محمد حسن ”ساز“
]2
جولاءِ 1926ع –
[
محمد حسن ولد عبدالله برفت تخلص ”ساز“ نوآباد
(ڪراچي) جي مشهور شاعرن مان آهي. سندس وڏا اصل لس
ٻيلي جا رهاڪو هئا جتان روزگار جي سانگي ڪراچي آيا
۽ هتي جا ئي ٿي ويا.
”ساز“ جي پرائمري تعليم شيخ عبدالله جي مدرسي
۾ ٿي، جتي شاعرن جون ڪچهريون ٿينديون هيون. شيخ
عبدالله ۽ عبدالحليم جي صحبت ”ساز“ جي طبيعت ۾
شاعري جو شوق پيدا ڪيو جنهن کي ڪراچيءَ جي مشاعرن
سوڌيو ۽ سنواريو.
”ساز“ پنهنجي دور جو سٺو غزل گو شاعر آهي.
سندس غزلن ۾ شوخي ۽ رواني آهي. هن جي غزلن ۾ مزاح
سان گڏ ڪيترا فلسفيانه خيال سمايل هوندا آهن، جنهن
ڪري سندس غزلن ۾ گهرائي ۽ اونهائي آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
هو جڏهن ياد ٿو اچي يارو،
مونکي تنهائي ٿي سڏي يارو.
مان به زنده رهي سگهان ٿو پر،
ڪو نئون حوصلو ملي يارو.
وقت ڏيئي وڃي ٿو هر ڪنهن کي،
شرط هي آهي ڪو وٺي يارو.
پنهنجي دنيا ڪندا وڃو روشن،
ڏينهن سان رات ٿي هلي يارو.
عشق جي انتها ٿئي ڇا تي،
ڪو اچي ساز کان پڇي يارو.
-
جي ويو اختيار ڇا ٿيندو،
آدمي جو وقار ڇا ٿيندو.
علم حاصل ڪندي ڪندي آخر،
ختم ٿيندي ڄمار ڇا ٿيندو.
عمر ڀر جي رهيو فقط مونکي،
وقت جو انتظار ڇا ٿيندو.
تنهنجي حالت اگر اهائي رهي،
اي دلِ اشڪبار ڇا ٿيندو.
صبح تائين رهيون نه ساز اگر،
حالتون سازگار ڇا ٿيندو.
-
عاشقيءَ سان جي رابطو ٿيندو،
خاڪ پو دل تي ضابطو ٿيندو.
راهِ حق تي تون پهرين هل پوءِ ڏس،
توئي هڪڙي مان قافلو ٿيندو.
موت منهنجي موت تي هن چيو ڪنهن کي،
هاڻ ڪنهن سان مقابلو ٿيندو.
-
عبدالقيوم ”صائب“
]27
جولاءِ 1927ع –
[
عبدالقيوم ولد نبي بخش پيرزادو حيدرآباد جي
قديم خاندانن مان آهي. سندس وڏا ٽالپرن واري دور
کان وٺي حيدرآباد ۾ مقيم آهن. سندس ابتدائي تعليم
لطيفي مدرسي ۾ ٿي. پوءِ نور محمد هاءِ اسڪول، سٽي
ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد لا ڪاليج مان
تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي
رهيو. هن وقت وڪالت جي پيشي ۾ مشغول آهي.
”صائب“ جو ناتو سنڌ جي ڪيترن بزمن خاص طرح
بزمِ خليل حيدرآباد سان گهرو رهيو آهي. هن محمد
عبدالله ”بسمل“، محمد بخش ”واصف“، ڊاڪٽر محمد
ابراهيم ”خليل“ جي صحبتن مان گهڻو فيض حاصل ڪيو،
جنهن ڪري کيس عروض تي عبور حاصل آهي.
سندس هي ڪتاب شايع ٿيل آهن. 1. پاڪستان جي
تاريخ، 2. سلطان محمود غزنوي، 3. فتوحات بابر، 4.
حافظ شيرازي جي پنجاهه غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي،
5. نظام الملڪ طوسي جي سياست نامي جي چند بابن جو
ترجمو، 6. سر سارنگ، 7. سر مومل راڻو، 8. اسلامي
سياست، 9. ڪوماڻو ڪنول (ناول).
”صائب“ پُرگو شاعر آهي، هن شاعري جي مختلف
صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس غزل قديم ۽ جديد
رنگ جو ميلاپ آهي. سندس ٻولي وڻندڙ، محاورا،
ترڪيبون ۽ بندشون چست هونديون آهن. هو ڏکي ۾ ڏکي
خيال کي به دلپذير انداز ۾ بيان ڪندو آهي. استاد
شاعرن جي صحبت هن کي علم عروض جو پابند بنائي ڇڏيو
آهي، جنهن ڪري سندس گهڻو ڪلام پختو هوندو آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
جواني، حسن، رعنائي ڪڏهن موٽي نه هٿ آئي،
هڻي وٺ نينهن جا نعرا، ڪري وٺ يار ارڏائي.
