سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :40

 

آغا عبدالنبي ”آغا“

]16 مارچ 1903ع -   [

آغا عبدالنبي ولد آغا گل حسن تخلص ”آغا“ شڪارپور جي دراني پٺاڻ خاندان مان ۽ آغا صوفي جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس ابتدائي تعليم گمبٽ ۽ انگريزي تعليم خيرپور مان ٿي، 1919ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري عليڳڙهه ويو جتان 1924ع ۾ بي.اي (آنرس) جو امتحان پاس ڪري سنڌ ۾ اچي نوڪري ۾ گهڙيو. پهريان شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جتان مختيارڪاري جي عهدي تي چونڊجي ويو. هو مختلف ممتاز عهدن تي فائز رهيو، جهڙوڪ روينيو سيڪريٽري، ڪمشنر، گورنمينٽ جو صلاحڪار ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر هو.

 

”آغا“ عبدالنبي کي ننڍي هوندي کان شاعري جو شوق هو. سندس وڏي ڀاءُ آغا صوفي جي صحبت سندس طبيعت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو هو.

 

پهرين سنڌي فلم ايڪتا جا پاڪستان کان اڳ ٺهي هئي تنهن جا ڊائلاگ ”آغا“ عبدالنبي لکيا هئا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”افڪار عليگ“ نظم ۽ حريص پتلو عرف وفا جي ديوي (ڊراما) مشهور آهن. سندس ڪليات (قلمي) سندس پوين وٽ محفوظ آهي.

”آغا“ عبدالنبي جي شاعري تي پارسي ۽ اردو غزل جو رنگ غالب آهي. سندس خيال ۽ اندازِ بيان ٻئي وڻندڙ پر پارسي شاعرن کان گهڻو متاثر ٿيل آهن.

 

ڪلام جو نمونو

راهه تنهنجي ۾ مٺا، ڪجهه ڪجهه نشان منهنجا به هن،

همقدم تو ساڻ ڏس اشڪِ روان منهنجا به هن.

 

ظلم تنهنجي جا قصا جي پيش ٿيندا حشر ۾،

تن ۾ شايد جانِ من ڪجهه داستان منهنجا به هن.

 

حشر ۾ جو ٿيون تلاشيون مقتل قاتل اندر،

مون چيو ڪجهه زير چوڪٺ استخوان منهنجا به هن.

 

ياس ۽ اونداهه اڄ گردابِ فرقت ۾ اچي،

دل سندا همدرد ٿيا رهن و زبان منهنجا به هن.

 

دشت غربت يا عزيزو راههِ محمل ۾ ٻڌو،

ڪجهه فسانا قيس کي اڄ بر زبان منهنجا به هن.

 

قيس جا صحرا اندر، فرهاد جا منجهه بي ستون،

دشت سنڌوءَ ۾ اي ”آغا“ آستان منهنجا به هن.

-

 

آيو آن ڪوئي يار ۾ پٿر ته کڻي وڃ،

ڪجهه يادگارِ شهر ستمگر ته کڻي وڃ.

 

اي باد سحر يار جي ڪوچي ۾ دفن لئي،

هيءَ خاڪ دلِ زار ۽ ابتر ته کڻي وڃ.

 

بيباڪ منهنجي قتل جو سامان نه هتي ڇڏ

ثابت نه ٿئي خون هي خنجر ته کڻي وڃ.

-

تنهن جي هوندي اي بتِ پرفن ڀلا تون ئي ٻڌاءِ،

ٻي ڪنهين تي خون منهنجي جو گمان چئه ڪيئن وڃي.

 

خلق ٿي چئي، ڪر تون دعويٰ خون جي قاتل مٿان،

توتي دانهين حاش لله هيءَ زبان چئه ڪيئن وڃي (1).

-


 

محمد صادق ”طالب“

]1903ع – 27، جون 1969ع[

خليفو محمد صادق ولد خليفو گل محمد ڪلهوڙو تخلص ”طالب“ راوت خان لغاري ضلع دادو ۾ تولد ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. ابتدائي سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مولوي غلام محمد بوبڪائي کان پارسي ۽ بهار دانش ۽ عربي ۾ صرف بهائي تائين پڙهيو. ان کان پوءِ مولوي دين محمد اديب فيروزشاهي کان تفسير جلالين ۽ شرح جامي تائين فيض حاصل ڪيائين. عروض ۾ چهار گلزار ۽ نصاب الصبيان به ان وٽ پڙهائين. ساڳي وقت پنهنجي وڏي ڀاءُ حڪيم شفيع محمد کان طب ۾ ميزان الطب، طب اڪبر، نير اعظم وغيره پڙهائين.

