سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :26

 

قادري جو دور

(1915ع – 1947ع)

 

قادري دور جا شاعر

جائزو

مولوي محمد عاقل ”عاقل“

ميان علي محمد ”قادري“

مرزا قربان علي بيگ ”قربان“

محمد حيات شاهه ”حافظ“

مولوي حاجي احمد ”ملاح“

فتح محمد سيوهاڻي حڪيم

مولوي محمد عظيم ”شيدا“

سوڀراج نرمل داس ”فاني“

مرزا علي بيگ ”مدد“

گل محمد مگسي ”زيب“

لالچند ”مجروح“

مير علي نواز ”ناز“

جمع خان ”غريب“

جان محمد ”فدا“

غلام سرور ”فقير“

حافظ عبدالله ”بسمل“

صفي الله ”فدا“

آغا غلام نبي ”صوفي“

محمد زمان شاهه ”ساقي“

نواز علي ”نياز“

محمد بخش ”واصف“

هدايت علي ”نجفي“

محمود ”خادم“

غلام احمد ”نظامي“

قادر بخش ”بشير“

محمد موسيٰ ”راز“

حافظ محمد ”احسن“

شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

مراد علي ”ڪاظم“

عبدالرحمان ”انجم“

محمد خان ”غني“

آغا عبدالنبي ”آغا“

محمد صادق ”طالب“

غلام سرور ”سرور“

عبدالله ”خواب“

غلام عباس ”جوش“

لطف الله ”بدوي“

سيد احمد تقي شاهه ”حنفي“

الله بخش عقيلي ”سرشار“

عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي

سرور علي ”سرور“

شيخ عبدالله ”عبد“

ضياءُ الدين ”ضيا“

انور علي شاهه ”اظهر“ گيلاني

عبدالله ”اثر“

 

قادري جو دور

قادري جو دور 1915ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان کي 1947ع تائين ختم سمجهجي. جڏهن پاڪستان قائم ٿيو، ملڪ کي آزادي ملي ۽ ملڪ جي نين سماجي ۽ سياسي حالتن سنڌي ادب ۽ شاعري تي نوان اثر وڌا.

 

1915ع کان وٺي 1947ع وارو دور ساري هندستان ۾ سياسي بيداري ۽ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري جدوجهد جو دور هو. هندستان جي ٻين صوبن وانگر سنڌ به ان جدوجهد ۾ شريڪ هئي. سن 1885ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس قائم ٿي چڪي هئي، مگر ان جي قوت ۽ تحريڪ هن دور ۾ ئي اوج تي پهتي. سن 1906ع ۾ مسلمانن پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ مسلم ليگ قائم ڪئي، جنهن اڳتي هلي مسلمانن لاءِ علحده رياست جي گهر ڪئي. مارچ 1940ع ۾ لاهور واري آل انڊيا مسلم ليگ جي ساليانه اجلاس ۾ مشهور زمانه لاهور ريزوليوشن پاس ڪيو جنهن ۾ مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي گهر ڪئي وئي ۽ پاڪستان جو نعرو بلند ڪيو ويو. 1947ع ۾ انگريز هندستان کي آزاد ملڪ جو ورهاڱو ڪري، پاڪستان بنائي هليا ويا.

 

ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي سياسي پارٽين ۽ انهن جي نظرين جو ملڪ جي ماڻهن تي گهرو اثر هو، جنهن ڪري ٻنهي سياسي پارٽين جي تحريڪن جو ادب تي به اثر پيو. ڪانگريس سان واسطو رکندڙ شاعرن آزادي ۽ هندو مسلم ايڪتا کي پنهنجي شاعري ۾ اهميت ڏني ۽ مسلم ليگ سان واسطو رکندڙ مسلمان شاعرن مسلمانن ۾ بيداري، وڃايل وقار، عظمت ۽ مسلمانن لاءِ علحده رياست جي خيالن جو اظهار ڪيو.

هن دور ۾ سنڌ جي سياست ۽ معاشري ۾ ڪي اهڙيون تحريڪون ۽ واقعا ٿيا جن جو گهرو اثر سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۽ ادب تي ٿيو.

