شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
]24
ڊسمبر 1900ع -
[
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ولد محمد يوسف تخلص
”خليل“ رام باغ گاڏي کاتي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.
سندس ڏاڏو سر چارلس نيپئر جي فوج سان گڏجي آيو هو
(1).
ابتدائي تعليم حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان مان
ورتائين. اين. جي. وي هاءِ اسڪول مان 1917ع ۾
مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊي. جي ڪاليج ۾ به تعليم
ورتائين. 1925ع ۾ بمبئي ۽ رانچي ۾ ايم.بي. بي. ايس
سان گڏ دماغي بيمارين جي علاج ۾ به مهارت حاصل
ڪيائين. نوڪري واري زماني ۾ گهڻو وقت مينٽل
هاسپيٽل گدوبندر (حيدرآباد) جو سپرنٽينڊنٽ ٿي
رهيو. ڪجهه وقت ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ لياقت
ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. آخر خيرپور ڊويزن
جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آف هيلٿ جي عهدي تان رٽائر
ڪيائين. هن وقت حيدرآباد ۾ خانگي پريڪٽس ڪري رهيو
آهي
(2).
”خليل“ جو گهر انجمن ضياءُ الاسلام جو پوءِ
ڦري لائبرري انجمن ترقي اردو جي ڀر ۾ هئو، ان ڪري
هو انجمن جي هر مشاعري ۾ شامل ٿيندو هو
(3).
هن چوڏهن ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي کي استاد ڪري ورتائين. ڪيترو وقت هن
وٽان عروض جي تعليم حاصل ڪيائين. هو سنڌي مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد جو نائب صدر هو، جنهن جي
ماتحت حيدرآباد ۾ مشاعرا منعقد ٿيندا هئا. هن جا
تعلقات بزم مشاعره لاڙڪاڻه ۽ ڪراچي جي بزم مشاعرن
سان گهرا رهيا آهن. هن 1946ع کان جڏهن کان جمعيت
الشعراءِ سنڌ قائم ٿي هئي، 1957ع تائين ان جي صدر
جي حيثيت سان سنڌي شاعري جي وڏي خدمت ڪئي. 1948ع ۾
”بزم خليل“ جي نالي سان بزم مشاعره قائم ڪيائين.
جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ پارسيءَ جا گڏيل مشاعرا ٿيندا
هئا. هو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي ۽ شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل جو به
ميمبر رهيو آهي. سندس هي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:
رهنماءِ شاعري (ٽي ڀاڱا)، بيت الله شريف جي
تاريخ، ادب ۽ تنقيد، بلبلِ سنڌ ۽ عبرت ڪده (ٽي
ڀاڱا).
شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ کي موجوده دور جو
ڪهنه مشق استاد شاعر تسليم ڪيو ويندو آهي. هو عروض
جي باريڪين جو ڄاڻو ۽ عروض جي نازڪ اصولن جو پابند
آهي. هن جا غزل پخته ۽ شسته، رنگين ۽ مرصع، شوخ ۽
دلپذير هوندا آهن. جيتوڻيڪ هن جي ٻولي پارسي آميز
آهي، تاهم هن جي انداز بيان ۾ پنهنجو اثر ۽ ڪشش
آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
جگر ۾ منهنجي رهي چاڪ ٿو رفو جي عوض،
رهي ٿو تيرِ نظر دل ۾ آرزو جي عوض.
پسند مان ٿيو مون کي آرزو جي عوض،
ڀلي ته جان وڃي منهنجي آبرو جي عوض.
نه جنهين ۾ آرزو تنهنجي ٿئي سا دل بيڪار،
ڪڏهن نه ڪم ٿو اچي رنگِ گل بو جي عوض.
نشاط ِ حسن، غمِ عشق يا ڪه جوشِ وفا،
مقيم دل ۾ رهي منهنجي آرزو جي عوض.
سگهو ئي هوش ۾ ايندو هي تنهنجو ديوانو،
سنگهي جو زلف کي تنهنجي مشڪ بو جي عوض.
رهي ٿي تنهنجي نوازش رقيب تي هردم،
مگر خليل تي آهي جفا عدو جي عوض.
