هرومل ”خادم“
]1913ع
–
[
هرومل ايسرداس سدارنگاڻي تخلص ”خادم“ ورهاڱي کان اڳ جي مشهور
هندو شاعرن مان آهي. سندس وڏا شهدادپور جا هئا،
سندس جنم ۽ ابتدائي تعليم اتي ٿي. مئٽرڪ نوودياليه
هاءِ اسڪول حيدرآباد، بي.اي ڏيارام گدومل ڪاليج
حيدرآباد، ايم.اي اسماعيل ڪاليج بمبئي، پي.ايڇ. ڊي
ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچي ۽ ڊي. لٽ جي ڊگري تهران
يونيورسٽي ايران مان حاصل ڪئي اٿائين.
خادم ڪجهه وقت تائين نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي جو ليڪچرار
هو، 1959ع کان ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسي جو
ليڪچرار ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ رهيو، 1948ع ۾ ڀارت
لڏي وڃڻ کان پوءِ دهلي ڪاليج ۾ سنڌي ۾ ليڪچرار
مقرر ٿيو. ان سان گڏ پارسي به پڙهائيندو هئو.
1953ع کان 1956ع تائين تهران يونيورسٽي جي
اسڪالرشپ تي تهران ويو جتان ڊي. لٽ جي ڊگري
ورتائين، جتان واپس اچڻ تي کيس آل انڊيا ريڊيو جي
پارسي سروس جو سپروائيزر مقرر ڪيو ويو.
”خادم“ جي شاعري جي شروعات سورهن ورهين جي عمر کان ٿي. 1931ع
کان مشاعرن ۾ بهرو وٺڻ لڳو. خاص طور ”مسلم ادبي
سوسائٽي“ جي مشاعرن ۾ جي حيدرآباد ۾ ميمڻن جي پاڙي
۾ ٿيندا هئا. مشاعرن خادم ۾ غزل چوڻ جو چاهه پيدا
ڪيو. اڃا پاڻ بي.اي جو شاگرد هو ته 1935ع ۾ سندس
شاهه تي لکيل نظم ۽ ٽي رباعيون بمبئي يونيورسٽي
طرفان سنڌي شاگردن لاءِ مقرر ڪيل نصاب ۾ شامل ڪيون
ويون. اهو ڪتاب ميران محمد شاهه ”گلزار خيال“ جي
نالي سان ترتيب ڏنو هو. هن وقت به سندس آزاد نظم
جو ڪتاب ”چيخ“ بمبئي يونيورسٽي ۾ بي.اي جي نصاب ۾
شامل آهي.
خادم ڪيترا سال سنڌي صلاحڪار بورڊ (سنڌي ادبي بورڊ) جو ميمبر ۽
”مهراڻ“ سه ماهي جي شروعاتي ايڊيٽوريل بورڊ جو هڪ
ميمبر هو. هو دهلي ۽ پنجاب يونيورسٽين جي سنڌي
بورڊن جو پڻ ڪيتري وقت تائين ميمبر رهيو
آهي.ساهتيه اڪيڊمي جي سنڌي بورڊ ايڪيويهن سالن
تائين ميمبر، ڏهه سال ڪنوينئر ۽ ڏهه سال
ايگزيڪيوٽو بورڊ ۽ جنرل ڪائونسل جو عهدو به ماڻيو
اٿائين.
خادم جا مختلف زبانن ۾ ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آهن:
انگريزي: 1. پرشن پوئٽس آف سنڌ، پي.ايڇ. ڊي لاءِ لکيل مقالو –
سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.
پارسي: 2. فارسي گويان هندو سند، شايع ڪندڙ بنيادِ فرهنگِ
ايران، تهران.
سنڌي ِ (نظم) 1. رنگين رباعيون، 2. روح ڏنو ريلو، 3. پرهه جي
باک، 4. چيخ.
(نثر) 1. ڪک ۽ ڪانا (مضمون)
ترجما: 1. بابر نامو، 2. امراو جان ادا 3. گرو گوبند سنگهه.
