سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :41

 

عبدالله ”خواب“

]18، جنوري 1904ع[

عبدالله ولد ميان علي بخش ڀٽي تخلص خواب حيدرآبادي آهي. جيتوڻيڪ هو ٻه چار درجا پڙهيل آهي پر مطالعي جي شوق سندس تعليم جي ڪمي پوري ڪري ڇڏي آهي. خواب تلڪ چاڙهي تي ”انتخاب“ ٽيلرنگ هائوس جو مالڪ آهي.

 

شاعري ۾ سندس تربيت سندس وڏي ڀاءُ محمد موسيٰ راز ۽ حافظ حيات شاهه ڪئي. واصف ۽ خليل جي صحبت سندس شاعري کي سوڌيو ۽ سنواريو. هن جو تعلق مسلم ادبي سوسائٽي ۽ بزم خليل جي مشاعرن سان گهرو رهيو آهي.

خواب جي غزل جو رنگ پراڻو، ٻولي صاف ۽ انداز بيان سادو ۽ خيال وڻندڙ آهن.

 

ڪلام جو نمونو (1)

اربابِ محبت جو اگر دم نه هجي ها،

دنيا ۾ ڪڏهن سلسلئه غم نه هجي ها.

 

آلامِ جهان خوفِ اجل، فڪرِ قيامت،

هڪ تنهنجو ڪرم ٿئي ها ته ٻيو غم نه هجي ها.

هي دل جو پکي ڦاسي ڪڏهن ڪين سگهي ها،

جي زلف گره گير ۾ ڪو خم نه هجي ها.

 

اسرار ڪڏهن عشق جا ظاهر نه ٿين ها،

جي عشق ڪڏهن حسن جو محرم نه هجي ها.

 

اي ”خواب“ ڪڏهن گل نه ٽري ها ڪو چمن ۾،

غنچن کي لڳل سحر جي شبنم نه هجي ها.

-

پنهنجي مکڙين جي تبسم کي ٿو برباد ڪري،

باغبان پنهنجو ئي پنهنجو ٿو چمن پاڻ لٽي.

 

جن بهارن جي تصور ۾ خوشي ٿي نپني،

تن هوائن جي هنجن ۾ ٿو گلستان هجي.

 

”خواب“ خسته ٿو ڪري شعله نوائي کي پسند،

جوت هلچل جي نئين جڳ ۾ جلائڻ ٿو گهري.

-

فصلِ گل ٿيو تباهه ڪن ثابت،

زندگي ختم ٿي بهارن ۾.

 

موجِ طوفان جي گلا ڪهڙي،

ڪشتيون گم ٿيون ڪنارن ۾.

فصل گل ”خواب“ کي فريب ڏنو،

زندگي ختم ٿي نظارن ۾.

-

 

غلام عباس ”جوش“

]1904ع 26 فيبروري 1962ع[

ميان غلام عباس ولد ميان دوست محمد قادري، تخلص ”جوش“ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي باني ميان علي محمد قادري جو ڀائٽيو هو، مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ٽي چار درجا انگريزيءَ جا پڙهڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهيو.

 

1922ع ۾ ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور فقير ”قادري پرنٽنگ پريس“ قائم ڪئي ۽ هفتيوار ”الحقيقت“ اخبار شروع ڪئي ته پريس جي سنڀال ۽ اخبار جي ايڊيٽريءَ جو ڪم سندس سپرد ڪيو ويو، جيتوڻيڪ هو ان وقت ننڍو هو، پر هن ٻئي ڪم سهڻي نموني سنڀاليا. قادري پريس مان هفتيوار الحقيقت، ماهوار گلدسته سنڌ ۽ ماهوار اديب شايع ٿيندا هئا، جن سنڌي ادب ۽ شعر و شاعري جي وڏي خدمت ڪئي. ”جوش“ جيستائين زندهه هو تيستائين لاڙڪاڻي جي ايڊيٽرس ايسوسيئيشن جو صدر رهيو. لاڙڪاڻي جا نوجوان صحافي سندس تجربي مان گهڻو فائدو وٺندا رهيا.

