سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :55

 

ڀارت ۾ سنڌي غزل

 

ڀارت ۾ سنڌي غزل

جائزو

ڀارت جا غزل گو شاعر:

ليکراج ”عزيز“

پرسرام ”ضيا“

هرومل ”خادم“

پرڀو ”وفا“

هري ”دلگير“

”سڳن“ آهوجا

ناراڻ ”شيام“

ارجن ”شاد“

ايم – ڪمل

کيمچند پريم

گورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

ارجن ”حاسد“

موتي پرڪاش

ڪرشن ”راهي“

لڪشمڻ ”ڪومل“

واسديو ”نرمل“

 

ڀارت ۾ سنڌي غزل

 

1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ڀارت ۽ پاڪستان ٺهيا. بينگال جو ورهاڱو ٿيو، پنجاب جو ورهاڱو ٿيو، سنڌ جو صوبو جيئن هيو، تيئن رهيو پر ملڪ جي حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو جو سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جو ورهاڱو ٿي ويو. سنڌ جا مسلمان ۽ سنڌ جا هندو هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا، سنڌ جا مسلمان پنهنجي ڌرتيءَ تي رهيا پر سنڌ جا هندو وقت جي حالتن سبب مجبور ٿي ولر ڪري اباڻا اجها ڇڏي ڀارت هليا ويا.

 

ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادب تي سنڌي هندو ڇانيل هئا. هنن جو وڏو طبقو پڙهيل لکيل هو، تنهن ڪري رسالا، اخبارون، مئگزينون، ڪتاب وغيرهه سڀ سندن ڪوشش سان وڏي تعداد ۾ ڇپبا ۽ وڪامندا هئا. هنن نظم کان زيادهه نثر ۾ مسلمانن کان گهڻو اڳتي وک وڌائي هئي، هنن مان ڪيترن شعر جي جهوليءَ کي به املهه ماڻڪن سان ڀريو هو.

 

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي ويل سنڌي جي هت ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گڏ رهندا هئا ڇڙوڇڙ ٿي ويا، گهڻي ڀاڱي گجرات، مهاراشٽر، مڌيه پرديش، اجمير، دهلي ۽ ڀارت جي ڪن ٻين صوبن جي وڏن شهرن ۾ وڃي وسيا آهن. اهڙي طرح ڀارت ۾ سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ورهاڱو ٿي ويو آهي ۽ سنڌي ڀارت جي مختلف صوبن ۾ ٿورائي وارن جي زبان ٿي وئي آهي.

 

سنڌي جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ تان اُکڙي نئين زمين تي پهتا ته هنن جي اڳيان ڪيترن مشڪلاتن ۽ مصيبتن اچي منهن ڪڍيو. هو سنڌ ۾ ڏاڍا سکيا ۽ ساوا هئا پر اوپري ڌرتيءَ تي جتي کين وطن جي وڇوڙي جو ڏک هو اتي نئين ماحول ۾ پيرن ڄمائڻ جو به اونو هو. اونداهين ڪئمپن، ڀڳل بئرڪن، ڦاٽل تنبن، طوفاني برساتين، پاڻيءَ جي نلن تي عورتن ۽ راشن جي دڪانن تي مردن جي قطارن، رهڻي ڪرڻي جي ڦريل ڊول، ٻوليءَ جي ڏکئي مسئلي هنن کي ڏاڍو حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو. ان وقت هنن جي اڳيان مکيه ٻه مسئلا هئا پاڻ کي ۽ پنهنجي سنڌي ٻولي کي زندهه رکڻ. ڀارت ۾ لڏي اچڻ شرط سنڌي ساهتڪارن ئي سڀ کان اول ”جذب ٿي وڃو“ ، هند ۽ هنديت جي وعظن ۽ نعرن جو وروڌ ڪري پنهنجي ٻولي، لپي، ساهت ۽ سنسڪرتي (تهذيب) کي زندهه رکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي (1). هنن سمجهيو پئي ته جيڪڏهن هنن جي ٻولي ختم ٿي وئي ته پوءِ هو پاڻ به ختم ٿي ويندا، هو مرهٽا، گجراتي، بنگالي وغيره ته هوندا پر سنڌي نه هوندا. ڊاڪٽر ستيش روهڙا انهن ڪوششن جو احوال هيئن ٻڌائي ٿو، ”جي عمر ۾ مٿي چڙهيا هئا انهن جي دل اندر دهڪو هو باقي جوانن جو جوش ۽ جولان ته ڏسڻ وٽان هو، جتي ڪٿي جماعتون ٺاهيائون، منڊل برپا ڪيائون، سڀائون ۽ سميلن (ڪانفرنسون) ڪوٺيائون، بهراڻا ڪڍيائون، ڇيڄون وڌائون، ميلا لڳايائون، مطلب اهو ئي ته ماءُ سنڌي کي سلامت رکڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيائون“ (2).

