سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :53

 

غازي الدين ”نشتر“ ناٿن شاهي

]15 مارچ 1929ع – [

 

غازي الدين ولد بالو خان لغاري ويٺل گهاري تعلقو ناٿن شاهه، تخلص ”نشتر“، عبدالله ”اثر“ لاڙڪاڻوي جي شاگردن مان آهي. هو بزم طالب الموليٰ خيرپورناٿن شاهه جو سرگرم رڪن ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جو جائنٽ سيڪريٽري رهيو آهي.

 

”نشتر“ پنهنجي شاعري ڪري سنڌي ادب ۾ چڱو مقام حاصل ڪيو آهي. سندس غزلن ۾ فن جي پختائي سان گڏ خيالن جي ندرت پڻ آهي. هن جو انداز بيان دلڪش ۽ وڻندڙ آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

زخم سان زخم ڇٽائڻ ٿا گهرو،

باهه سان باهه وسائڻ ٿا گهرو.

 

منهنجي ڳوڙهن کي رواجي نه چئو،

ملهه گوهر جو وڃائڻ ٿا گهرو.

بي اصولي کي چئو ويٺا اصول،

لعل، شيشي کي بنائڻ ٿا گهرو.

 

بي وفائن سان وفاداري ڪري،

سون چانديءَ تي مٽائڻ ٿا گهرو.

 

مون کي محبوب جي سجدي کان جهلي،

ڪيڏو گمراهه بنائڻ ٿا گهرو.

 

گرچه ”نشتر“ ٿو وفادار رهي،

پوءِ ڀلا ڇو نه نبائڻ ٿا گهرو.

-

هونئن ته ڪجهه ڀي ڪين آهيون او مٺا،

جي توهان کي ٿا لهون، لک ٿا لهون.

 

اختيار آ توکي جيڪي ڀي ڪرين،

ڪافرن سان گڏ اُٿون، جي ڪجهه ڪڇون.

 

ڪجهه ته دنيا کي به ڏيکاريون سڄڻ،

هڪ دفعو پرچون فقط، پو ڀل رسون.

 

مست نظرن کي اڃا ڪجهه روڪجو،

دل جگر ٻئي سامهون گڏ ٿا رکون.

 

چوچڙيون ڏي ڪين، آڙهه ۾ اُڇل،

موت عزت جو مرڻ خود ٿا گهرون.

 

خوش نصيبي هن کان وڌ ٻي ڪهڙي آهه،

تنهنجي قدمن ۾ جيئون ۽ پيا مرون

-

 

مشتاق احمد ”نياز“ همايوني

]اپريل 1930ع – [

مشتاق احمد جو جنم تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ همايون ۾ ٿيو. ابتدائي سنڌي ۽ پارسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ طب ڏانهن توجهه ڏنائين. ننڍي هوندي کان ئي شاعري ۽ آزادي جي تحريڪن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. عبدالڪريم ”گدائي“ ۽ قادر بخش ”بشير“ جي صحبتن کيس عوامي شاعري لاءِ اُٿاريو، 1947ع ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار ”شهبا“ نالي اخبار ڪڍيائين، جيڪا ٿوري وقت کان پوءِ بند ٿي وئي.

 

”نياز“ جمعيت الشعراءِ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت ۽ رائيٽرس گلڊ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. ڪجهه وقت تائين هو رائيٽرس گلڊ سنڌ جو سيڪريٽري پڻ هو. هن وقت مرڪزي اردو بورڊ حيدرآباد سان وابسته آهي.

 

سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن: 1. فرهنگ جعفري (1961ع)، 2. ڌرتيءَ جا گل منهنجا گيت (نظم)، 3. تاريخ طب.

 

نياز غزل کان زياده نظم جو شاعر آهي، هن ٿورا پر سٺا غزل لکيا آهن. هن جي شاعري ۾ انقلابي ۽ قومي رنگ زياده سمايل آهي، جيڪو هن جي غزلن تي به ڇانيل آهي.

 

ڪلام جو نمونو

 

موت جي اُس ڄاڻ آئي، زندگي جي ڇانوَ تي،

منڱ ڏر کائي کلي، او يار، جڳ جي هانوَ تي.