 

طالب 1926ع کان وٺي شعر چوڻ شروع ڪيو. ان وقت سيد محمد تقي شاهه ۽ ماستر جمع خان غريب ناري شريف (بالي شاهه نزديڪ) مشاعرهه ڪندا هئا. انهن ۾ شريڪ ٿيندو هو، شاعري ۾ جمع خان غريب کي پنهنجو استاد ورتائين (1). اڳتي هلي هن جو ناتو بزم مشاعرهه لاڙڪاڻي ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ سان گهرو ٿي ويو. هن کي بزم مشاعرن قائم ڪرڻ جو چاهه هو، 1930ع ۾ بزم مشاعرهه راشدي جي ڳوٺ ۾ ۽ 1950ع ۾ بزم احباب خيرپورناٿن شاهه ۾ قائم ڪيائين. پوءِ ان جو نالو تبديل ڪري بزم طالب الموليٰ رکيائين ۽ اڳتي هلي اها بزم طالب جي نالي سڏجڻ ۾ آئي. هن بزم خيرپور ناٿن شاهه ۽ آس پاس گهڻا ۽ سٺا شاعر پيدا ڪيا.

 

طالب پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ ڇڏي اچي خيرپورناٿن شاهه ۾ رهيو جتي حڪمت جو ڪم ڪندو هو.

 

طالب قديم رنگ ۾ سٺو غزل چوندو هو. هن جي غزل ۾ رواني ۽ سلاست آهي. هن پنهنجن سادن خيالن کي به سهڻي نموني پيش ڪيو آهي، ڪٿي ڪٿي هن جي خيالن ۾ نواڻ پڻ محسوس ٿئي ٿي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

تو ڪيو رخ سان قمر ۽ خال سان اختر مطيع،

عين سان آهو ڪيئي ڪاڪل سان ڪاريهر مطيع.

 

اسم اعظم جو اثر ڪو منجهه سخن محبوب آهه،

گفتگو سان ٿو ڪري هو جلد جادوگر مطيع.

 

يار جي رخسار جو ۽ لب جو ۽ دندان جو،

گل گلابي ۽ عقيق آهي ۽ نيلوفر مطيع.

 

ڇو نه انسان ٿيندا عاشق جن ڏٺو حسنِ جمال،

تو ڪيا جن و ملائڪ اي پري پيڪر مطيع.

 

حسن جي سرڪار جا طابع ڏٺم طالب هزار،

شاهه خوبان جا ٿيا جمشيد اسڪندر مطيع.

-

ظلم کي اختيار يار نه ڪر،

ڏئي جفائون تون زار زار نه ڪر.

 

گاهه آهي جدائي گاهه وصال،

مردهه و زندهه بار بار نه ڪر.

 

مرغ دل ڄاڻ آئي موسم گل،

دامنِ صبر تار تار نه ڪر.

 

هڪ وفادار يار ڪافي آهه،

ٻه ٻه ٽي ٽي ۽ چار چار نه ڪر.

 

يا خدا ميل ”طالب“ و مطلوب،

بلبل و گل کي ڌار ڌار نه ڪر.

-


 

مغل غلام سرور ”سرور“

]جون 1903ع – 8 سيپٽمبر 1957ع[

غلام سرور ولد خانبهادر رسول بخش مغل تخلص ”سرور“ جا وڏا قلات مان لڏي اچي جيڪب آباد ۾ رهيا هئا. هن جو والد رسول بخش ”رهي“ پنهنجي وقت جو پارسي جو وڏو شاعر هو ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪندو هو. جنهن وقت خيرپور رياست ۾ نائب وزير هو تڏهن ڪوٽ ڏيجي ۾ غلام سرور تولد ٿيو. ”سرور“ جو چاچو غوث بخش ”خاڪي“ به پارسي ۽ سنڌي جو شاعر هو. تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته سرور کي شاعري وڏن کان ملي.

