مولوي محمد عاقل ”عاقل“
(5 سيپٽمبر 1851ع – 3، سيپٽمبر 1961ع)
محمد عاقل ولد آخوند الهنواز سومرو تخلص ”عاقل“ پير صاحب پاڳاري
جي ڳوٺ ۾ تولد ٿيو
(1).
ابتدائي سنڌي ۽ پارسي تعليم پنهنجي والد کان حاصل
ڪيائين، جنهن کان پوءِ مختلف استادن کان مختلف
هنڌن تي عربي ۽ پارسي تعليم حاصل ڪيائين. آغاز
جواني ۾ تعليم ڇڏڻ بعد پير صاحب حزب الله شاهه
گادي نشين ڪنگري شريف جي خدمت ۾ رهيو ۽ پير صاحب
کيس درباري شاعر جي نموني صحبت ۾ رهڻ جو صرف بخشيو
(2).
هڪ ڀيري مولوي محمد عاقل پنهنجو شعر دير سان پير
حزب الله شاهه ڏانهن موڪليو، جنهن لاءِ هيٺين ريت
عذر پيش ڪيائين:
شعرِ من گر بجنابِ تو پس از سال رسد،
عذرِ معقولِ من از دير چنين آن گردد،
کز بلندي مقامت نه رسد مرغِ سخن،
تابسائي سو درگاهه تو پسران گردد
(3).
هڪ ڀيري ”عاقل“ پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. پير صاحب ارشاد
ڪيو منهنجي اڳيان هڪ مصرعه آهي جو بيت ٿيڻ گهرجي.
پوءِ مصرعو پڙهيائون:
بناءِ حسن برد اوستاد بالائي فلک چندان
”عاقل“ في البديهه عرض ڪيو:
که از بر جشن ملڪ لغزيد معمار اين چنين باشد
(1).
پير حزب الله جي وفات کان پوءِ مولوي محمد عاقل پير ڳوٺ ڇڏي
”عاقل“ جي ڳوٺ لڳ لاڙڪاڻو اچي رهيو. جتي مدرسه
هاءِ اسڪول جي شروعاتي زماني ۾ دينيات جا پوءِ
خيرپور هاءِ اسڪول ۾ عربي جا استاد ٿي رهيا، هو
ڪجهه وقت ”الحق“ ۽ ڪجهه وقت ”خير خواهه“ اخبار
لاڙڪاڻو جو ايڊيٽر ٿي رهيو. مگر سندس آزاد طبيعت
کي پابندي پسند نه هئي، تنهن ڪري گهڻو وقت ڪتب
فروشي جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. مولوي ”عاقل“ تحريڪ
آزادي ۾ حصو ورتو هئو، هو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تحريڪ
خلافت جو صدر هو، ان کان سواءِ لاڙڪاڻي جو مفتي ۽
جمعيت العلماءِ جو رڪن پڻ هيو
(1).
مولوي ”عاقل“ کي شعر و شاعري سان شروع کان وٺي نهايت شوق هو
تنهن ڪري هن جي سنڌ جي گهڻن شاعرن سان دوستي هئي
جهڙوڪ مخدوم الله بخش عاصي، شمس الدين بلبل، محمد
هاشم مخلص، مرزا قليچ بيگ، ميان علي محمد قادري،
ميان غلام سرور ”فقير“ ۽ ٻيا. ميان علي محمد قادري
سان سندس ناتو ڀائرن کان وڌيڪ هو. شام جو سندس
گهڻو وقت قادري صاحب جي اوطاق تي ڪچهري ڪندي
گذرندو هو. ان جو هڪ سبب هي به هو جو ٻنهي جي
تعليم ڪجهه وقت ميان علي محمد قادري جي وڏي ڀاءُ
حافظ ميان مير محمد وٽ ٿي هئي.
