سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :3

 

 

سيد غلام علي شاهه

سيد غلام علي شاهه جي زندگيءَ جو ڪو احوال ملي نه سگهيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ ايترو لکيو آهي ته هن جا وڏا رڙي شهر جا رهاڪو هئا جتان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان ۾ ويٺا، سندس سلسلو شمس سبزواري ملتانيءَ سان ملي ٿو. سندس پويان شمسي ڪڙيوال سڏبا آهن. هن جي وفات ميرن جي ابتدائي زماني ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان هو خليفي گل کان اڳ جو شاعر آهي (1). شاهه صاحب وڏو عالم هو سندس پوين وٽ سندس ڪتب خاني جا چار سو ڪتاب محفوظ آهن. سندس ڪافين جو قلمي نسخو ”خاڪنامو“ تي سندس هٿ جي اکرن سان لکيل آهي، ”ٺاهيل سيد غلام علي شاهه شمسي ڪڙيوال 1213 هه (1798ع)“. سندس ڪلام ۾ غزل، مداحون، مناقبت، ڪافيون ۽ بيت ملن ٿا.

 


 

ڪلام جو نمونو (2)

 

پکيئڙا سڀ چمن ڏي ويا، هئا جي بند پڃري ۾،

مگر قسمت جهليو مون کي، اڃا هن هنڌ پڃري ۾.

نشاني باغ جي مون وٽ، صبا اڄ باغ مان آندي،

اصل هو برگ گل جو ٿيو، جبل الوند پڃري ۾.

وساريم نام تنهنجو ڪين هرگز، دل منجهان اي گل،

مون کي صياد ڪيو هرچند، بنديو بند پڃري ۾.

چمن ساريم وسريم سڀ، وطن جي ياد ۾ ڀانيان،

پيالو زهر قاتل جو، مٺو گلقند پڃري ۾.

هتي ٿا پاڻ ۾ گڏ ڪن، اهي گلگشت گلشن ۾،

هت آءٌ پابند پيو آهيان، ڀڳل پابند پڃري ۾.

ڀڄي پڃرو ٿيو پرزا، غلام علي آهه تنهن جي کان،

فلڪ تي دونهن ويا منهنجا، ٿيو انڌ ڌنڌ پڃري ۾.

 

خليفو گل محمد ”گل“

(1784ع-1856ع)

خليفو ميان گل محمد ولد آخوند ولي محمد تخلص ”گل“ هالن جي مشهور سانوڻيءَ ملن مان هو. خليفي ”گل“ جا وڏا اصل ۾ حضرت عليءَ جي ڀاءُ حضرت عقيل جي خاندان مان هئا. هن جو وڏو ڏاڏو محمد متين جو حضرت عقيل جي خاندان مان هو سو عربستان مان هجرت ڪري دهليءَ ۾ اچي رهيو، جتان 900هه ۾ سنڌ ۾ آيو. محمد متين جي خاندان جو هڪ قبيلو ٺٽي ۾ وڃي رهيو جو بعد ۾ عقيلي خاندان جي نالي سان سڏيو ويو. محمد متين جي اولاد مان آخوند ميان ولي محمد گهڻو مشهور هو جو هالن پراڻن ۾ اچي رهيو. آخوند ولي محمد کي ٽي پٽ هئا، خليفو گل محمد، شفيع محمد ۽ محمد (1) ۽ (2).

خليفي گل جو خاندان علم جي زيور سان سينگاريل هو. سندس خاندان ۾ درس ۽ تدريس گهڻي وقت کان جاري هو تنهن ڪري ڪيترا شاگرد هنن وٽان علم پرائي روشني وارا ٿي ويا، انهيءَ سبب ڪنهن ڪامل بزرگ چين ته اوهان جي علم جي پالوٽ سانوڻ جي مينهن وانگي آهي، ان کان پوءِ کين سانوڻي ملا يا آخوند ڪري ڪوٺيندا اچن (3).

خليفي ”گل“ جي ڪلام جي مطالع مان معلوم ٿو ٿئي ته عربي پارسي جو پاڻ ڄاڻو هو. ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو ”فارسي ۽ عربي چڱيءَ پر تحصيل ڪئي هئائين ۽ تصوف مان پڻ چڱي قدر واقف هو... ۽ طالب علمن کي به پڙهائيندو هو“ (1). هو هالن جي کيبرن ڳوٺ ۾ گذاريندو هو ۽ سندس مجازي نينهن جو ناتو به اتي ئي سرجيل هو (2).

