سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :35

 

 

محمد زمان شاهه ”ساقي“

(1890ع – 16 مئي 1928ع)

محمد زمان شاهه ولد مرزان شاهه رضوي مهدوي تخلص ”ساقي“ مشهور ولي الله يوسف مهدي جي اولاد مان هو سندس خاندان هميشه علم ۽ اميرائي ۾ اڳڀرو هو. جڏهن سنڌ تي مغلن جا نواب حڪومت ڪندا هئا تڏهن هن خاندان جي ڪيترن بزرگن کي سرڪار ۾ وڏا عهدا مليل هئا، جنهن جو گهڻو ذڪر تحفته الڪرام ۾ ڪيل آهي. غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي به ساڳي خاندان مان هو.

 

ساقي کي سياست سان دلچسپي هئي، هو ضلعي ٺٽي جي خلافت ڪميٽي جو سيڪريٽري هو، 1920ع ۾ پير غلام مجدد جي صدارت هيٺ خلافت جو جيڪو جلسو ڪوٺايو ويو هو ان جي ڪاميابي لاءِ هن گهڻو ڪم ڪيو هو.

 

ساقي پنهنجي وقت جو نهايت لطيف شاعر هو. ماستر نرملداس سکر وارو سندس استاد هو هن کيس پارسي پڙهائي ۽ عروض جا ابتدائي سبق ڏنا. شاعري ۾ سندس استاد مرتضائي ۽ شاڪر هئا. هن جون ڪافيون خاص طرح ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ نهايت مقبول هيون. مولوي دين محمد وفائي سندس ڪافين بابت لکي ٿو، ”سندس ڪافين جا هڪ ٻه ڪتاب ڇپجي ورهائجي ويا آهن جن ۾ محمد زمان يا زمان شاهه تخلص ڪيو اٿس. سندس ڪلام جي قبوليت جي هي حالت آهي جو لاڙ ملڪ ۾ يڪتارن تي سندس ڪلام کي عام جام طرح فقير فقرا ڳائين ٿا ۽ ماڻهو حظ حاصل ڪن ٿا ۽ حقيقت ۾ آهي به ڏاڍو پرلطف ۽ شيرين ڪلام (1).

 

ساقي نه صرف ڪافي جو شاعر هو پر هو غزل ۽ نظم جو به شاعر هو. هو غزل ۾ پنهنجو تخلص ساقي ڪم آڻيندو هو پر ڪافيون زمان شاهه جي نالي سان ئي چوندو هو. ساقي جو لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان به رهيو هو هن جا ڪيترا غزل بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرحن تي چيل آهن جي الحقيقت ۽ گلدسته سنڌ ۾ محفوظ آهن. 1925ع ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي هڪ طرح هئي:

ٿو وڻي بلبل کي بستان هر طرح.

گلدسته ۾ ساقي جو انهيءَ طرح تي غزل شايع ٿيل آهي جنهن جو مطلع ۽ مقطع هي آهي:

مون ڏٺي رفتارِ دوران هر طرح،

هن جي حرڪت ناهه يڪ سان هر طرح.

ساقيا بندهه نوازي ڪري سگهو،

آهيان خادم به دل جان هر طرح (1).

ساقي جو ڪيترو ڪلام الوحيد، توحيد ۽ الحق (سکر) ۾ به شايع ٿيندو هو. هن هڪ مخمس ڪريما نالي لکيو هو جنهن جو ڪجهه حصو الحق ۾ شايع ٿيو هو. هن اقبال جي ”فرياد امت“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو جيڪو سندس وفات کان پوءِ الوحيد 16 جون 1929ع ۾ شايع ٿيو هو. ساقي گهڻو وقت ڪراچي ۾ کڏي ۾ مريدن وٽ گذاريندو هو. شيخ عبدالله، زمان شاهه ۽ سندس شاعري جي تعريف هنن لفظن ۾ ٿو ڪري، ”شعر و شاعري جي ميلان زمان شاهه ٺٽوي جي مجلس تائين پهچايو، سندس گفتگو بذله سنجي ۽ نڪته آفريني جي گلن کان سدا بهار هوندي هئي، سندس ڪلام نهايت رنگين ۽ مرصع هو“ (2).