 

جنهن کي گل آڇيم، انهيءَ ڪنڊا ورائڻي ۾ ڏنا،

او الا، مان ڪيئن هلايان، پاڻ سهڻي ڏانوَ تي.

 

تنهنجي نگري ۾ او داتا، منهنجي منشا ٿي رلي،

پيار جي پن ٿو منڱان، ڏي ڪجهه خدا جي نانوَ تي.

 

؟ ڇل نه ڪنهن جي دل، ڇنل گل جان وڃي ڪومائجي،

ائين ٿئي ٿو ڄڻ چڙهي ڪٽ، چلڪڻي ڪنهن ٿانو تي.

 

 

ڪنهن رهايو ڪين ڪنهن سان هن بري ڀنڀور ۾،

تون رهائيندين وري ڪنهن ساڻ ڪهڙي ڀانوَ تي.

 

خودغرض يارن کان ٿيڻي ناهي نيڪي اي ”نياز“

ڀروسو رکڻو اجايو آهي جهڙ جي ڇانوَ تي (1)

-

او راڳي، او ويراڳي، اُٿ ڳاءِ، اُهو ڳڻ وارو راڳ،

جنهن سان جاڳي روح جو راڻو، ڪاڪ رسي ڪوهيارو راڳ.

 

منهنجي ڌرتي منهنجو گلشن، ڌرتيءَ جا گل منهنجا گيت،

آءٌ ٿو ڳايان، ڳائيندس پيو، جنم جنم هي پيارو راڳ.

 

جيسين باک بهاري ناهي، جيسين صبح سوايو ناهه،

تيسين ڪڻڇي ڳائيندي پئي، ڳائيندي ڪيڏارو راڳ.

 

منهنجا گيت رکاڻ ڀريل ها، تنهنجي سور سواد ڏنو،

تنهنجي سار جو آئي ٿي پيو، ماکيءَ جو مانارو راڳ.

 

هيل نياز نه مينهن وٺا، نڪي پنهنجي پاس ماڪ پئي،

جيڪس سورن سانت هئي، ياڪين هيو سونهارو راڳ (2).

-

 

سيد احمد شاهه ”استاد بخاري“

]16 جنوري 1930ع – [

سيد احمد شاهه ولد سيد حاجن شاهه تخلص ”استاد“ جو جنم ڳوٺ غلام چانڊيو، ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس وڏا اُچ مان لڏي اچي دادو ۾ مقيم ٿيا هئا. استاد 1944ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1947ع ۾ سنڌي ماستري جي نوڪري ڪيائين. کيس تعليم حاصل ڪرڻ سان چاهه هو ان ڪري خانگي طرح امتحان پاس ڪندو ويو تان جو 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم.اي جو امتحان پاس ڪيائين. 1967ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، هن وقت هو ڊگري ڪاليج دادو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.

 

استاد جي شاعري 1940ع ۾ انجمن آفتاب ادب دادو جي مشاعرن ۾ حصي وٺڻ سان شروع ٿي. هو انجمن آفتاب ادب دادو، بزم طالب الموليٰ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن سندس شاعري جي انداز ۾ انقلابي تبديلي پيدا ڪئي ۽ ترقي پسند شاعري ڏانهن مائل ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو ”گيت اسانجا جيت اسانجي“ نالي سان 1971ع ۾ شايع ٿيو آهي.

 

استاد بخاري پرگو شاعر آهي. هن ڪيترا نظم، آزاد نظم، گيت، قطعا، غزل وغيرهه لکيا آهن. جيتوڻيڪ سندس شروعاتي غزلن جو رنگ قديم آهي، مگر سندس جديد غزلن ۾ خيالن جي نواڻ، وطن دوستي ۽ ترقي پسند لاڙن جو عڪس آهي. استاد جي غزلن جي ٻولي صاف ۽ عام فهم آهي ۽ سندس اندازِ بيان پراثر آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

گهٽي گهٽي ۾ گناهن جو قتلِ عام ٿئي،

انهيءَ جو پوءِ ڀلي نام انقلاب ٿئي.

