

طوفان بپا ٿي ويو جذبات جي عالم ۾،

هڪ چڻنگ اٿي دل مان ۽ باهه ٻري نڪتي.

 

ڏوراپو ڏيان ڪنهن کي مان حال ونڊيان ڪنهن سان،

دل اڳ نه هئي دانا الفت ۾ چري نڪتي.

 

غم درد جو هي ٿورو لاهي نٿو سگهجي،

جيڪا به خوشي آئي عاشق کان ٽري نڪتي.

 

جيڪي مون رنڊا روڙيا ٿو داد ملي تن کي،

هر جنس محبت ۾ کوٽي به کري نڪتي.

 

هر ڪوئي اثر ٿي ويو ڄڻ مست الست آهي،

جنهن وقت سرِ محفل شيشه مان پري نڪتي.


(1)  مهراڻ سه ماهي ”شاعر نمبر“ ص 335، سال 1969ع.

نوٽ: اثر صاحب جيتوڻيڪ ورهاڱي کان پوءِ به گهڻو وقت شاعري ڪندو رهيو پر جيئن ته سندس واسطو زياده تر قادري جي دور جي ادبي سرگرمين ۽ اديبن سان رهيو تنهن ڪري سندس ذڪر قادري جي دور ۾ ڪيو ويو آهي.

(1)  ”الرحيم“ ماهوار، ص 19، ماه آگسٽ – سيپٽمبر 1977ع.

(2)  ”سڄڻن جو سفر“ عبدالله اثر، ص 26، انصاف پريس لاڙڪاڻو، 1976ع.

(1)  ”بياض اثر“ قلمي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org