مرزا قليچ بيگ ”قليچ“
]7،
آڪٽوبر 1853ع – 3 جولاءِ 1929ع[
مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريدون بيگ تخلص ”قليچ“ 1853ع ۾ ٽنڊي
ٺوڙهي ۾ ڄائو. هن جي والد جو اصلي نالو سڊني هو ۽
اصل عيسائي هو. سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي جي ڏينهن
۾ ايران کان سنڌ ۾ آيو جتي پنهنجي هم وطن، مرزا
خسرو بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان
کيس ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڄايون. مرزا قليچ بيگ سندس
ٽيون نمبر فرزند هو. مرزا قليچ بيگ اڃا اٺن ورهين
جو هو ته شعر ٺاهي پنهنجي والد کي ڏيکاريندو هو جو
سندس شاعري سان چاهه ڏسي سندس همت افزائي ڪندو هو.
هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ آخوند شفيع محمد کان حاصل ڪئي
جنهن کان پوءِ سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو. انگريزي
پهريان پنهنجي وڏي ڀاءُ مرزا صادق علي کان پڙهندو
هو پوءِ 1865ع ۾ ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل
ٿيو. هو سنڌي تعليم دوران اسڪول ۾ پارسي به پڙهيو
۽ ان ۾ هشيار هئڻ سبب ڪيترا انعام حاصل ڪيائين.
ڇهه درجا پڙهڻ کان پوءِ هن شروعات ۾ حيدرآباد جي
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر ٿي ڪم ڪيو ۽
1872ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.
والد جي وفات کان هڪ سال پوءِ 1873ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ بمبئي ويو جتي الفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين
اتي کيس ويهه روپيه ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي. هن
ڪاليج ۾ کيس پروفيسر مرزا حيرت جي سرپرستي حاصل
ٿي. مرزا حيرت عربي، پارسي، ترڪي زبانن جو عالم ۽
هڪ سچو صوفي ۽ شاعر هو، ههڙي صوفي ۽ عالم جي صحبت
قليچ کي رچي ريٽو ڪري ڇڏيو ۽ هن کي مذهبن جي تعصب
کان مٿي هڪ سچو انسان بنائي ڇڏيو ۽ شاعري جي ميدان
۾ وک وڌائڻ لاءِ همٿايو. هو ڪاليج ۾ مرهٽن ۽
گجراتي شاگردن جي سنگت ۾ سنسڪرت، مرهٽي ۽ گجراتي
زبانون به سکيو.
مرزا حيرت جي سفارش تي هن کي ڪاليج ۾ فيلو مقرر ڪيو ويو ۽ هو
شاگردي واري زماني ۾ ڪاليج ۾ پارسي پڙهائڻ لڳو،
ساڳي وقت انگريزيءَ ۾ به شاعري ڪرڻ لڳو، جنهن جي
اصلاح ڪاليج جو پروفيسر مسٽر واديا ڪندو هو. هو بي
اي جي پوئين سال ۾ حسابي ڪمن ۾ ناپاس ٿيڻ ڪري،
موٽي حيدرآباد آيو.
هو پنهنجن وڏن ڀائرن جي صلاح موجب روينيو ۾ مختيارڪاري جو ڪم
سکي، ميهڙ تعلقي جو مختيارڪار ٿيو. پوءِ سنڌ جي
مختلف شهرن ۾ مختيارڪار ٿي رهيو، پهرين شڪارپور جو
سٽي مئجسٽريٽ ٿيو پوءِ مختلف هنڌن تي ڊپٽي ڪليڪٽر
ٿي رهيو ۽ 1909ع ۾ ڇاونجاهه ورهيه عمر ۾ پينشن تي
آيو.
قليچ ٽي شاديون ڪيون هيون، جن مان کيس يارهن پٽ ۽ ٽي نياڻيون
ٿيون. سندس پٽن مان مرزا نادر بيگ، افضل بيگ،
همايون بيگ ۽ اجمل بيگ شاعري ۽ ادب جي ميدان ۾ چڱو
نالو پيدا ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ قليچ جي عمر وڏي هئي پر هن جي تندرستي جوانن جهڙي هوندي
هئي. هن ستهتر ورهين جي عمر ۾ 3 جولاءِ 1929ع ۾
وفات ڪئي. هن پنهنجي وفات جي هيٺين قطعه تاريخ لکي
ڇڏي هئي جا سندس سنگ مزار تي پڻ اڪريل آهي.
