ناشر طرفان
اسان توهان سان وعدو ڪيو هو ته ”سنڌي غزل جي اوسر“ جو ٻيو ڀاڱو
ستت ئي ڇپرائي، توهان جي آڏو آڻينداسين. مون کي
خوشي آهي ته اسان جو ادارو پنهن جي چوڻ تي قائم
رهندي، هن ضخيم ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي کي ڇپرائڻ ۾
ڪامياب ٿيو. ڳالهه هتي ڪنهن ڪتاب جي ضخيم يا ننڍي
هئڻ جي ناهي. اسان جو يقين هميشه ان ڳالهه ۾ رهيو
آهي ته اسان نه صرف علم و ادب ۽ تحقيق جي اڃايلن
جي اُڃ اجهايون، بلڪه ان ڏس ۾ جيڪو به، علم ۽ قلم
جو پورهيو ڪري ٿو، ان جي محنت کي به ٻين آڏو آڻڻ
جي ڪوشش ڪريون.
اياز قادري بلاشبه هن ٿيسز لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. جيڪا هڪ
ڪتاب جي ٻن ڀاڱن ۾ ڇپجڻ کان پوءِ سڀني جي آڏو آهي.
”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ جيڪو مواد آيل آهي، سو اڳتي
هلي، انهيءَ ميدان ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ وڏي
رهنمائيءَ جو باعث ٿيندو. هونئن به علم ۽ تحقيق جو
ميدان وسيع ۽ اڻ کٽ آهي. ان ۾ جنهن پير پاتو، تنهن
نه رڳو پنهن جي اڳتي وڌڻ لاءِ راهون ڳولهيون، بلڪه
پنهن جي پويان اچڻ وارن جي لاءِ به رستا سولا ڪري
ڇڏيا.
هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ اسان کي اهائي اميد آهي ته هن
موضوع جي شائقينن کي هتان گهڻو ئي مواد ملي
سگهندو.
اميد اٿم ته اسان جي هيءَ ڪوشش پڙهندڙن وٽ صاب پوندي.
مهتاب اڪبر راشدي
انتساب
پنهن جي ابي، غزل جي برک شاعر،
هفتيوار الحقيقت جي ايڊيٽر،
عظيم استاد ميان
غلام سرور ”فقير“ قادري
جي نالي
مقدمو
گهڻي کان گهڻي واکاڻ ۽ ساراهه ان صاحب جي جنهن انسان کي بي
انتها نعمتن سان نوازيو جنهن جو شڪر ڪيترو به
انسان ادا ڪري، ادا ڪري نٿو سگهي. سوين صلواتون ۽
سلام امام النبياء ۽ رحمت اللعالمين محمد مصطفيٰ
صلي الله عليه وسلم ۽ سندس آل پاڪ تي جي بي مثل ۽
بي نظير آهن جن انسانن جي عقل ۽ سمجهه کي علم جي
نور سان منور ڪيو.
سنڌي غزل جي اوسر سنڌي ادب جي تواريخ جو هڪ اهم حصو آهي. غزل کي
انگريزن واري دور ۾ وڌ ۾ وڌ اهميت حاصل رهي آهي،
ايتري قدر جو ان دور ۾ غزل کي ئي معياري شاعري
سمجهيو ويندو هو، ان دور جو هر تعليم يافته شاعر
غزل ۾ طبع آزمائي ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندو هو، اهوئي
سبب آهي جو غزل انگريزن جي ابتدائي دور کان وٺي اڄ
تائين سنڌ وارن جي مقبول صنف رهي آهي. اڄ جو
نوجوان ۽ ترقي پسند شاعر جتي شاعري جي ٻين مختلف
صنفن ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو اتي غزل سان به ناتو
نڀائيندو اچي، ايتريقدر جو انهن شاعرن جن غزل خلاف
لکيو ۽ ڳالهايو آهي اُهي به غزل چون ٿا.