هندستان ۾ 1919ع جي آخر ۾ خلافت تحريڪ شروع ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ وڌ ۾ وڌ حصو ورتو. لاڙڪاڻو خلافت تحريڪ جو مرڪز رهيو. جون 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٻي خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت پير جهنڊي واري ڪئي. استقباليه ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري جان محمد جوڻيجو هو. هن ڪانفرنس ۾ مولوي شوڪت علي، مولوي محمد علي، مولوي عبدالجبار لکنوي، مولوي آزاد، مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر ڪچلو، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيٺ عبدالله هارون، مولوي امروٽي ۽ هندستان جا ٻيا بزرگ سياستدان شريڪ ٿيا (1).

 

خلافت تحريڪ جي اثر هيٺ سنڌ مان ڪيترا ماڻهو ترڪ موالات ۽ هجرت ڪري افغانستان هليا ويا.

 

انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو، بمبئي سرڪار صوبي جي ٻين علائقن وانگر سنڌ جي ترقي تي ڪوبه توجهه نٿي ڏنو. جنهن ڪري سنڌ جي معاشي ترقي ڪانه ٿي سگهي هئي، بلڪ سنڌ هندستان جو هڪ پٺتي پيل حصو سمجهيو ٿي ويو. سنڌ جي ماڻهن ۾ اهو احساس هئو ته جي سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪري ٻين صوبن وانگر هڪ صوبي جي حيثيت ڏني ويندي ته هي صوبو معاشي، اقتصادي ۽ علمي طرح وڏي ترقي ڪندو. سنڌ جي مسلمانن سنڌ جي علحدگي جي پٺڀرائي ٿي ڪئي ۽ سنڌ جي علحدگي لاءِ تحريڪ هلائي. سنڌ جي هندن جو وڏو طبقو بمبئي کان سنڌ جي جدا ٿيڻ جي خلاف هو مگر سنڌ جي علحدگي واري تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪري هڪ صوبي جي حيثيت ڏني وئي.

هن دور جا شاعر جي سياسي طرح بيدار ٿي چڪا هئا، تن به سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ بابت شعر لکيا. شيخ عبدالله جو نظم ملاحظه ڪريو:

مادر سنڌ جا ستل فرزند،

ننڊ ۾ بي خبر پيل فرزند.

 

اُٿ زماني جي تيزگامي ڏس،

پنهنجي قدمن جي ڪم خرامي ڏس.

آبرو سان اگر جيئڻ ٿو گهرين،

مرگِ ذلت کان جي بچڻ ٿو گهرين.

 

ڏس برهمڻ جي حيله و فن کي،

وٺ اُٿي شيخ جي تون دامن کي.

 

پنهنجي همت کي بناءِ بناءِ،

سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪراءِ (1).

حاجي محمود خادم هندن جي سنڌ جي بمبئي کان علحده ٿيڻ جي مخالفت ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:

پر جڏهن ٿو سنڌ جي سوراج جو ويچار ٿئي،

ٿو چوين هرگز نه سا بمبئي کان ڌار ٿئي.

(محمود خادم)

محمد بخش واصف سنڌ جي علحدگي بابت چوي ٿو:

سڀ ڳٽيون ڳڻتين سنديون ان جون لهي واصف وڃن،

بمبئي جي جيلخانه کان جي سنڌ آزاد ٿئي.

(واصف)

3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ جي.ايم.سيد مسلمانن لاءِ علحده حڪومت لاءِ هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اسيمبلي پاس ڪيو ۽ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جو بنياد بنيو. سنڌ اسيمبلي هندستان جي صوبن مان پهرين اسيمبلي هئي جنهن اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو هو.

 

ٺهراءُ : ”جيئن ته هندستان جا مسلمان مذهب، فلسفئه حيات، معاشرتي رسمن، ادب روايات، سياسي ۽ اقتصادي عقيدن جي جدا هئڻ سبب هڪ جداگانه قوم آهن ۽ هڪ جدا قوم هئڻ جي حيثيت ۾ هندستان جي جنهن خطه زمين ۾ هو اڪثريت رکن ٿا اتي هو آزادي ۽ خودمختار قومي حڪومتن قائم رکڻ جا حقدار آهن“ (1).