سدا سهڻن جي هنجن ۾ گذاري جن ڏٺو آهي،
اُٿڻ ويهڻ ۾ تن جي ڪا سمايل آهه سهڻائي.
سبق تهذيب ۽ شائستگيءَ جو اي سکڻ وارا،
اوهان جي يار سان ناهي رهي شايد شناسائي.
اوهان آيا نه ياد آئي، نياپو ڀي نه ڪو آيو،
توهان ناهيو ته اي سائين، اچي کائڻ ٿي تنهائي.
بتِ مغرور جي آڏو اچي بيٺو خليل آهي،
نه هِن ۾ آهه گهٽتائي، نه هُن ۾ آهه گهٽتائي.
سڪن يوسف صفت لئه ديدهِ يعقوب پيون پر،
اڳيان ڀي آهه اي ”صائب“ زماني جي زليخاني.
-
جن ظلم ڪيو آهه بغاوت جي وٺي اوٽ،
تن آهه لٽيو گهر کي حڪومت جي وٺي اوٽ.
تهذيب و تمدن ۽ سيادت ٿا بگاڙين،
تهذيب و تمدن ۽ سيادت جي وٺي اوٽ.
هر ڪوڙ کي سچ صدق جو چوغو ٿا ڍڪائين،
ٿا ڀوڪ بڻائين صداقت جي وٺي اوٽ.
تيمور يا نادر ڪو هجي يا ڪ مدد خان،
سئو سور ڏنا سڀني سياست جي وٺي اوٽ.
هر فوج ظفر موج جا پرزا ته سدائين،
هيڻن تي هلان ڪن ٿا شجاعت جي وٺي اوٽ.
”صائب“ ته ڏٺو آهه ته هر دور جو بدنسل،
پيڙي ٿو شريفن کي شرافت جي وٺي اوٽ.
-
سردار علي شاهه ”ذاڪر“
]1
جنوري 1928ع -
[
سيد سردار علي شاهه ولد جعفر شاهه بخاري تخلص
”ذاڪر“ ڳوٺ ٻيرڙي، تعلقو گهوٽڪي ضلع سکر جو ويٺل
آهي. ميٽرڪ نواب شاهه هاءِ اسڪول ۽ بي. اي (آنرس)
سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين.
سردار علي شاهه جي سڄي زندگي صحافت ۾ صحرا
نوردي ڪندي گذري آهي.
هو شروع ۾ روزانه ”الوحيد“ ۽ ”ڪاروان“ سان
وابسته هو. 1957ع کان روزانه مهراڻ (ڪراچي –
حيدرآباد) جو چيف ايڊيٽر ٿي ڪم ڪندو رهيو آهي.
سردار علي شاهه هڪ ناميارو صحافي هجڻ سان گڏ
هڪ سٺو شاعر پڻ آهي. سندس غزل فن جي خيال کان پختو
۽ شاعريءَ جي خيال کان پاڪيزه ۽ بامقصد آهي. سندس
غزلن ۾ وڻندڙ شوخي آهي ۽ لطافت آهي. هن جي غزلن جا
قافيا گهڻو ڪري ٺيٺ سنڌي ۽ رديف شوخ هوندا آهن.
ڪلام جو نمونو
حسن زيرِ بام پنهنجا زلف سينگاري ته پوءِ،
ناز پنهنجي کي نوان انداز سيکاري ته پوءِ.
تون چوين ٿو ڪين آهي تنهنجي نيڻن جو قصور،
تير پنبڻين جا وجهن مسڪين کي ماري ته پوءِ.
ننگ ۽ ناموس، عقل و هوش، ايمان سڀ عزيز،
مست نيڻن جا مگر ڌاڙيل ڪو ڌاري ته پوءِ.
وصل جو وعدو وٺڻ وارا، تحمل ٿو کپي،
وعدهِ فردا به ڪنهن ٽل سان ڇڏي ٽاري ته پوءِ.
هن جو ذوقِ رخ نمائي، منهنجو شوقِ ديدني،
ڪجهه پڙهي هن تي مگر ڪو شوم شوڪاري ته پوءِ.
-
هوش هوندو ته حوصلو ويندو،
زندگي ڪيف ۾ ڪٽي ته کٽي.
ورهه ورثي مثال آ جنهن ۾،
پاڻ کي واڻ جيئن وٽي ته کٽي.
ڇڏ کڻي شيخ زنگ ذاڪر سان،
ڀاڳ هن جا ڀلا کٽي ته کٽي.
-
ڪنهن جي نيڻن کي ٿڌو ڪن، ڪاڪ تي اُڀري ڪنول،
هت ته مومل ماڳ تي، هُت راڄ ۾ راڻو نه ڪو.
ڪا نياري نيت هئي، جنهن راو کي راضي ڪيو،
مام ڪا ٻي هئي، مهاڻي جو هيو ماڻو نه ڪو.
