عبدالڪريم ”گدائي“
]
1جنوري
1901ع - [
عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري تخلص ”گدائي“
ڪريم آباد تعلقي ٺل ۾ پيدا ٿيو مگر سندس زندگي جو
وڏو عرصو جيڪب آباد ۾ گذريو. سندس والد گدائي جي
پيدائش کانپوءِ ٺل ۾ اچي رهيو جتي گدائي پرائمري
تعليم حاصل ڪئي ان کانپوءِ جيڪب آباد جي انگريزي
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
ميونسپل هاءِ اسڪول سکر ۾ داخل ٿيو، جتي سال 1918ع
۾ ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ کان متاثر ٿي مئٽرڪ ڪلاس
مان تعليم ترڪ ڪري انهن تحريڪن ۾ شريڪ ٿي ويو
(1).
1920ع ۾ هن ٺل مان ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس
ڪيو.
گدائي زندگيءَ ۾ ڪيتريون نوڪريون ڪيون. جهڙوڪ
پوسٽل کاتي ۾ ڪلارڪي، بهادر خان کوسي جي فرزندن جي
ٽيوٽري، ڳڙهي خيرو سب ڊويزن ۾ ڪلارڪي وغيره. پر
آزاد طبع سبب ڪٿي به ٽڪي نه سگهيو، 1932ع ۾ نوڪري
ڇڏي تحريڪ آزادي ۾ شامل ٿي ٺل جي ڪانگريس ڪميٽي جو
سيڪريٽري مقرر ٿي ويو ۽ انگريزن خلاف جوشيلا نظم
لکيائين. ان بعد وري نوڪري نه ڪيائين ۽ پنهنجي پيٽ
گذر لاءِ مختلف ڪم ڪندو رهيو.
گدائي جي شاعري جي شروعات 1922ع کان لطف الله
بدوي جي صحبت هيٺ ٿي جيڪو اُن زماني ۾ هڪ نوجوان
شاعر هو ۽ بهادرپور ضلع جيڪب آباد جي پرائمري
اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو. هن جو شروعاتي ڪلام هفتيوار
”پيغام“، ”صداقت“ شڪارپور، ”ماهوار سنڌو“ ۽ روزانه
”الوحيد“ ۾ شايع ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هو بزم
مشاعره لاڙڪاڻه ۽ بزم ادب ميرپور تعلقه ٺل ۾
پنهنجي دوست ۽ همعصر قادر بخش بشير سان شرڪت ڪندو
رهيو ۽ سندس شعر پختو ٿيندو ويو
(1).
پر گدائي جي شاعري جو دور ورهاڱي کانپوءِ شروع ٿئي
ٿو جڏهن هو 1952ع ۾ سنڌ هاري پارٽي ۾ شريڪ ٿي عوام
جي اُمنگن جو ترجمان بنجي ويو.
گدائي جو صحافت ۾ به چڱو حصو رهيو آهي، هو
جيڪب آباد جي ڪيترين هفتيوار اخبارن صبح سنڌ،
فرنٽيئر گزيٽ، مجاهد، انقلاب، امروز ۽ ستاره سنڌ
جو ايڊيٽر ٿي رهيو.
گدائي جي شاعري جا هيٺيان ڪتاب سندس زندگي ۾
ئي شايع ٿي چڪا هئا: ساڻيهه جا سور (1965ع)،
پيماني تي پيمانو (آگسٽ 1974ع) ۽ پکڙا ۽ پنهوار
(فيبروري 1975ع).
گدائي سنڌ جي ترقي پسند شاعرن ۾ اهم مقام رکي
ٿو. جيتوڻيڪ هن غزل ٿورا چيا آهن پر هن جي غزلن ۾
به هن جي شاعري جي ٻين صنفن وانگر سنڌ جي ڌرتيءَ
جي پکڙن ۽ پنهوارن جو پيار سمايل آهي؛ سندس غزل
خارجي ۽ اندروني تاثراتن ۽ احساسن جا مرڪب آهن،
انهن ۾ سونهن به آهي، شوخي به آهي ۽ اثر به آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
هڪ دفعو تو جا ڪئي بارِ دگر ڀي ٿيندي،
ڪا عنايت جي نظر رشڪِ قمر ڀي ٿيندي.