 

هن دور ۾ ڪي اهڙا واقعا ٿيا جن سنڌ جهڙي صوفي صوبي جي عوام هندو ۽ مسلمانن ۾ نفاق ۽ نفرت جو ٻج ڇٽيو ۽ ويڇو وڌائي ڇڏيو. هونئن جو سنڌي پاڻ ۾ ايڪتا، اتحاد ۽ ڀائپي سان رهندا هئا، هڪ ٻئي کان جدا ٿيندا ويا. سنڌ ۾ هندو مسلمان نفاق جا ڪي سبب هيٺيان هئا:

1920ع ۾ آئيني سڌارا مليا ۽ ان ڏينهن کان ملڪ جي سياست هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. اسيمبلين، ميونسپالٽين، لوڪلبورڊن ۽ اسڪول بورڊن جون ميمبريون کليون ۽ جدا چونڊن جو طريقو رائج ٿيو. هندو هندن کي چونڊين ۽ مسلمان مسلمانن کي. هر چرندڙ پرندڙ ماڻهوءَ ۾ پاور جي بوءِ تي نيون هوسون ۽ اُمنگون پيدا ٿيون، جن ”ڇڪتاڻ“ جو روپ ورتو“ (1).

هندن طرفان شڌي ۽ سنگهٽن، آريه سماج ۽ هندو مهاسڀا جون تحريڪون ۽ مسلمانن طرفان مسلمان بنائڻ جي تحريڪن ٻنهي کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو.

1927ع ۾ ڪريمان نالي ٻهراڙي جي هڪ عورت جنهن کي چار ٻار هئا هڪ هندو سان ڀڄي لاڙڪاڻي آئي ۽ آريه سماجين جي هٿ تي ٻارن سميت هندو ٿي وئي. جنهن تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هندو مسلمانن جو وڏو فساد ٿيو. جنهن سبب هندو مسلمانن جي دلين ۾ دوئي پيدا ٿي.

1939ع ۾ مسلمانن مطالبو ڪيو ته سکر جي منزل گاه ۽ مسجد مسلمانن کي ڏني وڃي. هندن ان مطالبي جي مخالفت ڪئي. الله بخش سومري جي ڪانگريس جي پٺڀرائيءَ سان قائم ڪيل وزارت مسلمانن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان ساري سکر ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم وڏو فساد پيدا ٿيو، جنهن ۾ ڦرلٽ، باهيون ۽ قتل ٿيا.

4 آڪٽوبر 1939ع تي سکر جي هندن پير صاحب ڀرچونڊي جي پٽ کي وچ بازار ۾ سخت بي عزت ڪيو ۽ مار ڪڍي، چوڻ ۾ اچي ٿو ته انتقام طور پير صاحب جي هڪ مريد رڪ اسٽيشن تي 2 نومبر 1939ع تي ڀڳت ڪنور رام کي جو هندو ۽ مسلمانن ٻنهي ۾ مقبول هو گولي هڻي ماري ڇڏيو، جنهن ڪري سنڌ جي هندن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو.

1939ع ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو سنڌ جي تعليمي کاتي ۾ ڊي. بي. آءِ هو. هن درسي ڪتابن جي ڪن لفظن تي جيڪي اسڪولن ۾ اڪثر غلط پاڙهيا ۽ اُچاريا ويندا هئا، اعرابن ڏيڻ تي زور ڏنو. هندن انهيءَ مسئلي کي سنڌي ٻوليءَ سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ سنڌيءَ کي عربي بنائڻ جو رنگ ڏنو. جنهن تي هندو ۽ مسلمانن ۾ وڏو اختلاف پيدا ٿي ويو. سڀ هندو اخبارون هڪ طرف ۽ ”الوحيد“ ۽ ٻيون مسلمانن جون هفتيوار اخبارون ٻي طرف. اها ڪشيدگي سڄي صوبي ۾ پکڙجي وئي. هندو ۽ مسلمان پنهنجي پنهنجي راءِ جي فائدي ۾ جلسا ڪرڻ لڳا. آخر سنڌ سرڪار انهيءَ جهڳڙي کي نبيرڻ لاءِ ڏهن ميمبرن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن تي پنج هندو ۽ پنج مسلمان ميمبر کنيا ويا. ڪميٽيءَ اعرابن جي فائدي ۾ رپورٽ ڏني. اهڙي طرح انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر آئي.

