ڪلام جو نمونو
خوبرو دنيا ۾ آهن صد هزار،
يار گل رخسار جا اوصاف ڌار.
رم ٿيا سان هڪ نظر وحشي ظبي،
مست مخمورن اکين تي هوشيار.
دور گر آهيان نظر کان ظاهري،
ليڪ باطن ڀانئيان نزديڪ يار.
اصل کان جو وصل سان خوگير هو،
يا خدا مهجور سو ميڙي ٻيهار.
قصد ڪيچي قافلي سالار جو،
ڏس نه ڏي ڏهنگر ڪٿي توڏن تنوار.
نامرادن تي نوازش جو نگاهه،
وصف ان جي نام جي ڪن نامدار.
آب دريا جان رکي جاري ڪرم،
باب تي ان جي اڃايل بيشمار.
درد وارن جو وٽس دائم هجوم،
آهه بيٺل چارهه سازي نئي قطار.
نخل هستي ڪن برومندش لطيف،
ياد ٿئي تو شيخ سان، منهن جي پچار
(1).
خواب ۾ يار جو ڏٺم درشن،
جان ۽ مال گهوريان تن من.
محب مشتاق سان مَ ڪر ماڻا،
دردمندن جي آهه کان ڪر جتن.
تپ وڇوڙي جو ٿو مون کي ماري،
ور مسيح آهه نيم جان برن.
زلف يا آبنوس يا غير،
شرم کان روسياهه مشڪ ختن.
ڪشتي ابروءِ موج چين بجبين،
غبغبش ورطه، چشم طوفان زن.
عشق جو علم بحر بي پايان،
عقل جي ناخدا جو زور شڪن.
هڪ ڊيڄارن ڪنن سندا ڪڙڪا،
ٻي نه ٻيڙي، ٽيو نه ونجهه نه ڳن.
لڳ خدا پار ڪر او ڪشتيبان،
هن مهجور کي پساءِ وطن.
ڪر تسلي ڪلي ”لطيف“ گدا،
هٿ کان شاهه جي نه ڇڏ دامن
(1).
-
عبدالواحد ”سائل“
عبدالواحد تخلص سائل پنهن جي وقت جو پرگو شاعر ٿي گذريو آهي. هو
1878ع ۾ ٻهارا ۾ هيڊ ماستر هو. مولوي دين محمد
وفائي هن جي لاءِ ٻين شاعرن سان گڏ لکي ٿو،
”تيرهين صدي هجري ۾ سنڌ ۾ وڏا نامور شاعر پيدا ٿيا
جي پارسي شعرن سان گڏ سنڌيءَ جي به خدمت ڪندا رهيا
جن مان غلام محمد شاهه ”گدا“، مولوي غلام محمد
(پير جهنڊي وارو)، مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“
ٺٽوي، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“، آخوند
عبدالواحد ”سائل“ حيدرآبادي، خليفو ”قاسم“ حافظ
حامد وغيره زنده جاويد شاعر آهن“
(1).
مولوي وفائي جي تحرير مان معلوم ٿو ٿئي ته ”سائل“ زندهه جاويد
شاعر به آهي ۽ حيدرآبادي به آهي.
هو خاندان نقشبندي جو مريد هو. هن غزلن کان سواءِ مثنوي يوسف
زليخا به لکي هئي جا ڇپجي چڪي آهي.
محمد هاشم مخلص پنهن جي نوجواني واري شاعري جي شروعاتي دور ۾ هڪ
غزل جنهن جو مطلع ۽ مقطع هيٺ ڏجي ٿو، عبدالواحد
”سائل“ ڏانهن ڏياري موڪليو هو.
مشتاق ٿيس يار تنهن جي جلوهه گري جو،
هرگز نه اٿم شوق ڪنهن حور پري جو.
ڏيکار ذرا جوهر شمشير زبان جو،
هي موقعه مخلص ٿيو سندئي ناموري جو.
”سائل“ امتحاناً هڪ غزل جوڙي مخلص ڏي موڪليو، جنهن جا ٻه شعر هي
آهن:
يارب وراءِ وارو ورائي وصال جو،
آهيان ڏڌل ڏکويل هجر و ملال جو.
ڪنهن طرح زندگاني پنهن جي بسر ڪري،
هي مرغ نيم بسمل تنهن خط ۽ خال جو.
”مخلص“ سائل جي جواب ۾ جيڪو غزل موڪليو تنهن جو مطلع آهي:
هي ٿيو نشان عشق ڪدورت مال جو،
تربت تي منهن جي ڍير ٿيو گرد ملال جو.
