محمد هاشم ”مخلص“
]1860ع
– 2 فيبروري 1936ع[
محمد هاشم ولد حافظ حامد ذات ميمڻ
تخلص ”مخلص“ 1278 هه مطابق 1860ع ۾ اڳين ٽکڙ ۾
تولد ٿيو. سندس والد حافظ حامد پنهنجي وقت جو
نامور شاعر ٿي گذريو آهي، هي پنهنجي والد جو وڏو
فرزند هو. هن کي پنجن ورهين جي عمر ۾ حافظ محمد
يوسف جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيو ويو
جتي هن سنڌي، پارسي، عربي ۽ دينيات جي تعليم حاصل
ڪئي.
حافظ حامد ان جي باوجود جو نابين هو ڪپڙي جو دڪان هلائيندو هو.
مخلص جڏهن ٿورو وڏو ٿيو ته پنهنجي والد سان گڏ
دڪان جي ڪم ۾ سندس مدد ڪرڻ لڳو. هو پيءُ سان گڏجي
ٿر ۽ ڪڇ جي سفر تي به ويندو هو.
مخلص کي ننڍپڻ کان شاعري جو شوق هو مگر سندس والد کيس ننڍي عمر
۾ شعر چوڻ کان منع ڪندو هو. هڪ ڀيري هو پنهنجي
والد سان گڏ ٿر جي سفر تي هو. تڙ احمد نالي ڳوٺ ۾
پنهنجن وهٽن کي پاڻي پيارڻ لاءِ ويو. کوهه مان هڪ
نوجوان ڇوڪري پاڻي ڪڍي رهي هئي، جيئن ته ٿر جا
کوهه اونها ٿا ٿين ۽ پاڻيءَ جي چڙهي مٿي هئي، تنهن
ڪري ڇوڪري سائلانه نگاهن سان هن ڏانهن نهاريو،
مخلص وڌي ڇوڪريءَ کي پاڻي ڪڍي ڏنو، ڇوڪري شڪر
گذاري ڪندي هلي وئي، مخلص جي زبان مان جهٽ نڪري
ويو:
کڻي دلي سان گڏ ويو دلربا دل.
حافظ حامد، اهو واقعو ۽ شعر ٻڌي کيس اجازت ڏني ته هو آئندهه شعر
چوي. جيتوڻيڪ حافظ حامد پاڻ استاد شاعر هو پر هن
سان گڏ مخلص غلام محمد شاهه گدا کي پنهنجو شاعري ۾
استاد ورتو. گدا شاهه جي اصلاح ۽ تربيت هن جي
شاعرانه صلاحيتن کي خوب جرڪايو. هن پنهنجي ڪلام ۾
گهڻن هنڌن تي استاد گدا شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. هڪ
شعر ۾ چوي ٿو.
استاد ”گدا“ سچ چيو اي مخلص آهي،
اشراف جو مٽ ڪين ڪڏهن ٿيندو اراذل.
”مخلصا“ تيغِ زبان سان بمددِ مير گدا،
صيد مضمون معاني جا ٿو نخچير ڪيان.
مخلص کي ننڍپڻ کان وٺي صحافت سان دلچسپي هئي. هو ان وقت جي
اخبارن ”آفتاب سنڌ“ سکر ۽ ”خير خواهه“ ۾ مضمون
لکندو هو ڪجهه وقت لاءِ هو خير خواهه جو ايڊيٽر ٿي
رهيو. 1895ع ۾ شيخ محمد سليمان ”الحق“ نالي
هفتيوار اخبار سکر مان ڪڍي هئي. 1901ع ۾ هو اها
اخبار ڪجهه وقت لاءِ حيدرآباد کڻي آيو. مخلص ان ۾
مضمون لکندو هو ۽ شايد ڪجهه وقت لاءِ ان جو ايڊيٽر
به ٿي رهيو. جيئن ته هن جي قلم ۾ تيزي ۽ تکائي هئي
تنهن ڪري قانوني شڪنجي ۾ ڦاسي پيو ۽ سنڌ ڇڏي
جوڌپور، ناگپور ۽ بيڪانير ۾ سرگردان ڦرندو رهيو.