هندو مسلم ويڇي جو سنڌي ادب ۽ زبان تي به اثر پوڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هندو پنهنجن مضمونن، شعرن ۽ ليکن وغيره ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ ۽ مسلمان پنهنجين لکڻين ۾ عربي ۽ پارسي جا لفظ ڪثرت سان استعمال ڪرڻ لڳا، ڄڻ ٻنهي طرفان سنڌيءَ کي شڌ ۽ مشرف به اسلام ڪرڻ جي ڪشمڪش شروع ٿي وئي. ان جو اثر شاعري تي وڌيڪ پيو، ايتري قدر جو هندو مسلمان ۽ مسلمان هندن جو ڪيترو شعر سولائي سان سمجهي نه سگهندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان اهڙي برتاءُ بابت حاجي محمود خادم پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چوي ٿو:

 

اردو سان ۽ هندي سان رکو دل ته گهڻي ٿا،

مصري کان مگر آهه مٺي پنهنجي زبان نيٺ.

 

سنڌي جو سڌارو اسين سڀ گڏجي ڪيون جئن،

پنهنجي آ زبان پاڻ اها ٺاهيون اسان نيٺ.

 

سنڌي جو نه همدرد رهيو آهه اي ”خادم“،

هي حال وڃي ديس جو مان ڪنهن کي چوان نيٺ.

(محمود خادم)

قادري جي دور ۾ سنڌي تعليم گهڻو زور ورتو، سنڌ جي نه صرف شهرن ۾ پر ٻهراڙين ۾ پرائمري سنڌي اسڪول قائم ڪيا ويا ۽ ستن درجن کان پوءِ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ واري کي نوڪريون ملڻ لڳيون، جنهن ڪري ماڻهن پارسي بجاءِ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. مدرسه جيڪي پارسي ۽ عربي جا مرڪز هئا انهن ۾ به سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو رواج پيو. سنڌ سرڪار ضلعي ۽ ڪن ٻين مکيه شهرن ۾ انگريزي هاءِ اسڪول ۽ مڊل اسڪول قائم ڪيا ۽ ڪيترا ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ خانگي هاءِ اسڪول پيا. جنهن ڪري انگريزي تعليم جو چرچو وڌيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ڪاليج اعليٰ تعليم جا مرڪز ٿي پيا. جنهن ڪري ڪيترن سنڌين انهن ڪاليجن مان بي.اي جا امتحان پاس ڪري ڊگريون حاصل ڪيون. سنڌي طرف وڌيڪ لاڙي سبب پارسيءَ جو رواج بلڪل گهٽجي ويو، ان جي جاءِ انگريزيءَ والاري. انگريزي تعليم سبب ماڻهو مغربي علم و ادب کان واقف ٿيا ۽ سندن ذهنن ۾ نوان خيال ۽ نئين روشني پيدا ٿي. انگريزي تعليم سبب نثر جي مختلف صنفن زور ورتو ۽ انگريزي شاعري جي مختلف قسمن ۾ خيال آرائي ڪرڻ جو رواج پيو.

 

هن دور ۾ ڪيتريون ٻاهريون ڊراميٽڪ ڪمپنيون سنڌ ۾ اچي اردو ۾ ڊراما پيش ڪنديون هيون، جنهن ڪري هتي به اردو ۽ سنڌي ڊراميٽڪ ڪمپنيون قائم ٿيون. لاڙڪاڻي ۾ ميان غلام عباس قادري جي ”الهلال ڊراميٽڪ سوسائٽي“، شڪارپور ۾ آغا صوفي جي ڊراميٽڪ سوسائٽي، روهڙي ۽ سکر جون ڊراميٽڪ سوسائٽيون، حيدرآباد ۾ ڪاسائين جي ڊراميٽڪ سوسائٽي، ڪراچيءَ ۾ رازل، جميله ۽ پارسين جي ڊراميٽڪ سوسائٽي اردو ۾ کيل پيش ڪنديون هيون. هن ئي دور ۾ پهريان گونگي ۽ پوءِ ٻولتي فلمن جو رواج پيو، جي اردوءَ ۾ هونديون هيون. اردو ڊراميٽڪ سوسائٽين ۽ سئنيمائن جو اهو اثر نڪتو جو سنڌ جا ماڻهو اردو سمجهڻ ۽ اردو پڙهڻ لڳا. ان ڪري هن دور ۾ سنڌي شاعري، خاص طرح غزل تي اردو جو اثر قائم ٿيو. مگر عجب جي ڳالهه آهي ته هن دور جي سنڌي شاعرن جيڪي اردو غزل کان سانگي جي دور وارن شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ متاثر ٿيل هئا، سانگي جي دور جي شاعرن وانگر اردوءَ ۾ غزل گوئي ۽ ٻي شاعري گهٽ بلڪه ڪنهن حد تائين ڪانه ڪئي.