غزل کي ايتري مقبوليت حاصل ڇو ٿي تنهن جو هڪ سبب هي آهي ته
انگريزن جي دور کان اڳ سنڌي شاعري ۾ دوهو، بيت،
وائي ۽ ڪافي جو عام رواج هو پر جڏهن غزل سنڌي
شاعري ۾ پير پاتو ته اها سنڌي شاعري ۾ نئين صنف
هئي، جيئن موجوده دور ۾ هائيڪو، ٽيڙو، پنجڪڻا
وغيره، تنهن ڪري ان دور جي تعليم يافته شاعرن جي
پارسي شاعري پڙهيل، عروض کان آشنا ۽ پارسي غزل کان
متاثر هئا، تن غزل کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ان ۾
پنهن جي خيالن جو اظهار اهڙي چاهه سان ڪيو جهڙي
چاهه سان اڄ جو شاعر سنڌ ۾ مروج نين صنفن سانيٽ،
ترائيل، هائيڪو، ٽيڙو ۽ پنجڪڻا وغيره سان ڪري رهيو
آهي. جيئن ته غزل جي پرورش تعليم يافته طبقي ڪئي
هئي، جنهن جي دل ۽ دماغ تي پارسي جو اثر هو تنهن
ڪري انهن جي زبان تي به پارسي جو ايترو اثر غالب
رهيو جو غزل جي زبان پارسي زده ٿي پئي. غزل جو
عوام ۾ بيحد مقبول نه ٿيڻ جو هڪ سبب اها زبان جي
ڏکيائي هئي، عوام پنهن جي سولي ۽ سلوڻي زبان ۾
شاعري پسند ڪندو آهي، جيئن ته غزل جي زبان انهن
لاءِ مشڪل هئي تنهن ڪري غزل زياده تر تعليم يافته
طبقي جي روح جي راحت بنيو رهيو.
غزل سنڌي شاعري جي اها صنف آهي جنهن کي منڍ کان وٺي نه صرف
اخبارن ۽ رسالن جي سرپرستي حاصل رهي آهي پر ان کي
مقبول بنائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ ادارا جنهن کي بزم
مشاعره ٿو چئجي قائم ٿيا جن باقاعده منظم نموني
غزل جي اوسر لاءِ نه صرف ضلعي وار ڪم ڪيو پر ڪل
سنڌ بنياد تي پڻ انجمنون قائم ٿيون جيئن جمعيت
الشعراءِ سنڌ ۽ بزم طالب الموليٰ وغيره، جن غزل کي
سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچايو ۽ مقبول بنايو، اهڙي
منظم سرپرستي سنڌ ۾ شاعري جي ٻي صنف کي حاصل نه ٿي
آهي.
ڪتاب ۾ غزل جي اوسر جا مختلف عنوان قائم ڪري ان کي ٻن ڀاڱن ۾
ورهايو آهي پهرين ڀاڱي ۾ غزل جي ابتدا، تشريح،
اصول وغيره، پارسي شاعري جو سنڌي شاعري تي اثر،
دعوت – غزل، اخباري مشاعره، بزم مشاعره ۽ ڪل سنڌ
ادبي ڪانفرنسن جو ذڪر ڪيو آهي ٻي ڀاڱي ۾ سنڌي غزل
جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين مختلف دور قائم
ڪري هر دور جي غزل جو، ان وقت جي سياسي، سماجي،
علمي ۽ ادبي ماحول جي روشني ۾ جائزو ورتو ويو آهي
جيئن غزل جيڪي وقت به وقت اثر قبول ڪيا آهن تن جو
پس منظر پڙهندڙن جي سامهون اچي ۽ کين معلوم ٿئي ته
غزل شروع کان وٺي هن وقت تائين ڪهڙا رنگ قبول ڪيا
آهن ۽ ڪهڙا رنگ بدلايا آهن.