محمد هاشم مخلص جڏهن سنڌ ڇڏي وڃي غربت ۾ گذاريو هو تڏهن هن هڪ
غزل ۾ پنهنجي دوستن ۽ شاعرن کي ياد ڪيو هو. مولوي
”عاقل“ کي هنن لفظن ۾ ياد ڪيو اٿائين:
نه گل، نه باغ، نه بلبل، نه مجلسِ ياران،
نه ڪو چمن، نه ڏسان ڪو بهارِ غربت ۾.
پون ٿا شعر و سخن ياد نت صغير سندا،
نه مثلِ عاقل، معنيٰ فگار غربت ۾
(1).
سندس وفات جي تاريخ ماستر جمع خان ”غريب“ بيان ڪئي آهي
(2).
مولوي عاقل محمد، ويو لڏي دنيا ڇڏي،
آهه، هر ڪنهن لئه رواني هي رباني راهه راهه.
شاعرِ شيرين زبان باشرع هو صوفي سچو،
هت فنا في الله هو، ٿيو هت بقا باالله آهه.
ماهه شعبان ۾ ڏهين تاريخ اربع صبح وقت،
”رحلت درويش عاقل“ باسرِ الله آهه.
1359=1-1360
عيسوي سن باسرِ دل آهه ”زيرِ مغفرت.“
1941 = 4 + 1937.
مولوي ”عاقل“ علم عروض جي باريڪين جو ڄاڻو، هڪ پختو، پرگو ۽
ڪهنه مشق شاعر هو. هن جي سڄي عمر شعر و شاعري جي
سياست ۾ گذر ٿي آهي. هو پارسي توڻي سنڌي شعر نهايت
رواني سان چئي سگهندو هو. جيتوڻيڪ سندس غزلن تي
پارسي خيالن ۽ زبان جو گهرو اثر هو ان هوندي به هن
جو غزل لطافت ۽ رنگيني سان ڀريل هو. هن کي قطعه
تاريخ تي وڏي دسترس هئي سندس قادري بزرگن خاص طرح
ميان علي محمد قادري جي وفات تي لکيل قطعات پنهنجو
مٽ پاڻ آهن.
ڪلام جو نمونو
(1)
ڪونه چشمن جو گسي ٿو تي راڄ،
ڪاف قدرت جو ٿيو زهه گير اڄ.
قتل ٿيون گردن ڪشن جون گردنون،
ٿي بلند ابروءَ جي آ شمشير اڄ.
آبِ گل سان وات پنهنجي کي ڌوئان،
حسن تنهنجي جي ڪيان تقرير اڄ.
حسن جو لوهار آتش رخ مٿي،
جوڙي ٿو زلفن منجهان زنجير اڄ.
جانِ شيرين چشم جادوءَ کي ڏنم،
زلف هندوءَ کي دلِ دلگير اڄ.
تون ته عاقل عشق جو آهين اسير،
ترڪ تدبيرن جي آ تدبير اڄ.
-
ابروئي بتان ڪماندار ڏسي وڃ،
مزگان به سندن خنجرِ خونخوار ڏسي وڃ.
رخسار بتان ڪعبو حجر اسود آ خال،
زاهد تون اچي ڪئبه ڪفار ڏسي وڃ.
ڪهن ڏينهن ڪري عشق سندو مون کي جو ڪافر
پيچيدو سندم آهه جو زنار ڏسي وڃ.
ڪنهن وقت ڪري عشق سندو مون کي جو مومن
تسبيح سندم اشڪ گهربار ڏسي وڃ.
هي دل جا آهي قيد سندءِ زلف جي خم ۾،
ديوانه بزنجير گرفتار ڏسي وڃ.
آهن ته لبِ لعل مٺا تنهنجا و ليڪن،
عاقل جا به هي شعر شڪر بار ڏسي وڃ.