خليفو ”گل“ پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ ڪنگريءَ واري جو مريد هئو، جنهن کيس خلافت جي پڳ عطا ڪئي جنهن ڪري خليفو مشهور ٿيو. کيس ٻه پٽ هئا جن مان ننڍو سندس حياتيءَ ۾ گذاري ويو باقي وڏو پٽ خليفو احمد پنهن جي والد جي وفات کان پوءِ به گهڻو وقت زندهه هو مگر کيس به پٽ جو اولاد ڪين ٿيو تنهن ڪري هن جي وفات کان پوءِ خلافت جي پڳ خليفي گل جي ڀاءُ شفيع محمد کي ملي.

خليفي گل کي حضرت محمد صلعم جن جي روضي مبارڪ جي زيارت ۽ حج جو گهڻو اشتياق هو، انهيءَ ارادي سان هو 1855ع ۾ بمبئي پهتو جتي هن پنهن جي مشهور تصنيف ”ديوان گل“ کي ليٿو ۾ ڇاپائڻ جو بندوبست ڪيو (3). پنهن جي ديوان جي ڇاپجڻ جي تاريخ هيئن بيان ڪئي اٿس.

 

ٿئو جڏهن ديوان گل پورو لکي،

سڀ ڏسي چئو آهي وهه وهه خوب خوب.

محمدي مطبع ۾ پوءِ محمد حسين،

ڇپئو چٽو آهي وهه وهه خوب خوب.

ورهه ڇاپڻ جو پڇئه دل کان درست،

چيائين چئو ”آهي وهه وهه خوب خوب.“

1275 هه

خليفي گل سان سندس پٽ خليفو احمد به بمبئي تائين گڏ هو پوءِ هو اتان واپس آيو ۽ خليفو گل حج لاءِ روانو ٿي ويو. پهريان مدينه منوره جي زيارت ڪئي پوءِ مڪي معظم ڏانهن رخ رکيائين پر واٽ تي ئي پساهه پورا ٿيس (1). سندس وفات جي تاريخ بابت ڊاڪٽر دائود پوٽو ڀيرومل ۽ لطف الله بدوي ان خيال جا آهن ته هن 1856ع ۾ وفات ڪئي.

خليفو گل پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي الف بي جي قافين تي ديوان تيار ڪيو. سندس ڪلام عروض جي ساهمي تي پورو ۽ بحر وزن ۾ پختو آهي. سندس غزلن ۾ ڪيترا اهڙا ٺيٺ سنڌي لفظ ڪم آيل آهن جي شاهه لطيف ۽ ٻين متقدمين شاعرن جي ڪلام ۾ به نٿا ملن هن ان جي باوجود ڪيترا پارسي ۽ عربي جا دقيق لفظ پڻ استعمال ڪيا آهن. هن پنهن جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو گهرو مشاهدو ڪيو هئو ان ڪري ان جو عڪس سندس غزلن ۾ گهڻو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هارين، نارين ۽ ٻين ڳوٺاڻن جي رهڻي ڪرڻي مان نهايت وڻندڙ ۽ سهڻيون تشبيهون ۽ استعارا بيان ڪيا اٿائين. ڊاڪٽر بلوچ چوي ٿو ”هن فني طور نج سنڌي غزل کي جنم ڏنو“ (1) ڪڏهن هو مجاز جي ميدان ۾ ڊوڙون پيو پائي ۽ ڪڏهن تصوف جي آسمان تي پيو اڏامي.

 

ڪلام جو نمونو (2)

ويڻ تنهنجو مون کي دلبر ٿيو مٺو ماکي جي ميٺ

ٻئن جي شاباس کان تنهن جي وڻي مون هيٺ ڦيٺ.

 

تو ڦٽي آ عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير،

پو رکي پنيون انهيءَ تي تون اچي دلدار چيٺ.

 

ٿيون وسن برسات جئن دائم اکيون آگم ڪيو،

تهڙيون منجهه آکاڙ سانوڻ تهڙيون ڪتي، تهڙيون ڄيٺ.

 

جي ڏئين توڻي نه ڏئين تون وجهه پنهن جي ديد جو،

تنهن جي نينهن جو نوڪر آهيان نروار نيٺ.

 

آءٌ جي مسڪين عاجز، آهيان پينو گدا،

مون کي پرواهه ناهه منهنجو تون آهين سردار سيٺ.