 

اديبن جي پهرين پيڙهي، جيڪا پنهنجي زمين کان دور ٿي هلي، تنهن وطن جي وڇوڙي جو اهڙو گهرو درد محسوس ڪيو جو دل اندر سانڍيل سڪ جو هڪ زوردار وهڪرو هنن جي قلم مان نڪتو ۽ سڪ جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ کي گهري درد سان پيش ڪيائون (3). هري دلگير وطن کان وڇڙڻ تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چوي ٿو:

 

ديس دلبر کي ڇڏي هاءِ هي پرديس پنڻ،

ڪهڙي دلبي تي لڳي دل کي مان ڍاري ويٺس.

 

ديس جي ڌوڙ رکيم سر تي جڏهين ڌار ٿيم،

دل کي ڪيڏو به دٻيم لڙڪ ٻه هاري ويٺس.

-

سرس سڪ مان اي هوا ڏج وڃي ساٿين کي سلام،

دور بيشڪ ٿو رهان پر نه وساري ويٺس (1).

-

۽ ليکراج عزيز چيو:

منهنجو پڇو ٿا سنڌ جي املاڪ تي ڪليم،

املاڪ منهنجي سنڌ ٿي، حق سنڌ ٿي ٿئيم.

-

 

ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي ادب جي مشعل کي ترقي پسند اديبن روشن ڪيو جنهن تي حساس دل رکندڙ نوجوان شاعر ۽ اديب پتنگن جيان قطارون ڪري اچي ڪٺا ٿيا. هنن جي دل ۾ به وطن جي ياد هئي، مذهبي ڪٽرپڻي لاءِ ڌڪار هئي جنهن سبب هو وطن کان وڇڙيا هئا، وقت جي تڪليف ڏيندڙ حالتن جو احساس هو، پنهنجي عزيز دوستن جي جدائي جو غم هو. سندن جذبن جي شدت جو اندازو هيٺين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو:

وطن تان جان به گهوري پوءِ به ٿوري،

سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آئيا.

(ڪرشن راهي)

انهن ترقي پسند اديبن جن ڀارت ۾ پهريان سنڌي زبان ۾ سنڌي ادب کي سلامت رکڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي تن ۾ اُتم، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سڳن آهوجا، بهاري ڇاٻڙيا، لڇمڻ راجپال، ڪرشن راهي، ايشور آنچل، گوبند پنجابي ۽ موتي پرڪاش جا نالا ذڪر لائق آهن، هنن هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي ٻين صوبائي ٻولين وانگر سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ هلچل هلائي ۽ ٻي طرف گهڻو لکيائون. هنن پنهنجين لکڻين ۾ پنهنجي زندگي ۽ سماج جي مسئلن ۽ ادب برائي زندگي کي اهميت ڏني ۽ ٻين اديبن کي پڻ پنهنجن ويچارن سان متاثر ڪيو ۽ نه صرف نوجوان اديبن کي پاڻ سان ڪٺو ڪري اڳتي وڌيا پر هنن بزرگ ليکڪن جهڙوڪ منگهارام ملڪاڻي، لعل چند امر ڏنو مل، ايل.ايڇ. آڏواڻي، رام پنجواڻي، تيرٿ بسنت ۽ شاعرن ۾ ليکراج عزيز پرسرام ضيا، هرومل سدارنگاڻي، هري دلگير، پرڀو وفا ۽ نارائڻ شيام جو ساٿ به حاصل ڪيو.

