سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :14

 

سانگي جو دور

(1881ع – 1925ع)

 

سانگيءَ جي دور جا شاعر

جائزو

محمد ابراهيم ”خليل“

سيد امام بخش شاهه ”فدوي“

فضل محمد ”ماتم“

حافظ حامد ”حامد“

آخوند فقير محمد ”عاجز“

غلام محمد شاهه ”گدا“

مير عبدالحسين ”سانگي“

مير امير علي ”امير“

مرزا قليچ بيگ ”قليچ“

غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“

محمد شاڪر ”شاڪر“

غلام علي ”علي“ سبزپوش

شمس الدين ”بلبل“

محمد هاشم ”مخلص“

ميان وڏل ”حيدري“

مخدوم محمد ابراهيم هالائي ”صوفي“

ليلارام وطن مل ”خاڪي“

مرزا ٻڍل بيگ ”ٻڍل“

مرزا دوست محمد ”دوست“

اسد الله شاهه ”فدا“

سيد محمد شاهه ”مصطفائي“

سيد محمد حسن علي شاهه ”مجتبائي“

 

سانگيءَ جو دور

سانگي جڏهن شاعريءَ ۾ وک وڌائي تڏهن غزل سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو، قاسم ۽ سندس دور جا ٻيا شاعر غزل ۾ ئي نغمه سنجي ڪري رهيا هئا، سانگي جوان هو ته 1881ع ۾ قاسم وفات ڪئي. سانگي ۽ سندس دور جي ڪيترن شاعرن جون قاسم ۽ سندس دور جي ٻين شاعرن سان سنگتون ۽ صحبتون هيون، سانگيءَ جي دور جي ڪيترن شاعرن اهڙن سنگتن ۽ صحبتن مان پنهنجن متقدمين ۽ وڏڙن شاعرن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو هو، خود سانگيءَ جي دور جا ڪجهه شاعر جهڙوڪ حافظ حامد، غلام محمد شاهه گدا، امام بخش فدوي، فضل محمد ”ماتم“ نه صرف سانگيءَ کان عمر ۾ وڏا هئا، پر قاسم جي دور جي ڪيترن شاعرن جي هم عمر به هئا پر جيئن ته انهن جو شخصي ناتو ۽ شاعري جو رشتو سانگيءَ سان هو تنهن ڪري انهن جو شمار سانگيءَ جي دور جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سانگيءَ جي دور جي ابتدا 1881ع کان سمجهڻ گهرجي جڏهن قاسم وفات ڪري ويو ۽ سانگي ۽ سندس شاعري ٻئي ڦوهه جواني ۾ هئا، هو عشق جو صدمو سهي چڪو هو ۽ سندس شاعراڻا ناتا سنڌ جي ڪيترن شاعرن سان پختا ٿي ويا هئا، پاڻ وٽ شعر و سخن جون محفلون منعقد ڪرڻ شروع ڪيون هئائين، ٻين شاعرن کي داد سخن ڏيڻ ۽ شاعرن طرفان داد سخن وٺڻ به قبول ڪيو هئائين.

 

قاسم جي وفات کان پوءِ سندس دور جي ڪيترن شاعرن مشقِ سخن جاري رکي ۽ پنهن جي ليکي ۽ پنهن جي نموني غزل گوئي ڪندا رهيا پر سانگيءَ جي دور جي سج جڏهن ڪني ڪڍي ته سندن شاعري جو جوهر جهڪو ٿي ويو.

 

سانگي جنهن دور ۾ اک کولي اهو انگريز جي قبضي ۽ سنڌ جي ٽالپر حاڪمن جي اسيريءَ جو دور هو ۽ سانگيءَ جڏهن هن دنيا کان اکيون ٻوٽيون ته انگريز هن ڌرتيءَ تي پنهنجا پير پختا ڪري ورتا هئا پر سندس وفات جي وقت تائين سنڌ ۾ تعليم ۽ سياسي شعور وڌيو هو، هن ڌرتيءَ جي ماڻهن ۾ ڌارين جي غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو احساس پيدا ٿي چڪو هو، خاص طرح ويهين صديءَ جي شروعات کان نه صرف سنڌ ۾ پر ساري هندستان ۾ هڪ سجاڳي جي لهر پيدا ٿي وئي هئي، هندن ۽ مسلمانن انگريزن خلاف آزاديءَ جو آواز اٿاريو هو، جيتوڻيڪ اهو اڃا جهيڻو هو پر ان انگريزن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي.