 

قادريءَ جي دور ۾ ترقي پسند جماعتون قائم ٿيون، ترقي پسند ادبي تنظيمون جڙيون ۽ ترقي پسند ادب لکجڻ جي شروعات ٿي، 1930ع ۾ مسٽر جمشيد ۽ ڄيٺمل پرسرام جي ڪوشش سان ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪانفرنس ڪٺي ٿي ۽ هاري تحريڪ جو بنياد پيو (1). هن دور ۾ ئي ڪراچيءَ ۾ مزدور تحريڪ جو بنياد پيو، جنهن جو ڪيترو وقت سيڪريٽري جمال الدين بخاري رهيو.

 

هارين ۽ مزدورن ۾ بيداري آڻڻ لاءِ جيڪو ادب لکيو ويو اهو سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو پهريون بنياد هئو. هارين کي پنهنجن مسئلن سمجهائڻ لاءِ نثر کان زياده نظم جو سهارو ورتو ويو جو هڪ ته سنڌ جو هاري اڻ پڙهيل هيو ٻيو مختصر نظمن ۽ انهن جي پرجوش ڌنن ڪري جيڪا ڳالهه شاعر سمجهائڻ ٿي چاهي سا هنن جي ذهنن ۾ سولائيءَ سان ويهي ٿي سگهي. ان ڏس ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ علي محمد عباسي لاڙڪاڻي واري جون ڪوششون سدا امر رهنديون.

 

قادريءَ جو دور سنڌ ۾ صحافت ۽ اخبارن جي اوسر جو دور هو، هن دور ۾ ڪجهه روزانيون، ڪيتريون هفتيوار اخبارون ۽ رسالا نڪرڻ شروع ٿيا، جن ملڪ ۾ نه صرف سياسي ۽ سماجي شعور پيدا ڪيو پر سنڌي ادب کي پڻ مالامال ڪيو.

 

روزانين اخبارن ۾ ”هندو“ (جا پوءِ ”هندوستان“ جي نالي سان ڇپجڻ لڳي)، ”الوحيد“ ۽ ”سنسار سماچار“، سه روزه اخبارن ۾ سنڌ زميندار هفتيوار اخبارن ۾ الحقيقت، مسلمان، المنار، ستاره سنڌ، اصلاح (جا روزانه ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي وئي)، مرغِ فلڪ، طيراً ابابيل ۽ عبرت. ماهوار رسالن ۾ گلدسته سنڌ، روح رهاڻ، علمي دنيا، سنڌو، مخلص ۽ اديب سنڌ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

 

سنڌ جي هر اخبار ۽ رسالي، چاهي اها سياسي، سماجي، يا ٻئي ڪنهن مقصد خاطر قائم ڪئي وئي هئي، پنهنجن صفحن ۾ سنڌي شعر کي جاءِ ڏني، جنهن ۾ سنڌي غزل جو اهم ۽ وڏو حصو هو. ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سنڌ جي گهڻو ڪري سڀني اخبارن ۽ رسالن هن دور ۾ سنڌي غزل جي سرپرستي ڪئي، پر ”الحقيقت“، ”گلدسته سنڌ“ ”اديبِ سنڌ“ جي ٽئي لاڙڪاڻي مان شايع ٿيندا هئا ۽ جن جو قادري خاندان سان گهرو واسطو هو، ڄڻ غزل جا نقيب هئا. انهن ٽنهي نه صرف سنڌ جي شاعرن جا غزل شايع ڪري سنڌي غزل کي زور وٺرايو پر انهن بزم مشاعرن جون ڪارروايون شايع ڪري سنڌ ۾ بزم مشاعرن جو ڦهلاءُ ڪيو جنهن ڪري غزل سنڌي پڙهيل لکيل طبقي جي پسنديده صنف ٿي پئي.