 

ڀارت ۾ پهچڻ کان پوءِ جلد ئي سنڌين سنڌ ۾ نڪرندڙ روزانه اخبارن جهڙوڪ هندوستان، سنسار سماچار وغيره جاري ڪيون ۽ هندواسي هفتيوار پرچو شروع ڪيو. انهن اخبارن ادب کان زياده سماجي ۽ سياسي ميدانن ۾ پاڻ ملهايو. ادب جي دنيا ۾ اتم جي ”نئين دنيا“ جڳت آڏواڻي جي ”ڪهاڻي“، بهاري ڇاٻڙيا جي ”بينا“ تيجو ڀارواڻي جي ”نرگس“، شاڪر چاولا جي ”سهڻي“ گوپيچند آڏواڻي جي ”ساهت ڌارا“، هريڪانت جي ”آکاڻي“ ۽ هري موٽواڻي جي ”ڪونج“ وڏي خدمت ڪئي آهي. ٻين رسالن جهڙوڪ سنڌو، هلچل، جيجل، رم جهم، رچنا، سنڌو ڌارا، سورٺ، الڪا، لهرون، پشپ، سرهاڻ، مومل، ڪڀير، جهولي لعل، سنڌي ٽائيمس ۽ سنگيتا جيڪي مختلف ادارن طرفان ڇپجن ٿا پڻ وقت به وقت سنڌي زبان ۽ ادب جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي.

 

ڀارت جي قومي ٻولي هندي عربي کان مختلف يعني ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي آهي، تنهن ڪري ڀارت ۾ ڪن ڪانگريسي اڳواڻن سنڌين کي چيو ته اسين سنڌ ڇڏي هندي هندوستان آيا آهيون ۽ اسان کي هاڻي سنڌ ۽ سنڌ وارن سان ڪو واسطو نه رهيو آهي تنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي لپي ڇڏي ديوناگري لپي اختيار ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر ارجن سڪايل ديوناگري لپي لاءِ هلايل تحريڪ جو بيان هيئن ڪري ٿو ”اوچتو ئي اوچتو راڄنيتيءَ ۾ هارايل ۽ ويران ٿيل ڪي ٻه چار ٻڍا ڪانگريسي اڳواڻ جهڙوڪ چوئٿرام وليڇا، گوبند رام پنجابي، پرسرام ٻهلراماڻي ۽ گهنشيام شوداساڻي جن جو ٻولي ۽ ادب سان دور جو رشتو نه رهيو هو، اکيون مهٽي اٿيا. هي صاحب سنڌ ۾ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر هئا پر هتي سنڌي جاتيءَ جي صحيح اڳواڻي ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪامياب ٿيا هئا ۽ پاسيرا ويٺا هئا، جيئن پراڻو اوج مان شان ۽ مکپڻ جو لقب قائم رهندو اچين“ (1).