 

انگريزن سنڌ ۽ هندستان جون حڪومتون مسلمانن کان زبردستي ۽ ڌوڪي سان حاصل ڪيون هيون، خاص طرح 1857ع واري انقلاب کان پوءِ هنن مسلمانن کي نوڪريون، واپار ۽ تعليم ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري مسلمانن جي معاشي حالت خراب ٿي وئي هئي. اڻويهين صدي جي آخر کان مسلمانن کي پنهن جي وڃايل مرتبي، ۽ ڪسمپرسي جهڙي مالي حالت ۽ سماج ۾ ادنيٰ حيثيت جو احساس پيدا ٿيو هو جنهن انهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو هو ۽ هنن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ وڃايل مرتبي کي حاصل ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿيو هو. سنڌ ۽ هند جي عوام طرفان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ مسلمانن ۾ پنهن جي وڃايل وقار کي حاصل ڪرڻ جي احساس هن دور جي سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول کي متاثر ڪيو.

 

ڌارين جي غلاميءَ سبب سنڌ جو سماجي ماحول ۽ معاشرو بگڙڻ لڳو هو، مغربي تهذيب جو اثر ماڻهن جي زندگيءَ تي غالب پوندو ٿي ويو ۽ هن ملڪ جو پڙهيل ۽ ڪامورا شاهي وارو طبقو ان رنگ ۾ رنگبو پئي ويو، غلامانا ذهنيت سببان ماڻهن جا اڳيان لڇڻ ويا ٿي ختم ٿيندا ۽ سندن اخلاق ويا ٿي خراب ٿيندا. دينداري ۽ ايمانداري ڪوڙ ۽ دولاب ويا ٿي وڌندا. ماڻهن پنهن جي اٿڻي ويهڻي لٽي ڪپڙي، ريتن رسمن ۾ انگريزن جي نقالي ڪرڻ ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو، جي انگريز گورا صاحب هئا ته هنن پاڻ کي ڪارا صاحب پئي بڻايو. انگريزن جي نون قاعدن، قانونن ۽ نون سرڪاري عهدن سنڌ جي معاشري جي قديم روايتن کي ختم ڪيو هو ۽ ريا، خويش پروري ۽ رشوت جي رستن کي کولي ڇڏيو هو. انگريز جيئن ته ڌاريا حاڪم هئا تنهن ڪري هنن اهڙن خاندانن جي سرپرستي ٿي ڪئي جيڪي هنن جا وفادار هئا تنهن ڪري پراڻا خاندان پنهنجو اڳيون اوج وڃائي ويٺا ۽ ڪيترا گمنام خاندان اڳتي وڌي ويا.

 

سانگيءَ جي دور ۾ پارسي جي علمي ۽ ادبي اوج جو زوال اچي چڪو هو پارسي جي مڪتبن ۽ مدرسن جي جاءِ تي سنڌي ۽ انگريزي اسڪول قائم ٿي ويا هئا، تنهن ڪري ماڻهن جو پارسي کان توجهه گهٽجي سنڌي ۽ انگريزي ڏانهن ٿي ويو هو. انگريزيءَ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاليج قائم ٿيڻ لڳا هئا، ماڻهن کي نوڪريون انگريزي پڙهڻ ڪري ٿي مليون تنهن ڪري هنن جو چاهه انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ڏانهن وڌيڪ هو. هن دور ۾ انگريزي ادب جي مطالعي سبب سنڌ جي ماڻهن ۾ ادب جي نين صنفن جهڙوڪ ناول، ڊرامي، افساني، مضمون، تنقيد وغيره جي ڄاڻ ٿي ۽ سنڌيءَ ۾ نثر نويسيءَ جي ترقي ٿي. سانگيءَ کان جيڪي عمر ۾ وڏا شاعر هئا تن جو چاهه پارسيءَ سان هو، جيتوڻيڪ سندن شاعري جو رنگ روايتي هو پر هو پخته مشق شاعر هئا، هنن ۽ ڪن ٻين ننڍن شاعرن اها روايت تبرڪ طور هن دور ۾ به قائم رکي.

