محمد بخش ”واصف“
]ڊسمبر
1892ع – 24، نومبر 1952ع[
محمد بخش ولد محمد عثمان تخلص ”واصف“ تعلقي سڪرنڊ جي قديم ڳوٺ
لاکاٽ ۾ پيدا ٿيو
(1)
. جلد ئي سندس والد کيس پنهنجي شهر حيدرآباد ۾ وٺي
آيو. قرآن شريف ختم ڪرڻ بعد مسافر خاني واري سنڌي
اسڪول ۽ مشن هاءِ اسڪول ۾ چئن درجن تائين انگريزي
تعليم حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ ڊرائنگ جا ٽيئي امتحان
۽ سنڌي فائنل پاس ڪري ڇڏيائين، 1911ع ۾ سندس والد
رحلت ڪئي، تنهن ڪري وڌيڪ تعليم جاري رکي نه سگهيو.
آخر لئنڊ رڪارڊ آفيس ۾ وڃي ڪلارڪ ٿيو مگر پنهنجي
سر پارسي ۽ عربي جي تعليم پاڙي واري مسجد جي مولوي
کان حاصل ڪيائين. هن کي مذهبي ادب جي مطالعي جو
شوق هو، تنهن هن جي زبان داني ۾ اضافو ڪيو. هندن
جي مذهبي ادب جي مطالعي خاطر هندي ۽ سنسڪرت ۾ به
مهارت حاصل ڪيائين.
غلام محمد گرامي هن بابت لکي ٿو ته ”فخرالشعراءِ سنڌ، محمد بخش
واصف هڪ جامع الفنون ۽ جامع الڪمالات هو. هو
اسلامي علوم ۽ ديني فنون جو ڄاڻو هو. تاريخ، سير،
رجال جو محقق به هو، مناظر ۽ مباحث به هو، ته هڪ
زباندان ۽ لغوي به هو، ۽ تصوف، ويدانت، مجوسي
فلسفي ۽ يوناني فلسفي جو ڪافي مطالعو هوس. سنڌي،
اردو، عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي زبانون
ڄاڻندو هو. هڪ مشاق استاد ۽ شاعر به هو، ۽ بلند
پايه اديب به هو. هڪ خوش خط خطاط ۽ نقاش ڪاتب ۽
مصور به هو، ته هڪ سخن سنج، سخن فهم ۽ نقاد به هو.
ايترين خوبين جو هڪ هنڌ گڏ هجڻ پنهنجي جاءِ تي
ڪرامت کان گهٽ نه آهي“
(1)
.
”واصف“ 1911ع کان شاعري جي ميدان ۾ پير پاتو. شاعري ۾ سندس
استاد فقير محمد عاجز هو. جيتوڻيڪ واصف عمر ۾ ننڍو
هو تڏهن به هن جون ملاقاتون حيدرآباد جي وڏن شاعرن
سان ٿينديون رهنديون هيون. پاڻ لکي ٿو، ”مرحوم
سانگي، قليچ، عاجز ۽ حافظ سان ملاقاتون ٿيڻ لڳيون،
جن ۾ سخن جو داد ملندو ئي رهيو“
(2).
سندس صحيح انداز لڳائيندي مرحوم شمس العلماءِ قليچ بيگ چئي ڏنو
هو، ”هن نوجوان جو شاعرانه مستقبل نهايت روشن آهي“
(3).
شروعات ۾ تخلص ”محمد“ ڪري ڪم آڻيندو هو، پر پوءِ شڪارپور واري
زماني ۾ ”واصف“ تخلص اختيار ڪيائين
(4).
واصف نوڪري جي سانگي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ڪجهه وقت رهيو.
شڪارپور ۾ مير علي نواز علوي، عبدالقادر بيدل ۽
لاڙڪاڻي ۾ حاجي محمود خادم، ميان علي محمد قادري،
غلام سرور فقير ۽ ٻين سان هن جون علمي ۽ ادبي
صحبتون ٿيون ۽ هن بزم مشاعره لاڙڪاڻي ۾ ڀرپور حصو
ورتو.