 

ديوناگري لپي تحريڪ جو صدر مشهور ڪانگريسي ليڊر جئرام داس دولترام هو، 1949ع ۾ سنڌي زبان لاءِ ديوناگري لپي اختيار ڪرڻ لاءِ پهرين ميٽنگ ڪوٺائي وئي، مشهور اديبن لعل سنگهه اجواڻي، آسانند مامتورا، منگهارام ملڪاڻي ۽ ڪي ٻيا جي ڪل ٽيهه ڄڻا هئا، سنڌي زبان لاءِ ديوناگري لپي اختيار ڪرڻ واري ڳالهه قبول ڪئي پر گوبند مالهي ووٽنگ ۾ غيرجانبدار رهيو. شاعرن ۾ هوندراج دکايل ۽ کيئلداس فاني به ان تحريڪ جي مخالفت ڪئي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، سڳن آهوجا، موهن ڪلپنا، موتي پرڪاش، پرسرام ضيا، ليکراج عزيز، رام پنجواڻي، سندري اتمچنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، موتي پرڪاش، ٽيڪچند مست، موهن گيهاڻي، واسديو نرمل، ڪرشن راهي، ارجن سڪايل، ارجن شاد وغيره عربي لپي قائم رکڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ هلچل هلائي. ڀارت سرڪاري 1950ع ۾ سنڌيءَ لاءِ ديوناگري لپيءَ سان گڏ عربي لپي به منظور ڪئي. اهڙي طرح ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين ۾ لپيءَ جي مسئلي تي ورهاڱو ٿي ويو، جنهن ڪري ٻنهي لپين ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. ڪتاب، رسالا، اخبارون، ڇاپيا ۽ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ٿيندا آهن. سنڌي هندن ۾ ان ڪلچرل ورهاڱي جي سرپرستي انهن ساڳين ماڻهن ڪئي، جن کانئن سنڌ ڇڏرائي هئي.

 

ورهاڱي کان پوءِ 48-1947ع ۾ جڏهن لڏپلاڻ شروع ٿي تڏهن سنڌين جو وڏو تعداد بمبئي ڏانهن هليو ويو سال ڏيڍ اندر ئي هنن پنهنجي ٻوليءَ کي سلامت رکڻ لاءِ ٻه ٽي مکيه ادبي جماعتون قائم ڪيون. جن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺرايو. شروع شروع ۾ ڪجهه اديب جهڙوڪ گوبند مالهي، گوبند پنجابي، اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، سڳن آهوجا، لڇمڻ راجپال، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، ارجن شاد، ڪشور پهوجا ۽ ليکو تلسياڻي ڪنهن هوٽل ۾ چانهه جي ڪوپ تي گڏ ٿيندا هئا ۽ پنهنجون تخليقون پڙهندا هئا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ سلامت رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سوچيندا هئا. جلد ئي هنن بزرگ اديبن جو جهڙوڪ منگهارام ملڪاڻي ۽ ليکراج عزيز جو ساٿ حاصل ڪيو ۽ جنوري 1949ع ۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ برپا ڪيو (1). سنڌي ٻولي جي هلچل جو سهرو هن منڊل تي آهي، هي منڊل 1949ع کان وٺي 1962ع تائين زور رهيو ۽ سڀ سال منگهارام ملڪاڻي ان جو صدر رهيو. باقي سيڪريٽري بدلجندا رهيا جيئن گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اُتم، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، آنند گولاڻي، لوڪ ناٿ جيٽلي ۽ موهن ڪلپنا. 1963ع ۾ منگهارام ملڪاڻي بمبئي ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو تنهن ڪري 1964ع ۾ ليکراج عزيز کي صدر ۽ موهن ڪلپنا کي سيڪريٽري چونڊيو ويو، 1964ع ۾ سڳن آهوجا ان جو صدر ۽ گنو سامتاڻي سيڪريٽري ٿيا.

 

سنڌي ساهت منڊل جي سهاري هفتيوار ادبي ڪلاس شروع ڪيا ويا جنهن ۾ اديب ۽ شاعر پنهنجون تخليقون اچي پڙهندا هئا، جن تي تنقيد ۽ تبصرو ٿيندو هو. شاهه، سچل، سامي ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جون ورسيون ملهايون ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون وينديون هيون. هن منڊل سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ”ساهت سڳنڌ“ نالي هڪ رسالو پڻ جاري ڪيو هو. هي منڊل سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي هڪ سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو نيٺ 10 اپريل 1967ع تي کيس پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. شري جئرامداس دولترام پنهنجو شخصي اثر هلايو جدا جدا ساهتڪ سنسٿائن پنهنجون پنهنجون ڪوششون ڪيون ۽ ائين ئي گهڻن پورهيتن کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي تسليم ٿي (1).

