سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :17

 

فضل محمد ”ماتم“

(- 1894ع لڳ)

 

حاجي فضل محمد عباسي خاندان مان هو ۽ سندس تخلص ”ماتم“ هو. هو وڏن کان وٺي مير صاحبن جو ملازم هو. مياڻي واري لڙائي کان پوءِ هي به مير صاحبن سان گڏجي ڪلڪتي قيد ٿي ويو (1).

فضل محمد ماتم مير صوبدار خان جي خاص خدمتگارن مان هو ۽ بنگال ۾ به سندس خدمت ۾ رهيو. هو بنگال جو ذڪر پنهنجي هڪ اردو شعر ۾ هيئن ڪري ٿو:

ياد آتا هي زمانه مجهي سودا پن کا،

سير کرتا تها مين بنگال مين سندربن کا.

شايد بنگال ۾ ئي طب جو مطالعو ڪيائين ۽ واپس سنڌ ورڻ کان پوءِ حڪمت جو پيشو اختيار ڪيائين. هو حرمين شريف جي زيارت کان به مشرف ٿي ويو هو جنهن جي ٻيهر زيارت جي خواهش ظاهر ڪندي چوي ٿو:

اي ڌڻي ڏيکار ٻانهي کي وري ملڪِ حبيب،

جو حبيبِ خاص تنهنجو آهه ختم الانبيا.

ماتم جي حياتي حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائي ۾ بسر ٿي، هو حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊي نور محمد ۾ رهندو هو ۽ پوءِ هٽڙي شهر ۾ وڃي رهيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين. هٽڙي ۾ ڀٽي قوم جي هڪ پرده نشين عورت سان هن کي نينهن ٿي ويو هو، مگر هنن جي شادي ٿي نه سگهي تنهن ڪري هو سڄي عمر ڪنوارو رهيو (1). هو پنهنجي ان عشق جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

هڻڙي مين گرفتار هي اک پرده نشين کا،

”ماتم“ ڪي لئي گوشه زندان هي تو هڻڙي.

مير عبدالحسين ”سانگي“، ”ماتم“ سان شادي ۽ اولاد بابت چرچو ڪندي چوي ٿو:

دخترِ رز سان ڪيو ماتم نڪاح،

جلد ٿيندو هو به اولادي ادا (2).

ماتم ان جو جواب هيئن ٿو ڏئي:

شعر منهنجو مون سندو اولاد آهه،

ڇو نه آهيان آئون اولادي ادا (3).

 

هن ماتم آل عبا ۾ پنهنجو تخلص ئي ”ماتم“ اختيار ڪيو. سندس ڪلام ائمه اثنا عشر جي مدح سان ڀريل آهي مگر سندس ڪلام ۾ پيران پير جي تعريف ۾ به شعر ملن ٿا:

آهيون مريد اسين پير جهان دستگير جا،

سلطان هر ڪهه و مهه برنا و پير جا.

جنهن سالها جو بحر مان ٻيڙو ٻڏل ڪڍيو،

تنهن شاهه تاجدار ڪرامت سرير جا.

”ماتم“ پنهنجي دور جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. اُن دور جي ڪيترن شاعرن هن جي ڪلام جي تعريف ڪئي آهي، سندس غزلن کان متاثر ٿي جوابي غزل لکيا آهن ۽ کيس پنهنجي غزلن تي غزل لکڻ جي دعوت ڏني آهي جن ۾ سانگي، گدا، مرتضائي ۽ حامد جا نالا قابل ذڪر آهن.

سانگي:

آهه بافضلِ محمد شعر ماتم جو مٺو

دل سندس آهي غمِ آل عبا ۾ داغدار.

 

واهه ماتم بي گمان شيرين سخن،

شاعري خوش حيدرآبادي ادا.

 

سندم محب مومن، ميون ماتم آهي،

سخن سنج شاعر، بجا ذو طرازي.

 

”ماتم“ ادا، ”گدا“ جي سوا ڪنهن جي ڇا مجال،

هن شعر جي جواب جو ميدان سر ڪري.

 

مرتضائي:

 

شعرا ۾ مرتضائي ڏسان جي ڪري نگاهه،

مضمون وار سنڌ ۾ ماتم سان ناهي مٽ.

 

آهي ماتم سندو ڪلام مليح،

اڳ به در ريز سارو دفتر هوس.