انتظار آهه قيامت جو روح گهٽجي ٿو،
ڪجهه خبر ناهه ته هي رات گذر ڀي ٿيندي.
جن کي آهه نه ميسر هتي مانيءَ جو ڳڀو،
اهلِ دولت کي انهن جي ڪا خبر ڀي ٿيندي.
ڇو ڪجي فڪر جي اڄ آهه انڌيرو ڇانيل،
رات کان پوءِ يقين آهه سحر ڀي ٿيندي.
سالها سال جا چڻنگ دکي ٿي دل ۾،
جي ٻري پيئي ته ڪنهن وقت شرر ڀي ٿيندي.
ڇا ڪندا مون کي ”گدائي“ هي زماني جا ستم،
زندگي آهه ته بهرطور، بسر ڀي ٿيندي.
-
حيات زار ڏسو، حسن سوگوار ڏسو،
عجب رنگ ۾ آئي، نئين بهار ڏسو.
عجيب نظمِ گلستان، عجيب موسم گل،
روش روش تي وڇايل لهو جي ڌار ڏسو.
-
محمد عمر ”اختر“ هالائي
]1917ع
– 27 فيبروري 1959ع[
خليفو محمد عمر ولد خليفو حاجي عبدالرحمان
”متقي“ ميمڻ جو مشغلو طب ۽ حڪمت هو، پنهنجي
شفاخاني جو نالو ”چشمئه ڪوثر“ رکيو هئائين، جيڪو
شفاخاني سان گڏ بزمِ مشاعرهه پڻ هو جتي هالا جا
شاعر پاڻ ۾ گڏجي دادِ سخن وٺندا هئا ۽ ڏيندا هئا.
هو بزمِ طالب الموليٰ هالا جي خاص رڪنن مان هو.
اختر صاحب کي صحافت سان دلچسپي هئي ان ڪري
هالن مان هڪ هفتيوار اخبار ”تعمير“ نالي سان ڪڍي
هئائين جنهن جو نالو پوءِ ڦيرائي ”الڪوثر“ رکيو
هئائين. هو چاليهن ورهين جي ننڍي ڄمار ۾ وفات ڪري
ويو. سندس مزار جي سيرانديءَ سندس خواهش موجب،
سندس ئي لکيل هيٺيون شعر پٿر تي اڪارائي نصب ڪيو
ويو آهي
(1).
واٽ ويندڙ پٽ اکيون هيڏي نهار،
ناهه بي معنيٰ ڪا هيءَ منهنجي مزار.
مان به زندهه هوس تو وانگر ڪڏهن،
منهنجي محفل ۾ به هئا ڪي دوست يار.
موت کانپوءِ هڪ به همراهه ڪونه ٿيو،
آهي دنيا بيوفا نا پائدار.
مغفرت ٿي نيڪ عملن سان ٿئي،
ڪم نه ايندا ڀل هجن ڪي لک هزار.
ڪر هتان حاصل تون عبرت جو سبق،
اڄ پڙهي منهنجي قبر تي ڪل ٻه چار.
-
اختر جو مقام هالن جي غزل گو شاعرن ۾ بلند
آهي، هن جي غزلن ۾ استادانه رنگ، پختگي، برجستگي،
شيريني ۽ رنگيني آهي.
ڪلام جو نمونو
خوب ڄاڻن ٿا هي سهڻا، سيمتن چوري ڪري،
هڪ نظر ۾ گوهرِ دل ٿا وڃن چوري ڪري.
هي نزاڪت، هي تبسم جي ادا هي حسن و ناز،
منهنجي سهڻي کان سکيو آهي گلن چوري ڪري.
ڇا به دنيا چئي مگر ان جو قسم سرهاڻ آهه،
آندي زلفِ يار مان مشڪِ ختن چوري ڪري.