-
عشق جا داغ رهن دل ۾ ٿا جانان محفوظ،
هڪ ئي غنچه ۾ ٿيو سارو گلستان محفوظ.
حسن کي پنهنجي ٿو سمجهي گلِ نازان محفوظ،
يا خدا بادِ خزان کان رهي بستان محفوظ.
ڪير آهي جو ٿيو موت کان نادان محفوظ،
ڀل ۾ سمجهي ٿو ڇا هت پاڻ کي انسان محفوظ.
جوشِ وحشت ۾ ڪيو منهنجي هٿن ڪم اهڙو،
جو بدن تي نه رهي تارِ گريبان محفوظ.
بت جي قدمن تي رکيم سر ته چيو هن مونکي،
تنهن جو ايمان نه رهيو هاڻ مسلمان محفوظ.
ڇو روئڻ مون کي اچي دل جي نه مظلومي تي،
جو ٿيو آهه منجهس نشترِ مڙگان محفوظ.
ڪابه اميد نه پوري ٿي ڪڏهن تنهنجي ”خليل“
دل ۾ ئي تنهنجا رهيا حسرت و ارمان محفوظ.
-
مراد علي ”ڪاظم“
]10
مئي 1901ع – 28 سيپٽمبر 1954ع[
مراد علي ولد خدا بخش شيخ تخلص ”ڪاظم“ جي
ولادت روهڙي ۾ ٿي. پرائمري تعليم روهڙي، ڇهه درجا
انگريزي خيرپور ۽ مئٽرڪ 1919ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول
ڪراچي مان پاس ڪيائين. ساڳي ئي سال نوڪري ۾ گهڙيو
مگر سندس سيمابي طبع کيس ڪٿي به ٽڪاءُ ڪرڻ نه ڏنو
ڪيتريون نوڪريون ڪيائين ۽ جهيڙا ڪري ڇڏي ڏنائين
تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن سندس گذر تنگ ٿي ويندو هو مگر
هو ان تي به راضي هو.
ڪاظم سنڌ کان ٻاهر ٽي چار ڀيرا هندستان جي
مختلف شهرن جهڙوڪ ڪلڪتو، بمبئي، پونو، راجپوتانا،
ڪڇ، ڀوپال ۽ دهلي جي سير تي ويو هو.
ننڍي عمر ۾ سندس نينهن هڪ هنڌ لڳي ويو مگر
سندس شادي ٻئي هنڌ ٿي کيس اهو اهڙو صدمو رسيو جيڪو
عمر تائين وساري نه سگهيو.
ڪاظم ٻارنهن ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو.
پهريان ڪافيون چوندو هو. آغا غلام نبي ”صوفي“ جيڪو
ان وقت خيرپور جي انگريزي اسڪول ۾ ماستر هو تنهن
کيس پارسي پڙهائي ۽ عروض سمجهايو جنهن کانپوءِ
موزون شعر چوڻ لڳو. هن کي پارسي تي ڪافي دسترس
هئي. پنهنجي خود نوشته سوانح ۾ لکي ٿو ”ڪراچي
مدرسه ۾ 1919ع ۾ بلبلِ هند سروجني نيڊو گهمڻ آئي.
منهنجو پارسي شعر ٻڌي گمان ٿيس ته آءُ ايراني
آهيان. قلعي کاڻ تي مصلحت ڏنائين ته پنهنجي مادري
زبان جي خدمت ڪر. مون به سندس چئي تي کڻي ڳنڍ ٻڌي،
1919ع کان بزم مشاعرهه لاڙڪاڻي سان وابسته رهيم ۽
ڪجهه حيدرآباد سان به“
(1).
مير شفيع محمد علوي ڪاظم جي بزم مشاعرهه لاڙڪاڻه
سان دلچسپي جو احوال هيئن بيان ڪيو آهي، ”مرحوم
ڪاظم مون سان ڳالهه ڪئي ته هو به وطن يا سفر مان
وقت ڪڍي وڃي لاڙڪاڻه جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، اتان
جي شاعرن سان چٽاڀيٽي ڪندو هو ۽ ڪنهن وقت هڪ ئي
نشست ۾ ڪيترا غزل تيار ٿي ويندا هئا ۽ دوستن کي
داد ڏيڻو ۽ وٺڻو پوندو هو. هو قادري جي زودگوئي ۽
شعر کان گهڻو متاثر هو“
(2).
