سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :18

 

آخوند فقير محمد ”عاجز“

(1846ع – 16 جنوري 1918ع)

آخوند فقير محمد بن آخوند موسيٰ تخلص ”عاجز“ قريشي صديقي نسل جو هو (1). گلِ خندان عرف جان عالم انجمن آرا جو مصنف آخوند لطف الله سندس سوٽ هو. سندس ڏاڏو آخوند عبدالڪريم عربستان جي حديدهه واري درگاهه شريف جي بزرگن پاران سنڌ ملڪ لاءِ خاص خليفو ۽ مير ڪرم علي خان جي حڪومت جي دور ۾ ڪاردار هو ۽ سندس خاندان خاص ميرن جي ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو.

 

عاجز عربي ۽ پارسي تعليم مان واقفيت بعد مروج سنڌي تعليم حاصل ڪئي ۽ مير حسن علي جي زور تي تپيداري جي نوڪري ڪئي. هن جي دل تي اهو اثر هو ته انگريزن ظلم ڪري سندن مربين ميرن کان حڪومت حاصل ڪئي هئي، تنهن ڪري انهن وٽ نوڪري ڪرڻ درست نه آهي، ان سبب ڪري هن نوڪري ڇڏي ڏني.

 

عاجز کي، اصلوڪي دستور موجب ميرن کان ماهيانو وظيفو ملندو هئو ۽ مير عبدالحسين سانگي مٿس هر وقت مهرباني ڪندو رهندو ۽ خلاصو ساليانو وظيفو ڏيندو هو. هن کي مير عبدالحسين جي سفارش سان تعلقي نواب شاهه ۾ اڍائي سو ايڪڙ سرڪار کان زمين ملي هئي جنهن ڪري سندس گذر سکيو ٿيڻ لڳو.

عاجز فقير ۽ صوفي طبع انسان هو. هو خواجه عبدالقيوم سرهندي جو مريد هو ۽ ٻه ڀيرا حج ڪري آيو هو.

سانگي، گدا، حيدري، قليچ ۽ حافظ حيات شاهه سان سندس شخصي نيازمندي ۽ شاعرانه صحبت هوندي هئي. محمد بخش ”واصف“ شاعري ۾ سندس شاگرد هو. هو سانگي، گدا ۽ حيدري کي هنن لفظن سان ساراهي ٿو:

 

”سانگي“ جو شعر شيرين موزون ۽ پرنمڪ

آهي ”گدا“ ۾ صاف فصاحت مآب ڪٿ.

 

حيدري دل کان گدا ٿيو، نظم ”سانگي“ جي ۾ لطف

عجز کان عاجز اُداسي پيو سندس پيزار زار.

 

ڪيئين لطف، عاجز، گدا، حيدري سان

سنئون سانگ سانگي جو الله هادي.

عاجز صاحبِ ديوان شاعر آهي جنهن ۾ اصلوڪن غزلن سان گڏ ڪيترا غزل پارسي شاعرن خاص طرح حافظ شيرازي جا ترجمو ڪيل يا سندس غزلن جي تتبعه تي چيل آهن. عاجز جي غزل جو روايتي رنگ آهي، جيئن ته هو صوفي طبع شخص هو تنهن ڪري سندس غزل تي مجاز کان زياده تصوف جو رنگ چڙهيل آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جا ڪيترا باريڪ نڪتا بيان ڪيل آهن، جن جي سمجهاڻي هن پنهنجي هٿ سان حاشئي ۾ لکي آهي.

 

عاجز جا ڪيترا ڪتاب لکيل آهن جن مان گلشنِ بهار ڇاپيل آهي ۽ ٻيا هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن (1):

جانِ مشتاق (رباعيون)، 2. جانِ عشاق (قانونِ عشق جو اردو مان ترجمو ۽ بلا شاهه جون ڪافيون)، 3. جانِ سالڪ (شاهه باهو جي پارسي ڪتاب عين الفقر جو ترجمو)، 4. ديوانِ عاجز، 5. نيڪ اخلاق (اخلاق محسي جو ترجمو)، 6. ليليٰ مجنون (نظم ۾)، 7. رحمت اللعاشقين (مثنوي تحفته العاشقين جو ترجمو)، 8. تفسير ”فاتح الڪتاب“.

 

ڪلام جو نمونو (2)

 

جڏهن سهڻي ساجن وڌا مون کي ٻک،

رقيبن جلي جوش کان ماريا جک.