بوالهوس آيا شهيدِ عشق جي مدفن تي رات،
ويا محبت جي جنازي تان ڪفن چوري ڪري.
بزمِ شعرا ۾ سڏائي پاڻکي اهلِ سخن،
ڪئين غزل ٿا پنهنجي نالي پيش ڪن چوري ڪري.
رفته رفته بي تڪليف ٿي رقيبِ روسياهه،
ويا صنم خانه مان اختر حسنِ ظن چوري ڪري
(1).
-
سوين ڀيرا هي صبح و شام آيو،
نه اڄ وانگر ڪڏهن ناڪام آيو.
ڪيان پيو دردِ دل محسوس شايد،
صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
مليون اڄ اوچتو ديدن سان ديدون،
نگاهن ۾ ئي هڪ پيغام آيو.
انهيءَ ميخوار جي قسمت تي صد حيف،
جو ميخانه مان تشنه ڪام آيو.
ستمگر بس نه ڪر پنهنجي ستم کان،
اڃا مس مس اٿم آرام آيو.
نه اختر آيو ڪو بهرِ عيادت،
آگر آيو ته سودا خام آيو
(2).
-
عبدالحي ”سليم“ هالائي
]12،
نومبر 1918ع -
[
قاضي عبدالحي ولد حاجي سليم الدين ابڙو نوان
هالا ۾ تولد ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ۾
گهڙيو ۽ نوڪري سان گڏ تعليم به حاصل ڪندو رهيو ۽
ايم.اي تائين تعليم حاصل ڪئي اٿائين.
هن مختلف جاين تي نوڪري ڪئي آهي، جن ۾ پوسٽل
ڊپارٽمينٽ سنڌ اطلاعات کاتو، ڳوٺ سڌار ۽ سروري
اسلاميه ڪاليج جا نالا قابل ذڪر آهن. 1959ع ۾ کيس
پاڪستان سرڪار طرفان انڊيانا يونيورسٽي آمريڪا ۾
اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو ويو هو. هن وقت نوڪري کان
رٽائر ٿي حڪمت جو ڪم ڪري رهيو آهي.
سليم جو سنڌي غزل سان گهرو تعلق رهيو آهي. هو
هالا شهر جي سمورين بزمن جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي.
هن ماهنامه اطلاعات سنڌ، ڳوٺ سڌار ۽ فردوس جي
ايڊيٽر جي حيثيت سان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي
آهي.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”تذڪرهه شعراءِ هالا“
(1944ع) ۽ ”شڪوهه سنڌ“ (نظم) مشهور ڪتاب آهن.
سليم جو ڪلام قديم رنگ جي نئين تصوير آهي.
سندس غزل ۾ حسن و جمال جي قصيده آرائي، وفا جون
حڪايتون ۽ جفا جون شڪايتون، گل جي بي نيازي ۽ بلبل
جي آهه و زاري، خزان ۽ بهار، صياد ۽ گلچين جا قصا
آهن مگر سندس اندازِ بيان پرڪشش ۽ پراثر آهي.
ڪلام جو نمونو
فلڪ منهنجي طفيل آهي، مههِ ڪامل به مان آهيان،
مان جنهن منزل کي ڳوليان ٿو، اها منزل به مان آهيان.
مان آهيان بهرِ الفت، آب هستي، عشق جو طوفان،
قدم جنهن جا چمن لهرون، اهو ساحل به مان آهيان.
مسلمان آهيان پر منهنجي سهڻن سان به دل آهي،
کڻي چئجي بتن جي قرب جو قائل به مان آهيان.
ڏنم سهڻن کي پنهنجي زندگي، مهر و وفا ڪارڻ،
محبت جو سخي ۽ سونهن جو سائل به مان آهيان.
گلا منهنجي سا اڄ ڏاڍي ٿي ٻهڪي محفلِ ياران،
اگر محفل ۾ ناهيان، رونقِ محفل به مان آهيان.
جان ۾ پنهنجي مومل، پنهنجو راڻو، هرڪو پاڻ آهي،
مان خود محبوب پنهنجو عاشق بيدل به مان آهيان.
