غلام رسول ”آثم“ ناٿن شاهي
]1937ع
–
[
غلام رسول ولد الله بخش سولنگي تخلص ”آثم“ ڳوٺ
کاٿڙي خيرپورناٿن شاهه ۾ رهائش سبب ”آثم“ ناٿن
شاهي جي نالي سان مشهور آهي.
”آثم“ جي شاعري جي شروعات محسن ڪڪڙائي جي
صحبتن سان ٿي. سندس ڪوششن سان خيرپورناٿن شاهه
جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ“ قائم ٿي
جيڪا پوءِ ”بزم طالب“ جي نالي سان مشهور ٿي. ”آثم“
بزم جي سيڪريٽري جي حيثيت سان شعر و ادب جي ترقي
لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. ”آثم“ ۽ ”محسن“ جي ڪوشش سان
خيرپورناٿن شاهه ۾ هڪ سنڌي لئبريري پڻ قائم ٿي.
”آثم“ جي ڪلام جو مجموعو ”ڪتين ڪَر موڙيا“ جي
نالي سان قلمي صورت ۾ تيار آهي.
آثم هڪ جدت پسند نوجوان شاعر آهي. هن شاعري جي
مختلف صنفن ۾ نوان نوان تجربا ڪيا آهن. سندس غزلن
جي ٻولي سادي ۽ خيال وڻندڙ ۽ پيارا آهن.
ڪلام جو نمونو
(1)
جيءَ ۾ جايون جوڙي ويو هين،
نازن سان نهوڙي ويو هين.
ساهن منجهه سري ويو هين،
مرڪي ڪنڌ مروڙي ويو هين.
رڳ رڳ ۾ ٿو رت جان ڊوڙين،
نينهن نديءَ ۾ ٻوڙي ويو هين.
چوٽ چڙهي وڻ ويڙهيءَ وانگر،
وارو وار وڪوڙي ويو هين.
سر جي سئن وري به اچي هڻ،
منهن ڇو منگتا موڙي ويو هين.
ڇاهي نيٺ ڀلا ڇو آثم،
سڱ سمورا ٽوڙي ويو هين.
-
ميڪدي جو عجب آ دستور،
وڃ ته سالم ۽ اچ ته چڪناچور.
تير ڏيڍي نظر جو ڇا لڳندو؟
سامهون وار ڪر تڪي ڀرپور.
ٺاهه ”آثم“ سان تنهنجو مشڪل آهه،
تون به مغرور هو به ڪجهه مغرور.
-
توکان مرعوب ڪٿ ٿيا آهيون،
احترام آ جهڪي پيا آهيون.
قدر ڄاڻون ٿا زندگانيءَ جو،
کوڙ ڀيرا مري جيا آهيون.
آهيون صرف غزل ڪڏهن ”آثم“،
۽ ڪڏهن چند مرثيا آهيون.
-
”ذوالفقار“ راشدي
(10، مارچ 1938ع - )
ذوالفقار ولد سيد امام شاهه راشدي 10، مارچ
1938ع تي پير ڳوٺ تعلقي رتيديري ضلع لاڙڪاڻي ۾
ڄائو. سندس ڏاڏو عبدالحي شاهه وڏو عالم هو، 1949ع
کان شعر لکڻ شروع ڪيائين. هن کي انقلابي ادب ۽
تحريڪن سان گهڻو چاهه رهيو آهي، انهيءَ چاهه هيٺ
54-1953ع ۾ هفتيوار ”هاري“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي ڪم
ڪيائين. 1960ع ۾ ”مذهب ۽ انسانيت“ نالي هفتيوار
ترقي پسند رسالو جاري ڪيائين جو ٿوري وقت کان پوءِ
بند ڪرڻو پيس. ذوالفقار جو ترقي پسند ادبي جماعتن
سان گهڻو ناتو رهيو آهي ۽ هن ڪافي ترقي پسند نثر
توڙي نظم لکيو آهي. سندس غزل ۾ جديد رنگ نمايان
آهي. هن جي غزل جي زبان شسته ۽ صاف آهي. هن دور ۾
سندس فن سنڌي شاعري لاءِ فخر جي قابل به آهي ۽
قابلِ ستائش اضافو به آهي
(1).
ڪلام جو نمونو
(1)
گذاريون پريشان خيالات وانگر،
يا ويران، ويران محلات وانگر.
اکين مان ٽمئون ٿا، ڳلن تي ڳڙئونٿا،
سدائين ٿڌي بوند برسات وانگر.
جتي لفظ پابند، آواز قيدي،
بهشتِ برين سو حوالات وانگر.
هتي آهيون پابند، قيدي ۽ بيوس،
سڏيو ابن ماحول حالات وانگر.