شاعرن جي حياتيءَ جو احوال لکندي اهو خيال رکيو ويو آهي ته سندن
زندگي جي اهم واقعن ۽ ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪجي ۽
سندن ڄمڻ ۽ وفات جو سال هٿ ڪري ڏنو وڃي ۽ خاص طرح
سندن وفات تي جيڪي قطع تاريخ لکيا ويا آهن سي ڏنا
وڃن جيئن انهن ۾ بيان ڪيل سندن عظمت، ساڻن وقت جي
ماڻهن جي محبت ۽ سندن وفات تي ڏک جي اظهار سان گڏ
سندن وفات جو صحيح سال محفوظ ٿي وڃي. هر شاعر جي
لکيل ڪتابن جو ذڪر سندس شاعري تي تبصرو ۽ سندس
ڪلام مان ٻه غزل انتخاب ڪري ڏنا ويا آهن. جيئن
پڙهندڙ شاعر جي حياتيءَ جي احوال سان گڏ هن جي
ڪلام مان خط حاصل ڪري سگهن.
ٻي ڀاڱي ۾ جتي سنڌ ۾ رهندڙ شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اتي ڀارت
۾ غزل چوندڙ شاعرن کي به ياد ڪيو ويو آهي، سنڌي
شاعري ۽ ادب جت به آهي اهو اسان جو ادب ۽ اسان جي
شاعري آهي. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ وٿي هئڻ سبب ڀارت جي
شاعرن جو احوال ۽ ڪلام هٿ ڪرڻ مشڪل مسئلو هو، ان
کان زياده اوکي ڳالهه هئي اتان جي سياسي، سماجي،
علمي ۽ ادبي حالتن جن غزل کي متاثر ڪيو آهي تن جي
ڄاڻ حاصل ڪرڻ، پر ڀارت جي اديبن ۽ شاعرن جي همٿ
وڌائيندڙ ساٿ سڀني مسئلن کي آسان بنائي ڇڏيو، هنن
ان ڏس ۾ خوشيءَ سان دل کولي مدد جو هٿ وڌايو جنهن
ڪري ”ڀارت ۾ سنڌي غزل“ وارو باب ايترو سٺو ۽
معياري ٿي سگهيو.
غزل جي هر دور ۾ ان دور جي نمائنده شاعرن کي جاءِ ڏني وئي آهي ۽
هر دور کي ان دور جي ان شاعر جي نالي منسوب ڪيو
ويو آهي جنهن کي ان دور ۾ مرڪزي حيثيت حاصل رهي
آهي. مختلف دورن جو وقت ۽ سن ان ڪري مقرر نه ڪيو
ويو آهي جو اهي شاعر جن جي نالي پٺيان دورن کي
منسوب ڪيو ويو آهي، اهي ساڳي وقت ۾ به زنده هئا.
مثلاً گل جي دور ۾ قاسم هو، قاسم جي دور ۾ سانگي
هو ۽ سانگي جي دور ۾ قادري هو. شاعرن کي عمر جي
لحاظ کان نه پر لاڳاپي جي لحاظ کان مختلف دورن سان
وابسته ڪيو ويو آهي. محمد فضل ماتم، امام بخش شاهه
فدوي، غلام محمد شاهه گدا، سانگي کان وڏا هئا پر
هنن جو شاعرانه واسطو خليفي قاسم کان زياده سانگي
سان هو تنهنڪري هنن کي سانگي جي دور ۾ شامل ڪيو
ويو آهي. مولوي محمد عاقل جي عمر سانگي جي دور جي
شاعرن برابر هئي پر ان کي قادري جي دور ۾ ۽
عبدالڪريم گدائي کي جنهن جي عمر جو وڏو حصو قادري
جي دور ۾ گذريو هو ورهاڱي کان پوءِ واري دور ۾
آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته گدائي جي شهرت ۽ لاڳاپو
جديد دور سان زياده رهيو آهي.
ان ڳالهه جو افسوس آهي ته گهڻي ڪوشش جي باوجود ڪيترن شاعرن جي
نه ته حياتي جو احوال حاصل ٿي سگهيو ۽ نه انهن جو
ڪلام تنهنڪري انهن جو ذڪر ٿي نه سگهيو آهي ۽ ڪن
شاعرن جو احوال نهايت مختصر مليو آهي تنهنڪري انهن
جو اوترو احوال ڏنو ويو آهي جيترو حاصل ٿي سگهيو
آهي. يقين آهي ته ڪيترن شاعرن جا پويان يا انهن
سان واسطو رکندڙ يا واسطو رکندڙن جا پويان زنده
هوندا جن وٽ انهن شاعرن بابت احوال، حقيقتون ۽
ڪلام هوندو جي هن ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ قرب جو
هٿ ونڊائيندا ته انهيءَ کي اکين تي رکيو ويندو ۽
ڪتاب جي ٻي ڇاپي ۾ انهيءَ احوال، حقيقتن ۽ ڪلام جو
اضافو ڪيو ويندو. اهو اسان جي قوم جو ورثو آهي
جيڪو اسان جي قوم جي اڳيان اچڻ گهرجي.