 

کسي پيان ته چون رند، هي حلال نه ٿيو،

گهري وٺان ته نظر منهنجي ۾ حرام ٿئي.

 

اڃا به ڪاٺ جي ڪرسي جي پئي هلي پوڄا،

اڃا پيو لات، مناتن جو احترام ٿئي.

 

خدا اوهان جي اميري اوهان کي بخش ڪري،

اسان گهرون ٿا غريبي جو اختتام ٿئي.

 

وڏو سڀاڳ جو آزادگي ملي ويئي،

وڏو نڀاڳ غلامي نٿي غلام ٿئي.

 

چوي ٿي دل ته جزا ۽ سزا هتي ڏسجي،

وڏي قيام کان اڳ ۾ به ڪا قيام ٿئي.

-

طبيعت بي وفا ڪٿان آڻيون،

نئين دل، دلربا ڪٿان آڻيون.

 

اسان ڪوشش ڪئي کٽي قسمت،

دوا آئي، شفا ڪٿان آڻيون.

 

چون ٿا ”خوش رهو“ خوشي يارو،

نه جي هوندي ڀلا ڪٿان آڻيون.

 

ٻڌڻ جي تون به ڇڏين يارب،

ٻيو آخر خدا ڪٿان آڻيون.

 

بجا آداب سڀ مگر ساقي،

بنا پيتي نشا ڪٿان آڻيون.

 

دليون ”استاد“ جا نه تڙپائي،

اُها آهه ۽ نوا ڪٿان آڻيون.

-

 

شيخ عبدالحليم ”جوش“

]1، مارچ 1932ع – [

 

شيخ عبدالحليم سنڌ جي مشهور شاعر ۽ نقاد شيخ عبدالله ”عبد“ جو فرزند آهي. هن ڪراچيءَ جي نوآباد محلي ۾ اک کولي جتي سندس والد جي اسڪول ۾ مشاعرا ٿيندا هئا. کيس ننڍي هوندي کان پنهنجي والد ۽ ٻين سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن جي صحبت حاصل ٿي، جنهن سندس طبع ۾ شاعري لاءِ چاهه پيدا ڪيو.

 

جوش 1947ع ۾ ميرپورخاص مان مئٽرڪ پاس ڪئي، 1948ع ۾ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1949ع ۾ تعليم سان گڏ لياري هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي ڪم ڪيائين، جتان نوڪري ڇڏي انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ داخل ٿيو، جتي ترقي ڪري هينئر ڊائريڪٽر انفارميشن جي عهدي تي پهتو آهي.

 

شيخ عبدالحليم پنهنجي شاعري جي شروعات ”بزم نظامي“ ۽ ”محفل احباب“ جي مشاعرن سان ڪئي، جتي غزل جو ماحول هو تنهن ڪري ”جوش“ به غزل ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. سندس مضمونن ۽ تنقيد نگاري جي ابتدا هفتيوار ”ناخدا“ ڪراچيءَ کان ٿي. اڄ هو سنڌي ادب جو مڃيل نقاد ليکيو وڃي ٿو.

 

جوش نه صرف ڪراچيءَ جي بزم مشاعرن جي جان ليکيو ويندو هو پر ترقي پسند جماعت سنڌي ادبي سنگت جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر رهيو آهي.

 

جوش بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي. سندس والد جي رهبري سندس شاعري کي سوڌي ۽ سنواري ڇڏيو آهي. اڄ سنڌ جي نالي وارن غزل گو شاعرن مان هڪ آهي. هن سنڌي غزل ۾ نه فقط نوان تجربا ڪيا آهن پر سنڌي غزل کي خيالن جا نوان گل ۽ رمزيت ۽ اشاريت جي خوشبو عطا ڪئي آهي، جنهن ڪري سندس ڪلام ۾ شوخي ۽ لطافت پيدا ٿي وئي آهي. هن جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي گهراين جي فلسفيانه عڪاسي ۽ سماج جي پيچيده مسئلن جي ترجماني سمايل آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

ستم ڪيستائين، جفا ڪيستائين،

اسان کان به ٿيندي وفا ڪيستائين.

