سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :57

  

ٻور وانگر ئي ڇڻي وينداسين،

پوءِ به ڪو ميوو بڻي وينداسين،

ڏيري ڏيري ائين دکندي دکندي،

نيٺ ڀنڀٽ ڪو بڻي وينداسين.

(واسديو نرمل)

ڀارت جي سنڌي غزل گو شاعرن ۾ هيئت جي نقطئه نگاهه کان غزل جون اهي سڀ ڳالهيون موجود آهن جي غزل ۾ هئڻ گهرجن پراڻن شاعرن خاص طرح انهن جن سنڌ ۾ مشاعرن ۾ تربيت حاصل ڪئي هئي، يا استاد شاعرن جي صحبت مان فيض حاصل ڪيو هو، جا غزل معيار کان بهتر ۽ بحر ۽ وزن جي تارازي تي پورا آهن، پر نوجوان غزل چوندڙ شاعر بحرن ۽ وزنن جي طرف ايترو ڌيان نٿا ڏين جيترو هنن کي ڏيڻ گهرجي، هنن وٽ خيال کي وڏي اهميت آهي تنهن ڪري عروضي اوڻاين کي درگذر ڪري ٿا ڇڏين. ڪجهه شاعرن وٽ سنڌي لفظن جي تلفظ جون غلطيون به ڏسڻ ۾ به اچن ٿيون جنهن جو سبب پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماحول کان وڇڙي ۽ ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ آهي.

 

ڀارت جي سنڌي غزل پارسي ۽ اردو شاعري واريون رٿيل، ورجايل ۽ ڌپ ڪيل ورجيسن، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن جي مير کي غزل جي جسم تان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري ڀارت جو سنڌي غزل انهيءَ ڪنول وانگر صاف ۽ شفاف ڏسڻ ۾ ٿو اچي جنهن جي منهن کي پرهه جي ماڪ ڌوئي اڇو اجرو ڪري ڇڏيو هجي، اهو ئي سبب آهي جو اتان جي ٻوليءَ ۾ جتي رس آهي، اتي نيون نيون تشبيهون ۽ استعارا به ملن ٿا جن سنڌي شاعريءَ کي سينڌ ۾ سندور ڀري ڇڏيو آهي، جيئن هنن شعرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو:

 

نالي ماتر مان، پوءِ ساڳيو تڙپڻ ۽ روئڻ زارو زار،

هاءِ هي بيڪس جيون ائن آ جئن سڪل ٿڻ تي بکيو ٻار.

(ايم – ڪمل)

 

چتيون لڳل رنگين ڪيڏيون اُن تي آس جون،

هيءَ دل آهي ڪين – ڪا گودڙي فقير جي.

(نارائڻ شيام)

 

زماني جي گردش ۾ تنهنجو خيال،

انڌاري ۾ آ روشني ڪجهه نه ڪجهه.

(هري دلگير)

 

تنهنجيون ڳالهيون به سڀ ائين ”حاسد“،

جئن هجي ٻار چلولو ڪوئي.

(ارجن حاسد)

 

ڀارت جي شاعرن روايتي غزل کان هڪ وک وڌائي نئون غزل لکڻ شروع ڪيو آهي. نئين غزل ٿوري ئي وقت ۾ نه صرف ڀارت ۾ مقبوليت حاصل ڪري ورتي آهي پر ان جو پڙاڏو هت سنڌ ۾ به گونجڻ لڳو آهي.