خادم رباعي جو شاعر آهي پر هن پارسي غزل جي اثر هيٺ غزل به چيو
آهي. جيئن ته هو پارسي ادب جو عالم آهي تنهن ڪري
هن جي شاعري تي پارسي جو گهڻو اثر آهي. پنهنجي
شاعري لاءِ پاڻ چوي ٿو، ”شاگردي واري زماني کان
فارسي ٻولي ۽ ساهت سان گهڻي ڏيٺ ويٺ هئڻ سبب
سڀاويڪ ڪيترن هنڌن تي بندش توڙي ويچار ڌارا ۾ ان
جو اثر نمايان نظر ايندو“
(1).
هن جي زبان رنگين ۽ خيالن ۾ نزاڪت ۽ پختائي آهي.
سندس غزل جو رنگ قديم رنگ کان گهڻو متاثر آهي.
ڪلام جو نمونو
(2)
بلند تر هجيئي بلاغت مٺا،
لطافت، نزاڪت، ملاحت مٺا.
رقيبن کي راحت مونکي رنج ڏين،
اها آهه ڪهڙي عدالت مٺا.
جڙيو شل رهي پنهنجو ناتو سدا،
نه جي دوستي، رک عداوت مٺا.
گهٽي درد اهڙو دٻايو گلو،
چپن تي نه آئي شڪايت مٺا.
مون سمجهيو، مون سمجهيو، ڪري ڪين ٽار،
ڪڏهن منهنجي پڻ ٻڌ حڪايت مٺا.
نه ٻي جو مگر آهه خادم سندءِ،
ٻڌين ڪئن ٿو تنهنجي ملامت مٺا.
-
جام ساقي، ڀري پيار اڻ لڀ،
بيخوديءَ جو چڙهي خمار اڻ لڀ.
منهنجي دل ۽ مٿس نظر تنهنجي،
تير اڻ لڀ، سندو شڪار اڻ لڀ.
عشق ماري خودي دوئي ٻيئي،
اهڙو ملندو ٻيو ٻه مار اڻ لڀ.
هردو عالم جو سود هت ٿو ملي،
آهه دنيا سندي بزار اڻ لڀ.
دل جو دل سان ٿو دک سلي خادم،
آهه اڄ جڳ ۾ غمگسار اڻ لڀ.
-
پرڀو ”وفا“
]19
سيپٽمبر 1915ع –
[
پرڀو پٽ جوتو مل ذات ڇڳاڻي تخلص ”وفا“ جو جنم 19 سيپٽمبر 1915ع
تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ پنجو ديري ۾
ٿيو، جيڪو نئين ديري (شاهنواز ڀٽو) اسٽيشن کان ٽن
ميلن تي هندو ڪامورن جو مکيه شهر هو. سندس وڏا نه
فقط عامل هئا پر وڏا صوفي به هئا. سندن تعلق
ڪنڊڙيءَ وارن بزرگن سان هو. ”وفا“ جو پيءُ ديوان
جوتومل پنهنجي وقت ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل هو ۽
ڪنڊڙيءَ وارن صوفين جو خليفو هو
(1).
”وفا“ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ بي.اي، ڊي جي
سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان 1937ع ۾ پاس ڪئي. ايم.اي
ڪرڻ لاءِ بمبئي يونيورسٽي جي اسڪول آف ايڪانامڪس ۽
سوشيالاجي ۾ ٽرم رکيائين پر پيءُ جي وفات سبب
تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي وطن واپس وريو.