واصف جا سنڌ جي ٻين بزم مشاعرن جهڙوڪ بزم مشاعره ناري شريف ميهڙ
۽ حيدرآباد سان گهرا ناتا رهيا. هو جمعيت الشعراءِ
سنڌ جي باني رڪنن مان هو. هن جي شعر ۽ لياقتن کي
ڏسي کيس ”فخرالشعراءِ“ جو لقب ڏنو ويو هو. پينشن
تي لهڻ کان پوءِ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏجي
سنڌي لغت تيار ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو.
واصف کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. هن نثر توڙي نظم ٻنهي
۾ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن جن مان ڪي غير مسلمانن ۽
مسلمانن جي ڪن فرقن طرفان لکيل ڪتابن جا جواب آهن.
سندس مشهور ڪتاب هي آهن:
ديوان واصف (55 ۽ 1922ع)، 2. ردِ تناسخ (1925ع)، 3. اسلام ۽
آريه سماج (1928)، 4. اسان جو پيارو رسول (1931ع)،
5. قرآن شريف جو سنڌي ترجمو (1934ع)، 6. اسلامي
شريعت ڀاڱو پهريون 1934ع، ڀاڱو ٻيو (1942ع)، 7.
صداقت القرآن بجواب ستيارٿ پرڪاش (1942ع)، 8.
تذڪره شعراءِ (1956ع)، 9. گلزار چنبيلي (1956ع)،
سندس قلمي ڪتابن ۾ خزينته العلوم ۽ سندس ديوان جا
باقي ٻه حصا سنڌي ادب جو املهه خزانو آهن.
سندس وفات تي مولوي محمد صادق راڻيپور واري هيٺيون تاريخي قطعو
پارسي ۾ لکيو آهي:
چون محمد بخش واصف شاعر نازڪ خيال،
کرد از دنياءِ فاني سوءِ عقبيٰ انتقال،
سال تاريخِ وفاتش اين چنين صادق نوشت،
باد جنت جائي واصف، صاحبِ فطنت ڪمال
(1).
جمع خان سندس وفات جي تاريخ هيئن بيان ڪئي:
ناگهان پئي ڪل محمد بخش واصف ويو لڏي،
درد غم ۾ سالڪن جي ڪئي سڄيءَ صف هاءِ هاءِ.
هو هو اعليٰ سخنور، سخندان ۽ سخن سنج،
هاءِ سلمان سخن ويو، رشڪِ آصف هاءِ هاءِ.
مون خيالِ سالِ رحلت جو ڪيو با آهه سرد،
دم انهيءَ يڪدم هي چوندو آيو هاتف هاءِ هاءِ.
”شاهه دم“ هو ماه ۽ تاريخ هئي ”باآب“ شام،
ويو لڏي ملڪِ سخن جو شاهه واصف هاءِ هاءِ
(1).
1372 هه
واصف پنهنجي دور جو استاد شاعر هو، هن سنڌي شاعري ۾ ربائي کي
دلپذير نموني حڪيمانه خيالن ۽ صوفيانه جذبن سان
مالامال ڪيو پر هو غزل جو شاعر هو ۽ قادري جي دور
جي جن شاعرن سنڌي غزل کي اوج تي رسايو آهي انهن
مان هڪ هو. هن جي غزل ۾ سوز گداز، شوخي، زورِ
ڪلام، انداز بيان، تشبيهون، استعارا ۽ پارسي آميز
وڻندڙ رس ڀري زبان آهي. هن غزل لکيو، گهڻو لکيو ۽
سٺو لکيو آهي.
ڪلام جو نمونو
(2)
مڙهه ابرو عجب تيرو ڪمان ٻئي،
لڙائي جا هي سهڻي سان نشان ٻئي.
هٿئون معشوق جي ٿيو قتل عاشق،
مگر هن ڪار ۾ ٿيا شادمان ٻئي.
دل و جان روشني کان عشق جي پر؛
ٻرن هروقت مثلِ شمعدان ٻئي.