 

نئون غزل ڇا آهي؟ هيئت جي خيال کان نئين غزل ۽ پراڻي غزل ۾ ڪو به فرق ڪونه آهي، وزن بحر، رديف ۽ قافين ۽ فني لوازمن جي پابندي نئين غزل لاءِ به اهڙي ضروري آهي جهڙي پراڻي غزل لاءِ، فرق صرف فڪر ۽ سوچ جو آهي. هن وقت تائين غزل عشقي، صوفيانه، اخلاقي ۽ ڪنهن حد تائين سياسي نعري بازي جو آئينه دار رهيو آهي پر نئين غزل ۾ هر انهيءَ خيال جو اظهار ڪيو ٿو وڃي جيڪو شاعر جي دل ۾ اُڀري ٿو. هن مادي ۽ مشيني دور ۾ انسان جي زندگي پڻ هڪ مشين مثل ٿي وئي آهي، ان ڪري پراڻا قدر ڏينهون ڏينهن گهٽبا وڃن ۽ اڄ جو انسان خوف، بي يقيني، اڪيلائي، اجنبيت، محروميت ۽ ٻين اهڙن احساسن جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، اهي ئي احساس ۽ جذبا نئين غزل جو روح آهن. غزل ۾ جي دلڪشي فن جي ذريعي قائم رکي ويندي هئي، سهڻيون سهڻيون ترڪيبون ۽ محاورا، تشبيهون ۽ استعارا، معامله بندي ۽ محلڪات سان ئي غزل جي چٽسالي ڪئي ويندي هئي پر نئين غزل ۾ انهن روايتي فني ڳالهين بجاءِ روزمره جي زندگي، سماجي ۽ سياسي زندگي ۽ خارجي اثرن جو عڪس وڌيڪ ڇانيل آهي.

 

نئين غزل ۾ انسان تي پيل دٻاو اُڀرن ٿا. انهن جي شعري ردِعمل ۾ نوان اشارا، نيون علامتون وجود ۾ اچن ٿيون. طنزي انداز بيان، غصي ۽ بي چارگي جو انوکي ڍنگ سان اظهار اهو تخليقي عمل، غزل ۾ نئين فضا کي جنمائي ٿو. فضا جا ذهن کي جهنجهوڙي ٿي ۽ دل کي ڇهاءُ دماغ وسيلي رسي ٿو (1).

 

غزل ۽ نئين غزل جي ڀيٽ ڪري ڏسبي ته معلوم ٿيندو ته هڪ جو ڪم تفريح ۽ ذهني عياشي آهي ۽ ٻئي جو ڪم ذهني پريشانين جي ترجماني آهي.

ٽي وي ٽاور بهي پيو آهه،

شهر جو وقت وڌي پيو آهه.

 

گهر جي ڀتين مان شاڪ اچي ٿو،

تارن جو ڳنڍ ٽٽي پيو آهه.

 

منهنجي چهري تي ڌارون ناهن،

تنهنجو چشمو ڀڄي پيو آهه.

 

گاڏي ليٽ آ، اڄ به بيبو،

ممي ممي ڪري سمي پيو آهه.

 

صحيح ماڻهو صحيح جاءِ تي اڄ،

ڪنهن ڀلايو ڪئن ڀلي پيو آ.

 

ڪالهه جو ماڻهو جهڪيل جهڪيل هو،

اڄ جو ماڻهو ٽٽي پيو آهه.

 

سوچيو، ڪير ٻڏو ڪير تريو،

ڊيم جو بند ٽٽي پيو آهه.

(ايم – ڪمل)

-

ليکراج ”عزيز“

]19 ڊسمبر 1897ع – 19 آگسٽ 1971ع[

ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي تخلص ”عزيز“ جا وڏا زميندار هئا. هن جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. ٽيون انگريزي پڙهندو هو ته هن کي شاعري سان چاهه پيدا ٿيو، جنهن ڪري هن فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي امام بخش ۽ عبدالحي کان حاصل ڪئي.

 

عزيز ننڍي لاءِ ميرچنداڻي گهٽيءَ ۾ رهندو هو. جنهن جي ويجهو نانهين جو پڙ ۽ ٿورو پرڀرو واڍن جو پڙ هو. نانهين ۽ واڍن جي پڙن جي مسجدن ۾ شعر و سخن جو چرچو جاري هو. مرحوم قاسم، مرحوم فاضل شاهه، مرحوم عاجز، مرحوم حافظ سڀ صاحبِ ديوان شاعر ۽ ٻيا گهڻا شاعر اتيئي مقيم هئا (1). عزيز جيتوڻيڪ ننڍو هو پر شعر جي شوق سبب سندن مجلسن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو.