 

سرور کي وڏي جائداد ورثي ۾ ملي هئي تنهن ڪري هو عيش ۽ نائونوش جي زندگي ڏانهن مائل ٿي ويو. هن جا علامه اقبال سان به گهرا تعلقات هئا. فيض بخشاپوري پنهنجي هڪ مضمون ”بيادِ رفتگان ۾ سرور ۽ اقبال جو هڪ واقعو سرور جي زباني هن ريت بيان ڪيو آهي، ”مان لاهور مان شادي ڪرڻ جو خيال ڪيو ته مون کي سختي سان منع ڪيائين ۽ چيائين ته ڇا تون لاهور ۾ شادي ڪري تباهه ٿيڻ ٿو گهرين؟ توکي لاهور جو حال معلوم نه آهي، هتي ته رياستن جا والي به تباهه ٿي ويندا آهن. تنهنجا اڃا زندگيءَ جا ڏينهن آهن، مون توکي ٻن چيزن کان منع ڪري پنهنجو حق ادا ڪيو آهي. هڪ هي ۽ ٻي مي نوشي جيڪڏهن تون انهن کان باز نه آئين ته منهنجو ڇا ويندو. حضور سرور ڪائنات کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندين ۽ ڪهڙو جواب ڏيندين؟“ (1).

 

سرور جا لاهور جي بزرگ حڪيم سيد رحمت الله شاهه سان جيڪو اقبال جي دوستن مان هو. گهرا تعلقات هئا. سرور پنهنجي اردو ڪلام جي سلسلي ۾ حڪيم صاحب جي ذريعي اقبال کان اصلاح وٺندو هو (2). هڪ ڀيري علامه اقبال، سرور کي پنهنجو هي غزل ٻڌايو.

کبهي اي حقيقت منتظر نظر آ لباس مجاز مين،

که هزارون سجدي تڙپ رهي هين ميري جبين ناز مين.

انهيءَ غزل جو جواب سرور کيس هن سنڌي غزل ۾ ڏنو، جنهن جو مطلع آهي:

هو نياز ڪهڙو آ، جو اگهي نه درگه ناز ۾،

پوءِ نماز چئجي نماز ڇا؟ جو اچي نظر نه نماز ۾.

جڏهن اقبال کي ان جو ترجمو ٻڌايائين ته اقبال کيس چيو: ”اي سرور ڪهڙو نه عارفانه ڪلام چيو اٿئي، تنهنجي نجات هن غزل جي ڪري ٿيندي.“

سرور شاعري ڪيئن شروع ڪئي تنهن بابت عبدالخالق ٿهيم لکي ٿو، ”جواني جي ابتدا جي زماني ۾ چڻنگ سندس دامن ۾ پيئي جا دکندي رهي ۽ انهيءَ محبت جي مچ سندس شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا“ (1).

سرور جا گدائي، غلام قادر ”قيس“، ۽ حافظ خير محمد اوحدي سان گهرا تعلقات هئا، انهن سان گڏجي جيڪب آباد ۾ بزم مشاعرهه قائم ڪيو هئائين. هن جا بزم مشاعرهه لاڙڪاڻي سان 1925ع کان تعلقات رهيا. هو پنهنجا غزل لاڙڪاڻي موڪليندو هو جيڪي بزم مشاعرهه ۾ پڙهيا ۽ الحقيقت ۽ گلدسته ۾ شايع ٿيندا هئا.

سرور کي قنبر تعلقي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ وڏي زمين هئي، هو ان جي نظرداري خاطر 1938ع ۾ محلي ميان جي ڳڙهي قادرين جي خانداني قبرستان سان لڳ اتر طرف جاءِ جوڙائي اچي رهيو. لاڙڪاڻي ۾ رهائش واري دوران هو بزم مشاعرهه لاڙڪاڻي ۾ گهڻو ڪري شريڪ ٿيندو هو. 1943ع ۾ ”اديب سنڌ“ مالي مشڪلات ۾ هو تنهن ڪري سنڌي سڌار سوسائٽي جي ميٽنگ ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيڪو سو روپيه امداد ڏيندو ته ان کي سوسائٽي جو سال 1943ع لاءِ مربي ڪبو. سرور هڪ سئو روپيه امداد جو اعلان ڪيو. سندس نالو هڪ سال لاءِ مربي طور اديب رسالي جي پهرين صفحي تي لکيو ويندو هو.