 

”جوش“ سياست ۾ به جواني کان ڀرپور حصو وٺندو هو. سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ واري تحريڪ ۾ هن وڏي جوش سان حصو ورتو هو. آزاد سنڌ جماعت لاڙڪاڻي جو نائب صدر هو (1). هو مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ۽ لاڙڪاڻه ٽائون مسلم ليگ جو صدر هو. هو لاڙڪاڻه ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين به هو. انجمن فدا الاسلام لاڙڪاڻه، جنهن جو مقصد شهر جي مسلمانن ۾ تعليم ڦهلائڻ هو ڪيترو وقت ان جو سيڪريٽري رهي ديني مدرسه جي نگراني ڪندو رهيو. هو انجمن حمايت الاسلام جو به سيڪريٽري هو. ورهاڱي کان پوءِ هو اربن ڪوآپريٽو بئنڪ جو وفات تائين چيئرمين رهيو.

 

”جوش“ کي ادب ۽ شاعري ورثي ۾ ملي هئي. سندس چاچي ميان علي محمد قادري جي اوطاق تي علم و ادب جون ڪچهريون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. جنهن هن ۾ به شعر و شاعري جو چاهه پيدا ڪيو. شاعري ۾ سندس استاد قادري هو.

 

”جوش“ کي ڊرامن اسٽيع ڪرڻ جو به ڏاڍو شوق هو. 1925ع ۾ جڏهن اڃا فلمن زور نه ورتو هو تڏهن ڊرامن جو گهڻو قدر هو. هن ان زماني ۾ پنهنجن ڪن دوستن سان ملي ”الهلال اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي“ جو بنياد وڌو، جنهن جو نه صرف صدر هو پاڻ هو پر ڊائريڪٽر به هو. سندس ڊائريڪشن هيٺ آغا حشر ڪاشميري، ميرزا حيرت ۽ ٻين اردو جي مشهور ڊرامه نگارن جا ڊراما 1948ع تائين اسٽيج ڪيا.

الهلال اميچوئر سوسائٽي جا آغا صوفي شڪارپور، سکر ۽ روهڙي ۽ حيدرآباد جي ڪاساين جي پاڙي واري ڊراميٽڪ سوسائٽين سان گهرا ناتا هئا.

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو انتظام ”جوش“ جي سپرد هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ جيڪي ادبي ڪانفرنسون ٿينديون هيون انهن جي انتظام ۾ به وڏو حصو وٺندو هو. 1946ع ۾ ڪوٺايل ستين ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻه جي استقبال ڪميٽي جو هو چيئرمين هو.

26 فيبروري 1962ع تي شام جو ڪراچي ۾ کيس دل جو دورو پيو ساڳي رات ٻارهين بجي ڌاري جناح اسپتال ۾ وفات ڪيائين، سندس جنازو لاڙڪاڻي آندو ويو، 27 فيبروري 1962ع مطابق 21 رمضان 1381هه کيس سندس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

”زيب“ عاقلي سندس وفات تي هيٺيون قطعو لکيو هو:

شاعر، مصنف ۽ صحافي به بي نظير،

طبعاً فقير، حق گو ۽ حق شناس هو.

مرڻو آ هر ڪنهين کي مگر هاءِ ”قادري“

عجزو حيا جو چشمو ”غلام عباس“ هو (1).

”جوش“ کي ننڍپڻ کان استاد شاعرن جي صحبت نصيب ٿي، تنهن ڪري هن جي ڪلام ۾ بلندي ۽ پختگي پيدا ٿي وئي، هو مجازي شاعري کان زياده قومي ۽ اصلاحي شاعري جو چاهيندڙ هو. ان وقت مسلمان قوم کي بيدار ڪرڻ جو لاڙو جيڪو شاعرن ۾ پيدا ٿيو هو تنهن کان متاثر هو. سندس غزلن ۾ خيالن جي بلندي ۽ زبان جي رنگيني آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

صد شڪر رخ ٿيو آ، مون ڏانهن يار جو ڪجهه،

مس مس ٿيو آ سامان، اکين جي ٺار جو ڪجهه.