اجها ٻاٽ ڪاري وڃڻ واري آهي،
هي آثار اوڀر ۾ پرڀات وانگر.
ڪوئي جانعالم اسانجو به هوندو،
اچي ڪوٽ ڊاهي، طلسمات وانگر.
-
ڪونڌر هر ڪنهن ڪنڌ ڪپايو، ڪنڌ نوايو ناهي،
سر نوڙائي ڳارو پائي، سو ته گداگر آهي.
ڪاغذ جو اپمان ڪري ۽ قلمن کي چيڀاٽي،
ذهنن جي تذليل ڪري سو ڪافر چڙهندو ڦاهي.
لوڀي آهي چنيسر جنهن کي، عزت ڪانهي پياري،
ڀيڻ ۽ ڀون جو وڪرو جائز، ڪين ڪيو ڪنهن ڏاهي.
پاڻيءَ وانگر هاريو ويو پر خون سفيد نه ٿيندو،
ريٽو آهي رت رڳن ۾، جيڪو سري ۽ ساهي.
-
خيال برف جون سرون، ڄڀون ڇپون ڳريون ڳريون،
نگاهه هيٺ، هوش قيد، خواب سڀ ذريون ذريون.
ڪڇون ته ڏوهه عشق ۾، روئي ڏيون ته عيب آ،
چئون ته ڇا چئون ڀلا، ڪريون ته نيٺ ڇا ڪريون.
-
امداد علي شاهه ”امداد“ حسيني
]2،
مارچ 1940ع –
[
سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل شاهه حسيني
ٽکڙ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر اسد الله شاهه ”فدا“ جو
پوٽو آهي. پرائمري تعليم ٽکڙ، مئٽرڪ نور محمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس
ڪئي اٿائين. ڪجهه وقت سنڌيالاجي سان وابسته رهيو،
هن وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي
عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.
امداد حسيني کي شاعري ورثي ۾ ملي آهي مگر
”امداد“ جي شاعري جي ابتدا گرامي صاحب جي حوصله
افزائي ۽ تربيت ۽ اصلاح سان شروع ٿي
(1).
امداد شروعاتي دور ۾ بزم طالب الموليٰ سان وابسته
رهيو. اڳتي هلي ان جو سيڪريٽري ٿيو مگر سندس شاعري
کي سنڌي ادبي سنگت جي ميڙن وڌيڪ سنواريو ۽ هن سنڌي
ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري جي حيثيت سان
سنڌيءَ ۾ ترقي پسند ادب لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. هو ٻه
سال سه ماهي مهراڻ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ سنڌي
ادب جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.
”امداد“ حسيني سنڌ جي انهن ٿورن شاعرن مان هڪ
آهي، جنهن کي وڏي مقبوليت ۽ شهرت حاصل ٿي آهي. جن
شاعرن سنڌي شاعري کي ترقي پسند گس تي گامزن ۽ جديد
لاڙن جي راهن کان واقف ڪيو آهي، انهن ۾ سندس نالو
پڻ شامل آهي. امداد شاعري جي هر صنف ۾ طبع آزمائي
ڪئي آهي. هن جا غزل روايتي پيچرن ۽ ورن وڪڙن کان
پري آهن. سندس غزلن ۾ تازگي، شگفتي ۽ ڪشش آهي.
سندس غزل ۾ غمِ جانان گهٽ ۽ غمِ دوران زيادهه آهي.
سندس غزل زياده تر مسلسل غزل آهن، جي نظم وارو رنگ
اختيار ڪري ٿا وڃن. سندس ڪلام جو مجموعو ”امداد
آهي رول“ جي نالي سان 1976ع ۾ شايع ٿيو آهي.
ڪلام جو نمونو
اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي،
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.
اسان جن کي چاهيو، اسان جنکي پوڄيو،
ڏين سان سڄي رات جلندا ته هوندا.
جتان پاڻ وڇڙيا هئاسين، اتان اڄ،
ڪئين هٿ ڏئي هٿ ۾ هلندا ته هوندا.
جتان موٽياسين پياسا ئي پياسا،
اتي دور تي دور هلندا ته هوندا
(1).
-
خامشي کي گيت، تنهائي چئو چنگ و رباب،
تشنگي جي زهر کي اي ميڪشو سمجهو شراب.
رات جا قاتل انڌيرا شهر جا رستا طويل،
آءٌ آهيان، منهنجو پاڇو ۽ دلِ ناڪامياب.
چند چانديءَ جي سڪن تي پيا وڪامن عام جام،
چمڪندڙ چهرن جا مصحف مرڪندڙ اکين جا خواب.
مرمرين ٻانهون سيهه گيسو تبسم جا گلاب،
ڪيئن ٿا ڀانيو دوستو امداد ديواني جا خواب
(1).
هي مينهن منهنجي اکين سان پڄي ته ڏيکاري.