ممڪن آهي ته ”ورهاڱي کان پوءِ“ واري دور جي سلسلي ۾ ڪن صاحبن کي
اهو اعتراض رهي ته فلاڻي يا فلاڻي شاعر جو احوال
ڏيڻ گهربو هو. موجوده دور ۾ هر پڙهيل ماڻهو ٿوري
يا گهڻي شاعري ڪري ٿو تنهنڪري سڀني شاعرن جو احوال
ڏيڻ مشڪل هو، ڪتاب ۾ صرف انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو
ويو آهي جن کي ورهاڱي کان پوءِ واري دور ۾ ڪنهن حد
تائين غزل جو نمائنده شاعر سمجهيو وڃي ٿو يا جن
غزل جي اوسر لاءِ ڪو ڪم ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڏيڍ سو کان وڌيڪ شاعرن جو احوال ڏنو ويو آهي مگر سوين
ٻيا اهڙا شاعر به آهن جن جو بزم مشاعرن ۽ ادبي
ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ ذڪر ڪيو يا انهن جي شعر جو
نمونو ڏنو ويو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غزل
گو شاعرن جو تذڪرو لکيو وڃي ۽ انهن شاعرن جي احوال
۽ ڪلام کي محفوظ ڪيو وڃي.
تحقيق جو ڪم مشڪل آهي خاص طرح سنڌ ۾، جتي يا ته گهڻو ورثو
وڃائجي ويو آهي يا ڪيڙن جي حوالي ٿيو آهي، باقي
جيڪي ڪجهه رهيو آهي سو اهڙن جي حوالي آهي جن ان کي
صندوقن ۽ ڪٻٽن ۾ بند ڪري تالو هڻي ڇڏيو آهي نه
سندن تعاون جو تالو کلي ٿو نه ئي وري صندوقن ۽
ڪٻٽن جو. هنن جو به ڪنهن حد تائين ڏوهه نه آهي،
ڪيترن ماڻهن کين ڏجها ڏنا آهن، ڪتاب وٺي وڃڻ کان
پوءِ وري واپس نه ڪيا اٿائون، ڪري هڪ ڀرن سڀ، هاڻي
انهن ڪپتين جي ڪڌي ڪم جي سزا سڀني کي ڀرڻي ٿي پوي،
وري به ڪي ڀلا ماڻهو آهن جي سمجهن ٿا پنهنجن وڏن
جي نالي ۽ ڪار گذارين کي روشن ڪرڻ لاءِ عالمن ۽
اديبن سان تعاون ڪرڻ گهرجي، جي ائين نه ڪبو ته
وڏڙن جو نالو هميشه لاءِ گم ٿي ويندو. اهڙن ماڻهن
جي ڀال سان هي ڪم اڳتي وڌيو آهي.
سنڌالاجي هڪ اهڙو مرڪزي ادارو آهي جتان مواد حاصل ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ
سولائي حاصل ٿي آهي. سنڌالاجي ۾ ڇپيل چاهي قلمي
گهڻو مواد ڪٺو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ سنڌالاجي جي
اڳئين ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا جون ڪوششون
تعريف جوڳيون آهن ۽ جڏهن کان موجوده ڊائريڪٽر
محترمه مهتاب اڪبر راشدي هي عهدو سنڀاليو آهي تڏهن
کان هن به ان ڏس ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن.
دل گهري ٿي ته سنڌ جا ٻيا علمي ۽ ادبي مرڪزي ادارا
۽ لئبرريون به اهڙي ڪوشش وٺي سنڌ جي علمي ۽ ادبي
ورثي سان پاڻ کي شاهوڪار بنائين جيئن علم جا اڃايل
در در ڀٽڪڻ بجاءِ ڪنهن هڪ هنڌ ٿڌي ڇانو ۾ ويهي
پنهن جي علمي اُڃ اجهائين.
