ميان وڏل ”حيدري“
(1861ع – 1921ع)
مشهور ولي ابو ريحان سلطان غياث الدين عرف ”شيخ ريحان“ جي نسل
مان محمد يوسف يوسفاڻي جي اولاد مان هو. شيخ ريحان
جو اصلي نالو چنيسر هو چون ٿا ته اتفاق سان ڪنهن
وقت هن وٽ شيخ رڪن الدين ۽ مخدوم لعل شهباز اچي
نڪتا ۽ کيس ماني، کير ۽ ماکي کارائڻ لاءِ زور
ڀريائون
(1).
هي خاندان علوي ۽ قادري مشهور آهي. سانگي چوي ٿو:
”قادري“ و ”علوي“ ٿيو وڏل نالو سندس،
نظم جنهن جا دل نواز ۽ آهي سو صوفي سچار.
ميان وڏل جو اصل نالو محمد يوسف هو پر ماڻهو ۽ مريد کيس عزت ۽
پيار کان ميان وڏل ڪوٺيندا هئا، تخلص ”حيدري“
اختيار ڪيو هئائين. هو سعيدپور جي ڳوٺ ضلع
حيدرآباد ۾ ڄائو هو. هن کي سنڌي ۽ پارسي جي سٺي
تعليم مليل هئي، هن طب جو خاص مطالعو ڪيو هو تنهن
ڪري طب ۾ مهارت حاصل هئس ۽ پنهنجي دور جو ڪامياب
حڪيم ليکيو ويندو هو. سٺ ورهين جي عمر ۾ وفات
ڪيائين کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. هو قادري
طريقي جو پوءِ لڳ علوي نسبت مان هئو تنهن ڪري پاڻ
کي ”علوي القادري سعيد پوري حيدري“ لکندو هو.
حيدري سانگي جو ننڍو همعصر ۽ شاگرد هو. حيدري پنهنجي هڪ اردو
شعر ۾ چوي ٿو:
اپنا استاد حيدري هم تو
مير ذوالاحتشام ليتا هون.
مير عبدالحسين سانگي جو ساڻس گهڻو پيار هو، جنهن جو بيان سانگي
پنهنجي غزلن ۾ ڪيو آهي.
دل منهنجي آهي آتشِ فرقت کان دمبدم،
اي ”حيدري“ هميشه تپان صورتِ پسند.
ويهي رهيو وطن ۾ وڃي ”حيدري“ وري،
هن باوفا به هاڻ ڪيو ڪم ڪلال جو.
حيدري وقت به وقت اچي سانگي جو ميهمان ٿيندو هو ۽ سانگي جڏهن
مهراڻن جي ڪيٽي ۾ ويندو هو ته سعيدپور ۾ حيدري جو
ميهمان ٿيندو هو.
هينئر ميان وڏل تنهنجي وطن کي آءُ آهيان ويجهو،
اچي جو قرب مان ڪيٽيءَ ۾ ٿو مونکي نهاري جو.
حيدري جو شاعري ۾ ڪيترو درجو بلند هو ان جو اندازو انهيءَ تعريف
مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪا سندس دور جي شاعرن هن جي
ڪئي آهي.
سانگي:
شعر گوئي ۾ حيدري هرجا،
مثل خورشيد آشڪار آهي.
حيدري آهي بي مثل شاعر،
نام جنهن جو ميان وڏل آهي.
حامد:
اسان حيدري سان رکي آشنائي،
ڀلي جي ڏسي ڀر ڀلاري عزيزو.
مرتضائي:
مون مرتضائي عبد کي نصف الوصال لاءِ،
ڪر حيدري ڪي شعر روانا نوان نوان.
حيدري صاحبِ ديوان شاعر آهي، سندس ديوان سندس پوين کان هيٺ مٿي
ٿي ويو آهي. سندس صرف ٻه شعر هٿ اچي سگهيا آهن، جي
هن گدا ۽ سانگي جي تعريف ۾ چيا آهن.
غلامِ محمد گدا خوب سيد،
انهيءَ نظم جي خوب بازر بنائي.
عجب طرز سان مير عبدالحسين خان،
رکي رمز سڀني سان سرسي سوائي
(1).