ماتم پنهنجي دور جي چوٽيءَ جي شاعرن مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ هو سانگي کان عمر ۾ وڏو هو، مگر سندس شمار سانگيءَ جي دور جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي ڪلام ۾ پنهنجي انفراديت آهي. جيتوڻيڪ وقت جي مروج رجحانن جو اثر هن جي ڪلام تي ڇانيل آهي مگر سندس انداز بيان وڻندڙ ۽ پيارو آهي. هن جي جذبن ۽ احساسن ۾ رنگيني، تخيل ۾ بلندي، طبع ۾ لطافت ۽ رواني آهي. هن کي شاعري جي ڏات مليل هئي، جنهن ڪري هن غزل جي گلستان ۾ هڪ نئون رنگ ۽ نظارو پيدا ڪيو آهي:

 

ڪلام جو نمونو (1)

وري آيو بهارِ باغ آرا،

وري ٿيا زخم منهنجي دل جا آلا.

 

دوباره ڏينم ساقي، ساغرِ مي،

بهاري ۾ کپي نشو دوبالا.

 

ٺهي ئي ڪين ٿو محبوب مون سان،

هزارين ٿو ڪيان حيلا حوالا.

 

وهن ٿا چشمئه چشمن کان منهنجي،

بجائي آب هاڻي رت جا نالا.

 

لکان بالا بلندن جا گه اوصاف،

فلڪان ٿي زمينِ شعر بالا.

 

”گدا“ آهي اسان جو دوست دلبر،

”گدا“ کي خوش رکي باري تعاليٰ.

 

غم و رنج و دريغ و درد و ”ماتم“

محبن جا رکيا محبوب نالا.

 

سنڀالي وک وجهج ”ماتم“ محبت ۾،

نه ميدانِ محبت بيتِ خالا.

-

ڪو بچو عشق جو بيمار ڏٺوسون نه ٻڌو

عشق جهڙو ڪوئي آزار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

پيچ در پيچ خمِ زلف مسلسل جهڙو،

ڪو به قيدي جو گرفتار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

عشق جي دام کان آزاد نه ذرو نه پتنگ،

نيز هم طائرِ گلزار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

عالم حسن عجب عالمِ اسرار آهي،

اهو ڪو عالمِ اسرار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

تو جهو اي مهِ بي مهر صنم ٻيو ڪو ڪٿي؟

يار دلدار دل آزار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

باعث عالمِ ايجاد يقينن بيشڪ،

همسرِ احمدِ مختار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

 

 

شعر ”ماتم“ جو ٻڌي يار چوي ٿو ههڙو،

شعر شيرين شڪروار ڏٺوسون نه ٻڌو.

 

ڄاڻجو نيڪ نه ”ماتم“ کي ته ڪو دنيا ۾،

اهڙو اي دوستو، بدڪار ڏٺوسون نه ٻڌو.

-

 

حافظ حامد ”حامد“

(1832ع – 1897ع)

حاجي حافظ حامد ولد محمد هاشم ميمڻ، تخلص ”حامد“، اڳين ٽکڙ ۾ ڄائو هو ته ماتا جي منحوس بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو ۽ نابين ٿي پيو مگر الله هن جي اندر کي اهڙي جوت بخشي جنهن هن جو نالو ساري سنڌ ۾ روشن ڪري ڇڏيو.

 

حافظ حامد جو حافظو نهايت تيز هو، جنهن جا ڪيترا واقعا سندس زندگيءَ ۾ ملن ٿا. هن قرآن شريف جا اٺ سيپارا سنڌ ۾ ياد ڪيا، پوءِ حرمين شريف ڏانهن ويو، جتي باقي قرآن شريف حفظ ڪيائين. سندس استاد محمد شاذلي هڪ ڀيري کيس چيو ته: ”حامد! تون قرآن شريف جو دور نٿو ڪرين، متان توکان قرآن وسري وڃي.“ حافظ حامد کيس وراڻيو، ”هڪ دفعو قرآن اوهان وٽ پڙهندو آهيان ۽ ٻيو دفعو روضئه مبارڪ ۾ تنهن ڪري پڪ اٿم ته ڪڏهن به نه وسرندو.“

