پارسي شاعري جي روايتن ۾ رقيب کي اهم مقام حاصل آهي، سنڌي شاعري
۾ رقيب جو وجود ڪونه هو مگر هن دور جي غزل گو
شاعرن پارسي شاعري جي هن روايت کي قبول ڪيو ۽ پنهن
جي غزلن ۾ روايتي انداز ۾ رقيب ۽ اغيار جي دشمني ۽
شرارتن کي وڌائي بيان ڪيو ۽ محبوب جي ساڻس رمز
رساءَکي حسرت ۽ حسد سان ڏٺو.
ڳالهه تو ساڻ جا ڳجهي ڳرهيان
سا رقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.
(قاسم)
ڪڏهن ڪندو منهنجو وصل توسان رب
جو رقيبن ڪيم دل افگاري.
(محمد باقر – راقم)
ڇڏ رس رقيبن سان تون، سائل سندو هنيون،
ديدار جي دلاسي دلدار ٺار ٺار.
(عبدالواحد – سائل)
هن دور جي شاعرن پارسي شاعرن وانگر پنهن جي محبوب جي حسن جي مدح
سرائيءَ ۾ مبالغي کان ڪم ڪين ورتو آهي، نه ئي
محبوب جي سونهن جي ساراهه ڪندي اجايون تشبيهون ڪم
آنديون آهن. هنن زلف ۽ ڪاڪل، سنبل ۽ سوسن، سرو ۽
شمشاد کي وساريو ته نه آهي پر انهن جو ايترو گهڻو
ذڪر به نه ڪيو آهي، جيترو سانگي ۽ قادري جي دور جي
شاعرن. سندن ٿورن غزلن ۾ زلف سنبل ۽ سروقد جي
واکاڻ ملندي جيئن هيٺين شعرن مان معلوم ٿيندو.
هي امالڪ دل اڙي دلدار سان،
سرو قد سيمين بدن سردار سان.
(عبدالواحد – سائل)
دل سندس فولاد آهي يا ته مر مر سنگ آهه،
قد سندس ٿو شرمندو کي سرو ۽ عر عر ڪري.
(عبدالقادر – بيدل)
سرو قد سونهن ۾ سچو سالم
ڪبڪ رفتار خوشخرام لذيذ،
(قاسم)
آهو نرگس نيڻ تنهنجا، سڀ پسي ٿيا مست خود،
پٽ ڇڏي آهو ويو، نرگس ڇڏيو گلزار کي.
(امام بخش – خادم)
هن دور جي شاعرن جي غزل جي ٻولي عام فهم ۽ وڻندڙ آهي، هنن وٽ
خليفي گل وارن ثقيل سنڌي لفظن ۽ سانگيءَ ۽ قادري
جي دور جي شاعرن وارن مشڪل عربي ۽ پارسي لفظن جو
وکر ڏسڻ ۾ نٿو اچي، هنن عام مروج سنڌي ۽ پارسي
لفظن کي استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري سندن شاعري
زيادهه تر عام فهم آهي. سندن غزلن جا قافيه ۽ رديف
گهڻو ڪري سنڌي آهن، پر اهي خليفي گل جي قافين ۽
رديفن وانگر ايترا اوکا ۽ اڙانگا نه آهن جو غزل جو
رس ۽ ميٺاج ختم ڪري ڇڏن، هنن ڪٿي ڪٿي عام فهم ۽
آسان پارسي قافيه ۽ رديف استعمال ڪيا آهن.