 

مليو مون کي مهر و سڙيا ۽ پچيا،

سندم ويري ويتر وڏا ها جي دک.

 

اندر ۾ عجيبا لڳم آگ عشق،

جلي جوش ۾ دل سڙي ٿيم رک.

 

دنيا هي دورنگي، مانجهاندي جو ماڳ،

ڪني ميڙيا ماڻڪ، ڪني ميڙيا ڪک.

 

پکيءَ جان پرتم مون پرواز ڪيو،

اُڏامي اچان ها هجن ها جي پک.

 

اچن سور اُڌما ڪيو ”عاجز“ اندر،

جلي پيو جگر دل ۾ داغن جا لک.

-

ڪڏهن ته پنهنجي گهٽي ۾ پرين اچڻ ته ڏيو،

مدح ۾ پنهنجي پيارا غزل چوڻ ته ڏيو.

 

ڦسائي روح جي پکيءَ کي بتارِ سنبل،

وري ته زلف دوتا جي هوا وٺڻ ته ڏيو.

 

شڪار دل جي پکي جو نه آهه بس مشڪل،

ڪمان تير به حاضر نشان چٽڻ ته ڏيو.

 

 

هي نقد جان جو صدقو مٺن چپن تان ڪريان،

زغمزه ناز ادا سان چمي وٺڻ ته ڏيو.

 

اگرچه ڪين آ جائز ملڻ به مذهبِ عشق،

شراب شوق جو پيارا پرين پيڻ ته ڏيو.

 

روڻ ۾ هوس چيائين ته ڏس مٿي ”عاجز“

کلي چيوم عجب مان هنجون جهلڻ ته ڏيو.

-

 

غلام محمد شاهه ”گدا“

(1847ع – 11 جنوري 1905ع)

سيد حاجي غلام محمد شاهه ولد سيد حسن علي شاهه تخلص ”گدا“ رضوي ساداتن مان هو. سندس وڏا ڪلهوڙن جي زماني ۾ خراسان مان لڏي اچي خدا آباد ۾ رهيا. گدا جو ڏاڏو سيد بچل شاهه مير بجار خان ولد مير بهرام خان (شهيد) وٽ ملازمت اختيار ڪئي، گدا جو والد سيد حسن علي شاهه، مير نصير خان جي حڪومت ۾ بجاراڻي ٽالپرن وٽ معزز عهدي تي هو.

 

گدا 1253 هه مطابق 1847ع ۾ حيدرآباد ۾ تولد ٿيو، سندس ولادت جي تاريخ ”مظهرِ حق“ لفظ مان نڪري ٿي، جنهن کي رشيد لاشاري ”ڪليات گدا“ کي ترتيب ڏيڻ وقت هيئن نظم ۾ پوتو آهي:

جئن پڇيم سالِ ولادت، تئن چيو هاتف ”رشيد“

”مظهرِ حق“ ان جي سڀ تاريخ لکندا ٿا اچن.

هن پارسي ۽ عربي جي تعليم آخوند احمد بن عبدالعليم سانوڻي کان حاصل ڪئي، جيڪو مير صاحبن جو استاد هو ۽ شاعري ۾ محمد روشن ”روشن“ حيدرآبادي سندس استاد هو، جنهن جي وفات جي تاريخ گدا هيئن بيان ڪئي آهي:

چون استاد روشن به جنت روان شد،

بگفتا ”گدا“ آهه شيرين سخن (1).

1286 هه

گدا شاهه پنهنجي ڏاڏي سيد بچل شاهه جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي ۽ قادري طريقو اختيار ڪيو هو. پنهنجي مرشد لاءِ هنن لفظن ۾ دعا ٿو گهري:

رک سلامت تون بچل شاهه منهنجي پير کي

جڳ جي مرشد غوث اعظم اوليا جي واسطي.

گدا ٻه ڀيرا حج ڪري آيو هو. هڪڙو ڀيرو لس جي ڄام حاجي مير خان سان ۽ ٻيو ڀيرو مير حاجي نور محمد خان سان حج تي ويو هو. سندس حج تان واپسي جي تاريخ امام بخش شاهه فدوي هيئن بيان ڪئي آهي:

مهر هادي جي مڃي خوش ٿي ڪيم شڪرِ خدا

حاجي الحرمين ٿيو سيد غلام محمد گدا.