-
آهن امير مست خزان ۽ بهار ۾،
ليڪن غريب محو غمِ روزگار ۾.
ابرِ بهار، موسمِ گل، بادهِ شراب،
هلچل مچائي آهه دلِ بادهه خوار ۾.
سعيو ڪري نه پيتي اٿم مي اي محتسب،
آ خودبخود ڀڄي پئي توبهه بهار ۾.
سجدو ڪيو گلن به سندس نقش پامٿان،
جلوه نما ٿيو هو جڏهن لال زار ۾.
مدت کان بعد يار رکيو منهنجي دل تي هٿ،
آيو قرار نيٺ دلِ بيقرار ۾
(1).
-
عطا محمد ”حامي“
]1،
جنوري 1919ع -
[
ڊاڪٽر عطا محمد ولد قائم خان سوهو تخلص ”حامي“
جو ڳوٺ سوهو قناصرهه تعلقه ڪوٽ ڏيجي خيرپور ميرس
آهي. سندس وڏا مير سهراب خان جي خاص مقربن مان هئا
تنهن ڪري هن وقت تائين سندن وڏي عزت ۽ آبرو آهي.
حامي ڳوٺ ۾ پرائمري ۽ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾
انگريزي تعليم حاصل ڪئي. طالب علمي واري زماني ۾
سيد غلام علي ”مخمور“ کان علم عروض جي تعليم حاصل
ڪيائين ۽ اديب سنڌ لاڙڪاڻي ۾ شايع ٿيڻ لاءِ شعر
موڪلڻ لڳو، جيڪي حاجي محمود اصلاح ڪري ان ۾ شايع
ڪندو هو. ان وقت سندس تخلص ”عطا“ هو.
ناز هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪري پي. ڊبليو.
ڊي ۾ نوڪري ڪيائين مگر اها ڇڏي ايس.ايم. ڪاليج
ڪراچي ۾ اچي داخلا ورتائين. ڪاليج واري زماني ۾
غلام احمد ”نظامي“ جي شعر و شاعري ۾ شاگردي قبول
ڪيائين ۽ پنهنجو تخلص پنهنجي استاد جي چوڻ تي
”حامي“ رکيائين. انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ
خيرپور واپس ويو ۽ لقمان جي سيڪنڊري اسڪول ۾
انگريزي ماستر ٿيو پر جلد ئي آغا تاج محمد جي
مهربانيءَ سان ٽريننگ ڪاليج خيرپور جو وائيس
پرنسپال مقرر ٿيو.
1948ع ۾ حامي ۽ رشيد لاشاري ”بزم ناز“ خيرپور
جو بنياد وڌو جنهن جو صدر ماستر ڌڻي بخش مشتاق ۽
سيڪريٽري رشيد لاشاري هو، بزم ناز جي سهاري هيٺ
عطا محمد حامي جي ڪوشش سان 1957ع ۾ خيرپور ۾
سترهين ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي
گهڻن عالمن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. بزم ناز جي مشاعرن
جون ڪارروايون هفتيوار الحقيقت لاڙڪاڻه ۾ شايع
ٿينديون هيون.
حامي 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾
ايم.اي پاس ڪري سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ سنڌي
ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو مگر اتان نوڪري ڇڏي خيرپور
جي اسيمبليءَ لاءِ اليڪشن لڙيو ۽ ايم.ايل اي ٿيو،
هي ان اسيمبلي جو واحد ميمبر هو جو اڪيلي سر
مخالفت ۾ هو. ون يونٽ ٿيڻ ڪري وري هو نوڪري ۾
گهڙيو ۽ ممتاز گورنمينٽ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر
ٿيو. جتان 1978ع ۾ رٽائر ٿي پنهنجي زمينداري
سنڀالي رهيو آهي. حامي خيرپور جو پهريون شخص آهي
جنهن 1979ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. سندس
علمي ۽ ادبي خدمت کي ڏسي کيس سنڌي ادبي بورڊ جو
ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي.