 

ڀارت جا اديب ۽ شاعر وقت به وقت سنڌي زبان جي واڌاري لاءِ ادبي سميلن (ڪانفرنسون) ڪوٺائيندا رهيا آهن، اهڙن سميلن ۾ ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي اديب سنڌي زبان جي مسئلن ۽ واڌاري لاءِ سوچ ويچار ڪندا آهن ۽ ڪي عملي پروگرام رٿيندا آهن.

سنڌي ساهت منڊل جي سهاري بمبئي ۾ 1952، 1953 ۽ 1954ع تي سنڌي اديبن جا سميلن ٿيا، جنجي صدارت لال چند امر ڏنو مل، منگهارام ملڪاڻي ۽ رام پنجواڻي ڪئي.

1956ع ۾ دهليءَ ۾ ايشيائي ليکڪن جو سميلن ٿيو، جنهن ۾ الهاس نگر ۽ دهليءَ مان منگهارام ملڪاڻي جي سرواڻي هيٺ پرسرام ضيا، نارائڻ شيام، حشو ڪيولراماڻي، رام پنجواڻي، اُتم، سندري، موتي پرڪاش، جيوت جوت، ارجن شاد، موتي لعل جوتواڻي، ڪي.اين. رامواڻي ۽ موهن ڪلپنا شريڪ ٿيا.

ايشيائي اديبن جي سميلن ۾ سنڌين جي ڀرپور شرڪت کان متاثر ٿي دهليءَ ۾ تازو برپا ڪيل ”سنڌو سماج“ جي صدر شري حشمت ڪيولراماڻي 1957ع ۾ دهلي ۾ سنڌين جو پهريون سميلن سڏايو. ٻيو سميلن 1958ع ۾ بمبئي ۾ ۽ ٽيون سميلن 1959ع ۾ ناگپور ۾ ٿيو، جتي نئين آل انڊيا سنسٿا جو نالو ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ رکيو ويو، 1960ع ۾ گانڌيڌام ۾ سميلن ٿيو، جنهن ۾ انجو آئين بحال ڪيو ويو.

 

هن سڀا ۾ عربي ۽ ديوناگري لپي جا طرفدار گڏ هئا مگر 1970ع ۾ الهاس نگر ۾ سنڌي ڪنوينشن جي موقعي تي موهن ڪلپنا رٿ ڏني ته عربي لپي ئي سنڌي جي صحيح لپي آهي ۽ ديوناگري لپي جي طرفدارن کي سڀا مان ٻاهر ڪڍيو وڃي جا رٿ وڏي گهڻائيءَ سان بحال ٿي ۽ فيصلو ٿيو ته سڀا صرف سنڌي يعني عربي لپيءَ جو اصول قبولي ٿي، تنهن ڪري 1970ع ۾ الور ۾ ٿيل سميلن ۽ ان کان پوءِ اکل ڀارت سنڌي ساهت سڀا جي ڪانفرنسن ۾ صرف سنڌي لپيءَ جا حامي اچي شريڪ ٿيندا آهن.

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جي اهڙي فيصلي جي جواب ۾ ديوناگري لپي جي طرفدارن جئرام داس دولترام جي گروپ سندس صدارت ۽ بلديو گاجرا ايڊيٽر ڀارت واسي ويڪلي جي سيڪٽرائپ ۾ دهليءَ ۾ ساڳي سال 1970ع ۾ ديوناگري سميلن ڪوٺايو. تاريخ 1، سيپٽمبر 1971ع تي ”سرو ڀارت ڪلا وڪاس سڀا“ قائم ڪئي وئي جنهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي اپنائڻ لاءِ يوجنائون تيار ڪيون ۽ تحرڪ هلايو (1). جئرامداس 1979ع ۾ مري ويو جنهن ڪري ديوناگري لپي جي تحريڪ گهڻو زور وٺي نه سگهي.