 

عزيز اين.ايڇ اڪيڊمي هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪري بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي داخل ٿيو. بمبئي ۾ هن کي عشق جي چوٽ لڳي ۽ عشق ۾ ناڪاميابي سبب تعليم ڇڏي حيدرآباد ۾ پيءُ جي جواهرات جي دڪان تي ويٺو ۽ مرندي دم تائين شادي نه ڪيائين.

 

عزيز حيدرآباد جي مشاعرن خاص طرح سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جي مشاعرن ۾ وڏي چاهه سان شريڪ ٿيندو هو. هڪ مشاعري ۾ جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي، سندس غزل ٻڌي مرزا قليچ بيگ چيو هو، ”جي عزيز مشق ڪندو آيو ته هڪ ڏينهن سندس جهڙو شاعر سنڌ ۾ ڳوليو مشڪل لڀندو“ (1).

هڪڙي سالياني مشاعري ۾ جنهن جي مصرعه طرح هئي:

”تنهنجو ارمان ڀي پرده نشين، پرده نشين نڪتو“

عزيز شريڪ هو. ٻين شاعرن کان پوءِ عزيز هي مطلع جهونگاريو:

 

نه نڪتو دل مان اڄ تائين وڏو ئي شرمگين نڪتو،

تنهنجو ارمان ڀي پرده نشين، پرده نشين نڪتو.

سندس مطلع پڙهڻ سان مشاعري ۾ بهار ڇانئجي ويو.

ورهاڱي کان پوءِ عزيز پهريان احمد آباد پوءِ بمبئي ۾ اچي رهيو هو، جتي هن کي ڪي.سي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هن زندگي جا پويان ڏينهن سنڌ کي ساريندي اُتي ئي پورا ڪيا.

 

سندس وفات تي واسديو ”نرمل“ هڪ مرثيو لکيو هو جنهن جا ڪجهه اشعار هي آهن:

 

مالهيءَ جان پنهنجو وارو ڄمائي ويو عزيز،

گلشن سڄو اُداس بڻائي ويو عزيز.

 

ڇا نظم باڪمال، ۽ ڇا نثر بي نظير،

هر ڏس ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ويو عزيز.

 

”نرمل“، هو بي مثال ڪا لفظن جي کاڻ هو.

هيرا انهيءَ منجهان ڪي لٽائي ويو عزيز (1).

عزيز نه فقط شاعر هو پر هڪ سٺو ناٽڪ نويس، مضمون نگار ۽ نقاد هو. هن جا ٽي ناٽڪ ”ڪمار اجيت سنگهه“، ”مسٽر مجنون“، ۽ ”غريبان مار“ پنهنجي وقت جا مقبول ناٽڪ هئا. غريبان مار جي ادبي لياقت سڃاڻي سرڪاري (سنڌي ادبي) صلاحڪار بورڊ (سنڌ) وٽان عزيز صاحب کي انعام مليو هو (2).

 

عزيز جي شايع ٿيل ڪتابن مان ڪن جا نالا هي آهن:

 

1.  ڪليات عزيز (1938ع نظم)

2. ادبي آئينو (1941ع مضمون، سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ طرفان    ڪتاب تي انعام ڏنو ويو هو).

3. مصر جي راڻي (مثنوي).

4. صراحي (ساهتيه اڪادميءَ جو انعام حاصل ڪيل).

5. آبشار.

6. پيغامِ عزيز.

7. گل و خار (ڀارت جي سنڌي شاعرن جي ڪلام جو تنقيدي جائزو ورتل آهي).

عزيز انهن شخصن مان هڪ هو جن ڀارت ۾ عربي سنڌي لپي قائم رکڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪئي هئي.

