مرزا دوست محمد، گدا جو پاسو وٺي ساڳي زمين ۾ هڪ غزل لکيو، جنهن
جا ڪجهه شعر هي آهن:
اڪثري شاعر ٿا شاعر کان ڇڪن سوال و جواب،
مرتضائي ٿو رکي پر جنگ برمان جي تلاش.
مرتضائي شاهه توکي ڇا گدا سان همسري،
شعر جي بدلي وڃي ڪر تون دبستان جي تلاش.
نفس ناڪاري ندوري جي نه ڪر تون پيروي،
صلح پهرين ڪر، ڪيئي جيئن پهرين جولان جي تلاش.
مرتضائي کي گدا جو اهڙو سخت جواب پڙهي صدمو پهتو ۽ هن نه صرف
تنقيد جو جواب ڏنو پر گدا جي شخصيت کي به لتاڙيو.
مرتضائي جي جواب جا ڪجهه شعر:
چئو ”گدا“ مون وٽ تون ڪهڙو بغض باتائي ڏٺو،
بلڪ بيحد قرب وارو عهد پيماني ڏٺو.
تو پڏائي پاڻ پنهنجي شعر کي ڪيو مختصر،
خودثنائيءَ ۾ نه ڪٿ ڪو فهم انساني ڏٺو.
عمر تي ناهي عنايت ٿي بزرگي عقل تي،
تو ڪو سعدي جو پهاڪو هو گلستاني ڏٺو.
عيب جوئي، نڪته گيري آدميت جو نه ڪم،
تو مزو ڪهڙو انهيءَ ۾ مرد ملتاني ڏٺو.
ڏس لغت ننڍڙو ڪريمي ڪبڪ جي معنيٰ چڪور،
ڪهڙو مون کان تون ٻڌاءِ بحث بهتاني ڏٺو.
جيئن ڪه آدم جي شفاعت آهي خاتم کي ڪرڻ،
تيئن ٻڍن تي نوجوانن مرڪ ميداني ڏٺو.
مولوي جامي چوي ٿو با صنم روحي فداڪ،
تنهنجو هي الزام مون از رو پشيماني ڏٺو.
سنڌ جا شاعر سندم شاگرد ۽ ٻيا دوستدار،
ٿو رکان جن توکي هڪ روبه بياباني ڏٺو.
تو ته منصف ڪيا مقرر ۽ سڏيا شاگرد سڀ،
پاڻ منصف ٿي نه تو ڪو عدل برهاني ڏٺو.
ٿي ”گدا“ در در پني ٿو شاعري ڪئي دستياب،
”مرتضائي“ پنهنجي لئي الهام رباني ڏٺو.
مرتضائي جي ڪاوڙ هڪ غزل سان ڍري نه ٿي تنهن گدا جي تنقيد جي
جواب ۾ هڪ ٻيو غزل به چيو جنهن جا ڪجهه شعر هي
آهن:
جانِ من توحيد اول ذات يزدان ياد ڪر،
ان کان پوءِ وصفِ نبي و شاهه مردان ياد ڪر.
عقل تنهنجو پير ڇا چوڪون ڪڍي خود چوڪ کان،
جابجا آهي ڀليون پيش سخندان ياد ڪر.
عيب جوئي ناهه مون وٽ عيب پوشي منهنجو ڪم،
تو گهري ورتو هي مون کان پنهنجو نقصان ياد ڪر.
ڪبڪ جي معنيٰ چڪور آهي لکيو اڪثر لغات،
راڳني هندي انهي جي در بهاران ياد ڪر.
عيد رمضان آمدهه بشريٰ لکم يا مومنين،
عيد فطري کي چون ٿا عيد رمضان ياد ڪر.
منجهه مجازي ٿيو صنم ۽ في الحقيقت مصطفيٰ، مصطفيٰ ري آهي ڇا ٻيو
ڪفر ايمان ياد ڪر.
سهو شيطاني ڪڍيو آدم بهشتون سو وري،
با ظلمنا ربنا پهتو به رضوان ياد ڪر.
منهنجا سڀ قانع دلائل سيف وانگر صف شڪن،
ضربتِ تيغ دوست جيئن ٿيا دلائل ياد ڪر.
ٿو ڪري پيشاب پنهنجي ۾ سگهو اشتر طويل،
فهم پيريءَ جو جوانن وٽ نه چندان ياد ڪر.
اي ”گدا“ تنهنجي نه آهي ”مرتضائي“ سان مجال،
ٻي ڪنهين کي چئه ته ٿئي همراهه ميدان ياد ڪر.
-
مرزا دوست محمد جيڪو گدا جي ڌر هو پنهنجي جوابي غزل ۾ مرتضائي
کي گدا شاهه سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ سمجهائي ٿو ۽ راهي
تي رومڙ ڪندي چوي ٿو:
دوست جي غزل جا ڪجهه شعر هي آهن:
مرتضائي مومنن سان تون ٿي يڪسان ياد ڪر،
پر مٽارن جي ملن
(1)
کان ٿي گريزان ياد ڪر.