هن دور جي شاعرن لاءِ غزل هڪ شاعرانه وندر هئي، هڪ تفريح هئي
جيڪا هنن کي پارسي شاعرن وٽان ملي هئي، هنن جي
اڳيان ان وندر ۽ تفريح جو فن ۽ معيار ايراني شاعرن
خاص طرح حافظ وٽ موجود هو، تنهن ڪري هنن جي زياده
دلچسپي غزل جي ٽيڪنڪ ۽ فني اصولن کي قائم رکڻ ۾
رهي. شاعري اندر جي امنگن، احساسن، جذبن ۽ ڪيفيتن
جي ترجماني جو نالو آهي، پر هن دور جي غزل گو
شاعرن جي ڪلام ۾ جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو عنصر
گهٽ آهي جنهن ڪري سندن ڪلام آمد بجاءِ آورد جو
مظهر ٿي پيو آهي، هن دور جا شاعر اهڙن مصورن وانگر
آهن جي خوبصورت ۽ دلفريب تصويرون ته تخليق ڪري
سگهن ٿا پر انهن ۾ احساس ۽ امنگ پيدا ڪري نٿا
سگهن. جڏهن شاعري ذهني مشق پورهئي ۽ محنت جي
ٿورائتي هجي تڏهن ان ۾ فڪر جي بلندي گهٽ پيدا ٿئي
ٿي، اهو ئي سبب آهي جو هن دور جي شاعرن جي ڪلام ۾
فڪر جو پرواز گهٽ آهي البت سندن غزل ۾ سادگي جا
سهڻا نمونا ملن ٿا، خاص طرح قاسم وٽ ان جا انبار
آهن، سندس ڪيترا غزلن جا غزل سادگي جو نمونو آهن.
هيٺين شعرن مان هن دور جي غزل جي سادگي نمايان
آهي:
چشم چوري هزارين چور ڪيئه
دل لٽڻ لاءِ لوٽ لائين ٿو.
دوست دل ۾ جڏهن ڪيم ديرو
تات ان جي لڳيم تمام لذيذ.
(قاسم)
ڪٺن تي ڪرڻ ڪارداري عبث،
اسيرن ڏيڻ انتظاري عبث.
(فاضل)
من ڏسي مظلوم کي ڪو ترس ٿي بي ترس کي
ڪوئي جانان ۾ هلج اي دل تون اکڙيون سرڪري.
(عبدالقادر – بيدل)
هڻي ويام گذري ڪي ڏينهن منهن ڏٺي،
ديدار دوست پنهنجو هيڪار ڪار ڪار.
(عبدالواحد – سائل)
موضوعن جي نقطئه نگاهه کان هن دور جي شاعرن جي شاعري سرآتشه آهي
جنهن مان هڪ ئي وقت صوفيانه، ناصحانه ۽ عاشقانه
تجليون نڪري رهيون آهن. سنڌ جي شاعرن تي شروع کان
وٺي تصوف جو گهڻو اثر غالب رهيو آهي. سنڌ جي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جو دامن تصوف جي گهرن خيالن سان
ڀريل آهي، سنڌ جا صوفي شاعر بي ڊپائيءَ سان همه
اوست ۽ همه از اوست جي گهيڙن ۾ گهڙيا آهن ۽
سرمستيءَ ۾ اچي انالحق جا منصوري نعرا هنيا
اٿائون. هن دور جا غزل گو شاعر انهيءَ صوفيانه
خيالن کان متاثر ٿيا تنهن ڪري هنن به انهن تصوف جي
ٻڌل سڌل خيالن جهڙوڪ حقيقي عشق، دنيا جي بي ثباتي،
نفي اثبات، تزڪيه نفس، وحدت ڪثرت، هر انسان ۾ خدا
جو جلوو، موتو، قبل از تموتو کي پنهن جي غزلن ۾
بيان ڪيو آهي پر جيئن ته هو تصوف جي آويءَ ۾ پچي
پختا نه ٿيا هئا تنهن ڪري هنن جي شعرن ۾ تصوف جي
سطحيت ته آهي پر اونهائي ۽ اثر ڪونهي.
دوست ٻئي هنڌ ناهي، تو ۾ آهي ديرو دوست جو،
لوچ وجهه من ۾ ليا، پيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.
(قاسم)
دور دنيا جي ڌنڌي کان ڌار ٿي
سير رک، رهه صاف هن سنسار ۾.
جنگ جن جي جهاد اڪبر آهه،
وجهه وٺي ساڻ نفس وارن وير.
(قاسم)
وڻج وحدت سندو وڃي وٺ وٿ
هيڪڙائي پلو هلي وجهه هٿ.
ڪين جي ڪاتي کڻي جن قلب جو ڪينو ڪٺو
پاڻ جو پهرو پڇائي، تن ڪيو ڪامل ڪباب.
(فاضل)
گهاڻي ۾ گهائجن ٿا، سوريءَ مٿي چڙهن ٿا،
موتو جي مام پرجهڻ معراج عاشقن جو.