 

عزيز هڪ استاد شاعر هو. هن جو شعر فني لحاظ کان پختو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان پارسي آميز هو. جيئن ته هن کي پارسي شعر جو وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن جي شاعري ۾ پارسي لفظن جي آميزش ۽ خيالن جو اثر هو. ايل.ايڇ اجواڻي چوي ٿو، ”هن کي پارسي ۽ عربي ساڳي وقت سنسڪرت لفظن جي ڄاڻ هئي. هن جي ڏينهن ۾ اهڙو ميل مشڪل هو“ (3).

 

سنڌ جا هندو سندس اهو قدر نه ڪري سگهيا جيڪو هنن کي ڪرڻ کپندو هو. عزيز جي ڀيٽ ۾ هندو ڪشنچند بيوس کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

 

عزيز جو غزل نازڪ خيالي ۽ معنيٰ آفريني جو آئينه دار آهي. هن جي ڪلام ۾ رواني، فصاحت، بلاغت سڀ موجود آهن. هو پنهنجن غزلن کي جتي حسنِ تخيل سان بلندي بخشي ٿو، اتي اُنهن ۾ تشبيهن ۽ استعارن سان سونهن ۽ سوڀيا پيدا ڪري ٿو. هڪ معمولي خيال ۾ به شوخي ۽ اثر پيدا ڪري ڇڏي ٿو. نه فقط قدرتي شعر ۾ سندس قوتِ متخيله قابلِ تحسين آهي، پر غزل توڙي ڪنهن به موضوع تي شعر بي بها لکي ٿو. منجهس رواني ۽ جدت جهجهي آهي (1).

ڪلام جو نمونو

 

ڪهڙا حسين نه زيرِ زمين خاڪ ٿي پيا،

ڪهڙا نه گل نشانئه افلاڪ ٿي پيا.

 

جوشِ جنون جو شور رسيو اڄ عروج تي،

چرچا اسان جا تا سرِ افلاڪ ٿي پيا.

 

دامانِ صبر دستِ زليخا کان ويو هليو،

هٿ جڏهن شوق وصل کان بيباڪ ٿي پيا.

 

منهنجي روئڻ تي آهه ٿيو خندان گل جيان،

ڳوڙها به منهنجا هن جي ڪري ماڪ ٿي پيا.

 

داغِ گناهه آبِ ندامت ڌوئي ڇڏيو،

ڏوهي وهائي پنهنجون هنجون پاڪ ٿي پيا.

 

طوفان غم جي آهه طلاطم ڪيو عزيز،

لڙڪن ۾ دل جگر وهي خاشاڪ ٿي پيا (2).

-

دم سيني ۾، دل پهلو ۾ ۽ روح بدن ۾،

آهن هي ڏکيا تنهنجا سدائين ته ڏکن ۾.

 

لوڪن کان لڪايم ٿي اڳي، هاڻ ڪيان ڇا،

هڪ هڪ ٿي کليو درد بڻجي داغ بدن ۾.

اکڙين ڪيو رسوا، ڇا ڪيو دل نه پريشان،

پنهنجن هي ڪيو، آس رکون ڪهڙي ٻين ۾.

 

ويندي سان وڃين مونکي ٿو بيچين ڪري دوست،

وئين ڪهڙي کڻي شي جو پيس رنج و محن ۾.

 

موليٰ تون ڍڪج، چئني ڪلهن تي کڄيو بيوس،

ڍڪجيو ٿو اچان شرم گناهن کان ڪفن ۾.

 

ناهي ڪي گريبان ۾ عزيز ان ۾ اٿئي سڀ،

ديوانا، هينئر ويهه جهلي پاند هٿن ۾ (1).