”وفا“ ننڍي لاڪر ئي شاعري ۽ سنگيت جي فضا ۾ رهيو، جنهن هن جي من
۾ شاعريءَ جو شوق پيدا ڪيو. روحل فقير جو پڙپوٽو
سائين غلام علي سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا اچي وٽن مهمان
ٿيندو هو، هو جڏهن به وٽن ايندو هو ته هر روز رات
جو راڳ جون چونڪيون لڳنديون هيون، اهڙي طرح وفا
جڏهن پنهنجي والد سان گڏجي ڪنڊڙيءَ جي فقيرن جي
درگاهه تي ويندو هو ته راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو
هو. صوفيانه سنگت جي محفلن کان متاثر ٿي ”وفا“
تيرهن ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. سندس ٻاراڻا
شعر ٻالڪن جي ٻاري طرفان شايع ٿيندڙ رسالي
”گلستان“ ۾ شايع ٿيندا هئا.
”وفا“ شاعري ۾ پنهنجو استاد نواز علي ”نياز“ ۽ ”بيوس“ کي ورتو.
”نياز“ هن کي عروض جي فن کان واقف ڪيو ۽ غزل جي
واديءَ ڏانهن گامزن ڪيو. ”وفا“ پنهنجي جوانيءَ جي
وقت کان لاڙڪاڻي جي بزم مشاعري جو مکيه شاعر ليکيو
ويندو هو
(1).
”وفا“ جي جواني جي زماني وارو شعر مقامي اخبارون
جهڙوڪ الحقيقت، خير خواهه وغيره ۽ سنڌو رسالي ۾
شايع ٿيندو هو.
”وفا“ ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو ۽ هن وقت بمبئي ۾ رهي ٿو.
سندس شعرن جا ٻه مجموعا ڀارت ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
1. جهنڪار 1952ع دهلي مان، 2. ”پرواز“ 1962ع اجمير مان.
”وفا“ سنڌ جي پراڻن غزل گو شاعرن مان آهي. هن جيتوڻيڪ سخن جي
مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، پر هن جي طبع جو
پوپٽ غزل جي گلن تي وڌيڪ موج ۽ مستيءَ ۾ اُڏامي
ٿو. وفا جو غزل فن ۾ پختو ۽ فڪر ۾ عمدو آهي. سنڌي
شعر جي اڳين دور سان به تعلقات اٿس ته نئين دور جي
نواڻ ۽ تمنائن جي اثر هيٺ به آهي. گهڻن ورهين کان
شعر جي ميدان ۾ پئي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هينئر
شهسوار جي روپ ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي
(2).
نارائڻ شيام وفا جي شاعري لاءِ چوي ٿو، ”وفا جي
شاعري هڪ پاٻوهه ڀري شاعري آهي، جنهن ۾ مٺاس، نرمي
۽ صداقت سان گڏ جذبات جي گهرائي، احساس جي تازگي،
خيال جي شگفتگي ۽ معنويت جو دلڪش ميل آهي، سڀ رنگ
آهن پر انڊلٺ وانگر هڪ وجود“
(3).
ڪلام جو نمونو
(1)
دل ئي خود قاتل کي همٿائڻ لڳي،
چوٽ خنجر جي کلي کائڻ لڳي.
آرسيءَ ۾ پاڻ کي ڀائڻ لڳي،
جيئن ڏٺائين مونکي شرمائڻ لڳي.
هن ڏسي مونکي دري ٻوٽي ڇڏي،
پر وٿين مان ويهي واجهائڻ لڳي.
هن جي ڳل کي گل جي مون نسبت ڏني،
پنهنجي رخ جا رنگ بدلائڻ لڳي.
هن جي ڪومل جسم کي جئن ئي ڇهيم،
شرم ٻوٽي وانگر شرمائڻ لڳي.
حسن آيو ويس ڌاري عشق جو،
دل ڏسي اسرار گهٻرائڻ لڳي.
ڪلهه وفا سان ٿي ڪئي دنيا مذاق،
گيت پر اُن جا ئي اڄ ڳائڻ لڳي.
-
تنهنجي رخ تي ٿا لڳن زلف ائين،
جيئن انگور منهه ۾ لڙڪن.
تون هلين ٿي ته هلن ٿا طوفان،
تون ٿي مرڪين ته ٿيون بجليون ڪڙڪن.
منهنجي سامهون ٿي اچين تون شايد،
ٿي ٻڌائي مون کي دل جي ڌڙڪن.