 

ڇا ڪريان قربان قاصد تان جو آيو دوست کون،

ساهه سر صدقو ڪيان ٻيو ناهي ڪي باالله بيٺ.

 

ٿيون اکيون رت هاري ڳاڙهيون، تن سڄو ٿيو لعل رنگ

توسان اي گل جنهن ڏهاڙي کان ٿي منهن جي آهه ڏيٺ.

 

---

الفت بنا ڳولڻ خدا، آهي عبث آهي عبث

محبت ڇڏي ٿيڻ جدا، آهي عبث آهي عبث.

 

ڏک کان حاصل سک ٿئي ري ڏک ڪهڙو منهن مک ٿئي،

حاصل جفا ڌاران صفا، آهي عبث آهي عبث.

 

ڌاران لڇڻ کامڻ پچڻ، هاڃي هڄڻ، جهوري جهڄڻ،

محبوب وٽ ڪا التجا، آهي عبث آهي عبث.

 

محبت وٽڻ پڙهين ڪنا، مصلحت پڇڻ چرين ڪنا،

ٻارڻ ڏيو انڌن اڳيان، آهي عبث آهي عبث.

 

پاڻي پڇائڻ رڃ ، سانگي ڏسائڻ سڃ ۾،

ري مينهن سانوڻ جي بنا، آهي عبث آهي عبث.

 

جنهن جي سخن کي ناهه سچ، وعدا ڪري جي قول ڳچ،

ڦولڻ وفا ڪوڙن ڪنا، آهي عبث آهي عبث.

 

گل ٿي فنا تان آب ٿئي، خوشبوءِ رنگ ۽ تاب ٿئي،

مرڻ بنا مالڻ لقا، آهي عبث آهي عبث. (1)

 

مير صوبدار خان

(1802ع – 1846ع)

مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان تخلص ”مير“ سندس والد ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي هئي ۽ سنڌ جو پهريون ٽالپر حاڪم هو. مير صوبدار ان وقت ڄائو هو جڏهن مير فتح جي حياتيءَ جو چراغ گل ٿيڻ وارو هو. هن جي منڊيءَ تي هيءَ سجع لکيل هئي:

”صوبدارم من از نبي و ولي“

هن جي چاچن جيڪي مير فتح علي کان پوءِ سنڌ جا حڪم ٿيا تن هن جي پرورش ڪئي. هن پيءُ جي وارث هئڻ جي حيثيت سان حڪومت ۾ ڀائيواري جي گهر ڪئي پر سندس چاچن اها ڳالهه قبول نه ڪئي، جنهن ڪري هن جي دل ۾ پنهنجن چاچن خلاف هميشه رنج رهندو هو.

سنڌ ۾ جڏهن سندس سوٽ مير نصير خان تي انگريزي فوجن چارلس نيپئر جي ڪمان هيٺ ڪاهيو ته پراڻي ڪدورت سبب هو انگريزن سان سازباز ڪندو رهيو ۽ مياڻي جي جنگ ۾ جنهن ۾ ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، هو غير جانبدار رهيو ۽ پنهن جي مائٽن جو ساٿ نه ڏنو. هن کي اميد هئي ته کيس جاگير ملندي پر نيپئر هن کي به ٻين ميرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ نظربند رکيو، جتي هن 1846ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش حيدرآباد کڻي آيا ۽ کيس خدا آباد ۾ پنهن جي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس وفات جي تاريخ مرزا محمد باقر هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي؛

بهرِ تاريخ وفاتش هاتفي از غيب گفت

”گوهرِ عمان مجدد جاهه رفت از اين جهان“ (1)

1262 هه

مير صوبدار پارسي زبان جو پرگو شاعر هو هن جا پارسي زبان ۾ خاص طرح شاعري ۾ ڪيترا ڪتاب آهن. هن جي پارسي ديوان ۾ جيڪو هڪ بنگالي ڪاتب منشي صيانت الله لکيو آهي، هڪ سنڌي غزل آهي جنهن جا سترهن شعر آهن پر جيئن ته اهو غزل هڪ اهڙي ڪاتب نقل ڪيو آهي جيڪو سنڌي زبان کان واقف نه هو تنهن ڪري ان جي پڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ڪجهه شعرن جون پڙهڻيون قائم ڪري پيش ڪجن ٿا:

 

ساقي مي رنگين ڏي تان يار تان صدقي ٿيان،

مکڙيون ٽڙي سڀ گل ٿيون، گلزار تان صدقي ٿيان.