غور ڪيم تاريخ لئه هاتف چيو سالِ ورود،

آيو ڪل جيئريئي جنتي عيش جا ماڻي مزا.

1297 هه

گدا کي سير ۽ سفر جو گهڻو شوق هو. هو سنڌ جي مختلف شهرن خاص طرح ٺٽي گهڻو ويندو هو، جتي گهڻو ڪري ڪريم بخش شاهه ”عزيز“ رضوي وٽ وڃي مهمان ٿيندو هو. هن جا ٺٽي جي ٻين شاعرن جهڙوڪ امام بخش شاهه ”فدوي“ ۽ مخدوم محمد ابراهيم خليل سان گهرا تعلقات هئا، خليل، گدا جي هرکائڻ تي اردو (هندي) ۾ شاعري شروع ڪئي هئي، پاڻ پنهنجي سير لاءِ چوي ٿو:

ڏٺو مون سنڌ ساري کي ڪراچي مان وڃي ڪعبي

ڏٺو مون ڪيترا ڀيرا سڄڻ جي لاءِ لس ٻيلو.

 

گدا دهلي به ويو هو جنهن بابت سانگي چوي ٿو:

گدا شاهه چيو ڪالهه دهلي ڏسي،

سندم پير دل نوجوان ٿي پئي.

وهه آنريبل مير تو ڪئي آهه ڪرامت،

دهليءَ ۾ گدا جي ٿي گورنر سان ملاقات.

مير شاهنواز، لس ٻيلي جو ڄام مير خان، مير بهرام خان، مير الله بخش شاهواڻي ۽ خاص طرح مير عبدالحسين ”سانگي“، ”گدا“ جي سرپرستن مان هئا، کيس وقت بوقت نوازيندا رهندا هئا، تنهن ڪري هو مالي پريشانين کان آجو هو. هن وقت بوقت پنهنجي غزلن ۾ انهن جي مدح ڪئي آهي.

گدا پنهنجي هم عصر شاعرن کان عمر ۾ وڏو هو. سندس علم و فضل ۽ شعر ۾ دسترس سبب وقت جا سڀ شاعر سندس شاعري ۾ ڪمال جا معترف هئا ۽ هنن وقت به وقت سندس سخنداني جي تعريف ڪئي آهي. سانگي چوي ٿو:

آهي جو سخندان شيرين زبان،

غزل جي چوي تا چوي مرگدا.

-

ڀلا ڪيئن نه شهرن ۾ شهرو هجي،

گدا جهڙي شاعر سخندان جو.

-

گدا جي وفات کان پوءِ سانگي سندس صحبت کان محروم ٿي پيو هو جنهن جو هن کي احساس هو. هو گدا کي هروقت ياد ڪندو رهندو هو، سندس وفات کان پوءِ کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي چوي ٿو:

 

ويو گدا شاهه دار دنيا مان،

سنڌ ۾ هو سو شعر جو استاد.

 

گدا جهڙو غزل چئو ڪير چوندو،

ڏسو ڪهڙا نه دنيا کي ڇڏن ٿا.

 

سخن فهم و سخندان و سخن سنج،

گدا جهڙا ڪٿي ڪمتر لڀن ٿا.

-

ڊاڪٽر بلوچ چوي ٿو: ”گدا کي سانگي استاد ڪري مڃيو هو“ (1). سانگي سندس استادي جو اعتراف هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

 

استادِ سخن آهي گدا شاعرِ يڪتا،

آءٌ اهڙي سخندان کي سخندان نه چوان ڇو.

 

بتواريخ و در غزل استاد،

حيدرآباد ۾ گدا آهي.

-

گدا جي ٻين شاگردن ۾ مرزا دوست محمد ”دوست“ ۽ محمد هاشم ”مخلص“ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. مرزا دوست محمد پنهنجي استاد لاءِ چوي ٿو:

آهي استاد نڪته سنج گدا،

شعر ان جو پسندِ شاهان ٿيو.

مخلص چوي ٿو:

 

گدا استاد منهنجو بي نظير آهه،

سخن ۾، نظم ۾، طرزِ بيان ۾.