جي دٻي دل ۾ رکيا ها جذبا،
شعلا بڻجي ٿا هينئر سي ڀڙڪن.
هاڻ موجن جو سهارو وٺبو،
هاءِ ڪشتي ۾ ٿا ڪن گڙگڙ ڪن.
مون کي شڪ آ ته جدا ٿي نه وڃون،
اوچتو ڇو ٿا ڏيئا ڦڙ ڦڙ ڪن.
مهربان تون ته منکي ڇا جو خوف،
ڀل ”وفا“ ماڻهو پيا بڙ بڙ ڪن.
-
هري ”دلگير“
]15،
جون 1916ع –
[
هري گرڏنومل درياني تخلص ”دلگير“ جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن
ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. ڊي. جي
سنڌ ڪاليج ڪراچي مان انٽر سائنس پاس ڪري، ايف. اي.
ڊي انجنيئرنگ ڪاليج مان انجنيئري جي ڊگري حاصل ڪري
پي. ڊبليو. ڊي ۾ نوڪري ڪيائين، ڀارت وڃڻ کان اڳ هو
سنڌ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر هو.
دلگير جو واسطو صوفي خاندان سان هو، سندس وڏا ڪنڊڙيءَ وارن
بزرگن جا مريد هئا. ڪنڊڙيءَ وارا بزرگ هر سال وٽن
ڀيرو ڪندا هئا، جنهن ڪري وٽن سر ۽ سنگيت جون وڏيون
محفلون مچنديون هيون. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌ جي
هندن ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي تڏهن مرشد کين ڀارت وڃڻ جي
اجازت نه ڏني تنهن ڪري هي ڪٽنب ورهاڱي کان پوءِ
گهڻا ورهيه هتي رهيو پيو هو آخر مرشد جي اجازت ملڻ
کان پوءِ 1958ع ۾ ڀارت هليو ويو.
دلگير تيرهن ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. ننڍي عمر ۾ هو هر
روز پنهنجي سمجهه آهر ڪيترا شعر لکندو هو. ان
زماني ۾ بزم مشاعرهه لاڙڪاڻي جو سڄي سنڌ ۾ ذڪر هو.
هري شاعري جي فن ۾ عروض جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ نواز
علي ”نياز“ جي رهنمائي ورتي ۽ هن سان گڏجي بزم
مشاعرهه ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو ۽ جيستائين سنڌ ۾ رهيو
اوستائين نه صرف مشاعرن جي طرحن تي شعر لکندو هو
پر مشاعرن ۾ شريڪ به ٿيندو هو. هري، ”نياز“ سان گڏ
ڪشنچند ”بيوس“ کان به گهڻو فيض حاصل ڪيو. جنهن
سندس طبيعت جو لاڙو جديد شاعري ڏانهن موڙي ڇڏيو.
دلگير ڪاليج واري زماني ۾ پختو ۽ سٺو شعر چوڻ لڳو.
ان وقت ميٺارام هاسٽل ۾ جيڪي ترقي پسند شاعرن جون
ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون، ان ۾ به پنهنجا شعر
پڙهندو هو. دلگير جي جواني وارو ڪلام لاڙڪاڻي جي
هفتيوار اخبارن ۽ مشهور رسالي ”سنڌو“ ۾ شايع ٿيندو
هو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي هر رسالي جو سينگار
بڻيو.
دلگير ٻي ادبي ڪانفرنس (ساهتيه سميلن) جيڪا ڪراچي ۾ 1941ع ۾ ٿي
هئي تنهنجو جنرل سيڪريٽري هو ۽ لاڙڪاڻي جي ادبي
ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ ۾ هن هر وقت مالي توڙي
رومالي مدد ڪئي. ڪيترين ادبي ڪانفرنس جي مشاعرن
جون طرحون هن جون ڏنل هيون، جيئن:
1. مورتي تنهن جي کي من مندر ۾ استاپن ڪندس.