مرتضائي ڪيئن ڪرين ٿو تون ”گدا“ سان سرڪشي،
نظم پهرين ۾ ”گدا“ جو ڪيو هو احسان ياد ڪر.
تون به سيد هو به سيد، تون جوان هو پير مرد،
بي ادب تنهن ڏي نه ٿي ڪي حڪم قرآن ياد ڪر.
مفت خارج تو کلائين سيدا هن سخن ۾،
هاڻي لازم آهي توکي صلح سامان ياد ڪر.
جي گدا جا طفل مڪتب سي به تون استاد ڄاڻ،
جن کان تون هرگز نه چوندين شعر شايان ياد ڪر.
تنهن جي ساداتي سپر ٿي منهنجي آڏو ٿي اچي،
ورنه ڏيکاريئين زبان جي تيغِ بران ياد ڪر.
هي غزل جنهن وقت ڏسندو ”مرتضائي“ شاهه شنب
چوندو بيشڪ آهي ”راهي“ لاءِ سرمان ياد ڪر.
مرتضائي جي هدايت لئي دعا گهر رب کان ”دوست“
خير لئي سادات جي ذڪر يزدان ياد ڪر.
هن جهيڙي کان پوءِ مرتضائي پنهنجن ڪيترن غزلن ۾ گدا تي طنزون
ڪيون آهن، هڪ هنڌ چوي ٿو:
بي همتي گدا جي رهي جا ڪرم پرست
شاعر اهو نه گهرجي جو هجي درم پرست.
مرتضائي ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين گهر مان کيس سيد حسين بخش
نالي فرزند ڄائو. پهرين گهرواري جي وفات کان پوءِ
هن ٻي شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻيو فرزند روشن علي
نالي توليد ٿيو:
مرتضائي کي ماتا جو سخت حملو ٿيو هو، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي هڪ
شعر ۾ هيئن ٿو ڪري:
ٿي ماتا مرتضائي توکي ماريو
مگر مولا توکي زنده جان ڪيو.
مرتضائي جي وفات جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي ٿئي، سمجهجي ٿو ته
هن 1905ع ڌاران وفات ڪئي ۽ کيس مڪلي ٽڪري تي اباڻي
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
مرتضائي جي تصنيفات ۾ 1. مثنوي يوسف زليخا (ڇپيل هريسنگ پريس
سکر) 2. سڪندر نامو (ڇپيل هريسنگ پريس سکر) 3.
شاهه نامه فردوسي جي ڪن حصن جو ترجمو. 4 طوطي نامو
5. ڪريما نيچري 6. ديوان مرتضائي 7. فارسي ڪتاب
نورالهديٰ جو ترجمو ۽ 8. مرثيه مشهور آهن.
مرتضائي ٺٽي جي اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيو هو جتي پارسي شاعري جو
چرچو هو، مگر هن ارادتاً پارسي شاعري کي ڇڏي سنڌي
شاعري ڪئي ۽ ان ۾ خوب گلڪاري ڪئي. هن عروضي شاعري
جي واٽ ورتي ۽ ان ۾ نه صرف غزل لکيا پر ڪامياب
مثنويون ۽ مرثيه به لکيا. هو صاحب ديوان شاعر آهي،
جنهن ۾ پوڻا پنج سئو غزل آهن. اهو ڏيکاري ٿو ته هن
کي غزل سان ڪيڏو چاهه هو ۽ هن کي غزل چوڻ ۾ ڪيڏي
رواني ۽ دسترس هئي.
مرتضائي جا غزل پنهنجي دور جي شاعري جا آئينه دار آهن. انهن ۾
پارسي شاعري واريون جمله رعنائيون ۽ جلوه آرائيون
موجود آهن. هن پنهنجي غزلن کي نهايت سهڻين تشبيهن
۽ استعارن سان سينگاريو آهي. جنهن ڪري هن جي
اندازِ بيان ۾ حسن ۽ خوبصورتي پيدا ٿي وئي آهي. هن
کي زبان جي رنگيني، محاوره بندي ۽ صنايع بدايع تي
خاص ملڪو آهي. هن جي غزلن ۾ قادرالڪلامي، پختگي،
خيالن جي بلندي ۽ طبيعت جي عالي فڪري موجود آهي،
جنهن ڪري هن جو پنهنجي همعصر شاعرن ۾ مٿاهون مقام
آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
يار تنهنجي گفتگو کي گنج گوهر ٿو ڏسان،
تنهنجا نڪتا ناز جا موتين کان بهتر ٿو ڏسان.
ڪيميا تنهنجي نظر هر خاڪ کي اڪسير ڪيو،
تنهنجو جت نقش قدم اُت خاڪ ڄڻ زر ٿو ڏسان.
پر تو چاندي بدن جي آندي چاندي چين جي،
جت ڇتا تو ٿي ڇنڊيا اُت مشڪ عنبر ٿو ڏسان.
خنده روئي ۾ جتي جنبش لبن آندي اتي،
ڪيو لعابي آب هر ياقوت احمر ٿو ڏسان.