-
مخدوم محمد ابراهيم هالائي ”صوفي“
(1861-11ع فيبروري 1913ع)
(15 ذوالحج 1281 هه – 4 ربيع الاول 1331 هه)
مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي تخلص ”صوفي“ هالن جي مشهور صوفي بزرگ
مخدوم احمد هالائي جي اولاد مان هو، جنهن تي نيرون
ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع دوران سوناري ڇوڪري جي بيت
جو ايترو اثر ٿيو هو جو سندس روح هن خاڪي پڃري مان
پرواز ڪري ويو هو
(2).
مخدوم محمد ابراهيم ڪامل ۽ عامل صوفي شاعر ٿي گذريو آهي
(3).
سندس تعلقات پنهنجي وقت جي گهڻن شاعرن سان دوستانا
هئا، جن ۾ سيد محمد شاهه مجتبائي ڪاظمي لڪعلوي ۽
محمد هاشم مخلص جا نالا قابلِ ذڪر آهن. پنهنجي
شعرن ۾ کين هيئن ياد ٿو ڪري:
ادا اي حضرتِ عاليجنابِ مجتبائي شاهه،
خدا شل ائين ڪري جيئن تون رهين راضي سدا مون کان.
-
ڇا ٿيو جي مڃين نه مخلص کي،
هم صفيرن ۾ پر سو آهه سباق.
-
اڄ سخندانن ۾ سالم ۽ صفا سهڻو سٺو،
منهنجي مخلص جو ڏٺم سڀ شعر شڪربار شوخ.
”صوفي“ جي پنهنجي شهر جي هڪ شاعر حافط علي اڪبر سانوڻي قريشي
سان ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. هن پنهنجي هڪ غزل ۾
علي اڪبر جي ڪلام تي چوٽ ڪئي آهي، جنهن جا ڪجهه
شعر ملاحظه ڪريو:
ڪنهن نه قامت سان ستون ۽ علم جو آندو مثال،
اي يقيناً ياوه گوئي تنهنجي ڏس تڪرار آهه.
منهن منور کي ڏئين ٿو شمع سان تشبيهه تون،
احمقي اي آهه جو هو نور ۽ هي نار آهه.
فن سخنداني جو سوکو ناهه اي اڪبر ادا،
علم جي ۽ عقل جي ات دوستا درڪار آهه.
صوفي جي تصنيفن ۾ شهيدِ محبت، نيڪيءَ جو نتيجو، بديءَ جو ڦل،
گلستانِ ولايت (نثر ۾)، غزلن جو ديوان، سڀ قلمي
صورت ۾ سندس پوين وٽ موجود آهي. محمد صالح ڀٽي
صوفي جو فرزند هو، جنهن سنڌي ادب ۾ چڱو نالو پيدا
ڪيو هو.
ڪلام جو نمونو
(1)
عبث اي آسمان هي ڇا ستم آهه،
جدا مون کان ٿيو منهنجو صنم آهه.
منهنجو جاني گهٽيءَ جنهن ۾ گذاري،
اسان جي لاءِ او باغِ ارم آهه.
صبا ساري پرين کي سو سڻائج،
ڪيو جو عرض عاجز دمبدم آهه.
اوهان جي عشق ۾ اي رشڪ يوسف،
وساري مون ڇڏيو ديرو حرم آهه.
هزارين حڪمران حاڪم هليا ويا،
ڪٿي دارا، سڪندر، جامِ جم آهه.
ڌڻي مهرِ حجاز جو کفيم عشق،
اهو ”صوفي“ جو بس دين ۽ ڌرم آهه.
-
جي ساغر صبوحي زپيرِ مغان،
ڏني سر ملي تان سهانگو اٿو.
ملڻ سخت مشڪل آ محبوب جو،
اگر ساهه ۽ سر جو سانگو اٿو.
نه آيو نياپو نه خط ۽ خبر،
نه آيو ڪبوتر نه ڪانگو اٿو.
-
دل ۾ رهي اکين ۾ رهي جان ۾ رهي،
مهمان مهربان سو رهايان ڪٿي ڪٿي.
پهلو ۾ آ، جگر ۾ ۽ سيني ۾ درد آهه،
اي چاره گر تون چئو ته ٻڌايان ڪٿي ڪٿي.