اتي پنهنجو نالو بدلائي قاضي ناصر علي رکيائين ۽
ان نالي سان اتي جي محفلن ۾ اردو شعر و شاعري ڪندو
هو. پنهنجي انهن غربت ۾ گذاريل گهڙين جو نقشو
پنهنجي هڪ غزل ۾ هيئن چٽيو اٿائين.
وطن جي ياد ٿي ليل و نهار غربت ۾
اهائي ياد فقط غمگسار غربت ۾.
مثال رعب شب و روز نالهء و افغان،
اکيون چون ابر سدا اشڪبار غربت ۾.
نه گل، نه باغ، نه بلبل، نه مجلسِ ياران،
نه ڪو چمن، نه ڏسان ڪو بهار غربت ۾.
ڪڏهن نه ڀلجي ڪيو ڪنهن به ياد مخلص کي،
نه هڏڪي آئي، مون کي زينهار غربت ۾.
1904ع ۾ هن تحفئه احباب ماهوار رسالو حيدرآباد مان شايع ڪيو پر
اهو جلد ئي بند ٿي ويو.
1906ع ۾ هن جي ڪوشش سان سيد اسد الله شاهه فدا ٽکڙ مان ”بهاري
اخلاق“ نالي رسالو جاري ڪيو جنهن ۾ هو ناصر علي جي
نالي سان مضمون لکندو هو. انهيءَ زماني ۾ حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي ”الاسلام“ نالي رسالو ڪڍندو هو، ان ۾
به هن جا مضمون ناصر علي جي نالي سان شايع ٿيندا
هئا.
1909ع ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هن کي حيدرآباد ۾ گهرايو جتان
”جعفر زٽلي“ نالي رسالو ڪڍڻ شروع ڪيائين، جيئن ته
هو اڃا قانون جي شڪنجي مان آزاد نه ٿيو هئو، تنهن
ڪري اهو رسالو سندس نياڻي ۽ ڀائٽي ماستر عبدالرحيم
”شائق“ جي نالي ۾ نڪرندو هو، ليڪن ان جو روح روان
مخلص هو. رسالي ۾ شايع ٿيل سندس ظرافت وارن مضمونن
ان رسالي کي نهايت مقبول بنايو. 1913ع ۾ رئيس غلام
محمد ڀرڳڙي جي ڪوشش سان هن کي ڪيس مان آزادي ملي ۽
هاڻي هو کلي طرح پنهنجي نالي سان لکي سگهيو ٿي ۽
کلي فضا ۾ آزاديءَ سان ساهه کڻي سگهيو ٿي. انهن
ڏينهن ۾ رئيس جي اخبار ”الامين“ حيدرآباد مان
نڪرندي هئي جنهن جو ڪجهه وقت هو ايڊيٽر ٿي رهيو.
پر هن جي قلم جي تيزي اڃا گهٽ ڪانه ٿي هئي، تنهن
ڪري اهو امڪان هو ته اخبار يا پاڻ کي وري تڪليف ۾
وجهي تنهن ڪري هن جي بجاءِ شيخ عبدالمجيد کي اخبار
جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.
مخلص ”الامين“ اخبار ڇڏڻ کان پوءِ ”ڪچڪول“ نالي سان رسالو جاري
ڪيو پر جيئن ته هن جي مالي حالت بهتر نه هئي تنهن
ڪري رسالو جلد بند ٿي ويو.
1924ع ۾ ”زميندار ائسوسيئيشن“ ميرپورخاص پاران ميرپورخاص مان
هفتيوار ”مسلمان“ اخبار جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر
هن کي مقرر ڪيو ويو، اڳتي هلي هن اها پريس ۽ اخبار
پاڻ خريد ڪري ورتي ۽ 1933ع تائين ان جو ايڊيٽر
رهيو. ان زماني ۾ هن جي بينائي ڪمزور ٿي وئي ۽
”مسلمان“ جي ايڊيٽري سندس ڀائٽي محمد خان ”غني“
سنڀالي، ان هوندي به هو اُن ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکندو
رهيو.