 

قاسم جي دور ۾ ”سنڌ سڌار“ سنڌي غزل جي واڌاري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو هو. هن دور ۾ ڪيتريون هفتيوار اخبارون ۽ رسالا نڪرڻ شروع ٿيا جن مان معين الاسلام، معاون، تحفئه احباب، بهار اخلاق وغيره پنهنجن صفحن ۾ غزل کي جاءِ ڏني ۽ تحفئه احباب ۽ بهار اخلاق اخباري مشاعرن جي روايت کي قائم ڪيو جنهن ڪري سنڌي غزل جي واڌاري ۽ مقبوليت ۾ اضافو ٿيو.

 

غزل شاعريءَ جي ڪافر حسينه آهي ۽ ان ڪافر حسينه جو شباب سانگيءَ جي دور ۾ عروج تي پهتو. گل سنڌي غزل جو بنياد وڌو، قاسم جي دور جي شاعرن ان جي تعمير ڪئي ۽ سانگي جي دور ۾ غزل پنهن جي جمله رعنائين ۽ دلفريبن سان سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ۽ منفرد مقام حاصل ڪري ورتو. هن دور جا ناميارا شاعر غزل جي ناز و ادا تي مفتون ٿي دل ڦرائي ويٺا ۽ ان جي حسن جي مدح سرائي ۾ مشغول ٿي ويا. هن دور جي شاعرن اڳين دورن جي ڀيٽ ۾ تخيل ۾ بلندي، انداز بيان ۾ شوخي، مضمونن ۾ ڪشادگي ۽ وسعت ۽ ٻوليءَ ۾ رس ۽ ميٺاج وڌيڪ پيدا ڪيو.

 

سانگي جنهن دور ۾ سخن سنجي ڪئي تنهن ۾ تبديلي اچي رهي هئي هڪ طرف شاعريءَ تي پارسي رنگ غالب هو ۽ ٻئي طرف پنهن جي ٻوليءَ سان دلچسپي ان ۾ زبان جي صفائي ۽ سادگي آڻي رهي هئي، هن دور جي شاعرن جي ديوانن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هن دور جي شاعرن اڳين دورن جي ڀيٽ ۾ پارسي شاعري جو رنگ وڌيڪ قبول ڪيو هو هنن غزلن ۾ محاڪات ۽ مضامين، بديع ۽ معاني، لفظ ۽ اصطلاح، بندشون ۽ ترڪيبون، اشارا ۽ ڪنايه، تشبيهون، استعارا ۽ تلميحون، ساڳيا پارسي شاعري وارا قائم رکيا هئا. سندن ڪي سنڌي غزل ائين ٿا لڳن ڄڻ پارسي غزل آهن. جيتوڻيڪ سانگي ۽ ان دور جي ڪن ٻين شاعرن تي به اهو پارسي وارو رنگ غالب آهي پر غلام محمد شاهه گدا، امام بخش شاهه ”فدوي“، غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“ جي غزلن تي اهو رنگ وڌيڪ غالب آهي. خليفي گل غزل کي جنهن سنڌي رنگ ۾ رنگيو هو، قاسم جي دور جي شاعرن ان ۾ پارسي رنگ جي ٿوري چٽسالي ڪئي هئي، پر هن دور جي اڪثر شاعرن ان تي پارسي شاعري جو مڪمل روايتي رنگ چاڙهي ڇڏيو هو. هن دور جي مختلف شاعرن تي پارسي رنگ جو نمونو ملاحظه ڪريو:

 

تازهه تر دلدار جو نازڪ نهال

آهه چاههِ زنخ مان ٿيو سيرآب (فدوي)

 

عارض جي نزاڪت آهي نسرين کان دهه چند،

گلبرگ زبان ان ۾ آهي، غنچه دهن جي   (گدا)

 

دل کي اسيرِ زلفِ سيهه فام ٿو ڪريان،

خوش صبح کي حوالئهِ شام ٿو ڪريان (مرتضائي)

 

دل ته صد پارهه آهي شانه صفت

زلف جي تار تار سان گستاخ (سانگي)

 

منهن جي چشمن کي ڏسي اڄ اشڪبار و اشڪ ريز

ساري عالم کي نه هرگز ابرنيسان ٿيو پسند (مخلص)

هن دور جي شاعرن تي نه صرف ايراني روايتن جو رنگ غالب آهي پر هنن جي ڪيترن غزلن جي زبان تي پارسي زبان جو ايترو اثر آهي جو فعل يا ڪنهن هڪ اڌ واڌاري سنڌي لفظ جي تبديل ڪرڻ سان شعرن جا شعر ۽ غزلن جا غزل پارسي ٿي وڃن ٿا. ڪجهه مثال ملاحظه ڪريو:

 

زرشڪر عارض پر نور جانان

ٿيو خورشيد لرزان آسمان ۾. (گدا)

 

دلبرم گفت ”ڪيستي؟“ گفتم

بندهه درگهه حضور آهيان (گدا)

 

 

نهر جنت يا لبِ جان بخش لعلن جو لعاب

خال لب تي يا مگر هي ساقيءَ ڪوثر ڏٺم (مرتضائي)

 

خيالِ زلف ۾ مانند شاخ سنبل تر

رياضِ فڪر ۾ کائي ٿو پيچ تاب قلم (مخلص)

 

خدمتِ اقدس کان دور، اي صنم

آهيان تپان مثلِ تنور، اي صنم (سانگي)

هن دور جي شاعرن پنهن جي غزلن ۾ زير اضافت جو ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي، اهڙي طرح هنن سنڌي شاعري ۾ اهڙي روايت کي مروج ڪيو آهي جو اڄ تائين سنڌ جا شاعر ان مان جان آزاد ڪري نه سگهيا آهن.

 

قاستِ يار، سرو خوش رفتار

عارضِ يار، رشڪِ باغ و بهار (گدا)

 

خالِ رخِ دلدار جو بوگير آءٌ آهيان

ٿي مور نه مون کي وڻي بو مشڪ ختن جي (سانگي)

 

جي خيال گوهرِ دندان ۾ ٿيان آءٌ اشڪبار

غرق ٿيندا آبِ گوهر ۾ شناور سو هزار (مخلص)

هڪ طرف هن دور جا شاعر ٻوليءَ جي لحاظ کان پارسي لفظن، محاورن ۽ ترڪيبن جي گهڻو اثر هيٺ آهن ٻي طرف هنن نج سنڌي اسلوب به اختيار ڪيو آهي ۽ پنهن جي سليس، سولي ۽ سلوڻي سنڌي ۽ لب و لهجي واري دارجا يا روزمرهه واري ٻولي استعمال ڪئي آهي، جو سندن غزلن ۾ سلاست ۽ سونهن پيدا ٿي وئي آهي، اهڙن شاعرن ۾ حامد، ماتم، سانگي، فدوي ۽ علي سبز پوش جا نالا قابل ذڪر آهن:

 

دل وٺي سوگهي ڪيئه هاڻي اٿي ڪهڙي صلاح

يا وري ڏيندين نه ڏيندين چئج هئي ڪهڙي صلاح (فدوي)

 

ڏئي گهور غمزي سان گهائي غريب

وري ساڻ وڍين وڏائي نه ڪر (حامد)

 

الاهي اڄ اڱڻ شل يار ايندم

ٻڌم اغيار کان هو رات افواهه (علي سبزپوش)

 

حسن ۽ ناز جنهن کي هوئي حاصل

سو ڀلي خلق کان ٽهي ته ڀلو (قليچ)

 

تنهن پرينءَ سان تو پرت ڪئي ”سانگي“

سخت دل جنهن جي ٿي پهڻ کان وڌيڪ (سانگي)

هن دور جي شاعرن جتي پارسي جي ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي پنهن جي غزل جي رونق بنايو آهي، اتي هنن پنهن جي ٻوليءَ کي به نه وساريو آهي، جتي هنن تڪليف ۽ تصنع کي ڇڏي پنهن جي ٻوليءَ جون چست بندشون ۽ شوخ اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا آهن ته سندن ڪلام جي رونق ۽ جاذبيت زياده ٿي وئي آهي:

 

تون نه ڀانئين نه ڀانءِ تنهن جي خوشي

آءٌ ته ڀانيان ٿو مون کي ڀانئين ٿو. (گدا)

 

ٿا ڏسون آهه دل گران هرڪو

دوست دشمن جي دل تي بار آهيون. (سانگي)

 

اوهان ۾ هينئر ڪين ڀيچي ڀچون ٿا

ڪڏهن راند جا هئاسون هاري عزيزو! (سانگي)

 

چانڊوڪي جو سنسو نه ڪر اي يار چمن ۾

جي نيڻ کڻي توڏي ته اکڙين ۾ لهي آڀ!   (بلبل)

 

پير ڏي پنبڻين اکيون اوطاق ڪر

تان ٺرن نت نار وهلو ڪيم وڃ  (حامد)