 

جان جوشون ڏک کان ٿي، جيئن باهه کان ٽهڪي ٿي ديڳ

پنهن جي ڏک ۾ سڙي دل، جي هن سنسار تان صدقي ٿيان.

 

ڪڏهن جور و ستم توکي، ڪڏهن ميل مروت پڻ

انڪار تان صدقي ٿيان، اقرار تان صدقي ٿيان.

 

سوين يوسف ويا گم ٿي، انهي چاههِ زنخدان ۾،

مقرب ۾ زليخا جي اظهار تان صدقي ٿيان.

 

پنبڙي جي سپهه کي ڪيم غارت جو اشارو سخت،

اي ظالم تنهن جي انهي تبڪار تان صدقي ٿيان.

 

تپ کل کي ٿو ساڙي، دل کي ٿو ستم ڳاري،

ڏک ٿوروئي ڪافي آ، بسيار تان صدقي ٿيان.

 

هن نازڪ پيرن ۾ لڦ تان نه جتيءَ کان پئي،

سودو نه ڪري معشوق بيزار تان صدقي ٿيان.

 

ٻٻرن کان گهري ٿو ٻير، زر مون بکئي وٽ ڪاٿي،

ڇوڪر آهي منهنجو يار، تنهن آر تان صدقي ٿيان.

 

منجهه واٽ محبت جي عاشق جو ٿيو اونڌو سر،

آهي عشق جو الٽو ڪم، هن ڪار تان صدقي ٿيان.

 

مير نصير خان ”جعفري“

(1804ع – 1845ع)

مير نصير خان ولد مير مراد علي خان لقب فيض آثار تخلص ”جعفري“ ٽالپر خاندان جو آخري حڪمران هو. هو حيدرآباد جي قلعي ۾ تولد ٿيو هو سندس تعليم واسطي هڪ ايراني عالم اتاليق مقرر ڪيو ويو هو ان سان گڏ آخوند محمد بچل ”انور“ مٽيارين واري کي سندس استاد مقرر ڪيو ويو هو. هن جو سجعون هي هيون:

علي و حسين و حسن دستگير

خدا يارو ياور محمد نصير.

سزد گر نهد بر ثريا سرير،

کسي راک باشد محمد نصير.

 

هن جي منڊين جا ٻه پڙا مليا آهن جن تي لکيل آهي:

بندهه آل علي مير محمد نصير 1235 هه

امامم علي و محمد نصير 1257 هه (1)

”جعفري“ نه صرف شعر و سخن جو قدردان هو پر پاڻ به پارسي ۽ اردو جو شاعر هو. هن سنڌي زبان ۾ هڪ مرثيو ۽ ٻه غزل ۽ سرائيڪي زبان ۾ شعر پڻ چيا آهن (2) . ڪيترا شاعر سندس دربار سان وابسته هئا.

انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته هنن مير نصير خان ۽ ٻين ميرن کي گرفتار ڪري پهريان بمبئي ۽ پوءِ پوني ۽ ساسور ۾ قيد رکيو جتان کين ڪلڪتي وٺي ويا. جعفري ايڪيتاليهن سالن جي عمر ۾ انگريزن جي قيد ۾ ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي. سندس خواهش هئي ته سندس لاش ڪربلا ۾ دفن ڪيو وڃي مگر انگريزن ائين ڪرڻ نه ڏنو ۽ کيس حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن ۾ پنهن جي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس وفات تي ڪيترن شاعرن مرثيا لکيا، هت سندس وفات تي لکيل مرزا عباس جي تاريخ بيان ڪجي ٿي:

 

عدد هشت و چار کن تو مزيد

”قصر جنت نصيب و کريد.

1261 12  1249 هه

ڪلام جو نمونو

اعتماد هو جن عزيزن دوستن تي دائما

ويا ڇڏي گوندر گڏي تن کي نه هاڻي ياد ڪر.

 

آهي بي وطني ۽ دربدري ۽ پڻ قيد و بلا،

زندگي آهه زهر ڪا ياخدا امداد ڪر.

 

ڪم نه ڪيو آهي ستم مون تي نصارن، چرخِ پير،

توکي به جيڪي وڻي تون ڀي مٿم بيداد ڪر.

-

نه وڃي دل مان خيالِ رخِ جانان هرگز،

خانئه عيش نه ٿي خانئهِ ويران هرگز.

 

 

حسن وارن ۾ آهين تون شهِ خوبان لاريب،

تو مثل هوندو نه ڪو حسن جو سلطان هرگز.