 

اسين دار کي پنهنجي منزل ٿا سمجهون،

هلي ٿو ڏسون رهنما ڪيستائين.

 

گلن کي ڏسان مکڙين ڏي نهاريان،

چمن جا اهي چهچٽا ڪيستائين.

 

هلڻ سان ئي وڌبو وڌڻ سان ئي رسبو،

اهي پنڌ ۽ پيچرا ڪيستائين.

 

کڻي جام پيو حادثن کي پڪاريان،

وڌي ٿا وڃن حوصلا ڪيستائين.

 

ٿيو جوش ڌرتي تي دوزخ جو منظر،

اڃا ماٺ رهندو خدا ڪيستائين.

-

درد کي لادوا ڪري ته ڏسان،

عشق جي انتها ڪري ته ڏسان.

 

ڇو هلان رهنما جي مرضي تي،

پاڻ کي رهنما ڪري ته ڏسان.

 

تنهنجي بخشش جي مون ٻڌي تعريف،

مان به ڪائي خطا ڪري ته ڏسان.

 

زندگي ۽ سڪون جي ڳولا،

تجربو ٿيندو، ها ڪري ته ڏسان.

منهنجا ساٿي سمهي پيا شايد،

ڪانوا ڪا صدا ڪري ته ڏسان.

 

ميڪدي ۾ يا دير ۾ هوندو،

”جوش“ جي ڪا پڇا ڪري ته ڏسان.

-

 

شمشيرالحيدري

]15، سيپٽمبر 1932ع  -[

 

شمشير علي ولد امام ڏنو خواجه تخلص ”شمشير“ شمشير الحيدري جي نالي سان مشهور آهي. سندس جنم ضلع بدين جي ڪڍڻ ڳوٺ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم بدين مان ورتائين پوءِ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو مگر گهرو حالتن کان مجبور ٿي واپس وطن هليو ويو. ڪجهه وقت پي. ڊبليو. ڊي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بدين ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي رهيو. شمشير 1963ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪئي ۽ آزاد نظم تي هڪ تحقيقي مقالو لکيو.

 

شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سرگرم رڪن هيو، اياز قادري جي سنڌي ادبي سنگت تان استعيفا کان پوءِ هو سندس جاءِ تي سيڪريٽري مقرر ٿيو.

 

شمشيرالحيدري جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت سان وابسته رهيو آهي. پهريان هو هلال پاڪستان (حيدرآباد) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو، 1956ع ۾ سه ماهي مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1968ع کان نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو جتان هو شپنگ ڪارپوريشن ۾ هليو ويو.

 

شمشير ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تي گهٽ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو غزل ۾ جديد لاڙن ۽ قدرن پيش ڪندڙن مان هڪ آهي. سندس غزل ۾ غم هجران گهٽ غمِ دوران زيادهه آهي. هن پنهنجي زندگي ۽ سماج جي تلخين کي تلخ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان 1961ع ۾ شايع ٿيو آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،

ورهين جي وڇوڙن جا سڀ سور لهن شايد.

 

هڪ وار ته دل کولي، هر ڳالهه چئي ڇڏبي،

انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايد.

 

خالي به ڪريو جلدي، انصاف جي مسند کي،

مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد.

 

سوريءَ تي سڏڻ وارا، هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،

مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد.

 

بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي،

آئندهه بهاري جا پيغام هجن شايد.

 

”شمشير“ کي سڏ ڪريو، ”شمشير“ ڪٿي آهي،

محفل کي مچائيندو ان جو ئي سخن شايد.

-

اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي - وڏي ڳالهه آهي،

هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي – وڏي ڳالهه آهي.

 

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي – وڏي ڳالهه آهي،

اڃا وقت کي پيئي ڳولي سچائي – وڏي ڳالهه آهي.

 

اوهين حسن تي پنهنجي نظرن جا پهرا – اڃا تيز ڪريو،

ڪريون پيا اسان عشق جي رهنمائي – وڏي ڳالهه آهي.

 

زماني جا منصور ۽ خوب مشهور آهيون اسين،

اسان سورين تي نه گردن جهڪائي – وڏي ڳالهه آهي.

نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،

اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اهائي – وڏي ڳالهه آهي.