لب، خال، چشم و زلف جا آهن هزار درد،
هي نقد پنهنجي دل جو لڪايان ڪٿي ڪٿي.
-
ليلارام وطڻ مل ”خاڪي“
ليلارام وطڻ مل تخلص خاڪي حيدرآباد جي لعلواڻي عاملن جي خاندان
مان هو، هو جڊيشل کاتي ۾ سول جج هو. هن جا خيال
صوفيانه، ويدانتي ۽ نانڪ پنٿي هئا. پينشن وٺڻ کان
پوءِ حيدرآباد شهر جي نانڪ پنٿين جو اڳواڻ ليکبو
هو
(1).
هن خالصا پنٿ اختيار ڪيو ۽ ان جو پرڌان (صدر) ٿيو
هو. خالصا پنٿ اختيار ڪرڻ کان پوءِ هو پاڻ کي
ليلارام سنگهه سڏائيندو هو. هن ”گرو گرنٿ“ جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو جنهن کي ”سک ۽ سنگهه سڀا“
وارن شايع ڪيو هو.
سنڌ ۾ پهرين ڊراميٽڪ سوسائٽي ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايميچوئر
ڊراميٽڪ سوسائٽي“ جي نالي سان 1894ع ۾ قائم ٿي.
ڪاليج ناٽڪ منڊلي (ڊراميٽڪ سوسائٽي) جو پهريون
مکيه ناٽڪ نويس ديوان ليلارام وطن مل هو
(2)
. هن جي ڊرامن مان ”هرشچندر“، ”رامايڻ“ مذهبي
ڊراما ۽ ”مهن ڪارتا“ ۽ ”سورجن ڌارا“ ٻه پهريان
اصلوڪا سماجي ڊراما هئا.
ديوان ليلارام سنڌ جي هندن مان پهرين غزل گو شاعرن مان آهي مگر
سندن شهرت شاهه عبداللطيف تي لکيل انگريزي ڪتاب جي
ڪري امر آهي، هن جي غزلن جو مجموعو ”ديوان خاڪي“
جي نالي سان مشهور آهي پر ان ۾ ڪل چوونجاهه غزل
آهن. جيئن ته هو سنڌي، گرمکي، هندي، سرائيڪي ۽
پارسي زبانن جو ڄاڻو هئو تنهن ڪري هن جي ٻن چئن
غزلن کان سواءِ باقي غزلن جي زبان گاڏڙ آهي. جنهن
ڪري سندس غزلن ۾ رس ۽ ميٺاج ڪونهي.
ايل – ايڇ اجواڻي ليلارام جي غزلن بابت چوي ٿو ”هن جي غزلن ۾
پارسي، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي جا لفظ، هر هڪ شعر
۾ سنڌي لفظن سان گڏيل آهن ۽ هن جي شعرن ۾ تجنيس تي
گهڻو زور ڏنل آهي. هن جي ڪلام ۾ سٺيون تلميحون آهن
پر ان ۾ ڪابه خيال جي بلندي ڪانه آهي هن جي عروضي
اوڻاين تي پڻ تنقيد ڪئي ٿي وڃي“
(1).
ڪلام جو نمونو
(2)
باغ ۾ اڄ دوس جو ديدار آهه،
دل بهاري باغ ڏانهن بيدار آهه.
يار آيو اڄ گلن ۾ هل پيو،
بلبلين کي باغ ۾ هي خار آهه.
سرو ڇاهي، ڇا صنوبر خوش خيال،
قد عجب سان يار خوش رفتار آهه.
زلف ناهي عاشقاڻو عشق پيچ،
اصل عاشق پيچ ۾ بيزار آهه.
نين نرگس کان به بهتر، عين سي،
ڇاهه آهو دل ڏئي افگار آهه.
خاڪ خاڪي سڀ ٿيا سي باغ ۾،
صاف سهڻو سو رهيو سردار آهه.
-
درد دک ۾ دوس جي مان آب آب،
جي ڏسان ٿي جوش جيرا تاب تاب.
سو سبق جي تون سکئين سنسار ۾،
پڙهه پرينءَ کان ٻئا به بيحد باب باب.
سال صورت ماهه مورت محبتي،
جي مليا تان سڀ سبق ٿيا ساب ساب.