 

ڪشورِ حسن پري روءِ جو قبضي ٿئي سندم،

مفت ۾ ڀي نه وٺان ملڪ سليمان هرگز (1).

--

مير شهداد خان ”حيدري“

(28 آگسٽ 1857ع)

مير شهداد خان ولد مير نور محمد خان لقب سرڪار بلند اقتدار تخلص ”حيدري“ پنهن جي والد جو وڏو پٽ هو، تنهن ڪري مير نصير خان پنهن جي خاندان جي راڄ رسم موجب هن کي سنڌ جي حڪومت ۾ شريڪ ڪيو. هن جي منڊين تي هيٺيون سجعون اڪريل هيون:

خاڪپاي مرتضيٰ شهداد خان 1249 هه

خاڪپاي مصطفيٰ و مرتضيٰ شهداد خان.

پنهن جي والد جي وفات کان پوءِ هن پنهن جي ننڍي ڀاءُ مير حسين علي جو ڪجهه حصو ڦٻائڻ ٿي گهريو تنهن ڪري ٻنهي ڀائرن جو جهيڙو ٿي پيو. نوبت ترارين تي وڃي پهتي. مير حسين علي جو طرفدار مير صوبدار ۽ احمد خان لغاري هئا ۽ مير شهداد خان جو طرفدار مير نصير خان هو. فساد کي وڌندو ڏسي مير صوبدار ڪرنل آئوٽ رام انگريزي ايجنٽ کي وچ ۾ پوڻ لاءِ عرض ڪيو، جنهن فيصلو ڪري جهيڙو ٽاري ڇڏيو.

انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي تڏهن هنکي به ٻين ميرن سان گڏ نظربند ڪري وٺي ويا. هن تي ڪيپٽن اينس (Enis) کي قتل ڪرڻ ۽ انگريزن جي ڪيمپ کي باهه لڳائڻ جا الزام هئا تنهن ڪري هن کي اڪيلي سر سورت ۾ نظربند رکيو ويو. لارڊ ڊلهائوزي مٿين الزام جي تحقيقات ڪري هن کي بي قصور ثابت ڪيو جنهن کان پوءِ هن کي ڪلڪتي ۾ ٻين ميرن سان گڏ نظربند ڪيو ويو جتي هن 1857ع ۾ وفات ڪئي، کيس حيدرآباد ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. مرزا حسن علي آقا بزرگ ”وفا“ سندس وفات جي تاريخ هيئن بيان ڪئي آهي:

از ”وفا“ تاريخ سال رحلتش جستم يگفتم

نام او تاريخ بس ”نواب مير شهداد خان“.

1284هه

مير شهداد خان حيدري پارسي ۾ گهڻي سخن سنجي ڪئي آهي. سنڌيءَ ۾ به سندس غزل ملن ٿا.

 

ڪلام جو نمونو (1)

حسن و جمال جو ٿيو سندم رشڪ ماهه ۾،

سو حسن سو جمال ناهي مهر و ماهه ۾.

 

زلفِ سيهه جو عڪس اکين ۾ سمايو جڏ،

عالم سياهه ٿي ويو منهن جي نگاهه ۾.

 

پهلو مان راهه عشق ۾ دل ويو کسي ڪوئي،

لٽجي ويس مان واديءَ الفت جي راهه ۾.

 

ايندو هو شوق تنهن جي اڱڻ هڪڙي ڏينهن ضرور،

اي حيدري جي آهه اثر تنهن جي آهه ۾.

 

مير حسين علي خان ”حسين“

(- 1878ع)

 

مير حسين علي خان ولد مير نور محمد لقب سرڪار دولت مدار تخلص ”حسين“ مير فتح علي خان فاتحِ سنڌ جي ننڍي ڀاءُ مير مراد علي خان جو پوٽو هو. سندس تعليم سٺي ٿي هئي هو پارسي ۽ عربي زبانن جو عالم هو. هي مير به انهن حڪمرانن ٽالپرن مان هو جن جي اکين اڳيان سندن حڪومت ختم ٿي ۽ کين قيد و بند نصيب ٿيو.

مياڻيءَ جي جنگ ۾ هو پنهن جي بزرگ مير نصير خان سان ساٿ ڏئي انگريزن سان وڙهيو ۽ نظربند ٿي ڪلڪتي پهتو. هن جون سجعون هي آهن:

کرد روشن ز فيض لم يزلي

آفتابِ جهان حسين علي.

بروز حشر مددگارِ او علي ولي،

زفيضِ نور محمد زهي حسين علي (1).