سنڌي غزل جي اوسر جي مختلف عنوانن تي ٿورو ٿورو لکندي گهڻو ڪجهه
ٿي ويو. ڦڙي مان تلاءُ ۽ ڪڻي مان ڪاسو. ڀلا جي بزم
مشاعرن جو ذڪر ڪجي ۽ انهن جي طرحن ۽ ڪنهن هڪ
مشاعري کي به بيان نه ڪجي، ادبي ڪانفرنس جو ذڪر
ڪجي ۽ ان ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيل شعر نه لکجن ته
پوءِ غزل جي صحيح اوسر جو پتو ڪيئن پوندو جيئن
ڪنهن دعوا لاءِ دليل ضروري آهي تيئن بزم مشاعرن جي
خدمتن لاءِ انهن جي مشاعرن جو بيان ضروري آهي.
مطلب ته هر باب جي وضاحت لاءِ مثال ڏنا ۽ دل کولي
ڏنا ويا آهن. جيئن هر باب جي وضاحت ٿئي، غزل جي
چاشني سان انهن ۾ لطف پيدا ٿئي، شاعري وارو ورثو
جيڪو قلمي ڪتابن ۾ آهي انهيءَ مان ڪجهه نه ڪجهه
محفوظ رهجي وڃي. خبر ناهي ايترو سارو قلمي مواد
جنهن مان مٺ ڀر هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، روشني
ڏسندو به يا ائين اونده ۾ دفن ٿي ويندو.
منهن جي مقالي جي ضخامت ڏسي دوستن ٻه ڳالهيون ورجايون ٿي. هڪ ته
ايڏو ڪتاب پڙهندو ڪير ٻيو ايڏو ڪتاب ڇپيندو ڪير.
جيتريقدر پڙهڻ جو تعلق آهي ته هي ڪتاب انهن ماڻهن
لاءِ نه آهي جيڪي وقت گذارڻ يا بوريت ختم ڪرڻ لاءِ
صرف افسانا ۽ ناول پڙهندا آهن پر هي ڪتاب انهن
لاءِ آهي جن کي پنهن جي علمي ۽ ادبي ورثي ۽ پنهن
جي سنڌي ادب جي تواريخ سان محبت ۽ پنهنجن بزرگن ۽
انهن جي ڪارنامن سان انس آهي باقي جيتريقدر ڇپائي
جو تعلق هو ان لاءِ مون کي به اونو هو پر جس آهي
سنڌالاجي جي اڳين ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽
موجوده ڊائريڪٽر محترمه مهتاب اڪبر راشدي کي جن
سنڌالاجي پاران هيڏي وڏي ڪتاب کي جو ٻن ڀاڱن ۾
آهي، شايع ڪرڻ جي همت ڪئي ۽ سنڌي ادب جي تواريخ جو
هڪ باب شايع ڪري نه صرف مون تي پر سنڌ وارن تي به
ٿورو ڪيو آهي.
ڪوبه لکندڙ جڏهن ڪنهن ڪتاب جي لکڻ تي پورهيو ڪري ٿو تڏهن هن جي
دلي خواهش هوندي آهي ته سندس محنت عوام جي اڳيان
اچي ۽ عوام ان جو قدر ڪري. مون کي خوشي آهي جو
منهن جي پورهئي کي جو مون صرف ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ
نه پر غزل جي تواريخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عشق سان
ڪيو هو سنڌ ۽ هند ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويو آهي.
آخر ۾ مان پنهن جي بزرگ استاد، هن ڪم جي نگران مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي جو گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن جي همت
افزائي کان سواءِ هي ڪم ايترو سٺو ٿي نه سگهي ها.