آهه او نقاش عالم جو ڌڻي،
ٻيا ته خاڪي نقش جيئن بر آب آب
(1).
-
در گستان گل گلابي جي ڏسين ٿو آس پاس،
اصل مکڙيون هاڻ گلڙا نيٺ ذرڙا ناس ناس.
هي فنا سڀ آهه يارو باغ بستان سڀ فنا،
گل فنا، بلبل فنا، هي ڪل فنا، هيبت هراس.
-
مرزا ٻڍل بيگ ”ٻڍل“
]1862ع
– 1905ع[
مرزا ٻڍل بيگ ولد مرزا فتح علي بيگ، تخلص ”ٻڍل“ 1279 هه مطابق
1862ع ۾ حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. هن جا وڏا خيرپور جي
ميرن وٽ معزز عهدن تي هئا جتان حيدرآباد جي ميرن
کين مرثيه گوئي ۽ ماتمداري لاءِ پاڻ وٽ گهرائي
ورتو هو ۽ مرزا ٻڍل بيگ جي والد مرزا فتح علي بيگ
کي مير حسن علي پاڻ وٽ مرثيه خوان مقرر ڪيو هو.
ننڍي لاءِ هن کي آخوند علي محمد جي مڪتب ۾ پڙهائڻ
لاءِ ويهاريو ويو جتي سنڌيءَ سان گڏ پارسيءَ ۾
تعليم حاصل ڪيائين. تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ
پهريائين پوليس پوءِ ميونسپل ۾ نوڪري ڪيائين جي
پسند نه هئڻ ڪري ڇڏي ڏنائين. هڪڙي ڀيري مير نور
محمد خان سندس اکر ڏسي کيس پنهنجو ڪاتب مقرر ڪيو.
پهريان مير صاحب جي ڪليات لکيائين پوءِ سندس
لئبرري جي لاءِ ڪيترن ناياب ڪتابن جي ڪتابت
ڪيائين. مير نور محمد سندس حسن ڪارڪردگي، ذهانت،
قابليت ۽ حسنِ اخلاق کان ايترو متاثر ٿيو جو هن کي
پنهنجو وزير مقرر ڪيائين ۽ پنهنجن معاملن ۾ هن کان
صلاح مشورهه وٺڻ لڳو.
مرزا ٻڍل بيگ کي طب ۽ موسيقي سان خاص شغف هو. هو موسيقي جو سٺو
ڄاڻو هو.
مرزا ٻڍل بيگ جو مير عبدالحسين سانگيءَ سان به گهرو ناتو هو جو
ڪڏهن ڪڏهن سانگيءَ کي پيسن جي ضرورت پوندي هئي ته
مرزا ٻڍل بيگ کان گهرائي وٺندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ چوي ٿو ”سال 1904ع ۽ سال 1906ع ۾ مرزا ٻڍل
بيگ ڏانهن مير عبدالحسين خان جون پنهنجون هٿ لکيل
چٺيون اسان جي نظر مان گذريو جن ۾ هڪ ۾ ويهه روپيا
۽ ٻئي ۾ پنجاهه روپيه ڪنهن واسطي گهرايا هئائين ۽
لکيو اٿس ”ته“ اڌارا ڏيندا جي پگهار ملڻ تي واپس
ڪنداسون“
(1).
مرزا ٻڍل بيگ 1334هه 11، سيپٽمبر 1916ع سومر جي ڏينهن شام جو
وفات ڪئي. کيس مير نصير جي مقبري ۾ امانت طور دفن
ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ مير نور محمد سندس لاش کي
ڪربلا معليٰ کڻرائي ويو ۽ کيس امام حسين جي روضي
ويجهو دفن ڪرايو. مرزا جي مقبري جي ساڄي پاسي مير
حسن علي جو مقبرو ۽ کاٻي پاسي مير علي مراد والي
خيرپور رياست جو مقبرو آهي.
(1)
سندس تصنيفن ۾ شگوفهِ ماتم (ڇاپيل) باقي هي ڪتاب قلمي صورت ۾
آهن. غزلن جو ديوان، ڪليات مرثيه، مختار نامه،
حمله حيدري (ٻه جلد) سفرنامه ڪربلا معليٰ، مناظري
جو ڪتاب.