-
ميان علي محمد ”قادري“
]1856-10
نومبر 1940ع[
ميان علي محمد ولد بهاءُ الدين ڄام تخلص ”قادري“ لاڙڪاڻي شهر جي
مشهور درويش فقير محمد صالح جي ڀاءُ ميان رضا محمد
جو پوٽو هو. هن خاندان جي نسبت سنڌ جي حڪمران ڄامن
سان آهي، جي ساهتي ۾ رهندا هئا. ڄامن جي زور ٽٽڻ
کان پوءِ فقير محمد صالح پنهنجي والد محمد ڪبير ۽
ڀائرن رضا محمد ۽الله اوباهي سان ڪنڊياري ۽
راڻيپور جي آس پاس اچي رهيو پوءِ سڀ پنهنجي مرشد
ميان عبدالحق درازي جي حڪم موجب لاڙڪاڻي ۾ اچي
رهيا. مرشد جي طريقي قادري ۽ ميان علي محمد جي
تخلص ”قادري“ سبب هي خاندان قادري جي نالي سان
مشهور ٿي ويو. عام طرح کين فقير سڏيو ويندو آهي.
ميان علي محمد جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي مامي ميان غلام محمد
”گدا“ ولد فقير محمد صالح (پڻ شاعر هو) جي نظر هيٺ
ٿي. ميان غلام محمد ”گدا“ پنهنجي وقت جو عالم ۽
پارسي، سرائيڪي ۽ سنڌي جو وڏو شاعر هو. سندن پيري
مريدي جو سلسلو سنڌ ۽ بلوچستان تائين پکڙيل هو. هڪ
ڀيري قادري ميان غلام محمد سان گڏ پنهنجي هڪ مريد
سعد خان لنڊ وٽ رهيل هئو، اتي ميان غلام محمد
قادري کي طبع آزمائي لاءِ ارشاد ڪيو. قادري هڪ
پارسي غزل تيار ڪري سندس خدمت ۾ پيش ڪيو، جنهن جو
مطلع ۽ مقطع هي آهن:
نشسته بر درت اين داد خواهت،
ز مدتها به اميدِ نگاهت.
بيا اي قادري بي خود ز خودشو،
بجز مستي در اينجا نيست راحت.
ميان غلام محمد غزل ٻڌي فخر سان چيو، ”شڪر ٿيو جو اسان جي اولاد
۾ وري به هڪ چڱو شاعر پيدا ٿيو“
(1).
ان کان پوءِ قادري سنڌيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي.
قادري جي شادي پنهنجي ننڍي مامي ميان نور محمد جي نياڻي ۽ ميان
غلام سرور فقير جي ڀيڻ غلام بيبي سان ٿيل هئي. هن
جي پنهنجي گهرواري سان ڏاڍي محبت هئي. سندس زال
جواني ۾ وفات ڪري وئي سندس وفات جو هن کي جنون جي
حد تائين صدمو رسيو. فقيري اختيار ڪري پنهنجي
گهرواري جي مزار تي پکو اڏي الله جي عبادت ۾ ڏينهن
رات مشغول ٿي ويو هر وقت خدا کان اهو سوال گهرندو
هو ته سندس گهر واري وري زندهه ٿئي. اهڙي ريت ٻه
سال گذري ويا. هڪڙي ڏينهن ڏٺائين ته سندس گهرواري
مزار جي ويجهو بيٺي هئي، جنهن کيس چيو ته .فقير
صاحب مان هتي خوش آهيان، اوهان زماني کي وڃي منهن
ڏيو“. ان کان پوءِ قادري وري زماني جي ڪمن ۾ مشغول
ٿي ويو، ڪجهه عرصي بعد ٻي شادي ڪيائين مگر کيس
اولاد ڪانه ٿي.
قادري هڪ وڏو عالم، فاضل، شاعر ۽ اديب هو. شام جو سندس اوطاق تي
وڏي ڪچهري لڳندي هئي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان
عالم ۽ شاعر حڪيم ۽ طبيب اچي شريڪ ٿيندا هئا. ڪڏهن
ڪڏهن مسلمانن جي مختلف فرقن يا مسلمانن سان مناظرا
به ٿيندا هئا پر هر مناظري جو امين قادري کي مقرر
ڪندا هئا. سڀني کي پڪ هوندي هئي ته فيصلو بي
ريائيءَ سان ٿيندو. قادري مذهبن جي ٻيائي کان مٿي
پنهنجي درازي مرشدن وانگر صوفي بزرگ هو. هڪ دفعي
ڪنهن کانئس پڇيو اوهان جو واسطو ڪهڙي فرقي سان آهي
تنهن کي في البديهه هي جواب ڏنائين:
ڪي سڏن سني ڪي شيعو ٿا چون سڀ خاص عام،
ڪي صفا صوفي سڏن منهنجو پڙهي هي خوش ڪلام.