عمرم همين سال چو هفتاد شده هفت،
آمد ملڪ الموت ز درگاهِ حق آخر.
گفتا که بسي زيستي در منزل دنيا،
شو عازمِ عقبيٰ که به بيني رخِ داور.
از فرطِ مسرت زدم آهي و بمردم،
در عالمِ ارواح رسيدم دمِ ديگر.
تاريخ وفاتم چو دلم خواسته از غيب،
هاتف زکرم کرد ندا ”بخت موقر.“
(1)
1348 هه
سندس وفات تي ڪيترن شاعرن مرثيه ۽ قطعه تاريخون لکيون آهن.
مولوي مرزا محمد علي ”شايق“ معلم مدرسه واگهرجي
هيئن تاريخ بيان ڪئي آهي.
مصرعه تاريخ ”شايق“ گفت با حال حزين،
عازم قصرِ جنان شد ”ميرزا بانيکنام.“
(1)
1348 هه
۽ هدايت علي ”نجفي“ سندس وفات جي تاريخ هيئن بيان ڪئي آهي.:
همچو او ديدهه نشد ديگر نجيب
عالم و عارف سخندان و مجيب.
داشت از ذهن و ذکا وافر نصيب،
سال ترحيلش بگو شاغل اديب.
1348 هه
هم دگر گوشد ابد شمس غروب.
(2)
1929ع
قليچ سنڌي ادب جو محسن آهي، هن نوڪريءَ توڙي نوڪري کان پوءِ
واري عرصي ۾ پنهنجي قلم کي سنڌي ادب جي خالي
جهوليءَ کي ڀرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هو هر روز ڪجهه
نه ڪجهه وقت ضرور لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. سندس
انهيءَ مسلسل محنت جو نتيجو اهو نڪتو جو هن ٽن سون
کان زياده ڪتاب سنڌي ادب جي عاشقن جي اڳيان پيش
ڪيا. هن کي خبر هئي ته سنڌي زبان ۾ ادب جي اڻاٺ
آهي، ان ڪري هن دنيا جي مشهور ۽ مقبول شهه پارن کي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ان جي خالي خزاني کي مالامال
ڪيو. نظم توڙي نثر جي ڪابه اهڙي صنف نه آهي جنهن ۾
هن ڪو نه ڪو ڪتاب نه ڏنو آهي، نه صرف ايترو پر هن
هر موضوع تي، پوءِ اهو تاريخ هجي يا فلسفو، نفسيات
هجي يا سياست، باغباني هجي يا بورچيخانو، ڪتاب
لکيا آهن. سندس ادبي خدمتن جو اعتراف ڪندي سرڪار
هن کي ”قيصر هند“ جو تمغو ڏنو هو، جنهن کان پوءِ
خانبهادري ۽ 1924ع ۾ شمس العلماءِ جي لقب سان
نوازيو هو. ان خوشي جي موقعي تي محمد هاشم ”مخلص“
کيس هنن لفظن ۾ مبارڪ ڏني هئي:
ڇا قدر سنڌ ۾ رکي مرزا قليچ بيگ،
فاضل فصيح، علم ۾ يڪتا قليچ بيگ.
ٿيو نظم، نثر ان جو دلاويز دلپسند،
هم پايئه ڪليم ۽ سودا قليچ بيگ.
چشمِ جهان ڏٺو نه ڪو ان جو ڪٿي نظير،
بيمثل بي عديل ٿيو دانا قليچ بيگ.
سرڪار خوب قدر شناسي ڪئي سندس،
ٿيو زيب ور به ”شمس العلماء“ قليچ بيگ.