ٻي ادبي ڪانفرنس – ڪراچي، 1941ع.
2. پنهنجي برپٽ کي وري گلشن بنائيندا هلو.
سترهين ادبي ڪانفرنس، خيرپور، 1957ع.
3. بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا.
چوڏهين ادبي ڪانفرنس، ڪراچي، 1954ع.
هري هن وقت آديپور (ڪڇ) ۾ رهي ٿو. جتي هو انجنيئرنگ ڪاليج ۾
پروفيسر ۽ پرنسپال هو، جنهن تان 1979ع ۾ رٽائر ٿيو
آهي. هو ڀارت جي ڪيترن سنڌي ادبي ادارن جو عهديدار
آهي ۽ پنهنجو وقت سنڌي ادب جي خدمتن ۾ صرف ڪري
رهيو آهي. هن سال کيس ساهتيه ايڪيڊمي طرفان 1979ع
جو انعام مليو آهي.
هري جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:
1. هريچندر جيون ڪوتا (نظم 1941ع)
2. ڪوڏ (نظم ٻارن لاءِ 1942ع سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ سنڌ
طرفان انعام حاصل ڪيل).
3. ماڪ ڦڙا (نظم نارائڻ شيام سان گڏ).
4. موج ڪئي مهراڻ (نظم 1966ع)
5. پل پل جو پرلاءُ (نظم 1977ع)
دلگير سنڌ ۽ ڀارت جي مقبول ترين شاعرن مان هڪ آهي. هن هر ڪنهن
قسم جي شاعري ۾ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هريءَ جي
غزل ۾ سنڌوءَ واري رواني ۽ انڊلٺ جي رنگن وانگر
خيالن جي گوناگوني آهي. هن سنڌي غزل ۾ خيالن جا
نوان گل ٽيڙي ان کي نئين تازگي، سونهن ۽ ڪشش بخشي
آهي، ڪڏهن ڪڏهن هن جا غزل مسلسل غزل ٿيو پون، جنهن
ڪري هن جي ڪن غزلن تي نظمن جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. هن
جي ٻولي وڻندڙ ۽ سليس آهي. هن جو اندازِ بيان
پيارو ۽ وڻندڙ آهي. هو انهن پهرين شاعرن مان آهي،
جن غزل کي روايتي خيالن کان نون ۽ جديد خيالن ۽
لاڙن سان آشنا ڪيو.
انتخاب ڪلام
وقت ڪهڙي تي بهار آيو هلي، ڏس ته سهي،
بند بلبل ٿي ويس گهر به جلي، ڏس ته سهي.
هر جڳهه تي قيد ۽ هر موڙ تي ڦاسي ٿو ڏسان،
ڇا انهيءَ کي ٿا سڏن تنهنجي ڳلي، ڏس ته سهي.
هيٺ شبنم ۾ وجهن عڪس ستارا ٿا مٿان،
عرش جو فرش سان ويو روح رلي، ڏس ته سهي.
زندگي سڀ کان نئين سڀ کان پراڻي آهي،
پر پرولي نه سندس ڪنهن به سلي، ڏس ته سهي.
رات پرڀات هٿان توئي ٿي پيغام مڪا،
روبرو هاڻي وڃي ڪيئن ٿو الي، ڏس ته سهي.
جام کان پڇ ته شراب آيو چپن تائين ڪئن،
مون جهليومانس، مگر مي نه جهلي، ڏس ته سهي.
واٽ تنهنجي ٿو تڪيان، ٻاري ڏيا اکڙين ۾،
ختم ٿي عمر نه مون آس پلي، ڏس ته سهي.
تنهنجو دلگير غريب آيو کڻي تڇ تحفو،
هار لڙڪن جو، قبولج نه ڀلي، ، ڏس ته سهي
(1).
-
وڻي ٿي اڃا زندگي ڪجهه نه ڪجهه،
زماني ۾ آ دلڪشي ڪجهه نه ڪجهه.