نواب يوسف علي خان مگسي سرور جي دوستن مان هو. 1930ع ۾ جيڪب آباد ۾ جيڪا آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي ان ۾ سرور کي بلوچستان لاءِ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو.

سرور زندگي جا پويان ڏينهن بيمار گذاريا ۽ دل جي حرڪت بند ٿيڻ سبب سندس وفات ٿي کيس قائم شاهه بخاري جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس گهڻو ڪلام گم ٿي ويو آهي. ڪي ٿورا غزل سندس پٽ نثار مغل وٽ محفوظ آهن.

سرور پنهنجي وقت جو مقبول شاعر هو. هو غزل جو شاعر هو سندس پهرين ڪلام تي مجاز جو گهڻو اثر هو پوءِ اقبال جي صحبت جي اثر ڪري قومي (مسلم) رنگ ۾ شعر چوڻ لڳو. سرور جي غزل ۾ خيالن جي نواڻ ۽ شوخي آهي. هن جو انداز بيان پرڪشش آهي. هو غزل لاءِ اهڙن لفظن جي چونڊ ڪري ٿو جيڪي هن جي خيالن کي پراثر بنائن ٿا پر ڪڏهن پارسي جا مشڪل لفظ ۽ ترڪيبون استعمال ڪري ٿو جنهن ڪري هن جو شعر مشڪل ٿيو پوي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

خود شرم کان مران ٿو احسان ڏسي ڏسي،

جيئرو ٿيان هو حشر جو سامان ڏسي ڏسي.

 

هر روز آندو خلد مان گلدستو نذر لئي،

توکي غريب خاني ۾ مهمان ڏسي ڏسي.

 

بلبل سڙي وئي ڪري هڪ آهه آتشين،

هر گل چمن ۾ آگ بدامان ڏسي ڏسي.

 

اي قيس حال خانمان برباد جو نه پڇ،

گهر مون کي ياد آيو بيابان ڏسي ڏسي.

 

آزاد خود کي مون ڪيو قيدِ لباس کان،

هر روز چاڪ چاڪ گريبان ڏسي ڏسي.

 

سرور چراغ پا نه ٿي، خود تون چراغ ٿي،

هر شب عدو جي گهر ۾ چراغان ڏسي ڏسي.

-

 

جي جلائين عشق مونکي سو نشان پيدا ڪيان،

پنهنجي خاڪستر منجهان ڪو ٻيو جهان پيدا ڪيان.

 

قتل مونکي گر ڪري پنهنجي هٿن سان دلربا،

خون جي قطري مان عمر جاودان پيدا ڪيان.

 

گاهي گاهي جي پري پيڪر اچي گلگشت لئي،

عشق جي سوزن سان دل تي گلستان پيدا ڪيان.

 

دل جي آهن سان ڪيان مان نوح ۽ طوفان ٻيا،

قطرهه آنسو مان بحرِ بيڪران پيدا ڪيان.

 

کوليان غنچن جا منهن جادوبياني سان وري،

بلبلِ مسڪين لئي گل نت نوان پيدا ڪيان.

 

عڪس دل تي گر تجلي جو پوي ڪو ”سرورا“

پوءِ ته هڪ طورِ محبت جو نشان پيدا ڪيان.

-


(1)  مهراڻ سه ماهي ص 8-1 پرچو 3 سال 1974ع.

(1)  ”تذڪره شعراءِ“ محمد بخش واصف ص 38، آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد، 1956ع.

(1)  ”ديوان طالب“ قلمي حڪيم محمد صادق ملڪيت وقار ناٿن شاهي، ڪراچي.

(1)  ”پيغام“ ماهوار ڪراچي ص 49، ڊسمبر 1977ع.

نوٽ : سرور جي ننڍي عمر ۾ پنهنجن مائٽن مان اول ئي شادي ٿيل هئي.

(2)  ”پيغام“ ماهوار ڪراچي ص 40، ماهه ڊسمبر 1977ع.

(1)  عبدالخالق ٿهيم ”جيڪب آباد تعلقي جي علمي ۽ ادبي تاريخ“ قلمي مونوگراف 1967ع، سنڌالاجي.

(1)  ”ڪلام سرور“ قلمي ملڪيت نثار احمد مغل لاڙڪاڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org