حامي کي موجوده دور ۾ استاد شاعر تسليم ڪيو ٿو
وڃي، سندس طبع ۾ رواني آهي، هو هر سنگلاخ زمين ۾
آسانيءَ سان شعر لکي سگهي ٿو. سندس غزلن ۾ رنگيني،
برجستگي، پختگي ۽ اثر هوندو آهي. ٻولي جي صحت ۽
عروض جي پابندي سندس غزل جون خاص خوبيون آهن. سندس
خيالن ۾ صبح جي هير جهڙي فرحت ۽ مسرت سمايل هوندي
آهي. انهن ۾ فلسفي جي گهرائي پڻ نظر ايندي آهي.
ڪلام جو نمونو
اچي ٿو سدا دل کي يارن جو ڌوڪو،
هي ڪشتي ٿي کائي ڪنارن جو ڌوڪو.
ڏين ٿا وڏن اعتبارن جو ڌوڪو،
نظر ڪيئن اچي ناز وارن جو ڌوڪو.
گلن پنهنجي دامن ۾ ڪنڊا ڇپايا،
خزان کان وڌ آيو بهارن جو ڌوڪو.
هٽيا ڪجهه ڪڪر پر سحر ڪين آئي،
هي چانڊاڻ ٿي چئن تارن جو ڌوڪو.
گهڻا منهنجا مٺڙا اٿئي دل جا ڪارا،
متان کائين ڪٿ قربدارن جو ڌوڪو.
رسايو جنون نيٺ منزل تي ”حامي“،
خرد ٿي ڏنو رهگذارن جو ڌوڪو
(1).
-
جا بجا جاچي ڏٺم تو جهڙو جاني ڪين آهه،
ثانيِ يوسف گهڻا پر تنهنجو ثاني ڪين آهه.
حسن جي خيرات سڀ سهڻا وٺن ٿا تو وٽان،
ڪير آهي ڏيهه ۾ جو تنهنجو ڏاني ڪين آهه.
حال ڏس حالت نه پڇ اي حال محرم رحم ڪر،
گفتگو کان گهٽ هي منهنجي بي زباني ڪين آهه.
تنهنجي منهنجي حسن ۾ ۽ عشق ۾ هي آ فرق،
حسن فاني ٿي سگهي ٿو، عشق فاني ڪين آهه.
اي محبت، اي دلِ انسانيت، توکان سواءِ،
آدمي ۽ آدميت جي نشاني ڪين آهه.
حال آهر جي مليا الفاظ سي حامي لکيا،
ورنه پنهنجي دل جي پوري ترجماني ڪين آهه.
(1)
-
عبدالرزاق ”راز“
]29
جنوري 1919ع -
[
عبدالرزاق ولد عبدالرئوف شيخ تخلص ”راز“ پراڻي
سکر جي قديم رهاڪن مان آهي. سندس ڏاڏو ماستر حبيب
الله ”آزاد“ پراڻي سکر جي معزز بزرگن مان هو. کيس
شعر و شاعري سان گهڻو چاهه هو ۽ بزم مشاعره
لاڙڪاڻي سان سندس گهرا ناتا هئا.
راز جي ابتدائي تعليم پراڻي سکر ۾ ٿي، مئٽرڪ
پنجاب يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. اعليٰ تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ڇهه سال ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ گذاريائين،
جتي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي اڳواڻي هيٺ ”سنڌي ادبي
سرڪل“ قائم ڪيو ويو. جنهن جو سيڪريٽري راز کي
چونڊيو ويو. ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي ان ادبي سرڪل سنڌ
۾ جديد ۽ ترقي پسند ادب جو بنياد رکيو.
راز 1947ع ۾ تعليم کان فارغ ٿي روزانه
”الوحيد“ ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. سندس ڪوششن سان
”الوحيد“ جو هفتيوار ادبي پرچو جاري ٿيو جنهن جو
ايڊيٽر هن کي مقرر ڪيو ويو. هو نوڪري جي سلسلي ۾
سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر، ميونسپل هاءِ اسڪول
پراڻو سکر جو هيڊ ماستر، اسلاميه ڪاليج سکر ۾
پروفيسر ۽ موسوي ڪاليج روهڙي جي پرنسپال جي عهدي
تي رهيو آهي. هن وقت نوڪري تان رٽائر ڪري سمورووقت
سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ صرف ڪري رهيو آهي.
ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ڪتاب شايع ٿيڻ بند
ٿي ويا هئا، تڏهن هن حبيب پبليڪيشن جي نالي سان هڪ
ادارو مقبول صديقي جي مدد سان قائم ڪيو جنهن ڪيترا
نثر ۽ نظم جا سٺا ڪتاب شايع ڪيا.
راز بزم مشاعرن جي ماحول کان پري رهيو آهي، پر
ترقي پسند تحريڪ ۽ جماعتن جي اوسر ۾ سندس وڏو حصو
آهي. هو سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت سکر
جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. سندس نثر ۽ نظم ۾ ڪيترا
ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان هيٺيان ڪتاب ڪافي مقبول
آهن:
سارنگ (شاعري 1954ع)، 2. ڊاڪ بنگلو (افسانا
1954ع)، 3. فاتحِ سنڌ (ڊرامو 1955ع)، 4. پيهي
منجهه پاتال (شاعري 1962ع)، 5. تنقيد ۽ تجزيو
(تنقيد 1966ع)، 6. سڄڻ سفر هليا (شاعري 1967ع)، 7.
سانگي ڪي ساريام (خاڪا 1972ع)، 8. غزل (شاعري
1972ع) ۽ 9. سنڌي غزل جو تنقيدي جائزو (تنقيد
1979ع).
راز پختو شاعر، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار آهي. شروع کان
وٺي هن جو واسطو ترقي پسند جماعتن سان رهيو آهي.
هو جديد سنڌي ادب جي بانين مان هڪ آهي. هو نظم،
آزاد نظم ۽ غزل رواني سان چوندو آهي. سنڌ ۾ جديد
آزاد نظم جو پايو وجهندڙن مان هڪ آهي. هن غزل ۾
پراڻين راهن کان هٽي جديد رنگ ۾ طبع آزمائي ڪئي
آهي. هن جي غزلن ۾ جتي جماليات جي شيريني نظر اچي
ٿي اتي زندگي جي تلخين جو عڪس پڻ آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
سور کي ساهه سان ٿو سانڍي رکان،
ڪجهه نه آ تنهنجي هڪ امانت آ.
ڪنهن کي فرقت ته ڪنهن کي وصل نصيب،
پنهنجي پنهنجي عجيب قسمت آ.
دل گهرين دوستن جي محفل ۾،
جيڪو دم گذري سو غنيمت آ.
-
رهبر به گهڻا راهه جا رهزن به هزارين،
ڏسجي ته وري ڪير ٿو منزل تي پڄائي.
اغيار به خاموش ۽ احباب به خاموش،
محفل جو ذرا رنگ ڪوئي مونکي ٻڌائي.
هي ناز به انداز تنهنجي جادوگري آ،
هر روز ڪوئي باهه ٿو سيني ۾ دکائي.
سختين جي ڪري ڪونه ڪيون ڪنهن جي شڪايت،
دل اهڙي عجب آهي جو هر سور کي کائي.
گل کان جي ڇڏائي ته ڪنڊن ۾ آ گرفتار،
گلشن ۾ رهي ڪيترو دامن کي بچائي.
اڄ گيت وري راز گهڻا ياد ڪياسي،
ڪنهن تار کي ڇيڙي ڪوئي هي شعر ته ڳائي.
-
گهڻائي عشق جا شهڪار ڏسجو،
شڪسته دل جا ڪي آثار ڏسجو.
ڪي مقتل گاهه ڏي منصور هلندا،
اڃا ڪي طالبِ ديدار ڏسجو.
نه طوفان کي ڏسي گهٻرايو ناحق،
اڃا قدرت جا ڪي اسرار ڏسجو.
-
|