اياز حسين قادري
سنڌي غزل جي ابتدا
سنڌ ۾ پارسي شاعري ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي نوابن جي دور ۾
مروج ٿي. ڪلهوڙن جو دور سنڌ ۾ پارسي شاعريءَ جي
اوج جو دور هو. سنڌ جا ماڻهو جي پارسي ۽ عربي ۾
تعليم وٺندا هئا سي پارسيءَ سان واقفيت سبب علم
عروض، بحرن ۽ وزنن کان واقف ٿي چڪا هئا ۽ اهي سنڌي
جي پارسيءَ ۾ شاعري ڪندا هئا سي علم عروض جا ماهر
هئا. پارسي شاعري ۽ ان سان وابسته لوازمن جي ڄاڻ
جو اثر سنڌي شاعريءَ تي به پيو. پارسي علم و ادب
کان واقف ۽ پارسيءَ ۾ شعر چوندڙ شاعرن ڪلهوڙن جي
دور ۾ سنڌي شعر کي علم عروض کان به واقف ڪيو جن ۾
اويس شڪارپوري، جمن چارڻ، ميان سرفراز ڪلهوڙو ۽
ثابت علي شاهه جا نالا ذڪر لائق آهن.
مداحون ۽ مناجاتون، سنڌيءَ ۾ بحر وزن تي شعر چوڻ جي ڪوشش ۽
قافين جي رنگينيءَ جا آڳاٽا عمدا مثال آهن. ڪن
اوائلي مداحن، مثلاً جمن چارڻ جي مداح توڙي
صدرالدين جي مداح مان ظاهر آهي ته ڪيئن هن قسم جو
سنڌي شعر بحر وزن جي قالب ۾ سموهجي ۽ سمائجي رهيو
هو. فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ پيدا ٿيل نئين ذوق،
عام سنڌي شاعرن جي طبع جو پڻ موزون شاعريءَ ڏانهن
لاڙو ڪرايو
(1)
.
عام طرح ائين سمجهيو ويندو آهي ته مخدوم عبدالرئوف اوائلي شاعر
آهي جنهن موزون شعر چيو آهي، اهو صحيح نه آهي ته
مخدوم عبدالرئوف پهريون شاعر هو جنهن وزن تي شعر
چيو، ڇاڪاڻ ته سندس وڏي معاصر شاعر جمن چارڻ جي
ڇاپيل مداح ۾ وزن سمايل آهي
(1).
عشق ۽ محبت ئي آهي جيڪو غزل جو تاڃي پيٽو آهي. سنڌ ۾ عشق ۽ محبت
جي مختلف جذبن، ڪيفيتن ۽ وارداتن کي ڪنهن پهريان
پهريان عروض جي پابندين هيٺ آڻي غزل جي صورت ۾ پيش
ڪيو تنهن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
محمد خان غني ان سلسلي ۾ ٽکڙ جي ڪن شاعرن جا نالا وٺي ٿو ۽ نور
محمد خسته کي سنڌ جو پهريون غزل گو شاعر سڏي ٿو،
”مون کي قديمي قلمي بياضن مان پهرين نور محمد خسته
جو نالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو“
(2).
نور محمد خسته ٽکڙ جي پراڻي ڳوٺ وسين ۾ ٻارهين صدي هجري ۾ رهندو
هو. هو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي شاگردن مان هو،
سال 1130هه مطابق 1717ع ۾ حيات هو. سندس هڪ غزل جا
هيٺيان شعر وقت جي واچوڙي کان بچي ويا آهن.
تا برافگندي از رخ تو نقاب
حشر ٿيو آفتاب لايو تاب.
محب ماڻا نه ڪر مٺا مون سان
خوبرو خصلتون سکين ٿو خراب.
آن صنم ڪز تصادم هجران
رات ڏينهن رهان ٿو خور و خراب.
تابش حسن بي مثال تنهن جي
برهه ڏيئي وري ڪيو بيتاب.
خسته و خراب منجهه وسئن مون جئن
نيست ديگر کسي ز شيخ و شاب.
هن دور جا ٻيا هيٺيان غزل گو شاعر ملن ٿا:
مرزا تقي: سنڌ ۾ مغلن طرفان مقرر ٿيل نواب حفظ الله خان جي
درٻارين مان هو. هن ڏانهن منسوب ٿيل هي شعر ملي ٿو
(1).