مخلص طبع جو نهايت جوشيلو هوندو، هو، تنهن ڪري هن پنهنجي صحافت
واري زندگيءَ ۾ نه صرف ڪيترن ڪامورن، آفيسرن ۽
ماڻهن خلاف لکيو پر ڪيترن اخبارن ۽ رسالن جي
ايڊيٽرن سان به جنگ جوٽي ۽ جهيڙا اٽڪايا، جنهن ۾
هن جي قلم طنز، مزاح، هجو، گلا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گارين
جي گلڪاري ڪئي مگر هن جي قلم ۾ ايترو رس ۽ طاقت
هئي جو سندس اهي مضمون ۽ شعر شهه پارا ٿي پوندا
هئا. هن جو قلم تلوار جيئن تکو هوندو هو، جي جوش
اچي ويندو هوس ته ڪنهن تان ڪين ٽرندو هو. ان ڪري
سنڌ جا ڪيترا زميندار، پير، اخبارن وارا سندس نوڪِ
قلم جا زخمي ٿي پيا
(1).
هن پنهنجي صحافي زندگي جي شروعات ۾ خيرخواهه ۾
جيڪي مضمون لکيا هئا، اهي ايترا تيز هئا جو هن تي
مقدمو داخل ڪيو ويو هو، جنهن مان هن جي جان 1913ع
۾ مشڪل سان آزاد ٿي.
1906ع ڌاران مولوي هدايت الله ”مشتاق“ متعلق هڪ ڪتاب ”ڪواڪب
السعادت في شرح مناقب سادات“ لکيو هو جنهن تي
ڪيترن عالمن اعتراض اُٿاريا هئا، انهن مان مولوي
احمد ابڙي واري جي رد ۾ هن ناصر نالي سان هڪ ڪتاب
”سيف المسلول“ لکيو، جنهن ۾ پنهنجي عادت مطابق
شوخي اختيار ڪئي اٿائين، تڏهن به سندس طرز تحرير
لاجواب آهي
(1).
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ”هوم رول ليگ“ ۽ خلافت تحريڪ جي سرڪردن
مان هو. ان جي ڀيٽ ۾ سيد الهندو شاهه درٻيلي وارو
امن سڀائي هو. شمس الدين بلبل الهندي شاهه سان ۽
مخلص ڀرڳڙيءَ سان هو. بلبل ڀرڳڙي خلاف پنهنجي
اخبار ۾ لکيو، جنهن تي مخلص هن سان جنگ جوٽي مگر
مخلص کي ان ڳالهه جو احساس هو ته سندن جهيڙو
نامناسب هو، جنهن جو اظهار هن بلبل ڏانهن لکيل هڪ
خط ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي، ”گذريل واقعات جڏهن ياد
ٿا پون تڏهن ڪمال تاسف ٿو ٿئي، ليڪن دنيا جو دستور
به اهڙي طرح هليو اچي ته وڙهي يار ٿجي ۽ يار ٿي
وڙهجي“
(2)
.
مخلص کي جڏهن ”الامين“ کان علحده ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ان
جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته هن پنهنجو رسالو ڪچڪول
جاري ڪري شيخ صاحب بابت ٽي چار فحش پر نهايت فصيح
۽ بليغ شعر چيا ۽ ڪن مضمونن ۾ اشارن ۽ ڪناين ۾
سندس گلا ۽ هجو پڻ ڪيائين
(1)
.
مسٽر گرڏنو مل ميرپورخاص مان ”ميرپورخاص گزيٽ“ اخبار ڪڍندو هو
جيڪا آريه سماجي اخبار هئي ۽ مسلمانن خلاف نفرت
ڦهلائيندي رهندي هئي. مخلص ”مسلمان“ اخبار ۾ نه
صرف هن جا سخت جواب ڏيندو هو پر جوابي حملا به
ڪندو هو. اخباري جهيڙو ايترو وڌيو جو ٻنهي هڪ ٻئي
تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ خلاف به ”مسلمان“ ۾ فحش مضمون لکيو
هئائين، جنهن هن جي خلاف بدناموسي جو ڪيس داخل ڪيو
هو.