 

مصري کان وڌ مٺو جيئن، منهنجو مٺو جو آيو،

ويو مرتبو وڌي جهٽ، مصري بازار جو ڪجهه.

 

ڦٿڪي ۾ ڇڏ نه بسمل، هڪ وار سان تون مارج،

ڪر ڪو قياس قاتل، پنهنجي شڪار جو ڪجهه.

 

ميت ڏسي پو پاسو ڀل ڪيو مگر خدارا،

پت رکجو منهنجي دلبر، هيڏي نهار جو ڪجهه.

 

وعدو ڏئي وري تون، ڪر ياد سو پيارا،

رک شان مان پنهنجي، تون اعتبار جو ڪجهه.

 

اي ”جوش“ بارِ عصيان کان ڏيل هي ڏڪي ٿو،

آٿت فقط آ رحمتِ پروردگار جو ڪجهه.

-

يار شيرين سخن و غنچه دهن ڪنهن جو آ،

لاله لب گلبدن جو سيب ذقن ڪنهن جو آ.

 

شور گلشن ۾ پيو آهه اچڻ کان ان جي،

اي صبا ڏس ته سهي هي گل رشڪ چمن ڪنهنجو آ،

 

هي چمن بادِ خزان سان ته فنا ٿي ويندو،

گل ۽ بلبل ۾ جهڳڙو ته چمن ڪنهن جو آ.

 

وات منهنجو ٿو مٺو ٿي جي هو ڳالهائي ٿو،

اهڙو ان کان سوا نه شيرين سخن ڪنهن جو آ.

 

يار دل ۾ ٿو رهي منهنجي هميشه هردم،

ناهي معلوم ته هي رنج و محن ڪنهن جو آ.

 

جنهن ڏٺو، طوق غلاميءَ جو وڌو قمريءَ جان،

”جوش“ ڄاڻي ٿو ته سرو چمن ڪنهن جو آ.

-

لطف الله ”بدوي“

]21 جولاءِ 1904ع – 19 نومبر 1967ع[

لطف الله ولد حاجي امام بخش بدوي تخلص پهريان ” جوڳي“ پوءِ ”بدوي“. سندس والد حاجي امام بخش ” خادم“ شڪارپور جو هڪ قابل استاد، عالم، شاعر ۽ عابد هو. هن ابتدائي سنڌي تعليم منگهن واري ڳوٺ (خيرپور) ۽ شڪارپور ۾ حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ عربي ۽ پارسي تعليم وڪٽوريا جوبلي اسڪول شڪارپور ۾ آخوند عبدالرحمان وٽ حاصل ڪئي. مولوي عبدالڪريم چشتي سندس هم مڪتب هو.

 

بدوي جي والده ننڍي لاءِ گذاري وئي هئي ۽ والد جڏهن هو نون سالن جو هو ته گذاري ويو. سندس والد وفات کان اڳ هن کي انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو، والد جي وفات کان پوءِ به هن پنهنجي تعليم جاري رکي پر ڇهين انگريزي ۾ تعليم کي الوداع چئي مختلف هنڌن تي نوڪري ڪيائين. فقير غلام علي مسرور جو هن تي گهرو اثر هو، بدوي جواني جي زماني ۾ جوڳ اختيار ڪري سندس ٽولي ۾ شامل ٿي ويو ۽ يڪتاري ۽ راڳ سان پاڻ وندرائڻ لڳو.