هو بزم ادب ڪراچي جي مشاعرن ۾ به شريڪ ٿيندو هو هڪ
مشاعرهه جو ذڪر ڪندي شيخ عبدالله عبد چئي ٿو،
”انهيءَ مشاعره ۾ ٻين سڀني دوستن سان گڏ ڪاظم
مرحوم به پنهنجو شعر پڙهيو. ڪاظم جي لفظن ۾ هڪ
ترصع ۽ ترنم هو“
(3).
ڪاظم 1923ع ۾ پنهنجي غزلن جو ديوان ڇپائڻ لاءِ
مڪمل ڪيو هو مگر اهو سندس ڪنهن دوست جي هٿان گم ٿي
ويو. ان جو ڪاظم تي اهو اثر ٿيو جو هن 1923ع کان
1933ع تائين شعر اصل ڪونه چيو. جنهن کان پوءِ ڪڏهن
ڪڏهن طبع آزمائي ڪرڻ لڳو اهو ئي سبب آهي جو سندس
ڪلام ٿورو ملي ٿو.
ڪاظم جي ميان غلام سرور ”فقير“ ۽ شيخ عبدالله
”عبد“ سان گهري دوستي هئي ساڻن وقت به وقت سخن
سنجي بابت خيالن جو تبادلو ڪندو رهندو هو.
ڪاظم جي وفات 1954ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي ۽ هن خوش
نوا شاعر جي صدا هميشه لاءِ خاموش ٿي وئي. سندس
وفات تي عبدالقيوم ”صائب“، قطعه لکيو هو جنهن ۾
سندس وفات جي هجري تاريخ ”سرتاج سخن“ مان ڪڍي اٿس.
دل چيو ”صائب“ لکان تاريخ رحلت جي مگر،
خود ڪيو نوڪِ قلم تحرير ”سرتاج سخن“
(1).
1374 هه
ڪاظم سنڌي غزل جو شوخ شاعر آهي، جواني ۾ تخلص
آفت هوس پوءِ ڦيرائي ڪاظم ڪيائين. جيتوڻيڪ هن جا
غزل ٿورا ٿا ملن مگر هر هڪ غزل سونهن ۽ سرهائي جو
غنچو آهي. هن جي اندازِ بيان ۾ اهڙي ڪشش ۽ رمزيت
آهي جيڪا ڪن ٿورن شاعرن کي نصيب آهي. هن جي خيالن
۾ بهار جهڙي تازگي ۽ موتين ۽ ماڻڪن جهڙي دلفريبي
آهي. البت هن جي زبان ڪٿي ڪٿي مشڪل پارسي آميز آهي
جنهن لاءِ چوي ٿو ”اظهارِ خيالات وقتاً الفاظ دقيق
ڪم آڻڻا پون ٿا“
(2).
ان هوندي به هن جي غزلن جي اثر ۾ ڪابه ڪمي نه ٿي
ٿئي.
ڪلام جو نمونو
(3)
گلبدن آهه مئي گل نفس آهه،
منزلِ دهر لئي سامان هي بس آهه.
هو اچي منهنجي تڏي ناممڪن،
ڪنهن جي تقدير ڀلا پنهنجي وس آهه.
ڪجهه ته چپ چور ٻڌان ٿو ته سندءِ،
لبِ خون رنگ مسيحا نفس آهه.
توکي بخشي ڏي خدا حور و قصور،
لبِ جو مون کي لبِ يار بس آهه.
مون سان هم سايه ٿئي زاهدِ خشڪ،
اهڙي جنت کان خدا مون کي بس آهه.
قيد هان صورتِ بلبل ناحق،
خوشنوائي جو صله ڇا قفس آهه.
منتخب مون کي ڪيو جلوه يار،
برق آماده به فيضان خس آهه.
اڳ ته ڏسبو هو حرم جي در تي،
دير کان دير ۾ ڪاظم جو ڏس آهه.