سندءِ پلاند تي ڪنهن ڏينهن وسي ته ڏيکاري.
گلاب جو به کلڻ آهه پنهنجي جاءِ تي خوب،
کلي ٿو منهنجو سڄڻ جيئن کلي ته ڏيکاري.
اهو اسان تي ئي ڇڏيو ته ڪيئن ٿا پرچايون،
بطورِ شوق اوهان مان رسي ته ڏيکاري.
دلِ غريب کي واعظ ٿو روز روز ڀڃي،
اچي ڪنهن رند جو ساغر ڀڃي ته ڏيکاري.
سڏائي صاحب فنِ جيڪو پاڻ کي ”امداد“
اچي ۽ ههڙو غزل هيئن لکي ته ڏيکاري.
(2)
-
تاج بلوچ
]25
مئي 1940ع –
[
تاج بلوچ تخلص ”تاج“ جو جنم ڪوٽ سردار محمد
خان تعلقي پنو عاقل ضلع سکر ۾ ٿيو. پني عاقل مان
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ
ڪراچيءَ ويو، جتي ايس.ايم. ڪاليج مان بي.اي پاس
ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو.
شاگردي واري زماني ۾ هڪ طرف نوآباد ۾ ٿيندڙ
بزم مشاعرن ۾ سرگرم حصو ۽ ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت
جي ميڙن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. هو ”محفلِ احباب“ ۽ بزم
طالب الموليٰ (ڪراچي) جو عهديدار ٿي رهيو. موجوده
وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري آهي.
تاج ڪيتري وقت تائين ڪراچيءَ مان نڪرندڙ رسالي
”سوجهري“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سوجهري تي سرڪاري طرح
بندش پوڻ کان پوءِ ڪجهه وقت تائين ”برسات“ جو
ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. تاج جي ايڊيٽري هيٺ ”سوجهري“
جديد ادب جي ترقي ۾ اهم ڪم ڪيو ۽ نئين ٽهي جو
پسنديده رسالو ٿي پيو. تاج اڄ ڪلهه ريڊيو ۽ ٽي وي
جي لاءِ پسنديده ادب تخليق ڪري رهيو آهي.
تاج جهڙي طرح ڊئشنگ طبيعت جو مالڪ آهي، اهڙو
ئي آهي سندس ڪلام. تاج جي غزل ۾ جديد ۽ قديم خيالن
جي چٽسالي آهي. جيتوڻيڪ هو جماليات ۽ خمريات جو
شاعر ليکيو ويندو آهي. ان هوندي به سندس ڪلام ۾
بغاوت جي باهه دٻيل ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سندس غزلن ۾
سندس نظمن وانگر پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو عڪس
سمايل آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
جوت جلي پروانا جاڳيا،
نياز ڀريا نذرانا جاڳيا.
جندڙي منهنجي زهر ٿي پئي،
ماضيءَ جا افسانا جاڳيا.
خوشين جي خاموش آ بستي،
دردن جا ويرانا جاڳيا.
پرزا پرزا ٿيون زنجيرون،
رت بدلي ديوانا جاڳيا.
ياد ڪري مخمور نگاهون،
ڪر موڙي پيمانا جاڳيا.
ڪڪرن ڪارونڀار ڏسندي،
مستيءَ جا ميخانا جاڳيا.
”تاج“ ڪري ويو ايڏا سجدا،
بت جاڳيا بت خانا جاڳيا.
-
ڪا سٺي طنز ڪو حسين الزام،
ان سوا زندگي ڪڙي آهي.
جام ڏي، ساز کڻ، ڪو ڇيڙ غزل،
منهنجي گردش ۾ دل اڙي آهي.
دل جو آباد شهر توکان سواءِ،
ڄڻ ته واريءَ جي ڪا دڙي آهي.
تلخيِ وقت جو خوف اٿم،
منهنجي ساغر ۾ وهه ڳڙي آهي.
-
عبدالڪريم پلي ”ڪريم“
(21، آگسٽ 1940ع - )
عبدالڪريم ولد عطا محمد پلي، ڳوٺ عطا محمد پلي
تعلقه عمرڪوٽ جي زميندار گهراڻي مان آهي. سندس وڏا
پنهنجي تر ۾ وڏي اثر رسوخ وارا آهن. عبدالڪريم
پنهنجي شوق مان اديب فاضل ۽ مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيو آهي، کيس ننڍپڻ کان شاعري جو شوق هو، جنهن کي
هن پنهنجي محنت سان ڪافي ترقي وٺرائي آهي.
ڪريم جيتوڻيڪ ڪافي جو شاعر آهي مگر سندس غزلن
جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هو هڪ چڱو غزل گو
شاعر به آهي. سندس غزلن ۾ جماليات جي ترجماني،
جذبات جون نيرنگيون ۽ مشاهدي جي حقيقت آفريني آهي.