 

قادري جو دور سنڌ ۾ مشاعرن جو دور هو. قادري 1915ع ۾ بزم مشاعرو قائم ڪري ان ۾ نه صرف شاعرن بلڪ سامعين کي به شريڪ ڪيو. اهڙي طرح عوامي مشاعرن جو رواج پيو. بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي ڪاميابي، ان سان شاعرن ۽ عام ماڻهن جي دلچسپي جو اثر هي نڪتو جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بزم مشاعره قائم ٿي ويا، خاص طرح ضلعي جا شهر انهن جو مرڪز بنيا. لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور جا بزم مشاعره ڄڻ شاعرن جي تربيت گاهه هئا، جتي نه صرف هو داد حاصل ڪندا ۽ تنقيدون سڻندا هئا، پر عروض جي اصولن، بديع ۽ معنوي جي خوبين کان واقف ٿيندا ۽ لفظن جي صحت ۽ صحيح استعمال جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. مشاعرن ۾ زياده تر غزل ئي پڙهيا ويندا هئا، تنهن ڪري هن دور جي مشاعرن سنڌي غزل کي مقبول ۽ مروج بنائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو. اهو مشاعرن جو ئي اثر هئو جو هن دور ۾ سنڌ ۾ شاعري جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل جو زور وڌيو. اهو ئي دور هو جڏهن سنڌي شاعري جي معنيٰ فقط غزل سمجهيو ويندو هو ڪافي يا ڏوهيڙو چوڻ نه صرف ڪسرِ شان بلڪ علمي ۽ ادبي عظمت جي خلاف ليکبو هو (1).

 

قادريءَ جو دور سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسن جو دور هو. هن دور ۾ ڪل اٺ ڪانفرنسون ٿيون. پهرين ڪانفرنس جنهن جو روح روان قادري هو، 1921ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جنهن سان سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ ڪل سنڌ مشاعرن جو بنياد پيو. اٺين ڪانفرنس هن دور جي پوئين ڪانفرنس هئي جا نواب شاهه ۾ 5 اپريل 1947ع تي ٿي، جنهن کان ٿورا مهينا پوءِ هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌي هندو سنڌ کي الوداع ڪري هتان هليا ويا. هي ادبي ڪانفرنسون ۽ ڪل سنڌ مشاعره غزل گو شاعرن جا عظيم اجتماع هئا. هنن اجتماعن ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان سون جي تعداد ۾ غزل گو شاعر اچي ڪٺا ٿيندا هئا. هڪ ٻئي جا غزل ٻڌندا، داد ۽ تحسين ڏيندا ۽ شاعري جي خوبين ۽ خامين تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا هئا، جنهن ڪري شاعرن جي فن ۾ پختگي ۽ خيالن ۾ بلندي پيدا ٿيندي هئي. هنن ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعر ڪانفرنسن مان موٽڻ کان پوءِ غزل جا مبلغ ٿي پوندا هئا، پر جيئن ته هن دور جا استاد شاعر غزل جي پراڻن پيچرن جا پانڌي هئا ۽ هنن جي دماغن تي پارسي ۽ اردو شاعرن جي خيالن، فن، تشبيهن، استعارن، ترڪيبن وغيره جو گهرو اثر هو، تنهن ڪري هنن ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندڙ نوجوان شاعر به پاڻ سان غزل جون اهي پراڻيون روايتون جيڪي استاد کين ٻڌائيندا هئا، ساڻ کڻي ويندا هئا ۽ انهن تي حرف بحرف عمل ڪندا هئا.

 

قادريءَ جي دور ۾ غزل جي هيئت، علم عروض، بحر وزن، قافيه، رديف ۽ ٻين لوازمن تي اڳين دورن جي ڀيٽ ۾ وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو ويندو هو، جيئن هيٺين ٻن راين مان معلوم ٿيندو. پروفيسر رام پنجواڻي ان دور جي شاعري لاءِ چوي ٿو: ”نازڪ خيالي ۽ بلند پروازي سان گڏ علم عروض جا قائدا به هجن ته بهتر“ (1).

 

ميان علي محمد قادري بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي مقصدن تي روشني وجهندي چوي ٿو، ”انهيءَ سڌاري لاءِ بزم مشاعره لاڙڪاڻه پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏئي اصلاح ڪئي وڃي ٿي. رديف، قافيه، وزن فصاحت بلاغت، تاثير محاوره، تنقيد لفظي و معنوي، بندش، محسنات وغيره“ (2).