ساقي جي زندگي زياده تر تنگدستي ۾ گذري، جنهن ڪري ڪيترن وقتن تي هن پنهنجن بزرگن جا جمع ٿيل قيمتي مسودهه به ڏئي ڇڏيا جن مان ڪجهه مولوي دين محمد وفائي ورتا هئا. ساقي ايام جواني ۾ دنيا جي ميڪدهه مان تهي دست هليو ويو. سندس وفات تي ”ساقي جي ياد“ ۾ شيخ عبدالله عبد هڪ پرسوز نظم لکيو هو، جنهن جا ٻه شعر هي آهن:

اي زمان شاهه تنهنجي رحلت ٿيو سخن سنجي جو موت

سنڌ مان گويا جنازو شاعري جو ٿيو روان.

يا خدا مرحوم کي جنت ۾ رک خورم ۽ شاد،

اين دعا از ما و از جمله جهان آمين باد (3).

ساقي تي مجاز جو نشو زيادهه چڙهيل هو تنهن ڪري هن جي غزلن ۾ عشق جي گرمي ۽ حسن جي سرد مهري نمايان نظر ايندي. هو پنهنجي اندر جي جذبن کي اهي وصال جا هجن يا فراق جا پراثر انداز ۾ بيان ڪري ٿو. هن جا گهڻا غزل هڪ دل ڦريل عاشق جون آهون ۽ دانهون آهن پر ڪڏهن هن جي غزلن ۾ مسلمانن جي قومي بيداري جو اثر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

 

ڪلام جو نمونو (1)

ناز سان مشتاق مارڻ ناز پرور جو رواج،

دل کسڻ ڏيئي دلاسو آهه دلبر جو رواج.

 

عشق کي آسان سمجهي اوچتو اختيار ڪيم،

ڪونه هو معلوم مونکي هن ستمگر جو رواج.

 

رفته رفته عشق تنهنجي منهنجو نيو ناموس ننگ،

لطف شاهيءَ جو ڇڏي ورتم گداگر جو رواج.

 

عشق ۾ بي خود بڻي مان خلق ۾ رسوا ٿيس،

ليڪ مٽجي ڪين ٿو هن ديدههِ تر جو رواج.

 

همدم و همراز مون سان ٿيو شب فرقت جو غم،

مون فقيريءَ ۾ رکيو ان سان تونگر جو رواج.

 

ڏي شراب عشق ساقي ڇا حلال و ڇا حرام،

ڪونڪو عاشق پڇن شرعِ پيمبر جو رواج.

-

ستم جو مونتي مٺا تو ڪيو، ٿيو سو ٿيو،

ڪريان مان ڪهڙي گلا ڇا ٿيو، ٿيو سو ٿيو.

 

اٿم هي خوف مبادا ٿئي نه بدنامي،

هي خون منهنجو تون دامن تان ڌو، ٿيو سو ٿيو.

 

ٿيو جو دل تي سندم زخم تنهنجي ناوڪ کان،

علاج ان جو اوهين ڪو ڪريو، ٿيو سو ٿيو.

 

ڏسي هي حال سندم دل جو اي سنديم اکيون،

وهائي نير نه ڏينهن رات رو، ٿيو سو ٿيو.

جڏهن مون درد جو ڪيو داستان شروع هن وٽ،

چيائين سڀ ئي وساري ڇڏيو، ٿيو سو ٿيو.

 

زمان شاهه ٻڌي هٿ چيو مون حسن وارن کي،

هميشه هاڻ رهو گڏ ٺهيو، ٿيو سو ٿيو.