(1)
قليچ سنڌي، اردو، سرائڪي، پارسي، عربي ۽ ترڪي زبانن ۾ شاعري ڪئي
آهي. جيئن ته هن کي پنهنجي سنڌي زبان کي شاهوڪار
بنائڻ جو چاهه هو تنهن ڪري هن جو گهڻو سنڌي شعر
ٻين زبانن جي شعرن جو ترجمو آهي، هن جي طبع زاد
شعرن جو ذخيرو ٿورو ملي ٿو. ديوان قليچ جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ جيڪي غزل شايع ٿيل آهن
انهن مان زياده ترجمو ٿيل آهن، جي يا ته نظم آهن
يا مسلسل غزل. ديوان ۾ شايع ٿيل ڪجهه غزل اهي آهن
جيڪي قليچ پنهنجن مختلف ڊرامن ۾ ڏنا آهن. سندس
ديوان جا زياده تر غزل حمديه، نعتيه، مذهبي،
اخلاقي، منظر نگاري ۽ تصوف جي رنگ ۾ آهن. قليچ هڪ
پراڻو ڪهنه مشق شاعر هو، هن جي طبعزاد غزلن ۾ اهو
سڀ ڪجهه آهي جيڪو هڪ استاد شاعر جي ڪلام ۾ هئڻ
گهرجي. هن کي شاعري جي فن تي مڪمل عبور آهي، سلاست
۽ سادگي هن جي غزل جون خاص خوبيون آهن. جيڪا ڳالهه
يا جيڪو خيال هو بيان ڪرڻ ٿو گهري اهو اهڙن لفظن ۾
بيان ٿو ڪري جو نه صرف پڙهندڙن کي سولائي سان
سمجهه ۾ اچي ٿو پر سندن دل ۾ به جاءِ والاري ٿو.
جيئن ته قليچ کي مجاز جي مهميز ڪانه آئي هئي تنهن
ڪري هن پنهنجن غزلن ۾ نيڪي، اخلاق ۽ تصوف جي
موضوعن کي وڌيڪ ڳايو آهي، هن جي غزل ۾ جي ڪٿي مجاز
ڏسڻ ۾ به اچي ٿو ته اهو سندس دماغ مان نڪتل آهي نه
دل مان.
ڪلام جو نمونو
(1)
هوس سان هوشيارن کي نه رسندين،
سوا ياري جي يارن کي نه رسندين.
نه جيسين سور سهندين کائيندين غم،
تون هرگز غمگسارن کي نه رسندين.
ڏسين جيسين جدائي جا نه تون درد،
ڪڏهن تون دوستدارن کي نه رسندين.
ڦڻيءَ جان جيسين ڪارائي نه چيرئي،
تون محبوبن جي وارن کي نه رسندين.
مٽيءَ تنهنجي مان جيسين ٿي نه ڪوزو،
چپن تائين نگارن کي نه رسندين.
گسي جيسين نه صندل وانگي ٿين چور،
چمي پيشاني، پيارن کي نه رسندين.
نه پيسي ٿين اٽو مينديءَ جان جيسين،
پرين جي تون پيزارن کي نه رسندين.
ڪسي جيسين تون پڙ ۾ ٿين نه پرزا،
”قليچا“ قرب وارن کي نه رسندين.
-
دل ته دلدار يار تان صدقي،
گلبدن، گلعذار تان صدقي.
دمبدم، خال خال تان قربان،
زلف جي تار تار تان صدقي.
چشم ميگون مثال نرگس مست،
تنهن جي خوني خمار تان صدقي.
منهنجي گل رخ جو منهن ٿيو گل گل،
لعل جي لاله زار تان صدقي.
صدقي گلروءَ جي گل تان هرڪو ٿئي،
يار جي آءٌ ته خار تان صدقي.
جان ٿي منهنجي هڪ ۽ ناز هزار،
هڪڙي ڪيئن ٿي هزار تان صدقي.
رنگ سان جنهن رچيو سڄو عالم،
تنهن جي نقش و نگار تان صدقي.
درتي دلبر جي دل سان ٿيءُ تون ”قليچ“،
ديدهه اشڪبار تان صدقي.
-
غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“
(1853ع – 1905ع)
مير غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد روشن شاهه مهدوي رضوي تخلص
”مرتضائي“ پنهنجي دور جي بزرگ شاعرن مان آهي. سندس
خاندان ۾ ڪيترائي نامور شاعر ۽ بلند مرتبه شخصيتون
ٿي گذريون آهن. جهڙوڪ نواب مير لطف علي خان ”همٿ“
جيڪو مغلن جي طرفان ٺٽي جو نواب هو، نواب مير ڪمال
الدين احمد خان صاحبِ ”اصلاحات رضويه“ ۽ شرح ديوان
حافظ، مير غلام مرتضيٰ ”الهام“، مير نجم الدين
”عزلت“ پارسي جو مشهور شاعر ۽ صاحبِ ديوان هو. مير
پٺو سنڌي ۽ پارسي جو شاعر هو، سيد موتيل شاهه
”ڪمتر“ پارسي، اردو ۽ سنڌي جو شاعر هو، مير سيد
روشن علي شاهه ”روشن“ مرتضائيءَ جو والد پارسي جو
شاعر هو.