(امام بخش – خادم)
هن دور جي شاعرن جي مذهب سان پختي وابستگي هئي، تنهن ڪري هنن جي
ذهنن تي اخلاق ۽ ڪردار جي بلنديءَ جو گهڻو اثر
ويٺل هو. هن دور جا نمائنده شاعر قاسم ۽ فاضل آهن
جي ٻئي پنهن جي وقت جا ديني عالم هئا، نه صرف هنن
ٻن پر هن دور جي سڀني شاعرن پنهن جي غزلن ۾ عشقِ
رسول، عشقِ اصحاب، عشقِ اهل بيت، عالمانه پند ۽
وعظه، خدا پرستيءَ جي تاڪيد، اخلاق جي بلندي ۽
ناصحانه نڪتن جو اظهار ڪيو آهي.
ڪڍي ڇڏ ڪوڙ ڪوري قلب مان تون،
رباني راست گوئي رک ۽ رچ.
ڪڇڻ ۾ ڪڙائي مٺي آهه ماٺ،
سراپا سچيائي مٺي آهه ماٺ.
(فاضل)
ڪاڻ سڀ ڪنهن قرب قاسم جيئن ڪري
صدق ۾ رک دل صفا، ڇڏ ڏند ڏاڍ.
جي مدي ڪو ڪري مدائيءَ کان
رک پري پاڻ، رهه خاموش.
(قاسم)
زال زن تي ڀروسو هڏڪين ٿو سياڻن جڳائي
ٿي سنواري پاڻ کي هر روز ٻيو شوهر ڪري.
(عبدالقادر – بيدل)
غزل شاعري جي باغ جو رنگارنگي گل آهي. حسن ۽ عشق جا داستان وصل
۽ فراق جون وايون، جور و جفا جون شڪايتون، محبوبن
جي ناز و ادا جون حڪايتون غزل جي صنف جي سونهن
آهن، غزل انهن غمزن مان ئي اسان جي دلين ۾ جاءِ
وٺي ٿو. غزل جون اهي ئي رمزون هيون، جن هن دور جي
شاعرن کي پنهن جي حسن تي حيران ڪيو ۽ ان ۾ طبع
آزمائي ڪرڻ جي ترغيب ڏني. گل پنهن جي غزل کي عشق و
محبت جي جنهن منزل تي پهچايو هيو، هن دور جا شاعر
ان کي اڃا به اڳتي وٺي ويا. هن دور جي شاعرن پنهن
جي پيار جي مختلف جذبن جو اظهار نهايت سادي نموني
ڪيو آهي، هنن جي ڪلام ۾ اجايو تصنع ۽ تڪلف نه آهي،
نه ئي وڏيون وڏيون ترڪيبون ۽ اصطلاح استعمال ڪيا
آهن، اهو ئي سبب آهي جو هنن جو اسلوبِ بيان سادو
آهي ۽ ان ۾ اجائي آرايش ۽ سينگار گهٽ آهي.
هڻن منهن جي هنئين ۾ ڏنگ ڏاڍا، وجهي ور نانگ وانگي،
جڏهن ڇوڙي ڇڏين تون وار واري، اندر کي ڏين ايذاءُ.
اکيون رب رکيون دزد سچ تو سنديون،
ٻه ڌاڙي سبب دزد ڌارڻ عبث.
(قاسم)
اکيون عجائب، آن سنديون ڪر نور جون نوري نديون
سرمي سوا سينگاريون، ڪجليون ڪٽوريون ڪاريون.
(فاضل)
هن دور جي شاعرن ۾ درد ۽ سوز جي احساس ۽ عشق جي ٻين جذبن جو
اظهار ملي ٿو مگر ان ۾ اها گهرائي نٿي نظر اچي
جيڪا هڪ دل ڦٽيل جي احوال ۾ هوندي آهي، ان هوندي
به هنن محبت جي وارداتن ۽ ڪيفيتن کي وڻندڙ مگر
سادي نموني بيان ڪيو آهي، قاسم پنهن جي هڪ غزل ۾
پنهن جي دل جي مختلف ڪيفيتن کي سادي مگر سهڻي
نموني هيئن نڀايو آهي:
پرت جو پيچ پاڻ پائين ٿو
پوءِ وري محب منهن لڪائين ٿو.