قيد صد يوسف ڏسان تنهنجو رکي چاههِ ذقن،
ٿيا پگهر تنهنجي منجهان موتي برابر ٿو ڏسان.
تنهنجي پيشاني وٽان پکراج کي مطلب مليو،
هر گرهه گيسوءَ ڪيو نيلم نشانبر ٿو ڏسان.
آهي هر نعمت خدا کان ٿي تمامي تو مٿي،
شهر دل جي شهرياري تاج افسر ٿو ڏسان.
”مرتضائي“ مور مشڪل ناهه سڀ آسان ڄاڻ،
تنهنجو حامي هر طرف ڪردار حيدر ٿو ڏسان.
-
باغ ۾ جي تون خوش خرام ڪرين،
ناز گل جو وڃائي خام ڪرين.
توکي بلبل ڏسي چوي گل کي،
ڇو نه هن جو اچي سلام ڪرين.
جن وٽان تون لنگهي وڃي تن تي،
ننڊ راحت سڀئي حرام ڪرين.
زلف کي جي ڳلن مٿي کولين،
صبح صادق مٽائي شام ڪرين.
اهڙي صورت بلند قامت سان،
سرو آزاد کي غلام ڪرين.
سان اچڻ لذتون وڃڻ ويلي،
تن سنديون طاقتون تمام ڪرين.
موٽي رندن ۾ ٿي شراب فروش،
خونِ دل عاشقان بجام ڪرين.
پنهنجو انجام ڪو تو پاڙيو آهه،
”مرتضائي“ کي ڇو پيام ڪرين.
-
محمد شاڪر ”شاڪر“
(1853ع – 1923ع)
محمد شاڪر ولد گل محمد ڇاپائي، تخلص ”شاڪر“ جا وڏا سيد محمد
يوسف مهدوي سان گڏ ٺٽي ۾ آيا هئا. هو اصل قريشي
هئا، پر ٺٽي ۾ ڌنڌي جي لحاظ کان ڇاپائي سڏجڻ لڳا.
شاڪر پنهنجي تعليم مشهور شاعر مخدوم محمد ابراهيم خليل نقشبندي
جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، جتي هن سنڌي، پارسي ۽ عربي
پڙهي. هو ذهين ۽ تيز فهم شاگرد هو جنهن ڪري پنهنجا
مليل سبق جلد ياد ڪري وٺندو هو. هن تعليم کان فارغ
ٿي شاعري ۾ پنهنجو استاد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي
کي ورتو ۽ سندس بزم نشاط ۾ شوق سان شريڪ ٿيڻ لڳو.
هن جا ٺٽي جي ڪن شاعرن جهڙوڪ ماستر غلام دستگير
”پياسي“ عقيلي سان شاعرانه معرڪا ٿيندا هئا. هن جي
ٺٽي جي اُن وقت جي شاعرن جهڙوڪ پياسي، قاضي
عبدالمجيد ”مجيدي“ ، محمد صابر پٽڪمي، خليفي محمد
قاسم ”صنم“، پير محمد گندرو ”نقيب“، غلام محمد
”ظريف“ ۽ آخوند محمد عمر عشاقي سان دوستانا لاڳاپا
هئا. زمان شاهه ساقي پنهنجي بزرگ مرتضائي جي چوڻ
تي شاعري ۾ شاڪر کي پنهنجو استاد ورتو.
شاڪر صاحبِ ديوان شاعر آهي. هن جي غزلن تي پنهنجي استاد مرتضائي
وارو، پر هلڪو رنگ چڙهيل آهي. هن جي ڪلام ۾ رواني
زبان ۽ خيالن ۾ سادگي آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
عاشقن ۾ رات ۽ ڏينهن روڄ ۽ راڙو ڏٺم،
دلبرن کي دائما دل تي هڻڻ ڌاڙو ڏٺم.
هوءِ ويچارا وصالِ مستطابي ٿا گهرن،
در هنن جي کي ته بي پرواهي جو تاڙو ڏٺم.
خود خيالي ۽ ستمگاري حبيبي رسم ٿي،
عاشقن جي ساهه کي تنهن سوز ۾ ساڙو ڏٺم.
پيچ پائي پرت جو پرين ڦسايا جان نثار،
عشق وارن جو نه هڏ چئني طرف چاڙو ڏٺم.
دشت الفت ۾ مڙئي مشتاق محبوبن اڳيان،
سر ڪپائڻ آيا شاڪر، ڪونه ڪو لاڙو ڏٺم.
-
اڱڻ منهنجي عجيب آيا مبارڪ،
لطافت سان نجيب آيا مبارڪ.
رهان الطاف تان صد بار صدقي،
غني سوءِ غريب آيا مبارڪ.
گلستان سبز ٿيو گلها شگفته،
سرورِ عندليب آيا مبارڪ.
عقل کان اڄ عطا ٿي رستگاري،
همه حاذق طبيب آيا مبارڪ.
عجب در خانه شاڪر شڪرلب،
بمع صوت نقيب آيا مبارڪ.
-
|