مرتضائي جا وڏا خراسان مان لڏي اچي بکر ۾ رهيا هئا تنهن ڪري هي
بکري سيد به سڏبا آهن. سيد محمد يوسف شاهه هڪڙو
خدا رسيدهه بزرگ هو، جيڪو مرزا جاني بيگ جي ڏينهن
۾ اچي ٺٽي ۾ مڪليءَ تي رهيو هو. شاهه عبدالڪريم
بلڙيءَ وارو وقت به وقت سندس صحبت مان فيض حاصل
ڪندو هو. سيد محمد يوسف جو ناٺي سيد اسحاق شاهه جو
پير پرڏيهي جي نالي سان مشهور هو، هو به هڪ وڏو
درويش ٿي گذريو آهي. اُن جي ستين پيڙهيءَ ۾ سيد
ذوالفقار علي شاهه هو جيڪو ميرن جي دور ۾ نائب
وزير هو، انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ دوستيءَ جو جيڪو
عهدنامو ٿيو هو تنهن تي سنڌ جي حڪومت پاران نائب
وزير جي حيثيت ۾ هن دستخط ڪيا هئا
(1).
سيد ذوالفقار علي شاهه مرتضائي جو ڏاڏو هو. مرتضائي جو والد
انگريزن جي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ پهريان ڪراچي
جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پوءِ ڪليڪٽر جي آفيس ۾ منشي هو ۽
پوءِ مختيارڪار ٿيو هو. هو پاڻ پارسي جو شاعر هو
پهريان ”روشن“ تخلص هوس پوءِ ”رضوي“ تخلص اختيار
ڪيو هئائين.
مرتضائي جي ڄمڻ جي تاريخ سيد امام بخش شاهه ”فدوي“ هيئن بيان
ڪئي آهي:
صفر مهيني نيڪ تاريخِ نهم
ڏات ڏاتر آيو ڏينهن سومار بخت.
نامور ڄايو غلامِ مرتضيٰ
ڪيو خدا روشن علي جو يار بخت.
عمر، دولت سين عطا فرزند ٿيس،
خضر مقدم مرحبا نروار بخت.
خلف صالح شال ٿيندو ارجمند،
ابن عاليشان با بسيار بخت.
سال ڄاپڻ ان سندو هاتف چيو،
فدوي کي، ”وڌ ولد بيدار بخت“
(1).
1269هه.
مرتضائي سنڌي ۽ پارسي جي تعليم امام بخش شاهه ”فدوي“ ۽ قاضي علي
محمد تخلص ”فقير“ کان حاصل ڪئي جيڪو مخدوم محمد
ابراهيم خليل جو شاگرد ۽ مريد هو. فروي مرتضائي
جو عزيز ۽ سندس والد جو گهرو دوست هو. فدوي جي
ديوان ۾ مرتضائي ۽ سندس والد روشن علي شاهه جي
تعريف ۾ ڪيترا غزل ملن ٿا جي صنعت توشيح ۾ لکيل
آهن.
مرتضائي شاعري ۾ پنهنجو استاد به فدويءَ کي ورتو هو. جيڪو پارسي
خاص طرح سنڌي غزل جو وڏو شاعر هو. سمجهه ۾ ائين ٿو
اچي ته اهو ”فدوي“ جي صحبت جو اثر هو جو مرتضائي
جو چاهه پارسي بجاءِ سنڌي غزل سان ٿي ويو. هن
پنهنجي استاد جي ڪيترن غزلن تي غزل پڻ لکيا آهن.
مرتضائي جا تعلقات پنهنجي دور جي گهڻن شاعرن سان سٺا هئا جن جو
ذڪر هن پنهنجي ڪن غزلن ۾ ڪيو آهي ۽ کين خراج عقيدت
پيش ڪيو آهي. هڪ غزل جنهن جي مٿان ”شعراءِ سنڌ
همعصر مرتضائي“ لکيل آهي ۾ هن پنجونجاهه شاعرن جو
ذڪر سندن تخلص سان ڪيو آهي ۽ تخلص جي مٿان شاعر جو
پورو نالو ۽ ڪٿي ڪٿي شهر جو نالو پڻ ڏنو آهي.