بمبئي کان ٿورو پرڀرو سنڌونگر جنهن کي هاڻي اُلهاس نگر ڪوٺيو وڃي ٿو سنڌين جي پهرين وڏي بستي آهي، جنهن ۾ اٽڪل ٽي لک سنڌي رهن ٿا هي نگر جڏهن زندگيءَ جي سمورين راحتن کان خالي هو ۽ منجهس شرنارٿين جا اجها هئا تڏهن سنڌي ٻولي ۽ ادب سان محبت لکندڙ ڪن جوانن جهڙوڪ ايشور آنچل، نارائڻ ڀارتي ۽ موهن ڪلپنا گڏجي اتي ”سنڌي ساهت سڀا“ قائم ڪئي جلد ئي اتي رهندڙ ٻيا اديب گنوسامتاڻي، سڳن آهوجا، لعل پشپ، هاسو داڳيا، ڦتن پرسواڻي، ايم سڳن، هرچند اجهل، سروج ٺارواڻي، قيمت ڪمل ۽ ويڙهو شامل ٿي ويا. سڀا هر سال پرسرام ضيا کي پنهنجو صدر چونڊيو، سندس وفات کان پوءِ اهو درجو چوهڙ مل هندوجا کي مليو اڳتي هلي سڀا جو ڪم گوبند ڀاٽيا ۽ ديال آشا سنڀاليو. هن سڀا نه صرف ادبي ڪلاس شروع ڪيا پر سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪم ڪيو آهي.

اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جي سهاري هيٺ ڀارت ۾ هن وقت تائين مختلف شهرن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سلامتي ۽ واڌاري لاءِ چوڏهن سميلن ٿي چڪا آهن، جن جو مختصر بيان هن ريت آهي:

پهريون سميلن سال 1957ع ۾ دهليءَ ۾ ٿيو، سميلن جو افتتاح (مهورت) ڊاڪٽر راڌا ڪرشن ڪيو، صدر پروفيسر لعل سنگهه اجواڻي ۽ ڪنوينر حشمت ڪيولراماڻي هو ٻه سو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

 

ٻيو سميلن سال 1958ع ۾ بمبئي ۾ ٿيو. افتتاح همايون ڪبير ڪيو. صدر جئرامداس دولترام ۽ جنرل سيڪريٽري اُتم جهمٽ مل واڌواڻي هو. ڇهه سئو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

ٽيون سميلن سال 1959ع ۾ ناگپور ۾ ٿيو. افتتاح ڀڳوان دين ڪيو. صدر نارائڻداس ملڪاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اي.جي اُتم هو. اٺ سئو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

چوٿون سميلن سال 1960ع ۾ گانڌيڌام ۾ ٿيو. افتتاح ڪاڪا ڪاليلڪر ڪيو. صدر منگهارام ملڪاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اي.جي اُتم هو. ارڙهن سو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

پنجون سميلن سال 1961ع ۾ ڀوپال ۾ ٿيو، افتتاح شنڪر ديال شرما ڪيو، صدر لعل سنگهه اجواڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اي.جي اُتم هو. هڪ هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

ڇهون سميلن سال 1963ع ۾ جئپور ۾ ٿيو. افتتاح موهن لعل سکاڙيا ڪيو. صدر رام پنجواڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اي.جي اُتم هو. نو سو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

ستون سميلن سال 1964ع ۾ لکنو ۾ ٿيو. افتتاح سچيتا ڪرپلاڻي ڪيو. صدر ڀوڄراج ناگراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي هو. ٻه هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