انگريزن جي حڪومت ۾ انگريزيءَ جي تعليم، انگريزي تهذيب جي اثر، انگلينڊ مان ايندڙ مختلف شين جي نالن، ۽ نون قاعدن قانونن جو اثر سنڌي زبان تي پيو انگريزي لفظ عوام جي زبان تي چڙهي ويا. هن دور جي ڪيترن شاعرن پنهن جي غزلن ۾ انهن کي استعمال ڪري شعرن ۾ هڪ لطف ۽ مزو پيدا ڪيو آهي جتي ٻين شاعرن انگريزي لفظن کي مجاز جي انداز ۾ بيان ڪيو آهي اتي بلبل انهن ۾ طنز ۽ مزاح پيدا ڪئي آهي:

 

مون کي ”ڪم ير“ چوي ٿو ڪين ڪڏهن،

ماءِ ڊيئر آهه، منهنجو سو دلدار. (گدا)

 

ماءِ ڊيئر آهه فس ڪلاس اُهو،

دلربائي جو جنهن کي ياد گزٽ (گدا)

 

مٺن ماڻهن جي ابرو جو اشارو،

سو سانگي لاءِ سرڪاري سمن آهه. (سانگي)

 

پنهن جي پنبڻين جي يار پلٽڻ جو،

غمزهه و ناز کي ڪماني ڪر. (سانگي)

 

شال لنڊن ۾ وڃي عمر گذاريون البت،

پرمننٽ آهه، اهو ئي اسٽيشن پنهنجو.  (بلبل)

 

چرٽ کي هر وقت چايون وات ۾،

سينڍ جو سٽڪار، چئو ڪهڙي چيم.  (بلبل)

شاعري جي مختلف صنفن ۾ غزل کي سڀني صنفن کان زياده پرتاثير سمجهيو ويندو آهي ان جو سبب غزل جو انداز بيان آهي. غزل بنيادي طرح عشق ۽ محبت جي جذبن جو ترجمان آهي، ان ۾ عشق جي ڪيفيتن ۽ محبت جي وارداتن کي اهڙي نموني بيان ڪيو وڃي ٿو جو غزل جو هر هڪ لفظ پڙهندڙن جي دل ۾ گهڙي وڃي ٿو. سانگي جي دور کان اڳ غزل ۾ اها شوخي ۽ لطافت نه هئي جيڪا سانگيءَ جي دور ۾ غزل ۾ پيدا ٿي وئي. هن دور جي شاعرن معمولي کان معمولي خيال کي اختصار، اشارن ۽ ڪناين، تشبيهن ۽ استعارن سان سينگاري ان ۾ نهايت نزاڪت ۽ دل ڪشي پيدا ڪري ڇڏي، هن دور جي شاعرن جي انداز بيان ۾ سحر ۽ جادو آهي. ڪجهه مثال ملاحظه ڪريو:

 

ڏينهن ڏٺي ڌاڙا هڻن هي رسم آهي راهزن،

راهه ويندن دل ڦرڻ هي ڪنهن ڏنئي اهڙي صلاح. (فدوي)

 

اڃا مون اڳيان چاڪ چت ۾ چرن،

وڃڻ جي وري يار وائي نه ڪر.  (حامد)

 

نڪي مرڪي، نڪي نهاري ٿو،

مون کي دلبر ڪيو شڪار عبث.   (گدا)

 

جي تون ڀانئين ته روح ٿئي راضي،

ماهه روين جي مدح خواني ڪر. (سانگي)

 

جا هلي ٿي نه منهن جي مرضي تي،

تنهن دلِ زار ساڻ منهن جي بس. (سانگي)