جوئي آهيان سوئي آهيان جيئن چون مر پيا چون،
ٻارهن پنجن چئن جو قادري آهي غلام.
قادري هڪ حاذق حڪيم هو ۽ اهو ئي سندس پيشو هو. سندس مطب ۾ هر
وقت مختلف نسخا پيا تيار ٿيندا هئا. ڪيترا مهوسي
اچي وٽس ڪٺا ٿيندا هئا، سڀني کي گمان هو ته کيس
سون ٺاهڻ جو نسخو معلوم آهي. هو شهر جي سياست ۾
دلچسپي وٺي پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهيو
هئو، شروع کان وٺي ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽
سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين رهيو. قادريءَ کي سير
۽ سفر جو شوق هو. سڄي سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف
شهرن ۾ پنهنجي مريدن ڏانهن ويندو هو. درگاهه شاهه
دراز پنهنجن مرشدن وٽ به ويندو هو. نواب حاجي امير
علي لاهوري سان گڏجي ڪيترا ڀيرا حج ۽ چوڏهن معصومن
جي زيارت کان مشرف ٿيو هو، اهڙي طرح عراق، ايران ۽
حجاز جو وسيع سفر ڪيو هئائين.
قادري کي شعر و شاعري ورثي ۾ ملي هئي. شاعري ۾ سندس استاد ميان
غلام محمد ”گدا“ هو، جنهن عروض ۾ کيس ڀڙ ڪري ڇڏيو.
1915ع ۾ بزم مشاعره قائم ٿيڻ کان اڳ ئي وٽس شعر و
سخن جون محفلون ٿينديون هيون، جنهن ۾ سنڌ جا استاد
شاعر مختلف هنڌن تان اچي شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ شمس
الدين ”بلبل“، فتح محمد سيوهاڻي ”صغير“، مولوي
محمد عاقل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي
۽ محمد هاشم ”مخلص“ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. ميان
علي محمد، ميان غلام سرور، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي،
حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“، ۽ ٻين احبابن
جي ڪوشش سان بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو بنياد پيو.
جنهن جي مرڪزي شخصيت ۽ صدر قادري هو، ڄڻ هو محفل
جي شمع هو، جنهن جي چوگرد سڄي سنڌ جا شاعر اچي ڪٺا
ٿيا ٿي.
پروفيسر رام پنجواڻي چوي ٿو، ”لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعرو ميان علي
محمد قادري صاحب ۽ ميان حاجي محمود جي سرجوشي سان
تڏهن پيدا ٿيو جڏهن سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن کي به مشاعري
پيدا ڪرڻ جو خيال نه هو. ميان صاحب (قادري) ان ڪري
سنڌ ۾ مشاعري برپا ڪرڻ جي لحاظ کان شعر جي ترقي
واسطي پاڻ پتوڙڻ جي ڪري مشاعري جو ابو ڪري ڪوٺجي
ته وڌاءُ نه ٿيندو.“
(1).
مشاعرو ميان علي قادري ڪندو هو. پير حسام الدين راشدي لاڙڪاڻي
جا بزم مشاعره اکين سان ڏٺا هئا، هو قادري جي
شخصيت جو بيان ڪندي چوي ٿو، ”نماڻو، نهٺو، نيڪ،
سٻاجهو، مٺو ۽ مهربان، ڪنهن جي تيريءَ ميريءَ مان
نه ڄاڻندڙ بزرگن جهڙا روش، اٿي ويٺيءَ ڏاڍي وضع
داري، ائين پيو معلوم ٿيندو ڄڻ سڀني جو سرپرست ۽
سڄي محفل جو مربي آهي. سڀئي ڄڻ سندس اولاد پيا
سونهن“
(2).