-

نواز علي ”نياز“

(18، آڪٽوبر 1892ع – 12، نومبر 1959ع)

نواز علي ولد محمد آچر سومرو تخلص ”نياز“ لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. ڇهن مهينن جو هو جو سندس والد گذاري ويو. سندس ۽ سندس وڏي ڀاءُ غلام علي جي پرورش سندن مامي ماستر محمد پريل ڪئي، جيئن ته هي خاندان اهل بيت سان محبت رکندڙ هو تنهن ڪري پاڻ کي جعفري ڪوٺائيندو هو. سندس والده کي گهڻو ادبي شوق هو، هن کي شاهه جو گهڻو رسالو ياد هو. ”ديوان حافظ شيرازي“ ۽ ”ديوان بلبل“ به وٽس موجود هئا. نياز جو چوڻ هو ته سندس شاعري طرف لاڙو ”ديوان بلبل“ کي ڏسي ٿيو (1).

 

نياز گهرو حالتن سبب مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ 1909ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ماستر ٿيو.

 

ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي مختصر آتم ڪهاڻي ۾ مدرسه لاڙڪاڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ”مسٽر نواز علي نياز هڪ قابل قدر استاد هو“ (2). هن 1914ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪري روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي جتي ترقي ڪري مختيارڪار ٿيو جتان 18 آڪٽوبر 1947ع ۾ رٽائر ٿيو جنهن بعد لاڙڪاڻي ۾ حڪمت جو شغل اختيار ڪيائين ۽ نياز ميڊيڪل هال نالي شفاخانو کوليائين.

سندس وڏو ڀاءُ غلام علي جعفري به سخن فهم ۽ سخن سنج ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. سندس هڪ غزل جيڪو هن بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو هو، جا ڪجهه شعر هي آهن:

 

نصيحت واعظن جي ڇا ڪندي هاڻي اثر پنهنجو،

انهن شعرن ته هئن مون کي ڇڏايو آ شهر پنهنجو.

 

خدا جي واسطي مشغول ٿيو ڪنهن ٻئي چڱي ڪم ۾،

مڏي تلوار سان ناحق ڪپايو ڇو ٿا سر پنهنجو.

 

نه هي ڪو شعر آ ديني، نه ڪا ان ۾ نصيحت ئي،

مئس، گهوڙا، ڦريس، سڀڪو چوي حال بتر پنهنجو.

 

هتي ٿو يار هئن وڦلي، هتي پرواهه ڪانه آهي،

ٻڌي احوال عاشق جو ڏيکاري ٿو ڏمر پنهنجو.

 

عجب هي عشق ۽ عاشق، عجب هي شعر ۽ شاعر،

ڀڳاسون دور ۽ ڪيوسون نرالو بس گذر پنهنجو.

 

علي، همدم، فقير ۽ قادري، خادم، نياز، آغا،

گهري ٿو جعفري رخصت نوائي هاڻي سر پنهنجو (1)

-

18، آڪٽوبر، 1951ع تي سندس ڀاءُ غلام علي جعفري (جو پاڻ رٽائرڊ مختيارڪار هو) وفات ڪئي، جنهن هن کي گهرو صدمو رسايو. ڀاءُ جي وفات تي هڪ دردناڪ شعر چيائين جيڪو پڙهي اڪثر رئندو هو. ڪجهه شعر هي آهن:

 

ڪري سانگ سانگي وساري هليا ويا،

ٻه ٽي ڏينهن هت ڀي گذاري هليا ويا.

 

چوان ڇا ضروري ڪو پيغام پهتن،

جو لبيڪ چئي سر کي ڍاري هليا ويا.

 

نياز آهي ارمان تن جي وڃڻ جو،

مون کي ڄڻ ته جيئري ئي ماري هليا ويا.