اٺون سميلن سال 1966ع ۾ بئنگلور ۾ ٿيو، افتتاح وي.وي گري ڪيو. صدر ڀوڄراج ناگراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي هو. ٻاويهه سئو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

نائون سميلن سال 1970ع ۾ الور ۾ ٿيو. افتتاح رگهوناٿ ريڊي ڪيو، صدر ڀوڄراج ناگراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اي.جي اُتم هو. اٺ سئو ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

ڏهون سميلن سال 1972ع بمبئي ۾ ٿيو. افتتاح راما راءُ ادڪ ڪيو، صدر ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري موتي پرڪاش هو. ٻه هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

 

يارهون سميلن سال 1974ع ۾ دهلي ۾ ٿيو. افتتاح اندر ڪمار گجرال ڪيو. صدر ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري پوپٽي هيراننداڻي هئي. ٻه هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

ٻارهون سميلن سال 1976ع ۾ گانڌيڌام ۾ ٿيو، افتتاح هري دلگير ڪيو. صدر ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري پوپٽي هيراننداڻي هئي. چار هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

تيرهون سميلن سال 1978ع ۾ اُلهاس نگر ۾ ٿيو. افتتاح حشو آڏواڻي ڪيو. صدر ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري موهن ڪلپنا هو. ساڍا چار هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

چوڏهون سميلن سال 1980ع ۾ باليتانا ۾ ٿيو، افتتاح ڀڳوان داس ڪيو، صدر ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري موهن ڪلپنا هو. هڪ هزار ڊيليگيٽ شريڪ ٿيا.

ڀارت ۾ سنڌين جي همت ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ جي پڪي ارادي جو چڱو نتيجو نڪتو آهي جو مهاراشٽر، گجرات ۽ راجستان جي صوبائي حڪومتن سنڌي ٻولي جي سرپرستي ڪندي ساهتيه اڪيڊميون قائم ڪيون آهن ۽ انهن کي مالي امداد ڏينديون رهن ٿيون، جيئن اهي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اوسر لاءِ چڱو ڪم ڪري سگهن.

گجرات سرڪاري سال 1979ع ۾ سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آهي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪن چونڊ ڪتابن جي سهائتا ڪندي رهي آهي. گجرات سرڪار آديپور (ڪڇ) ۾ 22 ۽ 23 فيبروري 1981ع ۾ آل انڊيا سيمينار سڏايو هو جنهن جو ڪنوينر هري دلگير هو.

راجستان سرڪار سال 1981ع ۾ سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. هن اڪيڊمي کي مدد طور هڪ لک روپيه ملن ٿا. هن ”رهاڻ“ نالي هڪ وڏو رسالو ڪڍيو آهي. هيءَ اڪيڊمي سال ۾ هڪ ورڪشاپ سڏائيندي آهي، جنهن ۾ ڀارت جي مختلف هنڌن تان اديب اچي ڪٺا ٿيندا آهن ۽ سنڌي ادب ۽ زبان جي اڳيان جيڪي مسئلا هوندا آهن ان تي سوچ ويچار ڪندا آهن.

 

مهاراشٽر سرڪار سنڌي اڪيڊمي جو اصول 1979ع ۾ قبول ڪيو آهي، جلد ئي اڪيڊمي قائم ٿي ويندي.

ڀارت جي مرڪزي سرڪار سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ سال 1975ع ۾ هڪ ڪروڙ روپيه منظور ڪيا آهن. جنهن مان ڪي بهترين ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن ۽ هڪ جامع پروگرام ڪتابن لکرائڻ جو تيار ڪيو ويو آهي. نئشنل بوڪ ٽرسٽ جو مرڪزي ادارو آهي، جي طرفان به ڪن چونڊ سنڌي ڪتابن جو ترجمو ڪري انگريزيءَ ۾ ڇپايو ويندو آهي. آٿرس گلڊ آف انڊيا چونڊ سنڌي ڪهاڻين جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو آهي.