لحاظِ عمر ناهي عشق اندر،
وڃن جهلجو هتي پير و جوان ٻئي.
تپش دل ۾ ۽ سوزش آ جگر ۾،
ڏسان آتش گرفته اڄ مڪان ٻئي.
نه آهي فڪر محشر جو اي ”واصف“،
خدا، ان جو نبي جت مهربان ٻئي.
-
جلوه فرما جو لبِ بام تي جانان ٿيندو،
داغ بيشڪ دلِ شب تي مہ تابان ٿيندو.
لالہ کي باهه ڏيان يار گلستان ۾ وڃي،
داغ دل جو دکي آتشِ سوزان ٿيندو.
دوست اکڙين ۾ وهاري مان ڪريان بند اکيون،
يار منظورِ نظر منهنجو جي ميهمان ٿيندو.
لاهه دلبر نه ڪڏهن خالِ سيہ تان پردو،
ڪفر آلوده سندم دين ۽ ايمان ٿيندو.
چشمِ جادو جي جدائي ۾ جي رحلت ٿيندي،
سبزه قبر چراگاهه غزالان ٿيندو.
وصف دندان شڪر خنده جي واصف جي ڪرين،
بي شبهه نظم ۾ مضمون درخشان ٿيندو.
-
هدايت علي ”نجفي“
]1894ع
– 9 مارچ 1939ع[
هدايت علي ولد تراب علي تونيو لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ
لعلو راونڪ ۾ ڄائو، پهريان تخلص تارڪ ۽ پوءِ نجفي
اختيار ڪيائين. سندس ڄمڻ جي تاريخ ماستر جمع خان
غريب هن قطعي مان ڪڍي آهي:
مهينو هو محرم جو هئي تاريخ پنجويهين،
کليو روز خميس ۽ وقت ٻپهري باغ حقہ.
بهارِ ذات کان ان باغ ۾ پيدا ٿيو تارڪ گل،
ڄمڻ جو سال هاتف کان پڇيم چيائين ”چراغ حقہ“.
نجفي عربي ۽ پارسي جي تعليم لاڙڪاڻي ضلعي جي مدرسن ۾ حاصل ڪئي.
جواني ۾ هن جو پنهنجي رشتي جي سوٽ سان عشق ٿي ويو
مگر قدرت کي ميل منظور نه هئو ڇوڪريءَ جي پيءُ جي
انڪار نجفي کي سخت صدمو رسايو جنهن ڪري فقيري
اختيار ڪري، الفي پائي پيرين اگهاڙو وطن جا وڻ ڇڏي
هندستان جي مختلف شهرن ۾ دل کي سڪون ڏيڻ لاءِ
ڀٽڪندو رهيو.
پٽ جو هي حال ڏسي نجفي جي والد وري ڇوڪريءَ جي سڱ حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، هن ڀيري ڇوڪريءَ جي والد هاڪار ڪئي مگر
م مجاز جي منزل کان مٿي چڙهي چڪو هو تنهن هاڻي
شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سندس محبوبه به ٻئي ڪنهن
سان شادي نه ڪئي.
نجفي جي طبيعت ننڍي لاءِ کان موزون هئي عشق جي زخم هن جي شاعري
۾ بهار آڻي ڇڏيو ۽ تارڪ جو تخلص اختيار ڪيائين مگر
اڳتي هلي حضرت علي رضه سان محبت ۽ عقيدت سبب پاڻ
کي نجفي سڏائڻ لڳو.
نجفي کي راڳ جو به نهايت شوق هو. ان ڪري هو هميشه صوفين جي صحبت
۾ رهندو هو نه صرف ٻين جو راڳ ٻڌندو پر پاڻ به
ڪلام چوندو هو.
نجفي جو تعلق بزم مشاعرهه لاڙڪاڻه، بزم مشاعرهه بلبل ۽ مشاعره
ناري شريف سان گهرو رهيو. هو گهڻو ڪري مشاعرن ۾
شريڪ ٿيندو هو يا پنهنجو ڪلام ڏياري موڪليندو هو.