اچي محبوب گهر پيهي
پريان پوءِ ٿي اجمل پيدا.
حافظ عالي: (وفات 1778ع) جو نالو ڪن تذڪرن ۾ غزل گو شاعر جي
حيثيت ۾ اچي ٿو مگر سندس ڪو غزل يا غزل جو شعر هٿ
ڪين آيو آهي، محمد خان غنيءَ ”سنڌ جي جديد
شاعريءَ“ ۾ هن جو هڪ قصيدو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
”مولود“ ۾ ٻه مولود ڏنا آهن.
ميان ڇتن : حافظ عالي جو همعصر ۽ ٽکڙ جو ويٺل هو. مور (ڳوٺ)
تعلقي ماتليءَ جي بزرگن جو شاگرد هو. سندس هيٺيان
شعر وقت جي دستبرد کان محفوظ رهجي ويل آهن:
پرانهون پرين، پيو نه پانڀ پرو
سڪا سنڍ سيني کي سرهو سرو.
ونيون واجهه ويتر وجهن واءِ واءِ
ڪري قرب واڍوڙين ڏي ورو.
پسي پاند پازي جو ڀريو تراب
گنهگار جو آهه گولو گرو.
مٿي ذڪر ڪيل شاعرن جي مختصر حاصل ٿيل ڪلام جي مطالعي مان ائين
چئي سگهجي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي غزل جي
شروعات ٿي چڪي هئي.
سچل ميرن جي شروعاتي دور جو پرگو شاعر آهي هن پنهن جي خيالن کي
مختلف زبانن ۽ مختلف صنفن ۾ بيان ڪيو آهي جن مان
هڪ غزل آهي. سندس رسالي کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته
هن بزرگ سنڌي شاعريءَ جي دامن کي غزل جي ڪيترن
رنگين ۽ خوبصورت گلن سان ڀري ڇڏيو آهي. هو پارسي ۽
عربيءَ جو عالم هو ۽ ڪيترن پارسي شاعرن کان متاثر
ٿيل هو. سندس ديوان آشڪار ۽ هندي ريخته وارن غزلن
مان معلوم ٿو ٿئي ته هن کي علم عروض تي دسترس هئي
۽ هو غزل جي جملي نزاڪتن ۽ رعنائين کان واقف هو.
هن کي پارسي شاعريءَ جي غزل جي لوازمن جي چڱي طرح ڄاڻ هئي، ان
ڪري هن پنهن جي سنڌي غزل ۾ انهن لوازمن کي قائم
رکيو. هن پنهن جي غزلن ۾ پنهنجن ڪافين وانگر سنڌ
جي ڪلاسيڪي روايتن ۽ زبان جي صفائي کي گهڻي قدر
قائم رکيو آهي، جيئن هن غزل مان معلوم ٿيندو:
عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي
عبرت عجب عجائب اسرار رنگ عباسي.
برهي جي اک ببيني، ڪائي مثال چيني
توڙي رنگون رنگيني چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي
گل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي
عاشق ڏسڻ کون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي.
صورت ۾ جاءِ دم جي دم ري نه صورت ڪم جي
دم ۾ جا لذت غم جي، وه واه ڳالهه خاصي.
ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري
وحدت جنين وساري، تن تن مٺي اڻاسي.
پر ڪٿي ڪٿي سندس غزل ۾ پارسي لفظ، بندشون ۽ رنگ پڻ ڏسڻ ۾ ٿو
اچي:
تيز تيرانداز چشمن يار جن خوني خطاب
ناز پرورده نظر سان ٿيون ڪرن عاشق ڪباب.
جيڪڏهن پاسو ڪري، يڪبارگي نيڻون نقاب
ٿي وڃي تن جي ڏسڻ سان خلق ساري ئي خراب.
ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب
قتل جي ان کان ٿيا، تن تي ٻيو ڪهڙو حساب.
پيا جڏهن قطرا ڪري، بحرين سان ها پرز آب
ٿيا سچو روشن اتاهون آفتاب و ماهتاب.