حافظ حامد ٻه حج ڪري واپس وريو. جيتوڻيڪ ان وقت تائين عربي ۽ پارسي ڪانه پڙهي هئائين پر مناسڪ الحج ۽ سڄي سفر جو احوال منظوم ڪيائين. هڪ ڏينهن هو مسجد ۾ ستو پيو هو ته مولوي حاجي موسيٰ نظاماڻي منجهند جو ننڊ مان اٿاري چيس ته، ”حافظ حامد، پارسي پڙهه.“ مولوي صاحب کيس آمدن، آوردن ۽ آموختن جا مصدر ياد ڪرائي هليو ويو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ فوت ٿي ويو. مولوي صاحب جي انهيءَ فيض حافظ حامد کي پارسي زبان جو ماهر بنائي ڇڏيو ايتري قدر جو پارسي زبان ۾ سولائيءَ سان شاعري ڪري سگهندو هو.

حافظ حامد عربي جي تعليم ملاڪاتيار ۾ درس ولي محمد کان وٺڻ لڳو پر هڪ ڏينهن شرح ملا جي ڪنهن نڪتي تي استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ گهڻو اختلاف پيدا ٿيو تنهن ڪري ڪاتيار ڇڏي ٽنڊي سائين داد ۾ قاري ابوالحسن کان فيض حاصل ڪرڻ لڳو. سندس حافظو اهڙو تيز هو جو استاد کيس ويهن کان پنجاهه تائين حديثون ٻڌائيندو هو ته اهي يڪدم کيس ياد ٿي وينديون هيون ۽ ڪتابن جا صفحن جا صحفا هڪ ڀيري ٻڌڻ سان ياد ٿي ويندا هئس.

حافظ حامد روزگارلاءِ ڪپڙي جو دڪان کوليو هو. سندس حافظي جو اهو ڪمال هو جو هٿ لائڻ سان هر ڪپڙي جي قسم ۽ رنگ جو پتو لڳائي سگهندو هو.

حافظ حامد کي ڇهه نياڻيون ۽ ٽي پٽ ڄاوا جن مان محمد هاشم مخلص سنڌ جو ناميارو صحافي ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. پڇاڙي جي ڏينهن ۾ هو ٽکڙ جي سيدن سان ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي ڳوٺ نورائي تعلقي حيدرآباد ۾ وڃي رهيو ۽ (1315 هه) 1897ع ۾ مارواڙ جي ”ڄاريلي“ نالي ڳوٺ ۾ رحلت ڪيائين. سندس رحلت جي تاريخ ”آهه غريب الوطن“ 1315 هه مان نڪري ٿي.

حامد پنهنجي دور جو ناميارو شاعر هو، سندس همعصر شاعر هن کي نهايت عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چوي ٿو: ”گدا“ ، سانگي، حامد ۽ حيدري جي ڄڻ پاڻ ۾ چوياري هئي گاهي بگاهي هڪ ٻئي جي ڀران غزل چيائون ۽ هڪ ٻئي کي داد ڏنائون.“ (1) سانگي ان چوياري جو ذڪر هيئن ڪري ٿو:

حاجي حامد جي هي موزون مصرع آهي دلفريب،

هي به عيب آهي جو ڪريان تنهن سان تل طوبيٰ کي آءٌ.

 

حامدا تنهن جي غزل جو ڏئي ”گدا“ سهڻو جواب،

ٿو چوان تاڪيد سان، تنهن افضل الشعرا کي آءٌ.

 

سو هينئر مون کي غزل جوڙيندو آهي ياد پيو،

ڪيئن وساريان ”حيدري“ جهڙي غزل آرا کي آءٌ.

 

 

 

سانگي حامد کي دادِ سخن هنن لفظن ۾ ٿو ڏي:

 

تنهن کان پوءِ چئجن وري ”حامد“ سندا اشعار خاص

جي آهن تسبيح جيئن پوتل چون دُر شاهوار.

 

۽ گدا وري حامد جي مصرع پسند ڪري سندس تعريف ڪندي چوي ٿو:

”گدا“ دلچسپ هي مصرع فصاحت مآب حامد جي،

ڇڏي حيلا حبيبن سان ڀلا ڪا وک ڀرڻ گهرجي.