چاهه چت ۾ چڱو رکي چيٺي،
مون سندي ساهه ۾ سمائين ٿو.
دل ڌارڻ سندي ڪري دعويٰ،
ناز سان خلق کي نوائين ٿو.
هڪ نظر سان هزار حيرت ۾،
تن وجهي وس ڪنان وڃائين ٿو.
منجهه اسان جي اڱڻ اچي اڄ رات
ڀال پنهنجو ڀلا ڀلائين ٿو.
ناٽ نخرا ڪري اسان جي دل
پرت جي باهه ۾ پچائين ٿو.
قرب جي ڪات سين ڪهي ”قاسم“
مهر جو مينهن مٺا مٽائين ٿو.
فاضل کي جيتوڻيڪ مجاز جي چوٽ آئي هئي، پر هن اهو ڌڪ سهي روحانيت
جي راهه اختيار ڪئي هئي تنهن ڪري هن جي ڪلام ۾
مجاز جي شوخي قائم نه رهي آهي پر هن دور جي ٻين
شاعرن جهڙوڪ سائل، بيدل، قانع، لطيف ۽ خادم جي
ڪلام ۾ مجاز جي موج ڏسڻ ۾ اچي ٿي:
منهن منور سندس ڏسي دل مان،
ويو الم، درد، رنج، سوز گداز.
ٿيا سال سڪندي انهيءَ آس ۾،
وٺي پاڻ سان يار ويندو ڪڏهن.
(يار محمد – قانع)
هجر جي راتين جو سندو ڇا قدر آهي کي انهن
جن لٽائي دل نه پنهن جي دلبرِ عيار کان.
(عبداللطيف – لطيف)
اي مهه جبين حبيب بصد ناز عشوها،
مخمور چشم سان ته نه بيمار مار مار.
نه هڪڙي مون کسائي دل سندس غمزن اتي يارو
ته هر ادنيٰ و اعليٰ لاءِ دلبر دلربا آهي.
(عبدالواحد – سائل)
تو وساري آ ڇڏيو، مون کان نه وسري پر پرين
بي سبب منهن جي نه آهي بي قراري اي حبيب.
مان ته هي تنهنجا ستم، ٿو سر مٿا هردم سهان
پر اچي توکي مزو ڇو بي سبب بيداد مان.
(امام بخش – خادم)
هن دور جي شاعرن پنهن جي محبتن جي جذبن کي بلند ئي رکيو آهي.
هنن انهن کي ڪڏهن به ذهني عياشي ۽ هوسناڪي جي
غلاظت ۾ ميرو نه ڪيو آهي. هنن وٽ معامله بندي، بوس
و ڪنار يا ٻين اهڙن عاميانه عياشي وارن خيالن جو
اظهار ڪين ٿو ملي.
گل پنهن جي غزل کي سنڌي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو هو، هن جي غزلن جو
زياده تر ماحول مقامي هو، هن غزل لاءِ اهڙي فضا ۽
ماحول تيار ڪيو هو جيڪو پنهنجو سنڌي هو، مگر هن
دور جي شاعرن تي جيتوڻيڪ پارسي ماحول ۽ روايتن جو
گهڻو نشو چڙهيل نظر نٿو اچي جو هنن پنهن جي ماحول
کي بلڪل فراموش ڪري ڇڏيو هجي پر هو گل واري ماحول
کي به برقرار رکي نه سگهيا آهن. هنن جي غزلن ۾
سنڌي ۽ ايراني ٻئي وهڪرا هڪ ئي وقت وهندا ڏسڻ ۾
اچن ٿا پر هنن سنڌي غزل کي جيڪا پارسي شاعري جي
روايتن جي راهه ڏيکاري هئي، ايندڙ دور جا شاعر ان
راهه جا ئي پانڌيئڙا ٿي پيا.
هن دور ۾ هڪ اهڙو غزل ملي ٿو جنهن کي سنڌي غزل ۾ سياسي شاعري جي
ابتدا ڪوٺي سگهجي ٿو. فاضل ترڪن جي طاقت کي ختم
ڪرڻ لاءِ انگريزن جي شرارتن کان متاثر ٿي ترڪن جي
فائدي ۾ هڪ دعائيه غزل لکيو هو جيڪو 18 جنوري
1878ع واري سنڌ سڌار اخبار ۾ شايع ٿيو هو. ان غزل
جو مطلع هن ريت آهي:
هميشه هوءِ هر جا ترڪ تنهنجو خود خداحافظ،
عدون جي عداوت کان محمد مصطفيٰ حافظ.