نجفي لکڻ جو ڪوڏيو هو هن سنڌي، اردو، پارسي، عربي ۽ ڪن ٻين
زبانن ۾ نه صرف شعر چيو آهي پر نثر به لکيو آهي.
هڪ اندازي مطابق هن جي ڪتابن جو تعداد پنجاهه جي
قريب هوندو جي قلمي صورت ۾ اظهر شاهه گيلاني ۽ ٻين
صاحبن وٽ آهن، صرف سندس هڪ ڪتاب ”ديوان نجفي“
ڇاپيل آهي، جيڪو 1922ع ۾ پوڪرداس اينڊ سنس لاڙڪاڻي
واري ڇاپايو هو.
نجفي کي مارچ 1939ع جي پهرين تاريخ ٿورو بخار ٿي پيو. آسمان
ڏانهن نهاري ڪجهه پڙهڻ لڳو پوءِ چيائين ته هينئر
”تارڪ“ جي وڃڻ جو وقت ويجهو آهي. ان وقت هي شعر
پڙهيائين.
اسان جو سر مرڻ جي وقت هوندو يار جي هنج ۾،
اسان جو دفن دلبر جي ڳلي هڪ وار ٿيڻو آ
(1).
سندس وفات 9 مارچ خميس ڏينهن سج اڀرڻ وقت ٿي. کيس سندس ڳوٺ ۾ ئي
دفن ڪيو ويو. سندس وفات جي تاريخ سندس معتقد شاگرد
اظهر شاهه گيلاني هيٺين لفظن ۾ بيان ڪئي آهي.
سال رحلت جو پڇيم هاتف چيو ”صورت پرست“،
1358 هه
دهر فاني کي ڇڏي سوءِ جنان ويندو رهيو،
نائين مارچ ڏينهن وسپت هاءِ ”باغِ نخلِ نور“
1939ع
فصل گل ۾ آهه ٿي نذر خزان ويندو رهيو
(2).
نجفي شاعري ۾ واهڙ وهايا آهن. هن گهڻن زبانن ۾ لکيو آهي ۽ گهڻن
صنفن ۾ لکيو آهي. نظم سان گڏ نثر ۾ لکيو آهي. سندس
شاعري جي وڏي خوبي سندس رواني آهي جيڪا سندس غزلن
مان پڻ عيان آهي. هن غزل جي زمين کي به چڱي ريت
سيراب ڪيو آهي. هن جي غزلن تي پارسي جو رنگ زيادهه
غالب آهي. هو مجاز سان گڏ تصوف جون ڳالهيون پڻ ڪري
ٿو. هن جتي سادا غزل چيا آهن، اتي ڪيترا فني ۽
مرصع غزل پڻ چيا آهن.
انتخاب ڪلام
زلف دلبر جي اڙدها کون ڊڄ،
متان کائي وجهئي بلا کان ڊڄ.
مون جو اظهار عشق جو ڪيڙو،
چيو دلبر سندم جفا کون ڊڄ.
ڏئي وعدو وري نه يار ملي،
اهڙي دلبر سندي دغا کان ڊڄ.
عرش تي ٿيون وڃن سندم آهون،
نازنين نالئه رسا کون ڊڄ.
مونکي ناصح ڪئي نصيحت هي،
نيهه جي داغ بدنما کون ڊڄ.
ڪر نه نجفي سان نازنين نهڪر،
اڄ اڱڻ ان جي ڪي خدا کان ڊڄ
(1).
-
رهي ٿو يار ائن اغيار سان گڏ،
جيئن گلزار ۾ گل خار سان گڏ.
اچي ٿو ياد تڏ اعجازِ عيسيٰ،
سڄڻ مرڪي جڏهن گفتار سان گڏ.
مون کان دل تنگ ۽ آءُ تنگ دل کان،
رهون ٿا پاڻ ۾ لاچار سان گڏ.
ٻڌي پيغام منهنجي وصل جو يار،
ڪيو اقرار پر انڪار سان گڏ.