 

1920ع ۾ جيڪب آباد مان فائنل جي امتحان ۾ پهريون نمبر ڪامياب ٿيو ۽ ٺل ۾ ماستر مقرر ٿيو. شعر ننڍي هوندي کان چوندو هو. گدائي به ٺل ۾ رهندو هو. بدوي صاحب جي صحبت ۾ رات ڏينهن رهڻ ڪري گدائي صاحب ۾ شاعري جو شوق پيدا ٿيو ۽ ”گدائي“ تخلص اختيار ڪري ڪافيون ۽ غزل چوڻ لڳو (1). 1921ع ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا وٺي ٺل ۾ انگريزي ماستر مقرر ٿيو. لائلپور مان ايگريڪلچر ڪاليج مان ڊپلوما حاصل ڪري ايگريڪلچرل ماستر ٿيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه وقت اردو گشتي ماستر ٿي ڪم ڪيائين، 1949ع ۾ ميونسپل اسڪولن مٿان اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو، جتان گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، 1958ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين.

 

21 نومبر 1965ع ۾ بدوي جو وڏو فرزند احسان احمد بدوي جيڪو سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرر هو ۽ هڪ سٺو شاعر ۽ اديب هو، ڪار جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي وفات جي تاريخ دوست محمد صوفي هن قطعي ۾ بيان ڪئي آهي:

 

ڏسي احسان تي احسان احمد،

عطا ڪئي تربت نوراني الله (2).

1385هه

احسان نثر ۽ نظم جو شهسوار هو. سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر هي آهن:

 

نرگسي اکين جي ڪيفيت نه پڇ،

درد دل جي هم نفس شدت نه پڇ.

 

ڪنهن جي لئه بيتاب آ قلبِ حزين،

ان سراپا ناز جي فرقت نه پڇ.

 

منهنجي ناڪامي جو افسانو نه ڇيڙ،

منهنجي مايوسي جي ڪيفيت نه پڇ.

 

ياس غم، عشق جي انجام کان،

مون کان احسان منهنجي قسمت نه پڇ.

 

احسان جي وفات بدوي کي جهوري رکيو، پٽ جي وڇوڙي ۾ ڪيترا شعر لکيائين، جنهن مان ”سوگوار پيءُ“ واري نظم مان سندس دل جي حال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

 

ڏينهن گذريا، تنهنجي خط جو آهه ڪيڏو انتظار،

تو ڪئي پرديس ۾ ايڏي خموشي اختيار.

 

تو ڪٿي رئندو ڏٺو هو پيءُ کي اي جانِ من،

ان جي اکين کي ته ڏس، جي بڻجي ويئون آبشار.

 

 

ايتري بي اعتنائي، ڪجهه ته لِک پرديس مان،

ڪئن اتي گذري ٿو تنها تنهنجو هي ليل و نهار (1).

 

بدوي احسان کي ياد ڪندي 19 جنوري 1968ع ۾ هميشه لاءِ وڃي ساڻس مليو. سندس وفات تي ڪيترن شاعرن قطعه تاريخون لکيون، جن مان ڪي هي آهن:

اظهر شاهه گيلاني:

جئن پڇيم سن وصل جو هاتف چيو،

لطف جي فرقت ڪيو ”خسته جگر“

1388هه

عيسوي سن لاءِ هي ارشاد ٿيو،

لک تون ”فياضي، سخاوت“ جا اکر (1).

1968ع

 

مولوي محمد اسماعيل:

جستم از غيب سال تاريخش،

يعفرا ازلل اين رسيد ندا (1).

 

حفيظ هوشيارپوري:

روح لطف الله بدوي درا رهم،

دوستان در فڪرِ تاريخ وفات.

 

ببر تاريخِ وفات او حفيظ،

گفت لطف الله بدوي نيڪ ذات (2).