مرڪزي سرڪار طرفان 1980ع ۾ رام پنجواڻيءَ کي سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ پدم شري جو لقب ڏنو آهي. هن کان اڳ پدم وڀوشڻي جو اڃا به وڏو لقب ”انار داڻا“ ۽ ”ڳوٺاڻي چهر“ جي ليکڪ پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ کي ڏنو ويو هو جو ڏهه سال انڊين پارليامينٽ جو ميمبر پڻ رهيو هو.

 

ڀارت جي قومي ادبي اداري ساهت اڪيڊمي 1957ع ۾ سنڌي ٻولي کي تسليم ڪيو هو. ساهت اڪيڊمي طرفان هن وقت تائين جن سنڌي اديبن ۽ سندن شاهڪارن تي انعام مليا آهن، انهن جو وچور هن ريت آهي:

سال

لکندڙ

ڪتاب

صنف

1959

1963

1964

1969

 

1970

1971

1972

1973

1974

1975

1976

1978

1979

 

1980

1981

تيرٿ بسنت

رام پنجواڻي

ليکراج عزيز

منگهارام ملڪاڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

نارائڻ شيام

ڪرشن راهي

گنوسامتاڻي

گوبند مالهي

لعل پشپ

لڇمڻ ڪومل

هري دلگري

هرومل سدارنگاڻي

ڪرشن کٽواڻي

پرڀو وفا

ڪنور

انوکا آزمودا

صراحي

سنڌي نثر جي تاريخ

شاهه جو رسالو

واريءَ ڀريو پلاند

ڪماچ

آپراجتا

پيار جي پياس

هن جي آتم جو موت

جيءُ جهروڪو

پل پل جو پرلاءُ

چيخ

ياد هڪ پيار جي

سرخ گلاب

بايوگرافي

ڪهاڻيون

شاعري

تحقيق

 

ترتيب

شاعري

شاعري

ڪهاڻيون

ناول

ناول

شاعري

شاعري

شاعري

 

ناول

شاعري


(1)  اي. جي. اتم ”ساهت ۽ ساهتڪار“ ص 85 ڊسمبر 1974 نئين دنيا پبليڪيشن اي. هيرآباد مينشن، سيتلا ديوي روڊ، مهيم بمبئي -16.

(2)  ستيش روهڙا ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جي آتم ڪٿا“ ص 57، سال 1971ع آشا پرنٽرس هاٿي ڀاٽا اجمير.

(3)  ڪيرت ٻاٻاڻي ”ڪونج“ (ماهوار) مضمون ”سنڌي ساهت ۽ سنڌي زندگي“ ص-24 مارچ – اپريل 1980ع، گريٽ ويسٽرن بلڊنگ شهيد ڀڳت سنگهه روڊ بمبئي.

(1)  ”هري دلگير“، ”هلچل“ ص 80، سال 1958ع، سنڌي سڀاويسٽرن ريلوي بمبئي.

(1)  ارجن سڪايل ڊاڪٽر ”سنڌي ڀاشا جي پڪار“ ص 21، سنڌي ڪتاب گهر اي – 836، هيراپوري گانڌي روڊ، سنڌونگر -5 ضلع ٿاڻا.

(1)  منگهارام ملڪاڻي ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ساهت جو جائزو“ ص – 13، ڇاپائيندڙ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، بمبئي 1980ع.

(1)  نارايڻ ڀارتي ”سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ص 76، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن اشوڪ پريس الهاس نگر 3 آگسٽ 1967ع.

(1)  گوبندرام سلامتراءِ رائسنگهاڻي ”سائل“ رم جهم (سووينر) مضمون ”سنڌي ٻولي، لپي، وديا ۽ ساهت“ ص 32، نيشنل فرينڊس ڪلب بئرا ڳڙهه، ڀوپال 80-1979ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org