-

 

محمد شعبان ”بخت“

]1 جنوري 1933ع – [

 

محمد شعبان ولد رسول بخش منگي تخلص ”بخت“ ڪشمور شهر ضلع جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڪشمور ۾ حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسه ڪراچي مان 1951ع ۾ پاس ڪيائين، وڌيڪ تعليم لاءِ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ داخل ٿيو پر مالي تڪليف سبب تعليم ڇڏي پهريان پاٽ ۾ اسسٽنٽ ٽيچر مقرر ٿيو پوءِ اها نوڪري ڇڏي 1958ع ۾ وليج ايڊ پبلسٽي سيڪشن سان وابسته ٿيو.

 

شعبان بخت ڪيترن ماهوار ادبي رسالن ۽ هفتيوار اخبار جي اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جن ۾ هفتيوار ”ڪوثر“ هالا، ماهنامه ”فردوس“ هالا، ماهوار ”ڳوٺ سڌار“ ۽ ماهوار ”نئين زندگي“ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

 

”بخت“ شروع ۾ ”خاڪ“ تخلص سان شاعري ڪندو هو پر پوءِ ان تخلص کي منحوس سمجهي ترڪ ڪري ”بخت“ سڏائڻ لڳو. هن عبدالخالق ”مجروح“ ۽ رشيد احمد لاشاري جي صحبتن کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. شاگردي واري زماني ۾ بزم نظامي ۽ محفل احباب جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو جتي عقيلي ”سرشار“ جي شاگردي اختيار ڪيائين.

 

بخت سنڌ جي پُرگو شاعرن مان هڪ آهي. شاعري جي هر صنف ۾ آسانيءَ سان طبع آزمائي ڪري سگهي ٿو ۽ سندس شاعري ۾ جديد ۽ قديم رنگ جو عجيب ميل آهي. سندس غزلن ۾ گهڻي رواني ۽ سلاست آهي. سندس خيال وڻندڙ ۽ پيارا آهن، جن ۾ غمِ دوران جو زياده ذڪر هوندو آهي.

ڪلام جو نمونو (1)

 

اهڙو جو ڪهل ڪري، خط ئي اماڻي ڪونهي،

۽ جو هن شوخ جو، احوال ئي آڻي ڪونهي.

 

پيار جو پل به ملي ٿو ته غنيمت آهي،

آهي جو ڪجهه به، سو اڄ آهي، سڀاڻي ڪونهي.

 

تون ئي تون آهين محض توکانسواءِ ڪوبه نه آ،

غير دل ۾ منهنجي الله ٿو ڄاڻي، ڪونهي.

 

قتل ڪر قتل، وڻئي جيئن کڻي قاتل نظرون،

موت جو خوف ڪڏهن هو، مگر هاڻي، ڪونهي.

ڳول ان کي ڪنهن جي قدمن ۾ يا قدمن جي قريب،

هڪ وڏي عرصي کان، دل پنهنجي ٺڪاڻي، ڪونهي.

 

بخت قدرت جي ڪرشمن جي ڪا قيمت ئي نه سوچ،

آهي جي حسن املهه، نينهن به ناڻي، ڪونهي.

-

ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو جو اعتبار ڪندي،

پرائي سور ۽ صدما ٿو ماڻهو پيار ڪندي.

 

خلاصو حال ۽ ساڻس ڪجي ته ڪهڙي طرح،

قيام ٿيڙا، گهڻن کي، وٽس قطار ڪندي.

 

سڃاڻي يا نه سڃاڻي، وري ملي يا نه ملي،

ويا ٿي ڪارا اڇا، جنهن جو انتطار ڪندي.

 

ٿين ئي نيڻ ٿا، ڪجهه اهڙا ڪن جا پوءِ ڍاوا،

جو ڍاپجن نٿا دل ۽ جگر شڪار ڪندي.

 

ڳجهن ڪُنن ۾ ئي ڪڙجيو، ٻڏيو لڙهيو ٿا وڃن،

غريب لوڪ، اميرن جا ٻيڙا پار ڪندي.