رخ ڪعبه ۾ آهي خال هندو،
تڏهه سبحه رکيم زنار سان گڏ.
الاهي ڪر تون هن نجفي جو محشر،
شهنشهه حيدرِ قرار سان گڏ.
-
محمود ”خادم“
]4
جنوري 1895ع -9، جنوري 1960ع[
حاجي محمود ولد محمد بچل تنيو تخلص ”خادم“ ڳوٺ بٺي تعلقه ميرو
خان ضلع لاڙڪاڻي ۾ هڪڙي غريب گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس
والد کي شوق هو ته پنهنجي پٽ کي تعليم ڏياري ان
ڪري هن کي بٺي جي مدرسي ۾ قرآن ۽ ٻي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ وهاريائين. جتي قرآن پڄائڻ ۽ پارسي جي
تعليم وٺڻ کان پوءِ سنڌي اسڪول مان تعليم حاصل ڪري
پهرين انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي
۾ داخل ٿيو جتي ميان غلام سرور ”فقير“ سنڌي اسڪول
جو هيڊ ماستر هو. خادم جي والد جي شناسائي ڪري
فقير جو خادم تي گهڻو پيار هوندو هو. خادم مدرسه
هاءِ اسڪول ۾ انگريزي سان گڏ عربي به پڙهڻ شروع
ڪئي، 1911ع ۾ نواب حاجي امير علي لاهوري ميان علي
محمد قادري جي ٽولي سان گڏجي حج تي ويو. ان
مسافريءَ ۾ کيس قادريءَ جي صحبتن مان فيض حاصل ڪرڻ
جو پورو موقعو مليو. قادري ۽ فقير جي صحبتن هن ۾
شعر ۽ شاعري جو چاهه پيدا ڪيو، 1922ع ۾ وري به
نواب حاجي امير علي لاهوري، ميان علي محمد قادري،
ميان غلام سرور ”فقير“، ۽ ٻين ساٿين سان گڏ ڪربلا
معليٰ، نجف اشرف ۽ ٻيون زيارتون ڪري آيو.
1911ع ۾ حج تان واپس ورڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. ان
بابت ”سر گذشته خادم“ ۾ لکي ٿو ”مدرسي ۾ پڙهندي
سڀني اچي ورتو ته حاجي سڳورو ٿي آيو آهين اهڙو
ڀلارو ٿي ڪري وري انگريزي دوزخي ٻولي ٿو پڙهين.
متاثر ٿي مون انگريزي ڇڏي ڏني“
(1).
خادم 1912ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيو، 1914ع ۾ تپيداري ڪاليج
حيدرآباد ويو. جنهن کان پوءِ براج کاتي ۾ تپيدار،
سپروائيزر ۽ سرويئر ٿي رهيو. نوڪريءَ جي سلسلي ۾
هو شڪارپور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه وقت رهيو.
”خادم“ نه صرف هڪ شاعر هو پر هو هڪ انجمن بلڪه بزم مشاعرهه هو،
1915ع ۾ جڏهن ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام
سرور فقير، شمس الدين بلبل ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد
صديقي جي همٿائڻ تي بزم مشاعرهه جو بنياد وڌو ته
خادم کي جيڪو اڃا ويهن ورهين جو مس هو بزم مشاعرهه
جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو. خادم اڳتي هلي بزم
مشاعرهه جو سيڪريٽري ٿيو ۽ بزم مشاعري کي ڪامياب
بنائڻ لاءِ خوب محنت ڪيائين.
ان زماني ۾ هن ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي جي شاگردي قبول ڪئي ۽ هن
وٽ عروض جا بنيادي ۽ ضخيم ڪتاب (اردو)
”نواعدالعروض“ ۽ ”بحر الفصاحت“ پورا ڪيائين
(2).