-

پرسرام ”ضيا“

(11، جولاءِ 1911ع – 28، آڪٽوبر 1958ع)

 

پرسرام هيرانند سچاننداڻي تخلص ضيا جو ڳوٺ ٽنڊوباگو هو پر هن جو گهڻو وقت نواب شاهه ۽ ڪراچي ۾ گذريو. هن جو جنم غريب گهر ۾ ٿيو ۽ آخر تائين غربت هن جي پٺ نه ڇڏي. غربت سبب هن جي تعليم ٻن ٽن درجن سنڌيءَ کان مٿي ٿي نه سگهي. هو مختلف پريسن ۾ ڪمپازيٽر ٿي ڪم ڪندو رهيو. هن کي ننڍپڻ کان وٺي شاعريءَ سان شوق هو. پهريان تخلص پرسو ۽ پوءِ رنجور اختيار ڪيائين. جڏهن مراد علي ”ڪاظم“ جي شاگردي اختيار ڪيائين ته هن سندس تخلص بدلائي ”ضيا“ رکيو. ان ڏينهن کان ”ضيا“ جي ڪلام جي روشني سنڌ ۾ پکڙجڻ شروع ٿي.

 

هو سنڌ جي مشهور هز ماسٽرس وائس، ”ٽون ۽ ٻين گراموفون ڪمپنين جو گيتڪار هو، سندس گيت ان وقت ڪيترن مشهور ڳائيندڙن جهڙوڪ ماسٽر چندر، مولي ٻائي ۽ ٻين رڪارڊ ڪرايا هئا.

 

1943ع ۾ ”ضيا“ جي شعرن جو مجموعو ”تصوير احساس“ شايع ٿيو، جنهن تي سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ سنڌ طرفان هن کي انعام مليو“ (1). هن نواب شاهه ۾ بزم ادب جو پايو وڌو هو جنهن جي سهاري هيٺ هن 1947ع ۾ ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن جو سيڪريٽري پاڻ هو.

 

ورهاڱي کان پوءِ ”ضيا“ سنڌونگر بمبئي ۾ وڃي مقيم ٿيو. ان وقت سنڌونگر جي حالتن هن جي طبع ۽ شاعري ۾ ڦيرو آندو، هاڻي هو عشق و محبت جو نه پر عوام جو شاعر بنجي پيو. هن ”سپاهي“ ۽ ”سوٽائي“ جي تخلص سان طنز ۽ مزاح واري لهجي ۾ سماج جي اوڻاين تي ڀرپور تنقيد ڪئي، جنهن هن کي جنتا ۾ مقبول ڪري ڇڏيو. 1954ع ۾ هن کي سنڌونگر جي سنڌي ساهتيه سڀا جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو (2)، 1955ع ۾ منعقد ٿيل ايشيائي ليکڪن جي سميلن ۾ هو سنڌي سفارت جو بزرگ فرد هو (3).

 

”ضيا“ جي وفات کان پوءِ سندس هڪ شاگرد ديال ”آشا“ سندس منتخب ڪلام ”آلاپ ضيا“ جي نالي سان ”ضيا ساهت مالها“ طرفان الهاس نگر (ڀارت) ۾ شايع ڪرايو.

 

”ضيا“ هڪ وڻندڙ شاعر ۽ سٺو غزل گو هو. هن جو غزل هن جي اندر جي آهه هو. جنهن ۾ اندروني جذبن جي عڪاسي سمايل آهي. هن جي غزل ۾ جابجا غربت ۽ قسمت جي ستم ظريفي جا نهايت ڏک ڀريا احساس ملن ٿا. هن جي غزل جي ٻولي وڻندڙ ۽ اندازِ بيان شوخ آهي. سندس ڪيترن غزلن جا شعر اهڙا آهن جو بي ساخته زبان تي واهه واهه اچي وڃي ٿي ۽ ٻڌندڙ مست ٿي وڃي ٿو.

ڪلام جو نمونو

مان به هڪ تنهنجي خريدارن مان هوس،

توکي جن طلبيو طلبگارن مان هوس.