مخلص جو مضبوط حريف مولوي نور محمد نظاماڻي هو، هن جي به مخلص
وانگر نظم ۽ نثر ٻنهي تي نه صرف دسترس هئي پر هجو
۽ گلا ۾ به ڀڙ هو. هن ”مرغِ فلڪ“ ، ”طيراً ابابيل“
۽ ”نورالاسلام“ اخبارون ڪڍيون هيون. ٻئي خيرپور جي
ميرن جا مدح خوان هئا. قصيدا چئي انعام حاصل ڪندا
هئا. مير فيض محمد جي مدح مخلص هنن لفظن ۾ ڪئي
آهي:
يا الاهي رک سلامت تاجدارِ خيرپور،
جنهن جي باعث ويو وڌي عز و وقارِ خيرپور.
هر زمان فيضِ محمد کان رهي سيراب سو،
سايئهِ حسنين ٿي شل سايه دارِ خيرپور.
مخلصِ مسڪين جي آهي دعا هي دمبدم،
قيصر و خاقان رهن خدمتگذارِ خيرپور
(1).
نور محمد نظاماڻي جيڪو مير علي نواز جي شان ۾ قصيدو لکيو آهي
اهو هيئن ٿو شروع ٿئي:
ايا سرڪارِ عاليجاه، با حشمت حضور اعليٰ.
ڪنهن ڳالهه تان نور محمد نظاماڻي مير علي نواز جي خلاف ٿي پيو ۽
پنهنجي اخبار جي صفحن کي مير جي خلاف هجو ۽ گلا
سان ڀري ڇڏيائين. مخلص جي منع تي به هو ان روش کان
نه مڙيو پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ وڏو معرڪو متو ۽ ٻنهي
جي اخبارن جا صفحا هڪ ٻئي جي هجوسرائي لاءِ وقف ٿي
ويا. نيٺ مخلص مرحوم آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس جي
موقعي تي جيڪب آباد پهتو ۽ نور محمد جي خلاف
بدناموسي جو ڪيس داخل ڪيائين
(2).
ٻين جن صحافين سان مخلص جهيڙو اٽڪايو هو تن ۾ نواب خالقداد خان
”عاجز“ ايڊيٽر ”تنظيم“ شڪارپور، محمد هاشم مستوئي
ايڊيٽر ”رهنماء بلوچ“ ميرپورخاص جا نالا قابلِ ذڪر
آهن.
مخلص انهن پهرين شاعرن مان هو جن پنهنجي نثر توڙي نظم رستي سنڌ
جي مسلمانن ۾ قومي شعور ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ
لاءِ جدوجهد ڪئي. ”مسلمان“ اخبار جا صفحا ان ڳالهه
جي تائيد ڪن ٿا ته هن ان ۾ جيڪي نظم لکيا، اُهي
زياده تر صورِ اسرافيل جي ندا وانگر هئا، جن رستي
هن سنڌ جي مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ ٿي چاهيو. هن خلافت
تحريڪ وقت ترڪن جي ۽ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري
تحريڪ جي فائدي ۾ جيڪي نظم چيا هئا، تن کي ڏاڍي
مقبوليت حاصل ٿي هئي. هن رسائي ۽ لاپي خلاف به سخت
نظم لکيا هئا جنهن ڪري سرڪاري ڪامورن هن خلاف ڪيس
ڪري هن کي ڪجهه وقت جيل ۾ بند ڪرايو هو. هن ڪن
نظمن ۾ ”ڪرڙ“ جو تخلص به استعمال ڪيو آهي.
هو فطرتاً نهايت بذله سنج، حاضر جواب ۽ چرچائي هو، جتي به هوندو
هو ته اُتي هن جي گفتگو کان محفل پئي مرڪندي هئي.