(1)
ڪلام جو نمونو
هي امالڪ دل اڙي دلدار سان،
سروقد سيمين بدن سردار سان.
ڇو نه سورن ۾ سڙي آهون ڪري،
جنهه اڙائي اک اڙانگي يار سان.
درد دل جو هاءِ ڪريان ڪيئن بيان،
ٿي مقابل شڪرين گفتار سان.
ٿو رقيبن جو ڏسان هرسو هجوم،
جي نه ساعت گڏ سهن دلدار سان.
ڪهل جوڳي هجر ۾ حالت سندم،
چئو صبا تون ويڄ تنهن وينجهار سان.
سال سڪندي ٿيام تولئي هوت هاڻ،
ڪر نه ماڻا مون نڌر نادار سان.
رشڪ کان سينو جلي ٿئي داغ داغ،
ويل جنهن ساجن وهين اغيار سان.
وصل لئي تنهن جي سدا ”سائل“ سوال، ٿو رکي قادر قوي ڪتار سان
(1).
-
گلستان سبز ٿيا چوڌار ٿيو هٻڪار گلگل ۾،
خوشيءَ ۽ ناٽ نخري جو پيو ڀڻڪار بلبل ۾.
زمرد رنگ ٿيو صحرا، شدهه صحن چمن دلچسپ،
چتون قمريون هڻن جهمريون، پکي پيا شور غلغل ۾.
ڏسي بلبل سندا نخرا، ڪري جا گل مٿي هر دم،
پوي منٺار جاني يار تنهن جي سار پلپل ۾.
اهائي آرزو آهي مدامي، مون سندي دل ۾،
ڏکويل حال جا دفتر سڻايان هوند محفل ۾.
رقيبن روڪ ڪي رانا، ڇڏن مون کي نه سي کاڻا،
ڪريان دل زار جو اظهار هئه هي ڪيئن محفل ۾.
جياپو جيءَ جڏي جو آهه آواز جرس يارو،
مثال قيس ٿي مفتون رکان ٿو چشم محمل ۾.
وڃي پئي ور وراڪن ۾ ورائڻ کان ويم دلڙي،
سندر خاطر سندو مسڪن ٿيو خمدار ڪاڪل ۾.
رهيا جي عشق کان اوکا حياتي تي تني جي حيف
سري جن سرڪ ساقي کان، هلن سي مرد منزل ۾.
ببايد نقد جان ايثار ”سائل“ برسرين مصرعه،
جڳائي ”عاصيا“ توکي رهڻ صبر و تحمل ۾.
اجابت لاءِ ”خاطي“ کان، ڪيم سبقت غزل هن جي،
نڄاڻا سو صراحيءَ تي ڪڏهن آڻيندو قلقل ۾
(1).
هي غزل ”سائل“ ”عاصي“ جي غزل جي جواب ۾ لکيو آهي ۽ خاطي کي غزل چوڻ لاءِ
هرکايو اٿائين.
-
عبدالله ”راهي“
عبدالله ذات جو مهر
(2)
تخلص ”راهي“ لکوي شڪارپوري هو. مرتضائي هن کي پنهن
جي غزلن ۾ گهڻو ياد ڪيو آهي جنهن مان سمجهجي ٿو ته
هن جي مرتضائي سان دوستي هئي. مرتضائي، غلام محمد
شاهه ”گدا“ سان جيڪو جهيڙو ڪيو هو ان ۾ ”راهي“
مرتضائي جي ڌر هو. هن جا ماستر امام بخش خادم
شڪارپور واري سان به دوستانه تعلقات هئا.
ڪلام جو نمونو
عشق آتش ٿي اندر ڌونڪي ڌپي
صبر سامان ٿو سڙي چونڪي چپي.
آسمانِ دل تي اڀريو سور سج،
تاوَ تنهين جي کان سدا ٿو تن تپي.
عشق جو درياءُ اونهون گهڻو،
ڪو مهاڻو نا سگهي ماپي مپي.
راهه ۾ گپ چڪ اڻاوا لاهه چاڙهه
رهنما ريءَ سوار جو گهوڙو ڳپي.
چيٺ سان هل، پڻ چڱي پرچست ٿي،
آرسي اوراق رک ٺهه پهه ٺپي.
يار گل رخسار جي مون وٽ اچي،
دل ٽپي جيئن گل اتي بلبل ٽپي.
”لطف“ مصرع تو سندي دل سان لڳي،
رمز رانجهن جي نه ڪنهن ڇند سان ڇپي.