پير علي محمد راشدي جنهن جا قادري خاندان سان گهرا تعلقات هئا
چوي ٿو، ”ميان علي محمد قادري پڻ شاعري جو شغل
ڪندو ٿي رهيو، نه فقط صورت بلڪه سيرت ۾ به بزرگ
هو. فارسي خواهه سنڌي ڪلام گهڻو ڇڏيائين، سندس
همعصر شاعر کيس استاد ڪري مڃيندا هئا“
(3).
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي قادري جي وفات تي پنهنجي تعزيتي خط ۾ لکي
ٿو، ”مرحوم فقير صاحب بقيه بزرگان حق پرست و
يادگار اهلِ دلان حق آگاه بودند، اخلاقِ وسيع
داشتند و مشربي نيڪو ترين، بهمه کيس مي پيوستند و
همه را عزيز بودند. صورتا و سيرتا نمونه سلف
صالحين بودند. مرحوم فقير صاحب سخنوري بود، جليل
القدر و اديبي بود، رفيع المنزلت در اين ايام که
تحطالرجال و تحط الکمال مي باشد. وجودِ مسعود آن
مرحوم از مغنمات بود“
(1).
قادري نه صرف سنڌ ۾ پهريون عوامي مشاعرو قائم ڪيو پر پهرين ڪل
سنڌ مشاعره ڪانفرنس (آل سنڌ ادبي ڪانفرنس) لاڙڪاڻي
۾ منعقد ڪرڻ جو سهرو به هن جي سر تي آهي. جنهن جي
استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو پاڻ هو. انهيءَ
ادبي ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ ۾ ادبي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ
جو رواج پيو.
1919ع ۾ خيرپور ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس منعقد
ٿي ته قادري کي بزم مشاعره لاڙڪاڻه طرفان ڊيليگيٽ
موڪلڻ لاءِ لکيو ويو هو ۽ قادري شاعرن جو وفد وٺي
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو.
1925ع آل سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد جي موقعي تي
بزم مشاعره لاڙڪاڻه جي ڪوشش سان ڪل سنڌ مشاعره
ڪانفرنس (ٻي ادبي ڪانفرنس) ڪوٺائي وئي هئي، ان
موقعي تي به قادري لاڙڪاڻي جي شاعرن جو وفد وٺي
وڃي شريڪ ٿيو هو.
قادري، ميان غلام سرور ”فقير“ سان گڏجي 1922ع ۾ قادريه پرنٽنگ
پريس قائم ڪئي، جنهن مان الحقيقت ۽ گلدسته سنڌ
شايع ٿيڻ لڳا. ٻنهي سنڌي غزل کي مقبول بنائڻ لاءِ
وڏو ڪم ڪيو. گلدسته سنڌ 1926ع ۾ شايع ٿيو ان جو
ايڊيٽر قادري پاڻ هو هن رسالي ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ
تائين مقبوليت حاصل ڪئي، ۽ ساري سنڌ جي شاعرن جا
غزل ان ۾ وڏي آب و تاب سان شايع ٿيڻ لڳا. محمد
هاشم مخلص گلدسته تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته
”لاڙڪاڻه مان بزم مشاعره جي طرفان ماهوار رسالو
”گلدسته“ جو پهريون نمبر اسان کي پهتل آهي واقعي
عمده گلن جو مجموعو (گلدسته) آهي منجهس شعر و
شاعري بابت عمدا مضمون ۽ سنڌ جي نامور شاعرن جا
غزل شايع ٿين ٿا“
(1).
قادري نومبر 1940ع ۾ وفات ڪئي. عيد جو موقعو هيو. پاڻ عيد نماز
پڙهائيندو هو، عيد نماز پڙهائي آيو، کيس اڳ ئي
بخار هو ويتر بخار وڌي ويو. جنهن ڏينهن صبح جو
وفات ڪيائون ان رات سندس اوطاق ۾ ماهوار مشاعرو
هو. مصرع طرح هئي:
|