 

عروض جي پابندين ۽ محسنات جي طرف وڌيڪ توجهه جو نتيجو هي نڪتو جو شاعرن جا جذبا ۽ خيال بحر وزن جي حساب ڪتاب ۾ ايترا ته ڦاسي پيا جو انهن جي رواني، فصاحت ۽ اثر تي وڏي پابندي عائد ٿي وئي ۽ شاعر جذبن جي پراثر ۽ سليس بيان کان وڌيڪ وزن ۽ بحر جي ڄار ۾ ڦاسي پيو، تنهن ڪري هن دور جو غزل پڙهيل طبقي کان سواءِ عوام جي دلين ۾ ڪوبه مقام حاصل ڪري نه سگهيو.

 

قادريءَ جي دور ۾ وڌيل سجاڳي جو اثر سنڌ جي شاعرن تي پيو هنن مان گهڻن عشقي شاعري سان گڏ قومي شاعريءَ ڏانهن به توجهه ڏنو. اهي شاعر جيڪي ڪانگريس جي پاليسيءَ سان متفق هئا تن هندوستان جي عظمت، هندوستان جي آزادي، انگريزن خلاف ڌڪار ۽ هندو مسلم ايڪتا جي خيالن جو اظهار شاعري جي ٻين صنفن سان گڏ غزل ۾ به ڪيو.

 

ايڪتا جا ديوتا؛ تنهنجو لهان مندر ڪٿي،

جنهن ۾ اتحادي اُجالو آهه سو اندر ڪٿي.

 

دربدر ٿيو دادلو، توبن اميدن جو جهاز،

آس آزاديءَ لئه آهي بيٺڪي بندر ڪٿي.

(ڪشنچند بيوس) (1)

دار تي حب وطن ۾ چڙهي قربان ٿيو،

مثل منصور اُٿو صاحبِ عرفان بنجي.

 

مادرِ هند جا فرزند ٿيا ڇو خاموش،

اچو ميدان ۾ گهڙي شيرِ نيستان بنجي.

 

دين ڀي آهي وطن ۽ ايمان وطن،

ڇا ڪندو فرق کي هندو ۽ مسلمان بڻجي.

(ليکراج عزيز) (2).

 

پيار جيئن جاڳي اُٿي جاڳي اُٿي انسانيت،

ايڪتا جا جابجا، نعرا لڳائيندا هلو.

 

سير ۾ ٻيڙي اٿو سهڪار کي مانجهي ڪريو،

پنهنجي ڪشتي کي ڪناري سان لڳائيندا هلو.

(پرسرام ضيا)

 

جو غلاميءَ کان ڪري انڪار ٿو،

گهور سئو اقرار ان انڪار تان.

 

جو مئي حب الوطن پي مست ٿيو،

سئو سياڻا صدقي اُن سرشار تان.

(فتح محمد سيوهاڻي حڪيم)


(1)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر، مهراڻ (سه ماهي)، شخصيات نمبر، ص 285 مضمون ”رئيس المهاجرين مرحوم جان محمد جوڻيجو“ 1957ع.

(1)  غلام اڪبر جعفري ”شيخ عبدالله ”عبد“ جون علمي خدمتون“ ص 88، قلمي مونوگراف سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي 1978ع.

(1)  جي.ايم.سيد ”چونڊ سياسي مضمون ۽ تقريرون“ ص 9، نئين سنڌ پريس چندريگر روڊ، ڪراچي 1975ع.

(1)  علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد ٽيون، ص 260، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1980ع

(1)  جي.ايم.سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد ٻيو، ص 126، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

(1)  حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، ص 26، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1977ع.

(1)  رام پنجواڻي پروفيسر ”ديوان قادري“، مهاڳ ص 10، قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو، 1940ع.

(2)  علي محمد قادري ميان ”گلدسته سنڌ“ ص 3، قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو، 15 ڊسمبر 1925ع.

(1)  محمد صديق ميمڻ ”سالانه رپورٽ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد“.

(2)  ليکراج عزيز ”ڪليات عزيز“ ص 103، نيشنل پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، 1938ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org