هن دور جي شاعرن پنهن جي غزل ۾ فطرت نگاري ۽ منظر نگاري کي به
جاءِ ڏني آهي. گل پنهن جي هڪ غزل ”آئي رت ساوڻ
سندي مينهن وسي ڪيئي ملهار“ ۾ ٿر ۾ برسات کان پوءِ
ساوڪ ۽ سرهائي جو نقشو چٽيو آهي، قاسم جي دور جي
ڪيترن شاعرن پنهن جي غزلن ۾ بهار جي منظرنگاري ڪئي
آهي پر انهن جو گهڻو ڪري ماحول ايراني آهي. خادم
جي منظرنگاري واري غزل جو انتخاب ملاحظه ڪريو:
خدا جي فضل سان ٿيو اڄ چمن سرسبز،
خوشيءَ کان ٻل ٿيو سارو زمن سبز.
خزان جي ظلم کان جي ٿيا برهنه،
وڳا سرنو ڍڪيا آهن وڻن سبز.
کليا نرگس، سمن ۽ گل گلابي،
ڦٽيون ٽاريون، انهن سڀني گلن سبز.
عباسي ختمي خيرو نازوبويون
مٿي تربت ڏسان ٿو عاشقن سبز.
چون بيحد سڀيئي شڪر وافر،
گلن کي جن ڏٺو آهي بلبلن سبز.
عبداللطيف ”لطيف“ جو هڪڙو بهار جي منظر نگاري وارو غزل سنڌ سڌار
۾ شايع ٿيو هو جنهن جي جواب ۾ قاسم ۽ فصيح غزل
لکيا هئا، جيڪي لطيف واري غزل جي ايراني ماحول
واري رنگ ۾ رتل آهن. ٽنهي غزلن جا ڪجهه منتخب شعر
هي آهن:
شگوفي مان شگفتو ڏس ٿيو گل،
مٿان تنهن جي ڪري ٿو لوڏ سنبل.
ٽڙي لالا وٺي هٿ ۾ پيالو،
نهاري نرگسي مخمور بي مل.
هزارو ياسمين موتيو ۽ مگرو،
گلستان ۾ پيو هٻڪار جو هل.
گلن جو چهچٽو آهي چمن ۾،
ثنا خواني ڪري قمري ۽ بلبل.
(عبداللطيف – لطيف)
بهار آيو گلن ڪيا منجهه چمن نت ناز نيرنگي
خوشي کان بلبلن للڪار سان لاتي خوش آهنگي.
وسڻ جو مينهن ڪيو سايو، وسي بستان برسايو،
پکن جي چاهه چهچهه جي، هلي هيءَ هاءِ هر رنگي.
ڪيو رت روپ رس هاڻي، هو اسان ساهه سيباڻي،
ولن کان پرت جي پيچن، وڻن سان واهه دل ونگي.
نئين نزهت ڏيکاري ارغواني سوسن سمن سنبل،
ٿيو گلزار گونا گون گلن کان فرش ارٻنگي
(1)
(قاسم)
بهار آيو لٿا اولا، جهريا ٿي جهور ۾ جهنگي،
ڦٽي سرسبز ٿيا صحرا، کلي ٿيا خوب خوش رنگي.
ٿيون گلشن ۾ گلزاريون، ٽڙن ٽانگر سنديون ٽاريون،
نمن نرگس مٿي ناريون، نهاري نيڻ نيرنگي.
لڏي لاله ليا پائي، قدح کي چوطرف چائي،
حسودن جو جگر گهائي، ڏئي تن داغ دل تنگي.
ڪليون کوليون کٽڻهارن، متا موتيا مٿي نازن،
ٻري ٿي زعفران ٻارن، نچي ٿي ناز مان ننگي.
چمن چوطرف ٿيو گل گل، پيو هٻڪار جو هل هل
ٻڌي بلبل سندو غلغل، جلي ويا جوش ۾ جنگي.
(فصيح)
قاسم جو هي غزل سندس ديوان ۾ شايع ٿيل ڪونهي.
|