آخوند محمد قاسم ”قاسم“ هالائي
(1806ع– 18 جنوري 1881ع)
آخوند محمد قاسم ولد آخوند نعمت الله تخلص ”قاسم“ پراڻن هالن جي
سانوڻي آخوندن مان هئو، هن جي پيدائش هالن ۾ ٿي.
جواني جي زماني ۾ ڪجهه وقت ٽنڊي باگي جي تعلقه
آفيس ۾ منشي ۽ موري تعلقي ۾ تپيدار هو مگر هن کي
نوڪريءَ مان مزو نه آيو تنهنڪري سرڪاري نوڪري ڇڏي
ڏنائين.
قاسم حيدرآباد ۾ ڪڏهن اچي مقيم ٿيو تنهن بابت مرزا قليچ بيگ چوي
ٿو، ”هو سن 1872ع ۾ آيو ۽ مرحوم مير حسن علي جو
ملازم ٿيو“
(1)
. هو ڪو خاص ڪم ڪونه ڪندو هو خانگي طرح پارسي،
عربي ۽ سنڌي پڙهائيندو هو. هنجا اکر سٺا هوندا هئا
تنهن ڪري ماڻهن کي اجوري تي بورڊ ۽ تختيون لکي
ڏيندو هو، مگر سندس آمدني گهٽ هئي جنهن جو ذڪر
پنهن جي هڪ پارسي شعر ۾ هيئن ڪيو اٿائين:
بس گهه ڪم شغلم ضرورت بيش
زيرِ ڪوههِ حوائجم چون ڪاهه.
مير حسن علي وٽ نوڪريءَ جو ذڪر هڪ شعر ۾ هيئن ڪري ٿو:
مهرباني مير جي جنهن گڏ ڪيو،
ساڻ سنگت مون ڏهاري ڏاهه کي.
(2)
مير وٽان کيس مرزا قليچ بيگ جي لکڻ مطابق چاليهه روپيه پگهار
ملندو هو مگر هو پاڻ پنهن جي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
وهه کهه هر ماهه پنج روپيه نقد
مير صاحب مقررم فرمود
(1).
قاسم خيرپور رياست جي والي مير علي مراد خان، بڙودي، بلرامپور
جي رتلام جي راجائن ۽ رامور جي نواب ڏانهن تعريفي
قصيدا ٺاهي موڪليندو هو، جنهن ڪري انهن کان به
چڱيون بخششون ۽ انعام حاصل ٿيندا هئس
(2).
قاسم، مير حسن علي جي ڪلام جي اصلاح ڀي ڪندو هو، مگر جلد ئي
مير صاحب هن کي ان ڪم کان سبڪدوش ڪري ڇڏيو. هڪ
ڀيرو مير صاحب سيد ثابت علي شاهه جي سلام:
”شاههِ شهيدان حسين توتي سلام“
جو تتبعو ٺاهي رهيو هو مگر هڪ مصرع ٺاهڻ کان پوءِ ٻئي مصرع ٺاهڻ
جي ڪوشش ڪيائين، ليڪن مصرع موزون نه پئي ٿي. ان تي
آخوند قاسم عرض ڪيو قبلا مون کي اجازت ملي ته ٻي
مصرع آءٌ عرض ڪيان، مير جي اجازت تي آخوند هيٺين
مصرع پيش ڪئي:
”چال چڱي سان چوان توتي صلوات و سلام“
مير صاحب مصرع ٻڌي ان وقت ماٺ ڪئي، ليڪن شام جو کيس چورائي
موڪليائين توهان پنهن جي جاءِ تي وڃي رهو اسين
توهان کي گهر ويٺي پگهار ڏياري موڪلينداسين
(1).
قاسم جواني ۾ شادي ڪئي هئي، جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪانه هئي تڏهن
به زال جي وفات کان پوءِ ٻي شادي ڪانه ڪيائين.
آخوند محمد قاسم پنجهتر ورهين جي عمر ۾ سن 1881ع ۾ حيدرآباد ۾
وفات ڪئي، سندس تربت نئين مقام ۾ موجود آهي. ميان
امام بخش ”خادم“ شڪارپوري سندس وفات تي مرثيو لکيو
هو جنهن ۾ سندس وفات جو سال بيان ڪيو هئائين. ان
مرثئي جا ڪجهه شعر هي آهن.
افصح الفصحاء قاسم لئي عيان،
ٿو روئي پڻ نيلگون ڏس آسمان.
ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏي بقا،
رب عطا ان کي ڪري خلد جنان.
جنوري جي ارڙهين منگل جو وار،
سال ارڙهن سو اڪاسي هو روان.
عيسوي اهو ٿيو هجري به ٻڌ،
سن يارهن سو اٺانوي چوان.
خادما آمين جو چو ڪر ماٺ هاڻ،
ڪين سگهندين تون ڪري وصفش بيان
(1).
قاسم پارسي ۽ عربي جو وڏو عالم هو. هو شروع کان وٺي پارسي ۾ شعر
چوندو هو. حيدرآباد ۾ مقيم ٿيڻ کان پوءِ هن فاضل
شاهه، جنهن سان هن جي گهاٽي ياري هئي، جي ترغيب تي
سنڌي شعر چوڻ شروع ڪيو. ديوان قاسم جي پهرين ڇاپن
۾ پڇاڙيءَ وارن پارسي قطعن ۾ هن ان ڳالهه جو اظهار
ڪيو آهي.