جنهن ڪري سندس غزلن ۾ ڪشش ۽ اثر هوندو آهي.
ڪلام جو نمونو
خير هجي شل طوفانن جو،
عزم نه گهٽبو ديوانن جو.
پاڇي ناهه ڇڏي ڪا پنهنجن،
ذڪر ڪجي ڇا بيگانن جو.
رفته رفته بڻجي ويئي،
دلڙي مدفن ارمانن جو.
هن بستيءَ جي حال تي اڪثر،
گذري شبهه ٿو ويرانن جو.
جور جفا کان وڌ ڇا ٿيندو،
بدلو ڪوئي احسانن جو.
دار سدا نه ”ڪريم“ جهان ۾،
محرم آ ڪو ديوانن جو.
-
دير سان ئي سهي مگر ٿيندي،
جستجو نيٺ بارور ٿيندي.
بخت وارو ورائيندو،
زندگاني حسين تر ٿيندي.
زور آهي اڃا ته ظلمت جو،
ڪير ڄاڻي ڪڏهن سحر ٿيندي.
ڪنهن کي شڪ هو ته ايترو جلدي،
بدگمان ڪنهنجي هيئن نظر ٿيندي.
موت جيسين اچي اچي تيسين،
ياخدا عمر ڪيئن بسر ٿيندي.
ڪو سبب ئي ڪريم ڪونهي ڪو،
آهه ڇا لاءِ بي اثر ٿيندي
(1).
-
مشتاق علي ”وفا“ ناٿن شاهي
]15،
مئي 1944ع –
[
مشتاق علي ولد خيرات علي قريشي تخلص ”وفا“ سنڌ
جي سٺن غزل گو شاعرن مان هڪ آهي. سندس وڏا امر تسر
ضلعي جي شهر بنڊيالا جا رهندڙ هئا، ملڪ جي ورهاڱي
سبب اچي خيرپورناٿن شاهه ۾ مقيم ٿيا. ”وفا“ جي
پيدائش پڻ بنڊيالا ۾ ٿي، پر سندس تعليم خيرپور
ناٿن شاهه جي سنڌي اسڪول ۾ ٿي، جتي کيس ”محسن“
ڪڪڙائي جي استادي حاصل ٿي. ”وفا“ کي ننڍي هوندي
کان ئي گيت ۽ سنگيت سان دلچسپي هئي، جنهن کي
”محسن“ جي رهنمائي ۽ ”بزم طالب الموليٰ“
خيرپورناٿن شاهه جي مشاعرن وڌيڪ چمڪايو. هو اڄڪلهه
ڪورنگي ڪالوني (ڪراچي) جي جانورن جي اسپتال ۾ ڪم
ڪري رهيو آهي.
”وفا“ جو سڄو وقت سنڌ جي ڳوٺن ۾ گذاريندي
گذريو آهي، تنهن ڪري هن جي ٻولي صاف، سهڻي ۽ سلوني
آهي. هڪ پئدائشي سٺو شاعر آهي. سندس غزلن ۾ نهايت
دلفريبي آهي. هن جي خيالن ۾ نواڻ، انداز بيان ۾
شوخي، تشبيهن ۾ جدت ۽ غزلن ۾ اهڙو اثر آهي، جيڪو
ٿورن شاعرن کي نصيب ٿئي ٿو.
ڪلام جو نمونو
(1)
ڀيليو ڇو ٿا، گاهه ته ناهيان،
نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان.
ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مون کان،
مان دوزخ جي باهه ته ناهيان.
نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
آدم هان، الله ته ناهيان.
قيد ٿيان سوني پڃري ۾،
واڻيي جو ويساهه ته ناهيان.
ڇو ٿا مونکي ڦاسيءَ چاڙهيو،
ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.
-
جي چاهيو ته مخمور اکڙيون کڻي،
زمين آسمان سان ملائي ڇڏيو.
بهارن جي ڪهڙي ٿا موسم پڇو،
جڏهن ڀي اوهان مسڪرائي ڇڏيو.
وفا موت جي ڇا تقاضا ڪبي،
حياتيءَ ئي مون کي وڄائي ڇڏيو.
-
توکي ڇا بيوفا چوي ڪوئي،
گر چوي ڀي ته ڇا چوي ڪوئي.
هت هزارين خدا زماني جا،
ڪنهن کي ڪنهن کي خدا چوي ڪوئي.
سڀڪو ئي غم ۾ غلطان آ،
ڪنهن کي غم آشنا چوي ڪوئي.
ڪو به ناهي ”وفا“ ٻڌڻ وارو،
ڪنهن کي ڪيئن سچ ڀلا چوي ڪوئي.
********
|