-

اڃا ڀاءُ جي جدائيءَ جو زخم تازو هو ته 11، جنوري 1952ع تي سندس گهرواري وفات ڪئي، جنهن جو بيان هيئن ڪيائين:

 

تو سوا مون کي هي گهر ديوار سڀ کائڻ لڳا،

ياس حسرت غم الم سڀ مون کي ايذائڻ لڳا.

سنڌ جو شيرين زبان شاعر 1959ع تي هن دنيا کان بي نياز ٿي هميشه لاءِ هليو ويو. وفات کان ٿورا ڏينهن اڳ هڪ غزل لکيو هئائين جنهن ۾ ڄڻ سنڌ وارن سان موڪلاڻي ڪئي هئائين:

 

اوچتو سڏ ٿيو نه ڪنهن کان موڪلائي ٿو وڃان،

درد دنيا مان هي پنهنجي دل ۾ پائي ٿو وڃان.

 

اڻ ڏٺل هڪ ملڪ ٻيو ساٿي هلي ٿو ڪونه ساڻ،

واٽ جون سختيون سڀئي سر تي سهايون ٿو وڃان.

 

ها عزيزن دوستن مان ڪير منهنجا خير خواهه،

اي ”نياز“ مان هر ڪنهين کي آزمايون ٿو وڃان.

-

حافظ محمد احسن چنه سندس وفات تي هڪ تاريخي قطعو لکيو هو جنهن جا ٽي شعر هي آهن:

 

جو نوازيل هو علي جو سو سراسر پر نياز،

سنڌ وارن کي ڏئي ويو ناگهان فرقت جو داغ.

 

سالِ رحلت جو ڪيو مون فڪر، هاتف هيئن چيو،

لکت تون سن هڪڙو ”اُجهامي اُف ويو آهي چراغ.“

1379هه

۽ ٻيو ”اڄ سوز دل جو غم الم حسرت چون“

1959ع

هي به آهي عيسوي سن جو ڏنو هاتف سراغ (1)

 

نياز چوٿين درجي انگريزي ۾ شاعري شروع ڪئي ۽ پهرين ڪافي چئي:

ناهي زور ضعيفن جو، سائين آءُ وري هڪ واري (2).

هو بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي انهن معمارن مان هڪ هو، جن بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو ۽ ان سان پنهنجو ناتو آخر تائين نڀايو، کيس ميهڙ واري ادبي ڪانفرنس ۾ ”عمدت الشعراءِ“ جو لقب ڏنو ويو هو.

قادريءَ جي دور ۾ جن شاعرن غزل ۾ رنگيني ۽ خيالن ۾ وسعت پيدا ڪئي، نياز انهن مان هڪ هو. پروفيسر رام پنجواڻي چوي ٿو، ”نياز سڀڪنهن قسم جو شعر چيو آهي، پر عام رايو اهو آهي ته هو مجازي عشق جي لحاظ کان هڪ تمام جوشيلو شاعر آهي. سندس ٻولي ذرا رنگين پر مزيدار آهي“ (3)

علي محمد راشدي هن لاءِ چوي ٿو ”ميان نواز علي خان مرحوم محض اهو ۽ اوترو چيو، جيترو پاڻ محسوس ڪيائين. اهو ئي سبب هو جو سندس ڪلام ۾ ڏاڍو اثر هو“ (4).

پير حسام الدين راشدي نياز جي شاعري لاءِ لکي ٿو، ”نياز مرحوم مون کي پهريون شاعر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو نه فقط غزل ۽ نظم جو بادشاهه هو پر کيس ٺيٺ سنڌي ڪافيءَ مٿان به ڪمال ۽ قدرت حاصل هئي“ (1). ۽ سندس وفات بابت چوي ٿو، ”نياز هڪ دور جو نمائندو هو جيڪو دور سندس موت تي ختم ٿيو“ (2).

 

ڪلام جو نمونو (3)

چشم خوني تي قضا سان دل جو مائل ٿي وئي،

خون منهنجي ۾ به دل خونيءَ سان شامل ٿي وئي.