ورهايون جي پنهنجي خوشي ڪجهه نه ڪجهه،
ته بيشڪ سا ويندي وڌي ڪجهه نه ڪجهه.
ڪو ساٿي، ڪو سائين، سڄڻ ڪو اٿم،
مڙن سان اٿم دوستي ڪجهه نه ڪجهه.
سراسر برو ڪو ته ٿيڻو نه آهه،
منجهس بات هوندي چڱي ڪجهه نه ڪجهه.
ٻڌڻ جي گهرن ٿا سي ٻڌندا ضرور،
ڪري بات ٿي خامشي ڪجهه نه ڪجهه.
ڏئي ساز دل، گيت چاهيه ٻڌڻ،
ته ڪرڻي پئي شاعري ڪجهه نه ڪجهه.
جڏنهه نانهه ”دلگير“ سان دلربا،
ته هر چيز ۾ آ ڪمي ڪجهه نه ڪجهه
(2).
-
”سڳن“ آهوجا
(1، ڊسمبر 1921ع – 10، فيبروري 1966ع)
سڳن آهوجا جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. هن جا وڏا ڪاٺ مڏيءَ وارا ۽
سکر ماڻهو هئا. سندس شادي به ننڍي عمر ۾ ڪرائي
وئي. هيمون ڪلاڻيءَ سان هن جي دوستي سکر ۾ ٿي.
پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم پنهنجي شهر ۾ پوري
ڪري 1937ع ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي آيو، جتي ڊي.جي
سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ
لڳو. هن 1941ع ۾ بي.اي پاس ڪئي. هو شاگردي واري
زماني ۾ سنڌي ادب ۽ زبان جو ايترو ڄاڻو هو جو هن
کي شاگرد ۽ دوست ”گهومو لئبرري“ ڪري سڏيندا هئا.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي جن نوجوانن ترقي پسند تحريڪ
شروع ڪئي هئي هي اُنهن مان هڪ هو. ان وقت هن جون
تخليقون ”سنڌو“ ۾ شايع ٿينديون هيون.
ورهاڱي بعد هن جي وڏن سنڌونگر ۾ خانگي بسون هلايون، مگر ان
ڪاروبار ۾ انهن کي لکن روپين جو نقصان ٿيو، جنهن
ڪري سڳن آهوجا جي ڪٽنب جي مالي حالت خراب ٿي وئي.
سڳن پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون،
مگر غربت هن جي پٺ نه ڇڏي. هن کٽمٺڙن جي ٻڌي واپار
جو دڪان کوليو، ويسٽ اينڊ هوٽل ۾ نوڪري ڪئي. کاڌي
۽ وليج انڊسٽري ۾ نوڪري ڪئي، ڪيترو وقت ماستر ۽
ڪجهه مهينا ليڪچرار رهيو. هن تي 1964ع ۾ اڌ رنگ ۽
رت جي داٻ جو حملو ٿيو، جنهن مان هو صحتمند ٿي نه
سگهيو ۽ 1966ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب
شايع ٿي چڪا آهن:
1. بي آگ جلن ٿا پروانا (ڪهاڻيون)
2. ارمان (نظم)
3. پياري چيز (ناول).
سڳن کي ليکڪن جو ليکڪ ڪوٺيو ويندو هو. هو مارڪسوادي اديب هو. هن
پنهنجي سماج جي گندي زندگي ۾ خوبصورتي ۽ سونهن جا
خواب ڏٺا ٿي. هن جي تمنا هئي ته انساني زندگي ۾
انقلاب اچي ۽ غريبن جون جهوپڙيون ڪر کڻي اميرن جي
محلن کان مٿي ٿي وڃن. هو هڪ سٺو نقاد ۽ ادب جي
خوبصورتي ۽ ڪمزوري جو ڄاڻو هو. هن زندگيءَ جي سمنڊ
جي ڪناري تان ڪوڏ نه پر انجي اونهائيءَ مان فڪر ۽
فلسفي جا موتي ميڙيا هئا، جن کي جرڪائي شاعري جي
هار ۾ پوتو هئائين. موهن ڪلپنا سندس شاعري لاءِ
چوي ٿو، ”جتي فڪر ۽ گهرائي جو واسطو آهي اُتي اڃا
تائين اهڙو سنڌي شاعر ظاهر نه ٿيو آهي جو سڳن کان
گوءِ کڻي سگهي“
(1).