-
ساقي مست چشم هو مدهوش ٿي ويس،
ويٺس وساري توبه نشي ۾ پي ويس.
ممڪن نه هو ته ڪنهن جي چوڻ تي پيئڻ ڇڏيان،
جو ڪجهه پيئڻ ٿي مونکي چيائون سو پي ويس.
مونکي خبر ته رات ڪٽيم ڪيئن مري مري،
وعدهه شڪن جي اڄ به نه آيو مري ويس.
سر تي بخارِ عشق فضا ۾ بهارِ حسن،
موقعو ٻٽو ملي ويو مدهوش ٿي ويس.
هو حسن دلفريب ڪ حسن آشنا،
ڪنهن حيلي خوار ٿيڻو هو ”ڪاظم“ سو ٿي ويس.
-
عبدالرحمان ”انجم“
]15
آگسٽ 1902ع – 1، نومبر 1975ع[
حاجي عبدالرحمان ولد علي محمد ميمڻ پهريان
تخلص احقر ۽ پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ”انجم“ اختيار
ڪيائين. سندس پيدائش هالن ۾ ٿي ۽ هي هالن جو
پهريون شاعر آهي جنهن جو ديوان شايع ٿيل آهي
(1).
ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم پاس ڪرڻ کان پوءِ مسلم اسڪول
هالا ۾ جيڪو مخدوم غلام حيدر تعمير ڪرايو هو، هيڊ
معلم ٿي رهيو. آگسٽ 1930ع کان ميونسپل هاءِ اسڪول
جو ميمبر ۽ آڪٽوبر 1946ع کان ميونسپل جو پريزيڊنٽ
ٿي رهيو
(1).
انجم جو شاعري ۾ استاد حافظ جان محمد ”جان“ هو
جنهن جي صحبتن ۾ هن کي شاعري جو شوق پيدا ٿيو. بزم
مشاعرهه لاڙڪاڻي جون جيڪي به طرحون اعلان ٿينديون
هيون تن مان گهڻن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ڪي طرحون
22-1921ع جون جهونيون آهن. هو ماهنامه فردوس هالا
جو نومبر 1951ع کان اپريل 1953ع تائين ايڊيٽر ٿي
رهيو. نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”رهنما“ جو پڻ
چيف ايڊيٽر ٿي رهيو
(2).
سندس هي تصنيفون شايع ٿيل آهن:
ڪاروان زندگي، 2. حقيقت زندگي، 3. پياري
نازنين، 4. شمع اسلام ۽ 5. ديوان انجم.
انجم غزل جو شاعر هو هن جي ڪلام ۾ رواني ۽
سادگي آهي. شيخ محمد ابراهيم خليل هن جي شاعري
لاءِ چوي ٿو، ”هو رڳو هڪ سادو عشقيه غزل لکندڙ
شاعر آهي تنهن ڪري هن جو محبوب ۽ مرغوب موضوع دنيا
جي شڪايت، حسن ۽ جواني ۽ انجا لوازمات، رقابت،
محبوب جو جور ۽ ستم جو بيان وغيره آهي“
(3).
ڪلام جو نمونو
(4)
ڪري مون کان دلبر جدائي نه وڃ،
خدارا ڪري بيوفائي نه وڃ.
اٿئي سر جو سودو نه ڪج حرف ڪو،
کڻي پاڻ سان تون پڪائي نه وڃ.
شب و روز ڪر عجز آزي نياز،
سڄڻ وٽ ڪري خودنمائي نه وڃ.
ڏسي حال هيڻو مون عاجز سندو،
ڪري قرب شفقت ڀلائي نه وڃ.
اڱڻ ۾ هو انجم جي ايندو هلي،
قمر تون وٺي روشنائي نه وڃ.
-
جهڙو ٻڌين سڻين ٿو اهڙو ئي يار سچ پچ،
تنهن جي ڏسڻ سان آيو دل کي قرار سچ پچ.
گريه ۽ روڄ راڙو، چشمن کي آهي هردم،
آهي ٿي چشم منهنجي ابرِ بهار سچ پچ.
زلفن کي تو پکيڙيو، سڀ ملڪ واسجي ويا،
خوشبو نه اهڙي ڏيندو مشڪِ تتار سچ پچ.