مرتضائي جا غزل سندس دور جي اخبارن سنڌ سڌار، معين
الاسلام ۽ معاون الاسلام ۾ شايع ٿيندا هئا، هو
انهن اخبارن ۾ ٻين شاعرن جي غزلن تي غزل لکندو هو
۽ کين پنهنجي غزلن تي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندو هو
جيئن هيٺين شعرن مان معلوم ٿيندو.
هوند گل ٿي باغ ۾، بلبل مبارڪ باد چئي،
مرتضائيءَ ساڻ راهي، جي غزل شامل ڪري.
”مرتضائي“ ”مست“ متوالي چڱي مصرع ڪڍي،
هئي بهار آئي چمن ۾ يار ساقي ڏي شراب.
مير الله بخش شاهواڻي ٽنڊي محمد خان وارو سخن سنج هو ۽ پاڻ به
”معروف“ تخلص سان شعر چوندو هو. مرتضائي جو خاص
مربي ۽ مهربان هو. مرتضائي جي ديوان ۾ سندس جابجا
گهڻي تعريف آهي، هڪ شعر ۾ چوي ٿو،
شهواڻي شهه سوار الله بخش خان مير،
فياض، فيض بخش رکان سو امير آءٌ.
مرتضائي جا سانگي ۽ گدا شاهه سان به تعلقات سٺا هئا، پنهنجي هڪ
شعر ۾ گدا جي تعريف هيئن ٿو ڪري:
باغ ۾ اشعار واري گل سخن يعني ”گدا“
تنهنجو هر مضمون و معنيٰ سرو سنبل ٿو ڏسان.
۽ ”گدا“ مرتضائي کي پنهنجي هڪ مثنوي ۾ هيئن ٿو ياد ڪري:
سيادت منزلت، والا هم شاهه،
غلام مرتضيٰ سيد و ذيجاهه.
شريف ٺٽوي سيد سخندان،
قدردان نامور منهنجو مهربان.
پر گدا ۽ مرتضائي جا اهي دوستانا ناتا ٽٽي پيا ۽ ”مرتضائي“ ۽
”گدا“ جي وچ ۾ جهيڙو ٿي ويو جنهن ۾ ڌريون ٿي ويون.
مرتضائي جو پاسو عبدالله مهر ”راهي“ لکوي ورتو ۽
”گدا“ جو پاسو سندس شاگرد مرزا دوست محمد ”دوست“
ورتو. هن جهيڙي ۾ فضل محمد ”ماتم“ غير جانبدار
رهيو. ڇاڪاڻ ته جهيڙو سيدن جي وچ ۾ هو ۽ هو اهل
بيت جو حبدار هو. جهيڙي جي شروعات هيئن ٿيل ٿي ڏسڻ
۾ اچي، گدا هڪ غزل ۾ جنهن جو مطلع ۽ مقطه هيٺ ڏجن
ٿا لکي مرتضائي کي دعوتِ غزل ڏني:
گدا جا شعر:
اڄ ڏنم ساقي ڀري صهبا جو ساغر صبحگاهه،
غنچئه دل، رنگ گل جي ٿي شگفته واهه واهه.
مرتضائي هن غزل جو مونکي ڏيندو در جواب،
منهنجو مشفق آهه سو سيد فصاحت دست گاهه
(1).
مرتضائي ان جو جواب لکي اخبار ۾ ڇپرايو، جيڪو شايد گدا پڙهي نه
سگهيو ان تي گدا وري ڪو ٻيو غزل لکيو جنهن جي جواب
۾ مرتضائي البت تلخ جواب گدا کي هيٺين ريت ڏنو.
منتخب شعر هي آهن:
حسن جي اقليم ۾ هڪ هوت منهنجو بادشاهه،
باج سڀ ان کي ڀريندڙ توڙي والا دستگاهه.
ڇا گدا واري صداقت هت ڏسان اخبار ۾،
لاجواب آهي خطن ۾ تنهن کي هيڪر ڏي پناهه.
قافيه ۽ بحر ساڳي سان سندم سنڌي غزل،
ڇو گدا نايو نظر ۾ تو اڳيان ڏس لڳ الله.