 

اسان ته ”بخت“ وڇوڙي جا وڍ لڪايون هلون،

ملي به ڇا ٿو گريبان کي تار تار ڪندي.

-

رحيم بخش ”قمر“

]1933ع – [

مولوي رحيم بخش ولد محمد عيسيٰ ذات لاکو تخلص ”قمر“ پخته شاعرن مان آهي. سندس پيدائش عمر راهو تعلقي مورو ضلعي نواب شاهه ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والدين گذاري ويا جنهن ڪري هو يتيم ٿي پيو، سندس شروعاتي تعليم مدرسه انوارالعلوم شڪارپور ۾ مولوي محمد هاشم وٽ ٿي، جتي هن عربي صرف و نحو جي تعليم حاصل ڪئي.

 

هن ڪيترا مذهبي، علمي ۽ ادبي ڪتاب نظم توڙي نثر ۾ تصنيف ڪيا آهن. جن مان هيٺيان ڪتاب شاعري جا آهن.

 

دربار مدينه (1967ع)، دربارِ ڪربلا، جواهر القمر، سڄڻ آيو سهنج ٿيا، تند وڄي طلب جي، ڳاڙيندين ڳوڙها، ديوان قمر، چنڊ تنهنجي ذات، گهايا گهڻا گهوٽ.

 

قمر جي شاعري ۾ نهايت گهڻي رواني آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪيترا نظم جا ڪتاب لکيا آهن. هن شاعري جي هر صنف تي دل کولي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس اسلوب ۽ اندازِ بيان ۾ حسن ۽ زيبائش آهي. فڪر سان گڏ سوز ۽ ساز سندس غزلن کي رنگين بنائي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ قمر کي عربي ۽ پارسي زبانن ۾ مهارت حاصل آهي، پر سندس شاعريءَ جي زبان صاف سٿري آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

اندر منهنجو تو ريءَ اڌڙ ٿئي سڄڻ،

۽ منهنجي بدن تي ڀڀڙ ٿئي سڄڻ.

 

ٿيو چنڊ چوڏهينءَ جو توتي نثار آهه،

پرون ڀونر کان وڌ ڀلڙ ٿئي سڄڻ.

 

اٿئي ياد ڳوڙها مون ڳاڙي چيو هو،

اڃان رات آ ڇو تڪڙ ٿئي سڄڻ.

 

اڪنڊ آ، تنهنجي نه اڄ کان نه ڪلهه کان،

ازل کان مونکي جيءَ ۾ جڙ ٿئي سڄڻ.

 

سسي سرفروشن جي نيزي مٿي آ،

رڳو تن جا ڌرتيءَ تي ڌڙ ٿئي سڄڻ.

ڏئي سور مون کي وئين سوکڙي تون،

”قمر“ تي وڏا تنهنجا وڙ ٿئي سڄڻ.

-

اڄ رات رنا نيڻ مٺا، اک نه لڳي ڙي،

ڳوڙها ٿا ڳڙن توکانسوا، اک نه لڳي ڙي.

 

سڏڪا هي سڻي منهنجا ستارن به رنو آ،

پرڀات پيا ماڪ ڦڙا، اک نه لڳي ڙي.

 

هڪ تنهنجي جهڄڻ ۾ ٿي، ٿئي رات جهجهيري،

ٻيو راهه ڏسي نيڻ ٿڪا، اک نه لڳي ڙي.

 

دنيا کي زماني کي ڏيان ڏوهه مان ڪهڙو،

تقدير ڪيو توکان جدا، اک نه لڳي ڙي.

 

پي زهر هي فرقت جو مري جي به ڏٺوسين،

محبوب مٺا ماهِ لقا، اک نه لڳي ڙي.

 

ڪتين جو قمر جهڳٽو لاريب لٿو آ،

ٽيڙو به هينئر ڄاڻ لٿا، اک نه لڳي ڙي. (1)

-

 

نور نبي ”تنوير“ عباسي

]17 ڊسمبر 1934ع – [

 

نور نبي ولد گل حسن عباسي تخلص ”تنوير“ جو جنم خيرپور ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ ٿيو. جتان پرائمري تعليم حاصل ڪري مئٽرڪ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان ڪيائين. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ايم .بي. بي. ايس پاس ڪري خيرپور ۾ ڊاڪٽري ڪري رهيو آهي.