 

موت کان پوءِ بوءِ گل بلبل کي حاصل ٿي وئي،

خاڪ گلشن جي سندس مدفن ۾ داخل ٿي وئي.

 

غم الم، رنج و محن، دک درد آيا بيوفا،

تون نه آئين ڇا ٿيو، مون وٽ ته محفل ٿي وئي.

 

ان جو رشڪِ حور ساقي ٿي ڏنو گلگون شراب،

تڏهن شايعد شيخ جي اڄ پيڻ تي دل ٿي وئي.

 

ڪمسنيءَ ۾ ڀي گهٽايو ڪين ٿي جنهن ناز سان،

شاخ ان جي اڄ جوانيءَ جي ته قابل ٿي وئي.

 

ثابتي گم ڪرڻ لئه قاتل جو هٿ ڌوتا وڃي،

سرخ دريا سرخ ساري شڪلِ ساحل ٿي وئي.

 

ان چيو حجت نه سائن ساڻ هلجي پر ”نياز“،

تنهن جي اڄ دعويٰ غلاميءَ جي ته باطل ٿي وئي.

-

اچي تون منهنجي دلِ داغدار ڏس ته سهين،

سڏيندين ان کي به رشڪِ بهار ڏس ته سهين.

 

ڪرين تو وعده ديدار حشر جو ڪنهن سان،

متان مري وڃي اميدوار ڏس ته سهين.

 

چراغ ڪير ٿو ٻاري ۽ ڪير گل ٿو وجهي،

اچي اي ماهه رو منهنجي مزار ڏس ته سهين.

 

قدم تي تنهنجي رکي سر ۽ پنهنجو ساهه ڏئي،

قرار ڪيئن ٿو وٺي بيقرار ڏس ته سهين.

 

جگر ۽ دل نه فقط يار، پر جي حڪم ڪرين،

ڪيان ٿو يا نه هي سر ڀي نثار ڏس ته سهين.

 

قسم خدا جو صنم تنهنجي آتشِ فرقت،

جلائي خاڪ ڪيو ديندار ڏس ته سهين.

 

”نياز“ کي هو نينهن تنهنجي وارو نشو،

رهي ٿو وقتِ نزع ڀي خمار ڏس ته سهين.

-


(1)  الوحيد روزانه ص 1، تاريخ 16 جولاءِ 1929ع.

(1)  گلدسته سنڌ ماهوار ص 26، 15 ڊسمبر 1925ع.

(2)  اياز قادري ”مٽيءَ لڌو مان“ ص 38، رشيد سنس پرنٽرس ڪراچي.

(3)  بياض عبد (قلمي) ملڪيت شيخ عبدالحليم جوش.

(1)  ”ڪليات زمان شاهه ساقي“ قلمي ملڪيت گلزار علي شاهه، ٺٽو.

(1)  ”نئين زندگي“ ماهوار ص 21، امتياز علي جعفري، ماهه آگسٽ 1960ع، مضمون ”عمدت الشعراءِ“.

(2)  ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ عمر بن محمد دائود پوٽو ص 14، سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي.

(1)  ”گلدسته سنڌ“ ماهوار ص 37، فيبروري 1926ع لاڙڪاڻو.

(1)  نئين زندگي، ص 28، ماه مارچ 1960ع.

(2)  ”ادبي ثقافتي تاريخ ضلع لاڙڪاڻه، قلمي، عبدالڪريم سنديلو، ص 325، مونو 1956ع، سنڌالاجي.

(3)  ”سنڌو“ ماهوار، رام پنجواڻي، ص 26، ماه آڪٽوبر 1936ع.

(4)  ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، علي محمد راشدي، ص 485، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع.

(1)  ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، حسام الدين راشدي، ص 406، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع.

(2)  ساڳيو، ص 1.

(3)  ”ڪليات نياز“ قلمي، ملڪيت اعجاز جعفري، لاڙڪاڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org