گدا پنهنجي عزيزن مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ هڪ نياڻي پيدا ٿي هئي پر سندس ٻنهي فرزندن جوانيءَ ۾ رحلت ڪئي. هن اهو جانگداز صدمو نهايت صبر سان برداشت ڪيو. گدا، 11 جنوري 1905ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

گدا پنهنجي دور جو استاد شاعر هو. هن جي ڪلام ۾ رواني آهي ۽ هن کي اها قدرت حاصل آهي ته هو پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي نهايت دلپزير پيرائي ۾ بيان ڪري ٿو. هو پنهنجي دور ۾ پارسي شاعري جي سمورين رعنائين ۽ نزاڪتن جو علمبردار هو. هن نه صرف سنڌي غزل جي زبان کي پارسي لفظن سان سينگاريو آهي پر ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا به پارسي شاعري وارا استعمال ڪيا آهن ۽ ماحول به ساڳيو پارسي شاعري وارو قائم رکيو آهي.

گدا حسن و عشق جو شاعر هو. هن عشق جي مختلف ڪيفيتن کي نهايت قابليت ۽ ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي. هن عشق جي واردات کي بيان ڪرڻ لاءِ جيڪو اسلوب اختيار ڪيو آهي سو سحر آميز آهي.

گدا سنڌي غزل کي فني خيال کان پختو ۽ مضمون جي خيال بلند ڪيو. سچ ته هي آهي ته غزل گدا جي هٿن ۾ پهچي صحيح معنيٰ ۾ غزل ٿي پيو.

ڪلام جو نمونو (1)

سڏي محفل ۾ مون کي يار ويهن ٿا ويهارن ٿا،

ڪري لطف و ڪرم بسيا ويهن ٿا ويهارن ٿا.

 

رقيبن جي جلائڻ لاءِ مون کي قرب مان ڪوٺي،

قمر طلعت، پري رخسار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

 

ستارو بخت منهنجي جو جڏهن اڄ اوج تي آهي،

تڏهن گڏ دلربا دلدار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

 

بحمد الله، اڱڻ منهنجي ۾ ڀرتان پيرڙا پائي،

بغل ۾ دل گهريا دلدار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

ڏسيو زار و زبون و عاجز و اندوهگين مون کي،

ڪرم بخشي ڪري غمخوار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

 

ٿيان قربان ڪلالن تان، مئي شيراز مان مون کي،

پياري ساغرِ سرشار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

 

خيالات دو عالم يڪ قلم جن کان ويا وسري،

اهي ئي واقفِ اسرار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

 

سڏي پنهنجي ”گدا“ کي سونهن جا سلطان لاثاني،

عجب جهڙا ڪريو جنسار ويهن ٿا ويهارن ٿا.

-

اڄ خرامان باغ ۾ رشڪِ چمن دلبر ڏٺم،

ناز پرور، نازنين پنهنجو پري پيڪر ڏٺم.

 

هٿ ۾ ساقي جي ڀريل صهبا جو اڄ ساغر ڏٺم،

اوج تي اقبال جي، پنهنجو بلند اختر ڏٺم.

 

بخت خوابيده سندم بيدار ٿيو، دل ٿي بهار،

خواب ۾ خوش مهه لقا محبوب کي در بر ڏٺم.

 

زلفِ عنبر يار جي خوشبو، ڪيو دماغ،

خالِ مشڪين، برزخِ آن جانِ جان خوشتر ڏٺم.

 

يڪسرِ مو پنهنجي وعدي کي نه ڪيئون هڪدم وفا،

بيوفائي سان ڀريل، سهڻن جا سڀ دفتر ڏٺم.

 

آءٌ ٿيس جنهن ڏينهن کان پيرِ مغان جو معتقد،

حيف باشد، جي وڃي ڪنهن شيخ جيءَ جو در ڏٺم.

 

مون سان ٿيو هم بزم، منهنجو آتشين رخسارِ يار،

رشڪ کان اغيار کي سر تا به پا اخگر ڏٺم.

 

مرتضيٰ مولا علي، شيرِ خدا، شاههِ نجف،

پيشوائي لاءِ پنهنجي، هادي و رهبر ڏٺم.

 

اي ”گدا“ ان شاههِ خوبان جي ڪريان ڪهڙي صفت،

غمزه و ناز و ادا، هردم سندس لشڪر ڏٺم.

-


(1)  سندس خاندان جو احوال ”آخوند“ لطف الله جي ذڪر ۾ اچي چڪو آهي.

(1)  ”گلشنِ بهار“ ص 6، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.

(2)  ديوان عاجز قلمي.

(1) ”تڪمله مقالات الشعرا“ ص 301

(1)  ”ڪليات سانگي“ مقدمو ص 84.

(1)  ”ڪليات گدا“ ص 68.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org