هڪ دفعي ڪنهن وٽرنري ڊاڪٽر کيس جانورن جي اسپتال
پئي ڏيکاري، جتان گهمندي ڪتن وٽان اچي لنگهيا،
ڊاڪٽر صاحب مخلص کي چيو ته ”ڏسو ٿا، سرڪاري ڪتا
ڪهڙا آسودا پيا پلجن!“ مخلص برجسته جواب ڏنو ته
”انگريز سرڪار جي دور ۾ قدر ئي ڪتن جو آهي.“
شاعريءَ ۾ مخلص جي شاگردن ۾ جمع خان غريب، غلام احمد ”نظامي“ ۽
”سرشار“ عقيلي جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
پوين ڏينهن ۾ هن جي نظر ڪمزور ٿي وئي هئي، 2 فيبروري 1934ع
مطابق 16 شوال 1352 هه جمعي جي رات رت جي دوري
بيهي وڃڻ ڪري هي سنڌ جو بذله سنج ۽ ظريف شاعر
عالمِ بقا ڏي روانو ٿي ويو. کيس ميرپورخاص ۾ ميران
شاهه جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. مخلص مرحوم پنهنجي
وفات جي تاريخ رحلت کان ارڙهن ڏينهن اڳ ڪڍي هئي.
جنهن جي پوئين مصرع مان سن 1352 هجري نڪري ٿو.
ڪين ايندو جي مري مخلص دنيا مان ويو
(1).
1352 هه
مخلص جي وفات تي سنڌ جي ڪيترن شاعرن مرثيا لکيا ۽ قطع تاريخون
چيون هيون. حاجي محمود ”خادم“ لاڙڪاڻوي کيس هنن
لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو:
اڄ وري اي دل حزين نازل ٿيو رنج و ملال،
جو ڪري مخلص ويو دنيا مان هي هي انتقال.
خوش بيان، شيرين زبان هو، خوش قلم هو، خوش رقم،
اشعر الشعراءِ هو سو خوش خصال و خوش خيال.
هو سدا، عذب البيان، سحبان هو قربان مٿس،
نظم ۾ ۽ نثر ۾ ان کي هيو ڪافي ڪمال.
شعر تي هو ان جو قبضو، نثر تي قادر هيو،
افصح الفصحاءِ هو جنهن جو نه ٿيندو ڪو مثال.
قلم جي ٻيلي جو هردم سو ببر ڄڻ شينهن هو،
شعر جي هن شير کان، ڪيئي ڊنا شاعر شغال.
تير، ترڪش يا ڪمان، لٺ، لوڙهه تنهن کي ڪانه هئي
۽ نه ڪائي توب بم بندوق يا تلوار ڍال.
گرچه ظاهر ڪو سرو سامان تنهن کي ڪونه هو،
پر ڪيو جن ڀي شروع ان سان ڪڏنهه جنگ و جدال.
شير نر وانگر ڪري گجگوڙ يڪدم جوش سان،
دشمنن کي تنهن ڪيو، نوڪِ قلم سان پائمال.
ٿي وئي بزمِ ادب ۾ آهه اوندهه هن سبب،
شاعري جي ملڪ جي ٿيو ماهه ڪامل جو زوال.
عيسوي چوٽيهه سن تاريخ پهرين فيبروري،
هن گلِ باغ صحافت جو ٿيو حق سان وصال
(1).
-
هدايت علي نجفي سندس وفات جي تاريخ هيئن بيان ڪئي آهي.
چئو تون ”محمد هاشم مخلص ڪامل مآب“ سنِ رحلت
(1).
مولانا محمد پنوي (پنوعاقل) پارسي ۾ سندس وفات تي مرثيو لکيو
آهي جنهن جي مقطع ۾ تاريخ جو سال هنن لفظن ۾ بيان
ڪيو اٿس:
دعا کردم به حقش تيز در تاريخِ او گفتم
”که جنت منزلِ مخلص بود“ اين سالِ رحلت شد
(2).
1352 هه
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جنهن سان مخلص جو جهيڙو هو سندس وفات تي
عيسوي ۽ هجري ٻه قطعا لکيا آهن:
ويو گذاري سنڌ مان هڪ شاعرِ ضعيف،
يعني ضعيف عمر، جوان همت و لطيف.
مخلص اسان جو دوست هو دنيا ڇڏي ويو،
هو بذله سنج، اهلِ قلم، ناظم و ظريف.
جو ويو لڏي ڪثافتِ دنيا کان سو ڇٽو،
هن ۾ رهي لطيف به ٿي ٿا پون ڪثيف.