1859ع ۾ لارڊ دلهوزي وائسراءِ هند جي حڪم موجب ميرن کي سنڌ واپس وڃڻ جي اجازت ملي ۽ هو وطن واپس موٽي آيو. کيس گذران لاءِ جاگير ۽ ٽي هزار روپيه پينشن ملي. هن حيدرآباد ۾ گدو جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ آباد ڪرايو ۽ اتي رهڻ لڳو. جتي 1878ع ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جون تاريخون ڪيترن شاعرن ڪڍيون هيون. آخوند احمد ملا سانوڻي هالائي تاريخ هيئن بيان ڪئي آهي.

بميم محمد بالف امام

محمد حسين علي جنتي است (1)

1254   41   1295 هه

مير حسين علي پارسي ۽ اردو جو سٺو شاعر هو. هن سنڌي غزل ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر مليا آهن جي هي آهن:

 

ڪلام جو نمونو

 

اڄ وري موسم بهار آيو،

جو چمن ۾ هو گلعذار آيو.

 

تون اچي جڏهين ويٺين پهلو ۾،

دلِ بيتاب کي قرار آيو.

 

هن ڏسي منهن جي طائرِ دل کي،

ٿي چيائين سندم شڪار آيو.

 

ان کي محفل ۾ ڪنهن چيو اي ”حسين“

ڏس تنهنجو هو جان نثار آيو.


(1) غلام علي الانا خواجه ”لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ“ ص 202 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1977ع.

(2) غلام علي الانا خواجه ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ص 202 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1977ع.

(1)  عمرالدين محمد دائود پوٽو، ”سرها گل“ ص 25، دي ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي 1934ع

نوٽ: محمد صديق ميمڻ ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ خليفي گل جي ولادت جو سال 1808ع لکيو آهي، جنهن تان خليفي گل جي حياتي بابت ٻين احوال لکندڙن اهو سال ورتو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو پنهن جي ڪتابن ”سرها گل“ ۽ ”سنڌي نظم“ ۾ سندس ولادت جو سال 1784ع ڏنو آهي ٻين جي ڀيٽ ۾ اهو صحيح تسليم ڪري، هتي ڏنو ويو آهي.

(2) ”نئين زندگي“ ماهوار ص 9، ماهه جون 1956ع، شيخ محمد ابراهيم خليل ”خليفي گل محمد هالائي جي شاعري“.

(3) ”ديوان گل“ ص 1، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 1933ع عبدالغفور هالائي ”حالات“.

(1) عمرالدين محمد دائود پوٽو ”سرها گل“ ص 25، دي ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچي 1934ع

(2) محمد صديق ميمڻ ”تاريخ سنڌي ادب“ جلد ٻيو، دفعو ٻيو، ص 189، آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد، 1960ع.

(3)  لطف الله بدوي ”تذڪره لطفي“ جلد ٽيون، ص 418، آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد 1953ع

(1)  ڀيرومل آڏواڻي ”سنڌو“ ماهوار ص 3، ماهه ڊسمبر 1938ع ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”خليفو گل محمد ۽ ديوان گل.“

(1) ”ديوان سانگي“ ص 60، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع.

(2)  ”ديوان گل“ ص 23 ۽ 1، سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1933ع

(1) ”ديوان“ قلمي ملڪيت مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد.

(1)  ”نئين زندگي“ ماهوار ص 33، ماهه نومبر 1954ع گل حسن ڪربلائي مرزا، مضمون . ”مير مراد علي خان جو علمي شوق“.

(1)  حسام الدين راشدي سيد، ”تڪلمه مقالات الشعراءِ“ ص 111 سنڌي ادبي بورڊ 1958

(2)  نئين زندگي ص 32، ڊسمبر 1954، گل حسن ”مير نصير خان جو علمي شوق“

(1)  نئين زندگي ماهوار ص 24، ڊسمبر 1954، گل حسن احسن ڪربلائي مرزا ”مير نصير خان جو علمي شوق.“

(1)  نئين زندگي ماهوار ص 16، ماهه فيبروري 1955ع، گل حسن احسن ڪربلائي مرزا، ”مير شهداد خان ٽالپر جو علمي شوق.“

(1)  نئين زندگي  ص 16، ماهه فيبروري 1955ع، گل حسن احسن ڪربلائي مرزا، ”مير شهداد خان ٽالپر جو علمي شوق.“

(1) ايضا، سال 1956ع، ص 19.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org