زلفن جو ئي تصور شب روز آهي مون کي،
ڀانيان ٿو نانگ آهن سيني سوار سچ پچ.
انجم جي التجا تي آيو اڱڻ ۾ دلبر،
اهڙو ٻيو نه ٿيندو ڪو قربدار سچ پچ.
-
محمد خان ”غني“
]3
مارچ 1903ع – 1، مارچ 1979ع[
محمد خان ولد قاضي محمد دائود تخلص ”غني“ محمد
هاشم ”مخلص“ جو ڀائٽيو ۽ حافظ ”حامد“ ٽکڙائي جو
پوٽو هو. سندس تولد ٿيڻ کان اٺ ڏينهن اڳ مخلص جو
اڪيلو ننڍڙو پٽ گذاري ويو هو تنهن ڪري محمد دائود
غني کي ڄمڻ سان ئي کڻي مخلص جي گود ۾ ڏنو، هو مخلص
جو پٽ ٿي پليو ۽ اها ٿڃ پيتائين جيڪا اٺ ڏينهن اڳ
مخلص جو فرزند پيئندو هو.
غني جي ابتدائي تعليم ٽکڙ جي لوڪلبورڊ اسڪول ۾
ٿي، ڪجهه پارسي ۽ قرآن شريف حافظ عبدالله ”بسمل“
وٽ پڙهيو. سنڌي فائنل پاس ڪري 1916ع ۾ حيدرآباد ۾
پرائمري ماستر ٿيو، 1923ع ۾ ماستري ڇڏي تپيداري
پڙهڻ ويو، 1924ع ۾ اهو امتحان پاس ڪيائين. ساڳي
سال ٻه جون 1924ع کان ”مسلمان“ اخبار ميرپورخاص
مان شايع ٿيڻ لڳي، تنهن ڪري نوڪريءَ ڪرڻ بجاءِ ان
سان وابسته ٿي ويو. 1931ع ۾ مخلص جي پيرسني سبب ان
جي ايڊيٽري جو ڪم سنڀالڻ لڳو. غني مسلمان اخبار کي
زور وٺايو. چاليهن کان پنجاهه واري زماني ۾ مسلمان
اخبار جو ڪافي ڌاڪو هو. هن مسلمان اخبار ۾ بزم
مشاعره شروع ڪيا ۽ سنڌ جي شاعرن جا غزل آب و تاب
سان شايع ڪيا. اهڙي طرح سنڌي غزل جي ڪافي سرپرستي
ڪئي.
غني جو تعلق سنڌ جي نالي واري شاعر خاندان سان
هو. سندس شاعري جي شروعات هيئن ٿي. هڪ رات حاجي
محمد حافظ شاهه جي اوطاق تي شاعرن ”اڄ ويو سهڻو
سندم دلبر سڌاري هاءِ هاءِ“ جي طرح تي طبع آزمائي
پئي ڪئي. غني جنهن جي عمر ان وقت تيرنهن سال کن
هئي تنهن پنهنجو شعر ڪنهن ماڻهوءَ هٿ اندر ڏياري
موڪليو. غزل پڙهڻ بعد حافظ شاهه کيس گهرائي پٺي
ٺپي چيو ته، ”انشاءَ الله حافظ حامد جو بنياد ڪڏهن
پٺتي نه پوندو“
(1).
شاعري ۾ سندس استاد حافظ عبدالله ”بسمل“ هو.
غني جو پهريان تخلص ”سقيم“ هو، پوءِ غني
اختيار ڪيائين. مسلمان اخبار ۾ سندس تخلص ڦيرائڻ
جو اطلاع هن ريت ڏنل آهي:
تبديلي تخلص
محمد خان مئنيجر مسلمان اڳي سقيم هاڻي غني
(2).
غني حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۾ شروع کان
وٺي دلچسپي وٺندو هو ۽ گهڻو ڪري ادبي ڪانفرنسن ۾
شريڪ ٿيندو هو. 1948ع ڌاري غني ۽ حاجي محمود خادم
لاڙڪاڻوي جو ادبي ۽ اخباري جهيڙو مچي پيو. غني
مسلمان ۾ کڙپي جي نالي سان ۽ خادم الحقيقت ۾ ”هر
هنٽر“ جي نالي سان لکندو هو. جهيڙو هجويات کان وڌي
لغويات تائين وڃي پهتو. ڪجهه شاعرن جي وچ ۾ پوڻ
سبب ڌرين خاموشي اختيار ڪئي.