عروض جي ايتري ڄاڻ نه صرف هن جي ڪلام ۾ پختگي پيدا
ڪئي پر هو عروض جو وڏو ڄاڻو ۽ نقاد ٿي پيو. هن جون
عروضي تنقيدون الحقيقت، اديب سنڌ ۽ ٻين اخبارن ۾
وقت به وقت شايع ٿينديون رهنديون هيون. لطف الله
بدوي خادم جي تنقيد بابت چوي ٿو، ”تنقيد جي فن ۾
وڏي دسترس رکندڙ آهي“
(3).
1922ع ۾ ”رياض بلاغت“ نالي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب
لکيائين جنهن جي مطالعي ڪيترن شاعرن کي عروض جي
سنئين واٽ ڏيکاري.
خادم جتي به ويو اتي بزم مشاعرن ۽ ادبي انجمنن کي قائم يا سرگرم
ڪيائين. 1933ع ۾ جڏهن خادم جي بدلي ڪراچي ٿي ته
لاڙڪاڻي جي دوستن هنن لفظن سان کيس الوداع چئي:
رباعي از مشتاق
کسيو تو لاڙڪاڻي کان ڪراچي قوم جو خادم،
سنڀالي ٿو جنهين کي جوش ۽ مشتاق ۽ نادم،
فدا اسلام تي جا انجمن آهي اها يارو،
سنڀالي پنهنجو ٿي خادم، جو خادم هو سندس ناظم
(1).
ڪراچي ۾ پنهنجي ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪندي ”اسان جون ناچيز
خدمتون“ ۾ لکي ٿو ”بزم ادب (پوءِ بزم نظامي) ڪراچي
کي سرگرم ڪيو ويو“
(2).
شيخ عبدالله سنڌي سڌار سوسائٽي قائم ٿيڻ بابت ”يادگيريون“ ۾ لکي
ٿو، ”مرحوم خادم به انهيءَ وقت ڪراچي بدلي ٿي آيو
هو ۽ حڪيم صاحب جي محلي ۾ رهندو هو، گفتگو نڪتي ته
سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ هڪ سوسائٽي قائم ڪجي....،
سنڌي سڌار سوسائٽي جي نالي هڪ سوسائٽي ٺاهي وئي“
(3).
حاجي محمود خادم کي وائيس پريزيڊنٽ منتخب ڪيو ويو
(4).
1939ع کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي جي
سهاري هيٺ مشاعرا ٿيڻ لڳا.
خادم جڏهن حيدرآباد بدلي ٿي آيو ته هو اتي به ماٺ ڪري نه ويٺو،
اتي به مسلم ادبي سوسائٽي ماتحت بزم مشاعره قائم
ڪرايائين. جنهن جو احوال هيئن بيان ڪري ٿو، ”1935ع
جي شروعات ۾ قسمت وري چئن ورهن لاءِ حيدرآباد
آندو. حيدرآباد ۾ پهچڻ بعد حضرت فخرالشعراءِ محمد
بخش واصف کي استدعا ڪيم ته خانبهادر ميمڻ سان ملي
ڪري اهڙي منظوري وٺي جيئن مسلم ادبي سوسائٽي جي
ماتحت ماهوار مشاعرا ڪوٺائڻ ۾ اچن. اهڙي طرح
حيدرآباد ۾ عظيم الشان مشاعرا ٿيڻ لڳا“
(5).
1916ع ۽ 1917ع ۾ جڏهن خادم سٽي سروي جي اسپيشل ڊيوٽي تي شڪارپور
بدلي ٿي ويو هو تڏهن اتي مير علي نواز علوي وٽ،
جتي شاعر به ايندا هئا دادِ سخن ڏنو ۽ ورتو ويندو
هو.
خادم جي ڪوشش سان سنڌ جي بزم (مشاعرن) کي ملائي 1946ع ۾ جمعيت
الشعراءِ سنڌ جو بنياد وڌو ويو. هو جمعيت الشعراءِ
جو روح هو، هن جي وفات کان پوءِ جمعيت بي جان بڻجي
وئي. جمعيت جي سلسلي ۾ سندس خدمتن جو اعتراف هنن
لفظن سان ڪيو ويو آهي ”جمعيت الشعراءِ سان ڄڻ ازلي
عشق هوس ۽ ابتدا کان وٺي پنهنجي آخر دم تائين
خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مرحوم ”خادم“ جمعيت
الشعراءِ جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ جنهن
ذميدارانه ۽ ديانتدارانه اعتماد سان فرائض منصبي
ادا ڪيا، سي تحسين جوڳا آهن“
(1).