جيڪي تنهنجي دل تان ويا وسري صفا،

مان به تن وسري ويل يارن مان هوس.

 

جن کي زر هو، تن ڪري سودو ڇڏيو،

واءِ، مان ڀي ڇو نه زردارن مان هوس.

 

درد جي جيڪي دوا طلبي مئا،

مان به تن بدبخت بيمارن مان هوس.

 

جيڪي هڪڙي جام کان محروم ٿيا،

مان انهن محروم ميخوارن مان هوس.

 

بي خطا هوندي به جي بخشيا نه ويا،

اي ”ضيا“ مان تن گنهگارن مان هوس (1).

-

شاههِ خوبان حسن جي صدقي گدا کان منهن نه موڙ،

مان طلبگارِ وفا آهيان، وفا کان منهن نه موڙ.

 

خنجرِ ابرو سان بسمل جي ڪرڻ چاهين ته ڪر،

پر خدا جي واسطي مشقِ جفا کان منهن نه موڙ.

همنشين جي سچ پڇين ٿو، حسن آ شانِ خدا،

تنهن ڪري بهرِ خدا، شانِ خدا کان منهن نه موڙ.

 

حسن تي جي عشق کي آهه ڪرڻو ڪامياب،

هو ڪري بيشڪ جفا پر تون وفا کان منهن نه موڙ.

 

جي محبت ڏوهه آهي، ڏوهه اهڙو ڪر مدام،

دل لڳائڻ جي خطا آهي، خطا کان منهن نه موڙ.

 

وقت ايندو جو ”ضيا“ جي لاءِ هٿ هڻندين پوءِ،

تنهن ڪري منهن کي مٽڻ وارا ”ضيا“ کان منهن نه موڙ (1).

-


(1)  ايم – ڪمل ”رچنا“ ٽماهي، مضمون، ”نئين غزل تي“ ص 39، سنڌي جوت ائسوسيئيشن بندي اسٽريٽ ڪلڪتو، جولاءِ – سيپٽمبر 1979ع.

(1)  ”نئين دنيا“ ص 12، سيپٽمبر 1971ع.

(1)  ”نئين دنيا“، ص 12، سيپٽمبر 1971ع.

(1)  ”نئين دنيا“ ماهوار، ص 1، سيپٽمبر 1971ع.

(2)  منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ص 188، ڪونج پبليڪيشن، اپولو اسٽريٽ، بمبئي 1.

(3)  ايل.ايڇ. اجواڻي ”هسٽري آف سنڌي لٽريچر“ ص 159، ساهتيه اڪيڊمي، نيو دهلي، 1970ع.

(1)  ميران محمد شاهه ”گلزار خيال“ ص 37، نيشنل اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، 1935ع.

(2)  ليکراج عزيز ”ڪليات عزيز“ ص 6، نيشنل پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، 1938ع.

(1)  نارائڻ شيام، ”غزل“ ترتيب، ص 14، اشوڪ پبليڪيشن دهلي، 1960ع.

(1)  ”نئين دنيا“ ماهوار بمبئي ص 14، ماهه ڊسمبر 1958ع مضمون ”جي جيءَ کي جيارين“ منگهارام ملڪاڻي پروفيسر.

(2)  ”سنڌي شاعري جا پنجاهه سال“ هرچند اجهل، ص 10، ڪلپنا ڪتاب گهر، الهاس نگر، 4، 1971ع.

(3)  ”نئين دنيا“ ماهوار بمبئي ص 15، ماهه ڊسمبر 1958ع منگهارام ملڪاڻي پروفيسر مضمون ”جي جيءَ کي جيارين.“

(1)  ”سي لاهوتي لڏي ويا“ يار محمد ٽانوري ص 31، مڪتبه فروغ ادب، ڪندن اسٽريٽ، ڪراچي -2.

(1)  ”آلاپ ضيا“، ديال آشا ص 33، يگنتر پرنٽري، فورٽ بمبئي – 1.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org