هن دور جي شاعرن پنهن جي غزل کي صنايع ۽ بدايع جي جمله نزاڪتن ۽ نفاستن سان سينگاريو ۽ سنواريو آهي، جن ۾ رعايت لفظي ۽ تشبيهه ۽ استعاره اهم آهن. ايران جي شاعرن جا ديوان رعايت لفظي سان ڀريل آهن. هن دور جي شاعرن به پنهن جي غزلن ۾ رعايت لفظي جو گهڻو استعمال ڪيو آهي. رعايت لفظي ۾ شاعر جيڪڏهن پهرين مصرع ۾ آسمان جو ذڪر ڪندو آهي ته ان جي نسبت سان ٻئي مصرع ۾ گردش جو ذڪر ڪندو، جيڪڏهن هڪ مصرع ۾ شمع يا پرواني جو بيان ڪندو ته ٻي مصرع ۾ سڙڻ، پچڻ يا پڄرڻ استعمال ڪندو. جيڪڏهن گل جو ذڪر ڪندو ته ان سان بلبل، محبوب جي رخسار يا نازڪ بدن جو ذڪر هوندو، جي سرو، طوبيٰ يا شمشاد جو ذڪر ايندو ته ان سان محبوب جي قد جو ذڪر ايندو. حقيقت هيءَ آهي ته رعايت لفظي غزل جي جان آهي، اها رعايت لفظي هئي جنهن هن دور جي غزل ۾ رنگيني پيدا ڪئي. ڏسو گدا رعايت کان ڪم وٺي هيٺين شعرن ۾ ڪهڙو نه لطف پيدا ڪيو آهي:

 

منهن جي گردش ۾ عمر ساري وئي،

مهر تي ڪين آسمان آيو.

”گردش“ جي رعايت سان ”آسمان“ ۽ آسمان جي رعايت سان ”مهر“ ڪم آندو ويو آهي.

آئي موسم بسنت جي در باغ

يار ڪپڙا تون زعفراني ڪر.

بسنت جي رعايت سان ”زعفراني“ ڪم آندو ويو آهي.

هيٺين شعرن ۾ سانگي رعايت لفظي کان ڪم وٺي انهن کي وڌيڪ شوخ بنائي ڇڏيو آهي. عاشقن ۽ رقيبن جي هڪ ٻئي سان پوندي ڪانهي. سانگي رقيب کي يزيد ڪوٺي انهيءَ رعايت سان پنهن جي نالي عبدالحسين کي ڪهڙي نه دلفريب انداز ۾ استعمال ڪيو آهي.

مر سڙي ۽ پچي رقيب يزيد،

پنهنجو عبدالحسين نام ڪيم.

هن دور جي ٻين شاعرن وٽ به رعايت لفظي جا سهڻا نمونا ملن ٿا:

جهان جي گلن کي نه ”بلبل“ ڏي دل،

عبث باغ بستان آهي عبث. (بلبل)

حج اڪبر جيئن ڏٺم تنهنجو وصال،

مون ڪهي هي عيد قرباني ته ڪر.  (مرتضائي)

 

تنهنجو ابرو هلالِ عيد اسان،

سڀڪو ڏسندي چوي مبارڪباد.  (فدوي)

گل ۽ قاسم جي دور جي شاعرن پنهن جي خيالن کي سادي نموني بيان ڪيو آهي، هنن پنهن جي خيالن جي پکيءَ کي بلند پرواز گهٽ ڪرايو آهي، سندن خيال جو پکي وڌ ۾ وڌ هڪ باغ جي آشياني مان اڏامي ٻئي باغ جي آشياني تائين پهتو آهي پر رهيو هيٺ ئي آهي. سانگيءَ جي دور جي شاعرن پنهن جي تخلص جي هما کي عرشن تي اڏايو آهي جنهن ڪري سندن غزلن ۾ ندرت، باريڪ نڪتا، نازڪ ۽ رنگين خيال ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تخيل جي بلند پروازي شاعري جي امتيازي خوبي آهي جنهن جي ذريعي شاعر آسمانن کان مٿي اڏامي ٿو ۽ چنڊ تارن کي ڪمند وجهي پنهن جي ڪلام کي حسن معاني جي قوس قزح سان چمڪائي ٿو. هيٺين شعرن ۾ هن دور جي شاعرن جي بلند خيالي ملاحظه ڪريو:

 

يار جي زلفن مون کي پاتو پيچ،

ري پڇيو ان جو رشته دار آهيان.  (گدا)

 

نه ڇڏ زلفن کي رخسارن تي ڇوڙي،

نه گڏ پيش از قيامت صبح ۽ شام.  (ماتم)

 

يار اڇلايو اڄ لعابِ دهن،

آسمان تان لهي پيو تارو. (سانگي)

 

هر داغ داغ نخل رکان تنهن جي ياد ۾،

حاڪم حسين هڪ دفع آءُ سير باغ ڪر. (مرتضائي)

 

خون ڪنهن عاشق جو شايد ان ۾ آهه،

ٿو ڪري ساقي جي هٿ ۾ جام رقص.  (مخلص)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org