جڏهن ڪيو خيال سنِ عيسوي جو مون،
وئي نڪري وائي وات مان چيم ”مخلص ظريف“
1934ع
-
اڄ ڪيو دنيا مان عقبا ڏي سفر مردِ ظريف،
مخلصِ ممتاز بذله گو سخن سنجِ لطيف.
هو ظريف التبع، شيخ الشاعرين، رنگين مزاج،
سنڌ جو هڪ پيرسن شاعر سخن گوءِ ضعيف.
سال هجرت ”مخلص لاثاني“ رحلت جو چيم،
1352 هه
۽ وري هاتف چيم، چئو هي به ”انسانِ ظريف“
(1).
1352 هه.
-
مخلص جي شاعري کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو ظرافت ۽ مزاح، هجو
۽ گلا، سياست ۽ قوميت ۽ عشق و محبت. هن جنهن رنگ ۾
لکيو خوب لکيو. هو صاحبِ ديوان شاعر آهي، اها
ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته هن پنهنجي غزلن کي ظرافت ۽
هجو کان بلڪل پري رکيو آهي ۽ تمام ٿورن غزلن ۾
سياسي رنگ اٿس ۽ ڪن غزلن ۾ نعتون چيون اٿائين نه
ته سندس سمورا غزل ذڪر جانان سان ڀريل آهن. هن جي
غزلن جو رنگ پارسي شاعري وارو روايتي رنگ آهي،
جنهن ۾ پارسي شاعري واريون ساڳيون تشبيهون ۽
استعارا، ترڪيبون ۽ بندشون ملن ٿيون. جيئن ته هو
سانگي واري دور کان پوءِ به گهڻو وقت زندهه رهيو ۽
شاعري جي جديد لاڙن سان روشناس ٿيو تنهن ڪري سندس
ڪن غزلن ۾ نوان نوان مضمون نئون رنگ ۽ ڍنگ ملي ٿو.
هن جي غزلن ۾ زور ۽ رواني آهي. جنهن ڪري هن جا غزل
پراثر ۽ مزيدار آهن. هن جا غزل پنهنجي دور جي جمله
خوبين سان سينگاريل آهن.
ڪلام جو نمونو
(1)
هن قدر مون کي ناتواني آهه،
موئي سر کان به سرگراني آهه.
مون کي مصحف مان ان پري رو جي،
ياد هڪ لفظ لن تراني آهه.
ڪيئن نه ٿيان عاشقِ لب جانان،
چشمه آبِ زند گاني آهه.
آهه هر بيت يار جي تصوير،
فڪر منهنجو خيالِ ماني آهه.
ناصحا عشق ۾ تون رک معذور،
ڇا ڪريان عالمِ جواني آهه.
نه سندم زخم تي رکو مرهم،
منهنجي قاتل جي هي نشاني آهه.
شور ڇا لئه ڪرين ٿو مرغِ چمن،
ڪنهن جي تربت تي نوحه خواني آهه.
قد موزون جي عشق ۾ ”مخلص“،
روز شب شغل شعرخواني آهه.
-
فڪر وصل بتِ عيار ڪريان يا نه ڪريان،
آءٌ علاجِ دل بيمار ڪريان يا نه ڪريان.
الفتِ ڪاڪلِ دلدار ڪريان يا نه ڪريان،
دل کي آفت ۾ گرفتار ڪريان يا نه ڪريان.
روبرو يا ته دانهن کان ٿو دلگير ٿئي،
آهه و زاري پسِ ديوار ڪريان يا نه ڪريان.
ڳالهه خلوت جي مگر وقت نه خلوت جو ڏسان،
عرضِ مطلب سرِ بازار ڪريان يا نه ڪريان.
دام گيسو جو ته صياد پکيڙيو هرجا،
بلبلِ دل کي گرفتار ڪريان يا نه ڪريان.
يار چو خواب منجهان مون کي ڪنهن بيدار ڪيو،
پنهنجي آهن جو آءٌ اقرار ڪريان يا نه ڪريان.
خفتگانِ عدم آباد کي فرقت ۾ سندءِ،
نالئه غم سين آءٌ بيدار ڪريان يا نه ڪريان.
واهه اي ”مخلص“ هي خوب چئي تو مصرع،
يار سين شڪوههِ اغيار ڪريان يا نه ڪريان.
-
|