 

”تنوير“ کي ننڍپڻ کان شاعري سان چاهه هئو. گهڻو ڪري ڪراچي جي بزم مشاعرن ۽ بزم خليل حيدرآباد جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رهيو، جنهن سندس طبع ۾ شاعري لاءِ وڌيڪ جوش ۽ شوق پيدا ڪيو. پهريان تخلص ”معصوم“ اختيار ڪيائين پر پوءِ ان کي بدلائي ”تنوير“ ڪيائين. شعر ۾ ابتدائي اصلاح سرور علي ”سرور“ حيدرآبادي کان ورتائين (1). تنوير جو ناتو ادبي سنگت سنڌ سان گهرو رهيو آهي. هو ڪيترن سالن تائين سنڌ سنگت جو جنرل سيڪريٽري ۽ پاڪستان رائيٽرس گلڊ حيدرآباد ريجن جو جائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو آهي.

 

تنوير عباسي سنڌ جي مقبول شاعرن مان آهي. سندس ڪلام جو نئين نسل ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعريءَ تي وڏو اثر آهي. تنوير جديد سنڌي شاعري جي ابن مان هڪ آهي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ جديد لاڙن ۽ ترقي پسند خيالن جون شمعون روشن ڪيون آهن. هن کي شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر غزل تي به دسترس آهي. هن جي غزل جي ٻولي صاف ۽ ڌارين لفظن کان پاڪ هوندي آهي. جنهن ڪري سندس غزل ۾ ميٺاج ۽ دلڪشي آهي. سندس خيالن ۾ پرهه ويل ٽڙيل ٽانگر جي گلن جهڙي نواڻ ۽ دلفريبي آهي.

ڪلام جو نمونو

 

يا ته هڪ باهه لڳائي ڇڏجي،

يا ته هيءَ چڻنگ وسائي ڇڏجي.

 

سمنڊ تي مينهن وسائڻ وارا،

ٿر ۾ ڪا بوند وسائي ڇڏجي.

 

جيڪو دردن کان ڀڄي ڳولي اجهو،

تنهن کي سيني ۾ سمائي ڇڏجي.

 

زندگي گهارجي مرڪي مرڪي،

زهر ۾ کنڊ ملائي ڇڏجي.

 

ڪنهن اڳيان ڪنڌ جهڪڻ ڪين ڏجي،

بهتر آ سر ئي وڍائي ڇڏجي.

 

جيڪڏهن روح وڃي ٿي ماندو،

گيت تنوير جو ڳائي ڇڏجي (1).

-

نينهن وارن جو انهيءَ سان ڪو رستو ناهي،

چڻنگ چولي ۾ نه آهي جنهن کي سو پنهنجي ناهي.

 

هيءَ سڃي واٽ جتي پير جو ڪو کڙڪو ناهي،

سڀ چون ٿا ته انهيءَ جو ڪو ڇيڙو ناهي.

 

تنهنجي چائنٺ تي رسڻ لاءِ سڌون ڪير ڪري،

دار جي دور کان شيدائي جو گذريو ناهي.

 

هڪڙي پڃري ۾ سڀئي باند ڪيا ويا آهن،

توڙي هر ڪوئي آهي قيد اڪيلو ناهي.

 

قطرو دريا نه ٿيو جيڪو سو قطرو ڪهڙو،

جيڪي ڀڙڪي نه ڀڀڙ ٿيو اهو شعلو ناهي.

عشق ۾ تنهنجي هي تنوير کي ڇا ٿي ويو آ،

جهڙو هوندو هو هاڻي رهيو اهڙو ناهي (2).

-

 

سيد نياز علي شاهه ”محسن“ ڪڪڙائي

]4 جولاءِ 1937ع –[

 

سيد نياز علي شاهه ولد سيد احمد شاهه تخلص ”محسن“ ڪڪڙ ضلع دادو جو ويٺل آهي ۽ ”محسن“ ڪڪڙائي جي نالي سان مشهور آهي. چوڏهن پندرهن ورهين جي عمر کان شعر لکڻ شروع ڪيو اٿس. شعر ۾ سندس استاد حافظ ”احسن“ ۽ ”آصف“ مصراڻي آهن، مگر سندس شاعري جو رنگ پنهنجي استادن جي ڪلام کان مختلف آهي. هن وقت ڪڪڙ جي هاءِ اسڪول ۾ ماستر آهي.