غني جا بزم طالب الموليٰ سان به گهرا ناتا
رهيا. 1954ع ۾ طالب الموليٰ اداره روحِ ادب قائم
ڪيو ۽ ان جي پاران ”روحِ ادب“ جي نالي سان ماهوار
رسالو شروع ڪيو، ان رسالي جو ايڊيٽر غني هو مگر
اهو رسالو جلد بند ٿي ويو.
غني زندگي جي آخري ايامن ۾ ريڊيو پاڪستان سان
وابسته رهيو ۽ ڪافي وقت بيمار گذاريائين. بيماري
جي دوران پنهنجي نياڻيءَ کي ڏک ڀري لهجي ۾ چيائين،
”موزون شاعري ٽکڙ ۽ پنهنجي خاندان (نور محمد خسته)
کان شروع ٿي، ۽ هاڻي آءٌ ان خاندان جو آخري شاعر
آهيان، مون کان پوءِ اهو شاندار باب هميشه لاءِ
ٺپجي ويندو“
(1).
غني هر قسم جي شاعري ڪئي آهي. پوئين دور ۾
سندس ڪلام تي قومي رنگ ڇانيل هو. هن جي غزل ۾
رواني سلاست گهڻي آهي. هن جي زبان ڏکين ڌارين لفظن
کان صاف آهي تنهن ڪري وڌيڪ وڻندڙ آهي. هن جا خيال
وڻندڙ آهن، جن کي هو سهڻي نموني پيش ڪري پڙهندڙن
جي دلين تي اثرانداز ٿئي ٿو. هن کي ”مسدس حالي“ جي
ترجمي تي ڊولپمينٽ بورڊ طرفان پنج سئو روپيه،
مثنوي محمد بن قاسم تي ادبي بورڊ طرفان ست سئو
روپيه ۽ هڪ ڪافي تي پير صاحب پاڳاري طرفان پنج سئو
روپيه انعام مليو هو.
ڪلام جو نمونو
(2)
ڇا ٿو تون پڇين ڇا مون ڏنو تنهنجي غمن ۾،
هڪ آهه جگر دوز، هڪ باهه بدن ۾.
مارين ٿو نگهه ساڻ، جيارين ٿو کلڻ سان،
اعجاز ڏٺم تنهنجي چپن ۾ ۽ اکين ۾.
اکين ئي ملي توسان ڪيو دل کي گرفتار،
پنهنجن کان لڳي آهه نه رک خوف ٻين ۾.
نخچير قريب آهه، ڪمان هٿ ۾، هڪيو ڪان،
ويچار اچي شل نه دلِ تير فگن ۾.
جيئن پير ٿو ٿئي تيئن ٿو ٿئي تيز ستمگر،
ڏس ڪيئن نه کريو چرخِ ڪنهن آهه اڇن ۾.
بلبل جي اگر آهه جو تاثير هو ناهه،
ڇو چاڪ گريبان ٿيو گل جو چمن ۾.
برباد ڪيو دل کي قد و زلف جي سودا،
نادان جو ڪم نيٺ پيو دار و رسن ۾.
-
پيدا ٿيو جنون ڏسي صورت بهار جي،
حالت دگر ٿي آهه گلن کان هزار جي.
رهندي اها انيس ئي مون سان مزار ۾،
دل ۾ جا نقش آهه ٿي تصوير يار جي.
آيو خيالِ يار ته تنهن ساڻ لڙڪ گڏ،
ڪهڙي نه راهه و رسم ٿي تن ۾ پيار جي.
ميڙيو مون خار خس کي وري بهرِ آشيان،
گهرجي نگاهه هاڻ ٿي، برق و شرار جي.
اي دوست جو ٻڌوئي، سو حقيقت کان دور ناهه،
ناهي ”غني“ ڪئي ڳالهه ڪا خواب و خمار جي.
-
|