”راهيا“ الفت رکي الله سان،
جهدڪر ڪي وٺ جواني ۾ جهپي
(1).
-
گل محمد ”گلڻ“
گل محمد ولد يوسف لونگائي ٺٽوي تخلص ”گل ۽ گلڻ“ پنهن جي دور جو
سٺو شاعر هو. مرتضائي پنهن جي غزلن ۾ جن شاعرن جو
ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ ۾ هن کي هيئن ياد ڪيو آهي.
گلشن خيال ۾ ڏس ”گل“ کي رسي خزاني،
”رعنا“ بباغ راحت نازڪ نصيب ڏسجي.
ڪلام جو نمونو
ڪير توکي ٿو چوي تان پنهن جي يارن ۾ ته ڳڻ،
خاڪِ پا سمجهي تون پنهن جي خاڪسارن ۾ ته ڳڻ.
شمعر و پروانه جان آهيان توهان جي منهن تي محو،
ڄاڻ دلسوزن ۾، يا تون جان نثارن ۾ ته ڳڻ.
مست آهن نشئه پندار ۽ دنيا جا دوست،
هوش وارا تون تنين کي هوشيارن ۾ ته ڳڻ.
عشق جو ڳجهه ڪاٿي ٿو، نيڻن جي لڙڪن ۾ لڪي،
راز سانڍيو ٿو گهمان تون رازدارن ۾ ته ڳڻ.
سوز ۾ سائل هدا هردم رهي مخمور مست،
ڀال سان مون کي ڀلارا عرضدارن ۾ ته ڳڻ.
اي گلڻ تسبيح کي ڪر دور راههِ عشق ۾،
داڻ ڳوڙهن جي کي تون پنبڻن جي تارن ۾ ته ڳڻ
(1).
-
فصيح
فصيح هن شاعر جو نالو آهي ۽ هن بابت وڌيڪ معلومات ملي نه سگهي
آهي. سنڌ سڌار ۾ نه صرف هن جا غزل ملن ٿا پر ڪيترن
شاعرن جي غزلن تي هن غزل چيا آهن ۽ ڪيترن شاعرن هن
جي غزلن تي غزل چيا آهن. هن جي غزلن ۾ غزل واريون
سموريون رعنايون ۽ رمزون سمايل آهن.
ڪلام جو نمونو
ڏي صبا آڻي سنيهو يار جو،
دوست دلبر دل گهري دلدار جو.
ٿو وجهان فالون نهاريان چوطرف،
ڪو لوين ڪانگل پرين جي پار جو.
روز شب جيئن درد مان دانهون ڪيان،
تئن مچي ٿو مچ اندر آزار جو.
هوت لئه هر هر هنجون هاري ڪيوم،
ورد تجري تحتها الانهار جو.
هجر جي هانڃي ڪيو مون کي هلاڪ،
ڪو دلاسو دوست جي ديدار جو.
ڪا اٿو منهن جي مسيحا جي خبر،
حال ڪونهي برهه جي بيمار جو.
جي اچي پيرا ڀري پر تون پڇي،
ٿئي اپر احسان هڪ هڪ وار جو.
ٿي فنا في الله فرقت ۾ فصيح،
ناهه ڪو واقف انهي اسرار جو.
-
محمد عثمان ”عثمان“
مخدوم محمد عثمان کور واهه ضلع حيدرآباد جو ويٺل هو. ڪڏهن ڪڏهن
سخن سنجي ۽ غزل سرائي ڪندو هو.
ڪلام جو نمونو
(1)
دلاسو ڪو ڏيو دل کي – اچي اي دوست دلدارا،
لقا ڏيکاريو ماکي – اچي اي دوست دلدارا.
ڏسڻ سان تنهن جي اي جاني – ڪئي مون جان قرباني،
نه تنهنجو آهه ڪو ثاني – ڪٿي اي دوست دلدارا.
به پيشت مي کنم زاري – بکن مارا تو غمخواري،
ڏيو ڪا هاڻ دلداري – اچي اي دوست دلدارا.
ڪريان تو لاءِ ٿو دانهون – منجهان دل درد جي آهون،
سڻو منهنجون اوهان دانهون – اچي اي دوست دلدارا.
تنهن جي نازن مون کي ماريو – سدا تن آهيان ساڙيو،
پيالو مي محبت ڏيو – اچي اي دوست دلدارا.
سڪي تو لئه پيو ”عثمان“، هنيو جنهن کي تو آهي ڪان،
ڪرئو تنهنجو اچي درمان، اچي اي دوست دلدارا.