 

محسن ”بزم طالب“ خيرپورناٿن شاهه جو ڪافي وقت تائين سيڪريٽري رهي مشاعرا منعقد ڪندو رهيو هو اهڙي ريت سنڌي غزل جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.

 

سندس مجموعه ڪلام ”اُمنگون“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. ”محسن“ جا غزل پختا ۽ دلڪش آهن، انهن ۾ جديد ۽ قديم رنگ جو سهڻو ميلاپ آهي. سندس خيالن ۾ نواڻ ۽ سرمستي آهي، جي ڪا پراڻي ڳالهه بيان ڪري ٿو ته ان کي انداز نئون ٿو ڏئي.

 

ڪلام جو نمونو

 

تنهنجي خيالن جي ڇايا،

منهنجي لاءِ وڏي مايا.

 

هڪڙو نوراني چهرو،

منهنجي پلٽي ويو ڪايا.

 

مون کان کِل نٿي بيهي،

ڳوڙها آيا ڪي آيا.

 

ڦولر جي خوشبو دل کي،

ڪيڏا گهرا گهاو رسايا.

 

مون ته ٿي لکيا ماڻهن لئه،

ماڻهن منهنجا گيت جلايا.

 

شهرن جي ويرانن تي،

”محسن“ ويهي لڙڪ وهايا.

-

 

ائين به ناهه ته توکان سوا نٿي گذري،

گذاريون ٿا، ڏکي يا سکي، پئي گذري.

 

اهو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي سائين،

ته هڪ ئي طرز تي هر ڪنهن جي زندگي گذري.

 

اسين ته پنهنجي ئي ڌن ۾ روان دوان آهيون،

اسان کي جو به چوڻ ڪو گهري، چئي گذري.

 

ڪنداسين پيار ڪنداسين ۽ پيار جي صدقي،

جي ڪوئي حرف اچي ٿو ته ڀل اچي گذري.

 

فضول آهه ته ڇا ڇا اسان مٿي گذري،

اهو پڇو ته فقيرن تي ڇا نٿي گذري.

 

ڪٿي وري به نه وٺجي وڃي، سڙي نه پوي،

ديارِ حسن مان ”محسن“ بچي بچي گذري (1).

-


(1)  ”بياض نشتر“ ملڪيت نشترناٿن شاهي

(1)  ”نئين زندگي“، ماهوار، ص 27، ماهه نومبر 1956ع.

(2)  ”مهراڻ“ سه ماهي، شاعر نمبر، ص 501، پرچو 1-2، سال 1969ع.

(1)  استاد بخاري ”گيت اسان جا جيت اسانجي“ ص 65 ۽ 70، کيرٿر پبليڪيشن دادو، 1971ع.

(1)  ”بياض جوش“ قلمي ملڪيت شيخ عبدالحليم، جوش ڪراچي.

(1)  ”لاٽ“ شمشيرالحيدري، ص 34 ۽ 42 ادارهه ادب نو حيدرآباد، 1961ع.

(1)  ”بياض بخت“ قلمي ملڪيت شعبان بخت، ڪراچي.

(1)  ”مهراڻ“ سه ماهي، نمبر پهريون، 1976ع.

(1)  ”مهراڻ“ سه ماهي، نمبر 2، سال 1975ع.

(1)  ”مهراڻ جا ماڻڪ“، ص 215، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي.

(1)  تنوير عباسي ”رڳون ٿيون رباب“ ص 97، سنڌي ڪتاب گهر ڪراچي، سال 1958ع.

(2)  تنوير عباسي ”شعر“، ص 104، سنڌو ڪتاب گهر سکر، اپريل 1970ع.

(1)  ”بياض محسن ڪڪڙائي“ قلمي ملڪيت نياز علي شاهه ڪڪڙ (دادو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org