حامد کي شاعري جي ڏات مليل هئي ۽ هن اها ڏات سنڌي غزل جي سونهن کي سنوارڻ تي صرف ڪئي. حامد کان اڳ جي شاعرن سنڌي غزل تي پارسي رنگ ۽ پارسي زبان جي چٽسالي ڪئي هئي پر حامد اهو غزل گو شاعر هو جنهن پنهنجي غزل جي زبان تي اهو رنگ چڙهڻ نه ڏنو. مولانا دين محمد وفائي حامد جي زبان لاءِ چوي ٿو: ”سندس سنڌي زبان اهڙي صاف آهي جو جيڪڏهن حضرت ڀٽائي عليهه الرحمت جي ڪلام سان ڀيٽجي ته ڪو تفاوت معلوم نه ٿيندو.“ (1)

حامد ايراني روايتن کان پاسو ڪري سنڌي غزل کي پنهنجي ديسي ۽ مقامي روايتن ۽ ماحول سان روشناس ڪرايو ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ روماني داستانن کي سنڌي غزل جو زيب ۽ زينت بنايو. حامد کان اڳ ڪهاڻين جا اصطلاح، استعارا ۽ اشارا ته گل، قاسم ۽ فاضل وٽ به ملن ٿا پر ڪهاڻي کي غزل جي صنف ۾ سمائڻ ۽ ان ۾ تسلسل پيدا ڪرڻ حامد جو ڪارنامو آهي. (1)

حامد جي ڪلام ۾ ٻولي جي چاشني، بيان جي سادگي، ڪلام ۾ رواني ۽ تغزل موجود آهن، هن جا ڪيترا غزل مسلسل غزل آهن.

 

ڪلام جو نمونو (2)

 

دل گهريا دوست دادلا سڄڻان،

مون سري ڪين تو سوا سڄڻان.

 

ڇو رقيبن جي چئي رسين مون سان،

ڪر وفا ٿي نه بي وفا سڄڻان.

 

ڏور ويندين ته ڏينهن لائيندين،

گهار مون ساڻ گڏ سدا سڄڻان.

 

خود نمائي نه ڪر خدا لڳ تون،

دردمندن سان دلربا سڄڻان.

 

ڪنهن ڪيئه يار بيگانو،

ساڻ اغيار آشنا سڄڻان.

 

ڇا مڏيون مال سر به هي صدقو،

تنهنجي هڪ ماڻ تان مٺا سڄڻان.

 

ڪين چوندس ڪڏانهن جي ڪهندين،

جور تنهنجي کي آءٌ جفا سهڻا.

 

”حامد“ هي غزل ڏسي چوندو،

وجد ۾ يار خودنما سڄڻان.

-

 

محبت مچايو مگر الغياث

جليو جوش کان جي جگر الغياث.

 

ٿيو محو هڏ ماهه وگهريو وجود،

ڪيو عشق ايڏو اثر الغياث.

 

هڻين حڪم هيڻن تي هيڪر حبيب،

صنم سنگدل ٿيو سٻر الغياث.

 

ڪهي ڪهل کان ڪونه ڪڏهين ڪري،

نماڻن مٿي ڪو نظر الغياث.

 

جتن جاڳندي مون نه ڪرها ڪڍيا،

ستي ساٿ ڪيڙو سفر الغياث.

 

نڄاڻان ڇڏي ننڊ ۾ ويا نڌر،

ڪري ڏير ڪهڙو ڏمر الغياث.

 

پيم پنڌ پٽين پنهل ڄام ڏي،

وساري نه وهندياس ور الغياث.

 

ٿيو هلڻ حامد اڳاهون عجيب،

سدا ڏور سپرين سڌر الغياث.

-


(1)  عباس علي بيگ مرزا ”شاهڪار ثابت“ مقدمو قلمي، ص 36، سنڌي ادبي بورڊ.

(1)  روايت عباس علي بيگ مرزا.

(2)  شاعران شيرين بيان“ قلمي.

(3)  اردو شعراءِ سنڌ، ص 152.

(1)  ”انتخاب ماتم“ قلمي.

(1)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر ”ڪليات سانگي“ مقدمو ص 84.

(1)  ”ارمغان حامد“ ص 5، مسلمان پرنٽنگ پريس ميرپورخاص 1926ع.

(1)  عبدالرزاق ”راز“ شيخ ”سنڌي غزل جو تجزيو“ ص 49.

(2)  ارمغان حامد، ص 26 ۽ 8.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org