ڪلام جو نمونو
(2)
پيار کان جيڪي پيار گهرن ٿا،
پيار نه، سودي بازي ڪن ٿا.
شمع جي چپ کي جي نه چمن ٿا،
سي ئي جلن ٿا جلندا رهن ٿا.
پنهنجي ڏاهپ سڀ ڄاڻن ٿا،
ڪي چپ آهن، ڪي ٻهڪن ٿا.
يار سوين تنهن يار تان گهوريان،
جنهن جي غمن سان غم مٽجن ٿا.
پنهنجي ڏسڻ کي ڪيئن سمجهايان،
سهڻا ماڻهو سهڻا لڳن ٿا.
ڇو نه تون لڳندين پيارو پيارو،
تنهنجا ڪنهن سان روش ملن ٿا.
-
منهنجي تن من جي صحت پاڻ لکايو آهي،
ڪوئي سمجهي يا نه، مون عشق ڪمايو آهي.
تنهنجي هن ڏاڻ کان اڳ ۾ نه هيم عشق جي ڄاڻ،
تو مون انسان کي، انسان بنايو آهي.
منهنجي جذبن تي به فرشتن کي رشڪ آيو آهه،
منهنجي چاهت کي تو ائين عرش رسايو آهي.
توکي چاهي سڄي دنيا کي مونکي چاهڻو پيو،
پاڻ ۾ هڪڙي تو عالم کي سمايو آهي.
توکي پاتو مون، مونکي جڳ جي ڪروڙن پاتو،
ٻن دلين جو ائين لايو سجايو آهي.
-
نارائڻ ”شيام“
]15،
جولائي 1922ع –
[
نارائڻ ناگواڻي تخلص ”شيام“ جو جنم ڳوٺ کاهي قاسم تعلقو
نوشهروفيروز ضلع نوابشاهه ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم
نوشهري ۽ انگريزي تعليم نواب شاهه ۾ حاصل ڪئي،
1945ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان بي. اي (آنرس)
جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪاليج واري زماني ۾ ”سنڌي
ادبي سرڪل“ جو خاص رڪن هو ۽ سنڌ ۽ ڀارت ۾ ترقي
پسند شاعري کي مقبول ڪرائڻ ۾ سندس ڪوششن وڏو ڪم
ڪيو آهي.
شيام کي ننڍي عمر کان شاعري سان چاهه رهيو آهي. جڏهن هو پرائمري
اسڪول ۾ هوندو هو ته هڪ ڏينهن سندس ڪلاس ماستر
شاگردن کان پڇيو ته وٽن ڪو ڪافين جو ڪتاب آهي،
ڪنهن شاگرد ماستر کان پڇيو ته سائين، اهو ڪتاب
ڪاڏي ڪندءُ؟ ماستر چيو ته، ”انهن ڪافين جي طرز تي
ڪافيون لکندس.“ شيام جي دل تي انجو گهرو اثر ٿيو ۽
هن به ٻين جي ڪافين جي طرز تي ڪافيون لکڻ شروع
ڪيون. اڳتي هلي هن قومي تحريڪن کان متاثر ٿي انهن
۾ قومي رنگ ڀري سنڌي شاعري کي نئين راهه تي هلائڻ
شروع ڪيو.
”شيام“ جو شاعري ۾ پهريون استاد سندس والد هو، پوءِ هن ڪشنچند
”عزيز“، ”حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي، مولوي محمد
عاقل ”عاقل“ ۽ خاص طرح پرسرام ”ضيا“ ۽ هرومل
سدارنگاڻي ”خادم“ جي صحبتن مان عروض ۽ فن بابت
گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.