غزل هڪ غنائي شاعريءَ جو قسم آهي، ان جو تعلق ڳائڻ سان آهي. سنڌ
جي ڪلاسيڪي شاعري خاص طرح ڪافي به غنائي شاعري
آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪافيءَ جي ڳائڻ جو انداز
ايراني ۽ اردو غزل کان الڳ ۽ منفرد آهي پر سنڌ جي
ڳائيندڙ غزل ۽ ڪافي جي گائڪي ۾ گهڻو ميل پيدا ڪري
ڇڏيو آهي، سچل سرمست جي جتي ٻي شاعري مقامي رنگ ۾
ڳائي ويندي آهي اتي هن جي غزلن کي به ڪافيءَ جي
انداز ۾ ڳايو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا
ماڻهو سچل جي غزلن کي ڪافي سمجهندا آهن.
سچل جا ڪي غزل وزن تي پورا ڪين ڏسڻ ۾ ٿا اچن ان جو سبب هي آهي
ته غزل گهڻو ڪري ڳائيندڙن کان هٿ ڪري قلمبند ڪيا
ويا آهن، جن کان ڪٿي ڪٿي سهو ٿي وئي آهي يا انهن
غزلن ۾ سر ۽ تار جي خيال کان ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
پر جي انهن تي ٿورو غور ڪبو ۽ غزلن جي لفظن کي
ٿورو هيٺ مٿي ڪبو ته غزل وزن ۽ بحر ۾ بلڪل پورا
ڏسڻ ۾ ايندا.
سچل غزل جي سمورن لوازمات کي نه نڀايو آهي. وزن، رديف، قافيو ۽
لفظن جي جوڙجڪ ڏسي، هن ڳالهه جو قائل ٿيڻو پوي ٿو،
ته سرمست سچل، غزل جو موجد آهي ۽ هن سنڌي شعر کي،
هڪ نئين دنيا سان آشنا ڪيو آهي
(1).
ڪلام جو نمونو
(2)
آهي انهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو
ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنهنجو.
هن کي اوهان جون ٻاجهون، آهي نه ماڙ ڪائي
هي تا غريب آهي، اميدوار تنهنجو.
”ٿي پاڻ کون پري تون“ فرمائيو اوهان جو
آهي ڄميل اصل کون هي اعتبار تنهنجو.
هن تي ڪرم وڏو ڪيو جو درد دل بڇايو
ساريان لطف سنڀاريان، ٿو بيشمار تنهنجو.
چاهئون ٿيو اوهان جو، دامن لڳو جو آهي
سچو غلام ڄاڻج، جو داغدار تنهنجو.
__
صاحب صورت جو تون آن، هي آ غلام تنهنجو
آ ذوق شوق سهڻا، مون کي مدام تنهنجو.
آهن اصل اوهان جا سي نا وسارجو ميان
مون تي سدا مقرر، سائين سلام تنهنجو.
راتو ڏينهان روئڻ ۾ هينئڙو اداس هيڙو
رهبر آڻي رسائيو، پرتم پيار تنهنجو.
دلگير تون متان ٿين، ڪر دور درد کي ميان
آخر اول اسان وٽ، هوندو مقام تنهنجو.
رد ڪر فنا فڪر کي، اميدوار ٿي رهه
هت هت يقين ڄاڻج، آهيان امام تنهنجو.
تون آ اصل اسان جو، آهيون اسين سي تنهنجا
آهي قبول ڪلسمي، سچو ڪلام تنهنجو.
****
نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر ”مداحون ۽ مناجاتون“ ص –
10، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع
نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر ”مولود“ ص-8، سنڌي ادبي
بورڊ، 1961ع
محمد خان غني ”سنڌ جي جديد شاعري“ ص -7،
مسلمان پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ 1936ع
لطف الله بدوي ”تذڪره لطفي“ جلد ٽيون، ص -414
احسان احمد بدوي ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“ ص –
35، انٽرنيشنل پريس ميڪلوڊ روڊ ڪراچي 1959ع
نماڻو فقير ”سچل جو رسالو“ ص -55 ۽ 60، سنڌ
پرنٽنگ پريس، ڊانڊيا بزار، انڊيا، 1955ع.
|