-
يار محمد ”قانع“
ميان يار محمد تخلص ”قانع“ 1878ع ۾ شڪارپور ۾ ورنيڪيولر اسڪول
نمبر ٻي ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ماستر هو. پنهن جي وقت جو
سٺو شاعر هو سندس غزل ۾ رواني ۽ رس آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
حال هيڻون سندم خدا ڄاڻي،
ڪين دلدار بيوفا ڄاڻي.
هجر جي گهاو آ وڌو گهائي،
دوست هن درد جي دوا ڄاڻي.
هن سفاڪ کان ڊڄو يارو،
خون عاشق سندو حنا ڄاڻي.
لاءِ گل جي رئان، کلن اغيار،
قدر بلبل جو زاغ ڇا ڄاڻي.
خون خسته دلن سندو ساجن،
آب شيرين ۽ صفا ڄاڻي.
نيم بسمل نمود عشق او
قتل عاشق سندو روا ڄاڻي.
موٽ پارس پنهل پياسي جا،
سور سر تي سندم نڪا ڄاڻي.
جي ڪڍيئه ڏک فراق ۾ قانع،
سي سڀيئي محب مهه لقا ڄاڻي.
-
يا الاهي حبيب کي آڻج
نور نرمل نجيب کي آڻج.
گلبدن و گل رخ و ڳل گلزار،
خوش الحان عجيب کي آڻج.
هجر جي درد جي دوا جنهن وٽ،
يا خدا تنهن طبيب کي آڻج.
منجهه گلشن کليا هزارين گل،
زودتر عندليب کي آڻج.
ساڻ ”قانع“ مليو اچي مهه وش
اڄ نه رهزن رقيب کي آڻج
(1).
-
قاضي عبدالوهاب ”خاطي“
قاضي عبدالوهاب تخلص ”خاطي“ جهانگارا تعلقه سيوهڻ جو ۽ پنهن جي
دور جو شيرين زبان شاعر هو. سندس غزلن ۾ ٻاهرين
رنگ سان گڏ مقامي رنگ پڻ آهي.
ڪلام جو نمونو
اڻانگي عشق بيشڪ جوش ٻاريو ٿي،
مگر آخر نتيجو نيڪ ڌاريو ٿي.
ڏسو فرهاد هو حيران مٿي شيرين،
جبل کي جنهن ڪهاڙي ساڻ ڏاريو ٿي.
محبت عشق ۾ مجنون موهيو ٿي،
جڏهن ليليٰ سندو هن زلف ساريو ٿي.
عمر آندي، ڪري باندي، مئي ماندي،
وطن پڻ مارئي سرتيون سنڀاريو ٿي.
رٺو راڻو ڏسي ڀيڻن سندو ڀاڪر،
تڏهن مومل ڳلن تان آب ڳاريو ٿي.
هٿان ليلان پئي ڇو پوءِ ليلائي،
چنيسر ڪانڌ ڪونرو سان قراريو ٿي.
ڏسي صورت بديعل جي وڃي سيفل،
قضا جو سڀ ڪشالو پاڻ ٻاريو ٿي.
-
شير محمد قريشي
ميان شير محمد قريشي جيڪب آباد جي سول ڪورٽ ۾ سرشتيدار هو، جو
وطن شڪارپور هو. پارسي ۽ سنڌي ٻنهي زبانن ۾ شاعري
ڪندو هو. هن جا غزل مفرح القلوب ۽ سنڌ سڌار ۾ شايع
ٿيندا هئا.
ڪلام جو نمونو
پسي گل رخ ٿيو پاڻي، ٿي نرگس نظر سان فاني،
هلي صورت جو لاثاني، جڏهن بستان ۾ آيو.
حسن جي تاب ڪئي تابش آيا ماڻهو سي منجهه ڪرمش،
قمر ۽ شمس قرباني، جڏهن رخشان ۾ آيو.
هڻي ٿو ٻاڻ نيڻن جا، ڦٽي سينا ٿو ڪوپن جا،
بهادر جنگ جو باني، جڏهن ميدان ۾ آيو.
ڀرن جي سيف سڀ گهايا، ڪمندِ زلف جڪڙايا،
لڳي حملن جي حيراني، جڏهن جولان ۾ آيو.
ڏنو دلبر دلاسو مون، ملڻ تنهن جي نوازيو مون،
ڪري مون تي مهرباني، جڏهن احسان ۾ آيو.
شير محمد ”شائق“ احمد جو، صاحب لولاڪ سرور جو،
جنهين لئه ذڪر رحماني ڏسو فرقان ۾ آيو.
(1)
-
|