مرزا ٻڍل بيگ جو والد مرزا فتح علي هڪ سٺو شاعر ۽ مرثيه گو هو ۽
سندس وڏو ڀاءُ مرزا قاسم علي بيگ به مرثيه سان گڏ
غزل جي ميدان ۾ وک وڌائي هئي، تنهن ڪري هن کي ننڍي
لاءِ کان وٺي مرثيه چوڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن سنڌي
مرثيه گوئي ۾ مٿاهون درجو حاصل ڪري ورتو. پنهنجي
مرثيه گوئي لاءِ چوي ٿو:
هو شعر جي ميدان جو پلو گهڻو ڀاري،
تنهن کي ڪري ارزان تو ٻڍل دل پنهنجي ٺاري،
هو مرثيه گوئي جو گمان توتي نه جاري،
پر مرثيه گوئي ۾ ڪيئن راند تو ساري،
جنهن کي هي دعويٰ سو نڪري ٿئي نروار،
هي گوءِ هي ميدان ڪري شعر جو اصرار.
هو نه صرف مرثيه گو شاعر هو پر هڪ سٺو غزل گو پڻ هو ۽ پنهنجي
همعصر شاعرن ۾ هن جو غزل گوئي ۾ بلند درجو هو ۽ هو
صاحبِ ديوان شاعر آهي. شاعري ۾ اصلاح پهريان
پنهنجي والد پوءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ مرزا قاسم علي
بيگ کان وٺندو هو، جنهن جي مشوري تي هن پارسي ۽
اردو غزل ۾ پنهنجو تخلص مرزا ۽ سنڌيءَ ۾ ٻڍل بيگ
اختيار ڪيو. هن مصري شاهه نصرپور واري کي پڻ
پنهنجو استاد بيان ڪيو آهي.
مرزا ٻڍل بيگ جي غزلن ۾ پنهنجي دور جي روايت مطابق پارسي رنگ
چڙهيل آهي پر هن جي غزلن ۾ سوز و گداز، رواني ۽
سلاست ۽ زبان جون خوبيون موجود آهن جنهن ڪري هن جي
غزل ۾ ميٺاج پيدا ٿي ويو آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
عشق ۾ آءُ محو تنهنجي يار پڪ،
زلف جو ظاهر ٻڌم زنار پڪ.
مشڪ اذفر خاڪ هڪ پل ۾ ٿئي،
وا ڪرين جي طرههِ طرار پڪ.
تنهنجي چهري جي چمڪ کان هر طرف،
ٿو ڏسان آءٌ رونقِ گلزار پڪ.
وصل واري رات جيڪر هو اچي،
ڄاڻ پڪ پاريندو سڀ اقرار پڪ.
عاشقِ ديرينه آهيان تنهن سبب،
صبر مون اختيار ڪيو اي يار پڪ.
تنهنجا ابرو قبلهِ ايمان ٿيا،
عارفن جي لاءِ هڪ اسرار پڪ.
نظم تنهنجي ۾ ”ٻڍل“ ٿي سادگي،
دلپسند آهن مگر اشعار پڪ.
-
سر اسانجي آئي سنبري برهه باري روز شب،
نينهن جو نالو نشان ڪيو پرت پياري روز شب.
کڻ مسيحا هي دوائون فائدو ٿيندو نه ڪو،
عشق جي آڙاه آهي باهه ٻاري روز شب.
ڏي دلاسو دلربا جو، تون اچي قاصد سگهو،
ورنه رهندي هن اکين ۾ اشڪباري روز شب.
دلربا دلدار جي وارن ڇوڙيندي ئي شرط،
ٿي وئي وليل وانگر ڪار ڪاري روز شب.
مثل ريحان مون خطِ رخسار کي رخ تي ڏٺو،
ان خطِ پرنور جي ٿيم تات تاري روز شب.
نيڻ نرگس کان نمونه ۾ گهڻو زيبا ٿيا،
تن اکين جي هن اکين کي انتظاري روز شب.
سيمتن نازڪ بدن جو جسم جادو جلوه گر،
سو ڏسي جلوه ٻڍل ٿي بيقراري روز شب.
-
|