1968ع

لطف الله بدوي کي شاعري جو شوق ورثي ۾ مليو هو. هڪ وڏي شاعر جون سموريون خوبيون سندس ڪلام ۾ موجود آهن. هن جي شاعري ۾ قديم ۽ جديد رنگن جو ميل آهي، هو بنيادي طرح نظم جو شاعر هو پر غزل جي گلزار جي به آبياري ڪئي اٿس. سندس غزلن ۾ رواني ۽ خيالن جي گهرائي آهي. هن نثر ۽ نظم ۾ گهڻو لکيو آهي. سندس ڇاپيل ڪتابن مان ڪي هي آهن: 1. تذڪره لطفي (ٽي ڀاڱا)، 2. دودو چنيسر (ڊرامو) 1957ع، 3. ڪليات خادم 1958ع، 4. ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام، 5. ديوان صنعت (پارسي) 1968ع. سندس 32 قلمي ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب قابلِ ذڪر آهن: 1. سنڌ ۾ تصوف ۽ صوفيانه شاعري، 2. سنڌ جي تاريخ انگريزن جو دور، 3 ڪليات مسڪين، 4. رسالو نانڪ يوسف، 5. ڪليات بيدل. سمورو ڪلام ديوان لطف ۽ رسالو لطف الله بدوي، انهن سنڌي قلمي مسودن کان سواءِ ڪجهه پارسي ۽ اردو قلمي مسوده پڻ سندس پوين وٽ آهن.

 

ڪلام جو نمونو (3)

بهار آندي هئي صحنِ چمن ۾ رنگ و رعنائي،

قفس ۾ پر نه بلبل کي، پئي ان جي خبر ڪائي.

 

محبت جو سچو آغاز آهي جوش ۽ مستي،

مگر انجام ان جو ڇا، نه ڪنهن هي ڳالهه سمجهائي.

 

اسان جي حال جي ڪهڙي خبر پرده نشين توکي،

سندءِ دوريءَ جي شعلي سيني ۾ ڪيئن آگ ڀڙڪائي.

 

خدا رحمت ڪري ان دردمند عشق تي جنهن کي،

ملي آ سوڳواري، انتظاري، قيدِ تنهائي.

 

بڻيو هت سنڌ ۾ هاڻي، ڀٽائي آهه ڪو غالب،

شهنشاههِ سخن مان ”لطف“ ئي آهيان، نه هرجائي.

-

تلخ ڪلامي جي شڪار آهي سدا فرحت سندمِ

سو ڏسي نيرنگ عالم، ديدهِ عبرت سندم.

 

تون ته چنگيز و هلاڪو جو پڙهين ٿو داستان،

هت ته پنهنجن جي هٿن کان لٽجي وئي دولت سندم.

 

مان درِ سلطان کان هردم ڪناره ڪش رهيم،

طعنه زن آ قصرِ شاهي تي سدا غربت سندم.

 

سادگي سان زندگيءَ جا حل ڪيم نڪتا دقيق،

آسمان پيما تخيل ساڻ آ صحبت سندم.

 

غالب و عرفي، نظيري جو مقلد آ نه ”لطف“،

آ حديثِ سيدِ شيراز سان نسبت سندم.

-


(1)  ”بياض خواب“ قلمي، عبدالله خواب حيدرآباد.

(1)  ”الوحيد“ روزانه ڪراچي، ص 4، تاريخ 14 فيبروري 1931ع.

(1)  ”نئين زندگي“، ماهوار، ص 8، ماهه نومبر 1962ع

(1)  ميان غلام عباس ”جوش“، ”بياض جوش“ قلمي، ملڪيت الطاف حسين قادري لاڙڪاڻو.

(1)  ”عبدالڪريم گدائي جي شاعري“ قلمي، محمد مراد ڪلهوڙو ص 3، (مونو)، سنڌالاجي 1963ع.

(2)  ”احسان بدوي“ (قلمي) نرگس غلام احمد بدوي، ص 26، سنڌالاجي، (مونو) 1975ع.

(1)  ”نئين زندگي“ ماهوار، ص 12، غلام احمد بدوي، مضمون ”منهنجو والد پروفيسر لطف الله بدوي“.

(1)  اظهر گيلاني ”بياض اظهر“ قلمي، گهوٽڪي.

(1)  ”احسان بدوي“ قلمي، نرگس غلام احمد بدوي، ص 10، (مونو) سنڌالاجي، 1975ع.

(2)  نقوش (سه ماهي – اردو) لاهور، 1973ع.

(3)  ”مهراڻ“ سه ماهي، شاعر نمبر، ص 315، سال 1969ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org