ڀل هجن ڪي ملڪ جا مالڪ ۽ دولت جا ڌڻي،
واٽ مون ووڙي ڏٺي، وڌ نينهن کان ناڻو نه ڪو.
-
عزيز الله ”مجروح“
(1928ع – 8 آگسٽ 1962ع)
عزيزالله ابڙو تخلص ”مجروح“ ڳڙهي ياسين ضلع
شڪارپور جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ جادو ڪلهوڙو جو
رهندڙ هو. کيس سنڌي سان گڏ عربي ۽ پارسي جي به
ٿوري ڄاڻ هئي. شعر نهايت روانيءَ سان چوندو هو.
بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان سندس گهڻي وابستگي هئي.
سندس ڪلام اديب سنڌ لاڙڪاڻي ۾ ڇپبو هئو. سندس
قطعات جيڪي سندس وفات کان پوءِ ”پيغام“ (ڪراچي)
رسالي ۾ شايع ٿيا آهن، مان معلوم ٿو ٿئي ته هو جمع
خان غريب جو شاگرد هو.
مجروح تي آڌي رات ماهه مولود النبي ربيع الاول
1382هه جي ستين تاريخ ننڊ جي حالت ۾ ڪنهن ٻه فائر
ڪيا جن مان هڪ سندس دل تي لڳو ۽ بروقت دم ڏنائين
(1).
عزيز الله اٽڪل چوٽيهن ورهين جو هو جو شهيد ٿي
ويو. سندس وفات تي منصور احمد ”منصور“ ڳڙهي ياسين
واري هڪ مرثيه چيو جنهن جا ڪجهه شعر هي آهن:
سج لٿو ظلمات ٿي، اڌ رات جو سو وقت هو،
ننڊ اندر آهي ٿيو مجروح گولي جو نشان.
جو ٿيو پيدا جهان ۾ نيٺ هالاڻو ڪري،
”ڪل شيءُ هالڪ“ قرآن ۾ آيو بيان.
سال رحلت جي ڪئي منصور هاتف کان پڇا،
دمبدم آيس صدا هي عالمِ بالا منجهان.
چئو چٽي تاريخ ان جي تون قذوم پاڪ سان،
173
”خاص جنت ۾ مليو مجروح کي سهڻو مڪان“
(1).
73 + 1789 = 1962ع
سندس هيٺيون تصنيفون شايع ٿيل آهن:
1. نالهاءِ دل (ديوان مجروح 1955ع)، ۽ 2. قطعات
مجروح (شاعري 1978ع).
مجروح جو غزل قديم رنگ ۾ ٻڏل آهي. سندس شاعري
تي روايتي غزل جي گلڪاري آهي. سندس قلم ۾ رواني ۽
فصاحت آهي. ٻولي سادي ۽ عام فهم ۽ سهڻين ترڪيبن
سان سينگاريل آهي.
ڪلام جو نمونو
(2)
برباد محبت سان تڪرار جو ڇا باعث،
بي جرم خطا رنجش ۽ خار جو ڇا باعث.
سيکاري سڄڻ توکي ڪنهن وعده فراموشي،
اقرار ڪري ۽ پو انڪار جو ڇا باعث.
آرام جي بدلي ۾، ڇو رنج و الم ورتئي،
اي دل ڏي خبر ههڙي واپار جو ڇا باعث.
مونکي ته پسند آهي هي برهه جي بيماري،
عادي ٿي ويو آهيان، آزار جو ڇا باعث.
ابرو جو اشارو ئي، آ قتل جي لئه ڪافي،
خنجر جي کڻڻ جو ۽ تلوار جو ڇا باعث.
هي دل جي لڳي ناهي، مجروح ڀلا ڇاهي،
ديوان جو باعث، اشعار جو ڇا باعث.
-
اي نسيمِ صبح آهي، گلبدن گلفام ڪٿ،
مضطرب دل جو سهارو، دافعِ آلام ڪٿ.
واعظا ارشاد تنهنجو ٺيڪ پر هڪ عرض آ،
عشق جو ڪافر ڪٿي، ۽ دين ڪٿ اسلام ڪٿ.
انتظاري ۾ ٿين ٿا، ختم اوقاتِ حيات،
دل لڳائڻ بعد ايندو آ وري آرام ڪٿ.
اي اکيون ڪجهه هوش ڌاريو، لڙڪ هاريو ڪينڪي،
خوف دامنگير آهي، ٿيو متان بدنام ڪٿ.
قيس جان ٿي زندگي صحرانورديءَ ۾ گذر،
ڏينهن ڪٿ ۽ رات ڪٿ ۽ صبح ڪٿ ۽ شام ڪٿ.
سخت مشڪل آ ٿيڻ، پرده نشين سان هم جليس،
ڪٿ اهو مستور ۽ مجروح رسوا عام ڪٿ.
-
|