ورهاڱي کان اڳ شيام گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ ڪم
ڪندو هو. موجوده وقت 1948ع کان پوسٽ ۽ ٽيليگراف
آڊٽ آفيس دهلي ۾ ملازم آهي ۽ دهليءَ ۾ ئي رهي ٿو،
1977ع کان ساهتيه اڪيڊمي جو ميمبر مقرر ٿيو آهي.
شيام جا هيٺيان ست نظم جا ڪتاب هن وقت تائين شايع ٿي چڪا آهن.
کيس ”واري ڀريو پلاند“ تي ساهتيه اڪيڊمي طرفان
انعام مليل آهي:
1. ماڪ ڦڙا (هري دلگير سان گڏ)
2. پنکڙيون ۽ روپ مايا
3. رنگ رتي لهر
4. روشن ڇانورو.
5. ماڪ ڀنا رابيل
6. واريءَ ڀريو پلاند.
7. آڇيندي لڄ مران. |
ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي
اجنتا پبليڪيشن اجمير. |
شيام سنڌيءَ جو شهزادو شاعر آهي. هن شاعري جي هر صنف تي طبع
آزمائي ڪئي آهي ۽ هر صنف ۾ پاڻ کي اوچو ۽ اڳرو
ثابت ڪيو اٿس
(1).
شيام ڀارت جو اهو شاعر آهي جنهن کي نه صرف ڀارت ۾
سڀ کان وڌيڪ بلڪه سنڌ جي نوجوان ۽ ترقي پسند شاعرن
۾ به تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي. شيام غزل جا
پراڻا پيچرا ڇڏي پنهنجي غزل کي نون خيالن، اُمنگن،
جذبن ۽ انقلابي راهن کان آشنا ڪيو آهي. هو باشعور
۽ جدت طراز شاعر آهي. هن جي ٻولي وڻندڙ ۽ خيال دل
۾ گهر ڪندڙ آهي. شيام سنڌي ساهتيڪ گلشن جي اُها
ڪوئل آهي جنهن پنهنجي ڪنٺ سان نه، هردي سان
سرشٽيءَ، سماج ۽ انسانيت جي سندرتا ۽ مڌرتا نروار
ڪئي آهي
(1).
ڪلام جو نمونو
(2)
صرف غم ئي حيات ۾ آهن،
۽ نه آهي خوشي، ائين ناهي.
رات آهي اُماس جي، ليڪن،
ناهه ڪا روشني ائين ناهي.
منهنجي ٻيڙي ته ٿي ڪپر ڀيڙي،
ناخدا گهٽ ڪئي ائين ناهي.
شوقِ منزل گهڻن کي هو، پرڪو
هليو همراهه ٿي ائين ناهي.
مان ڀڳس پئي ته پيڇو غم کان ڇٽي،
ڪا اڳيان هئي خوشي ائين ناهي.
تنهنجي جهوري ته هئي لڳل جيءَ کي،
پر نه هئي ڪابه ٻي ائين ناهي.
زندگي ”شيام“ غم کان پائي نجات،
سرس سرهي رهي ائين ناهي
(2).
-
ڪيڏو سورن جو سامان،
سک جو هو نه ڪوئي امڪان.
سيتل ڇايا ڪنهن جي ياد،
رڻ جو پنڌ ٿيو آسان.
تنهنجو صدين جو وشواس،
تنهن ۾ منهنجو هاڻ گمان.
ڦوٽو پاڻيءَ جو هو ڪالهه،
اڄ ته اٿاهه سمنڊ انسان.
سر ٽڪرائي ساحل ساڻ،
ماٺو ٿي ويو هر طوفان.
موتيءَ جو هر هنڌ نشان،
پر ڪو سڀ جو نانءُ نشان.
جاڳيو آهين ٿيءُ سجاڳ،
ڪيسين سپنن جو احسان.
صبح ڪ شام جي آهه شفق،
شيام اٿيئي ڏس جو ڌيان
(1).
-
|