هن غزل جي فڪر ۾ والله آهيم اڌ ڪلاڪ،
ڪو گدا اوکو بڻائج هيءُ سوکو صبح گاهه.
آزمودو جي وٺين تا آءُ گدا ميدان ۾،
چور چرچو ڏس تماشو ورنه چروج خواهه مخواهه.
مرتضائي سان سچائي اي گدا گهرجي رکڻ،
هي غزل منهنجو ڏسي چئو آفرين ۽ واهه واهه.
-
گدا جي دل ۾ مرتضائي جي هن غزل جي انداز بيان ۽ انهن اکرن رنج
پيدا ڪيو ته آزمودو جي وٺين تا آءٌ ميدان ۾،
چور چرچو ڏس تماشو ورنه چورج خواهه مخواهه.
گدا ان کي چئلينج ۽ جنگ جي دعوت سمجهي جنهن جا واضح اشارا گدا ۽
مرزا دوست محمد جي جهيڙي وارن غزلن ۾ ملن ٿا. گدا
چوي ٿو:
مون ته واريو صلح توکي جنگ ميدان جي تلاش.
مرزا دوست محمد صاف لفظن ۾ چوي ٿو:
هر طرح لائق نه هيئن هو مرتضائي کي چوڻ،
چور چرچو ڏس تماشو جنگ ميدان جي تلاش.
جلد مرتضائي جو هڪ غزل جانان ۽ تابان قافيه ۽ تلاش رديف سان
شايع ٿيو، گدا جيڪو ڪاوڙيو ويٺو هو ۽ جنهن مرتضائي
جي شعر کي پنهنجي لاءِ چئلينج سمجهيو هو، تنهن دل
کولي ساڳي زمين ۾ ان تي تنقيد ڪئي.
مرتضائي جي غزل جا ڪجهه شعر:
ٿو رکان هر روز شب تصوير جانان جي تلاش،
جيئن چڪور آڻي ٿو دل تي ماهتابان جي تلاش.
وصل کي محبوب جي باجان دل جويان رهان،
روزدارن کي رهي جيئن عيد رمضان جي تلاش.
جت صنم ات آءٌ حاضر توڻي هوئي دير و حرم،
منهنجي مذهب ۾ منع ٿي ڪفر و ايمان جي تلاش.
آءٌ به آدم جيئن بهشتي وصل کان مهجور ٿيس،
ڇا وري دل تي رکان فردوس رضوان جي تلاش.
آءٌ ”گدا“ گفتار تنهنجا ٿو نهاريان رات ڏينهن،
عاشقن کي جيئن رهي ٿي وصل خوبان جي تلاش.
گدا جي تنقيدي جواب جا ڪجهه شعر:
اي مسلمان صدق سان ڪر نورِ ايمان جي تلاش،
رک سدا تون درگههِ ختمِ رسولان جي تلاش.
روز شب مومن کي گهرجي شاههِ خوبان جي تلاش،
ڇا ڪندين ڪنهن ٻئي کي، رک تون شاهه مردان جي تلاش.
چور جو، توکي وڻيو ڪئن قافيو آهي ”چڪور“
پر صحيح، ”چڪوهه“ کي آهي ماهه رخشان جي تلاش.
غرههِ شوال، موسوم آهه عيدالفطر سان،
ڪئن ثواب آهي جو چئين ٿو ”عيد رمضان جي تلاش.“
جڏ صنم جي ياد ۾ وسري ويو توکان صمد،
تڏ ڇا لازم آهه توکي ڪفر و ايمان جي تلاش.
جڏ تون آدم جئن، بهشت وصل کان رهجي وئين،
تڏ خطا آهي رکڻ فردوسِ رضوان جي تلاش.
تون به ڀڃ هن شعر کي جئن نظم مون تنهنجا ڀڳا،
ٻي نه ڪج ڪنهن طرح سان ٻئي ساز و سامان جي تلاش.
جي نه ڀڃيندين شعر، تان مجرا آءٌ ڏيندس ڪينڪي،
پر آءٌ ڄاڻان ٿو ڪندين تون بغيءَ طغيان جي تلاش.
مون لکيو توکي ته اي سيد فصاحت دست گاهه،
تو ڪئي بيفائدي پنهنجي نقصان جي تلاش.
واهه هي انصاف آهي واهه، هي آهي لحاظ،
مون ته واريو صلح، توکي جنگِ ميدان جي تلاش.
|