1949ع ۾ ڏهين ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ”خادم“ جي تحريڪ تي سنڌي
ادبي سوسائٽي جو بنياد رکيو ويو جنهن جو صدر ڊاڪٽر
عمر بن دائود پوٽي کي منتخب ڪيو ويو.
خادم سنڌ ۾ عروضي شاعري خاص طرح غزل کي مقبول ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ
مرحوم ميان علي محمد قادري بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي
ابي جي ياد قائم رکڻ لاءِ 1940ع ۾ ماهوار رسالو
سنڌي سڌار سوسائٽي جي سهاري هيٺ جاري ڪيو. ”رسالي“
اديب کي هن يارهن سال وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيندي
هلارايو. سنڌ جي ادب ۾ ان جي به آفتاب ۽ الوحيد
وانگر خاص جاءِ ليکجڻ ۾ اچي ٿي“
(2).
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ خادم، مشهور ڪانگريسي ورڪر ۽ شاعر
هوندراج ”دکايل“ کان سندس پريس خريد ڪئي، ان جو
نالو جناح پرنٽنگ پريس رکيو ۽ پاڪستان جي نالي سان
هفتيوار اخبار ڪڍي. اخبار تي ايڊيٽر جو نالو ته
ڪنهن ٻئي جو هوندو هو پر محنت سڄي خادم جي هوندي
هئي. هن اخبار به ادب ۽ شعر جي وڏي خدمت ڪئي.
سنڌ ۾ 1921ع واري ڪانفرنس کان وٺي سندس حياتيءَ تائين جيڪي
ارڙهن ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنسون سنڌ ۾ ڪوٺايون ويون
انهن جو محرڪ خادم ئي هو. ”هن صاحب جي ڪوشش ۽ هٿ
ڏس سان ادبي ڪانفرنسون برپا ٿينديون رهيون“
(1).
هڪ ڪانفرنس ختم ٿيندي هئي ته ٻي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي
کيس اون رهندي هئي. مختلف ادب دوستن سان لکپڙهه
ڪري ادبي ڪانفرنس جو انتظام ڪري وٺندو هو. ان جو
اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس وفات
کان پوءِ ويهن سالن ۾ صرف پنج ادبي ڪانفرنسون ٿيون
آهن.
خادم جي خدمتن کي پيش نظر رکندي 1948ع ۾ نائين ادبي ڪانفرنس
ميهڙ جي موقعي تي کيس مخدوم الشعراءِ جو لقب ڏنو
ويو. ان ۾ شڪ ڪونهي ته محمود سچ پچ سنڌي ادب جو
خادم هو. هن کي هر وقت سنڌي ادب جي واڌاري جو فڪر
هوندو هو. هو جيستائين جيئرو رهيو سنڌي ادب، خاص
طرح شاعري جي واڌاري لاءِ تندرستي چاهي بيماري جي
حالت ۾ خدمت ڪندو رهيو. خادم جي حياتيءَ جو سج 9
جنوري 1960ع ۾ هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. سندس وفات
تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي خيالن جو هن طرح
اظهار ڪيو، ”مرحوم جون سنڌي شاعري ۽ ادب لاءِ
خدمتون قابلِ تعريف هيون. لاڙڪاڻي ۾ شايد ئي ڪوئي
سندس جاءِ ڀري“
(2).
خادم جي وفات تي ڪيترن شاعرن پنهنجي غم جو اظهار
مرثيه ۽ قطعه تاريخن ۾ ڪيو جن مان ٿورن جا ماده
تاريخن وارا شعر پيش ڪجن ٿا:
|