چو در فارسي نغز دانم سخن
سوءِ نظم سنڌي خيالم نه بود.
ولي سعي فضل شه نيک خو
به سندهي سخن ميل طبعم فزود.
قاسم ”مفرح القلوب“ نالي هفتي وار پارسي اخبار جو خاطو به هو ۽
سندس پارسي غزل، قصيدا ۽ مثنويون به ان اخبار ۾
شايع ٿيندا هئا تنهن ڪري هن جي شاعري جي مشهوري
سنڌ، هنڌ، افغانستان ۽ ايران تائين پهچي وئي. جڏهن
1866ع ۾ سنڌ سڌار نالي هفتيوار سنڌي اخبار شايع ٿي
ته ان ۾ هن جا سنڌي غزل ۽ قصيدا شايع ٿيڻ لڳا،
جنهن ڪري هن جو سنڌي شاعري ۾ به نالو مشهور ٿي
ويو. نه فقط عوام پر شاعر به سندس سخن تي داد ڏيڻ
لڳا. ٻه ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا.
عبداللطيف ٺٽوي:
قاسم جهو نه ڄاڻان سگهه سرت جي سڃاڻان،
سورهه اڳيائين ساڻان ڪمزور ڪل ڪرارا.
محمد امين شڪارپوري:
شعر گوئي ۾ نه مٽ قاسم جي ڄاڻان ڪو ٻيو،
جو ٿا ڪن ان جي ثنا عرب و عجم يونان ۾
(1).
قاسم انهن پهرين شاعرن مان آهي جن سنڌي غزل جي نئين اسريل ٻوٽي
جي شوق سان آبياري ڪئي ۽ ان کي وڏي چاهه سان تاتيو
۽ نپايو. گل کان پوءِ قاسم ئي اهو غزل گو شاعر آهي
جنهن جي غزل جي ڌاڪ ساري سنڌ ۾ ڄمي وئي. اهو پتو
نٿو پوي ته قاسم کي ڪا مجاز جي ميخ لڳي هئي البت
سندس هيٺين غزل مان شڪ پوي ٿو ته هو حڪومت راءِ
نالي ڪنهن شخص سان محبت ڪندو هئو. هڪ ته غزل جو
انداز عاشقانه آهي ٻيو ساڳي غزل ۾ صنعت توشيع
استعمال ڪري پنهن جي نالي سان گڏ حڪومت راءِ جو
نالو به استعمال ڪيو آهي.
محب محبوب منهن مٺو منٺار
حال واقف حبيب يڪ دل يار.
حال هيڻو ڏسي من ۾،
ڪهل ڪا من ڪري ڌئل دلدار.
مان سان محب مان فرمائي،
واسطي عاشقن پريت پيار.
دل سنديم، جا سدا رهي مشتاق،
من ڏسي دوستن سندو ديدار.
قرب مون سان رکيو جڏهن معشوق،
ترت تن ۾ ڪيم طلب تڪرار.
اڄ اسان جو اچي قريب ڪيو،
رحم سان رفع درد جو دشوار.
سرڪ سڪ جي هٿان پيارل پيءُ
اهک اندوهه سڀ لٿم آزار.
مون سندي من سندي کلي مکڙي،
آئيو اڄ عجيب برهه بهار.
وٺ ٻنهي مصرعن اکر اوليٰ،
تادو اسمي اچي ٿئي اظهار.
قاسم مجاز ۾ مبتلا هئو يا نه هئو پر سندس ڪلام ۾ برهه جو بيان ۽
عشق جو اظهار آهي. هن جا غزل عاشقانه مضمونن سان
گڏ صوفيانه اخلاقي ۽ ناصحانه نڪتن جا آئينه دار
آهن. هن جي غزلن ۾ ساقي ۽ شراب، مي و ميخانه، گل ۽
بلبل، شمع ۽ پرواني وارو ايراني اثر نظر نٿو اچي،
هو عشق جي معاملن کي اشارن ۽ ڪناين بجاءِ صاف صاف
لفظن ۾ بيان ٿو ڪري.
قاسم جي ٻولي خليفي گل واري ٻوليءَ کان گهڻي سولي ۽ عام فهم
آهي، جنهن ۾ پارسي ۽ عربي لفظن جي هلڪي آميزش آهي.
هن کي پارسي خاص طرح عربي تي ايترو عبور حاصل هئو
جو هن سنڌي غزلن ۾ جابجا عربي مصرع استعمال ڪيا
آهن جو ڪڏهن ڪڏهن ائين پيو محسوس ٿئي ته سنڌي نه
پر عربي غزل آهن. قاسم جي ڪلام ۾ سلاست، رواني ۽
اثر آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
هيئن وڏي سڏ ٿو چوان جنهن پر ڪري ٿو گوڙ گهنڊ
آءٌ پرين سان، پرين مون سان گڏيا جيئن کير کنڊ.
مون سندو محبوب محبوبن اڳيان آهي ائين،
تاءُ تارن جي اڳيان جيئن ٿو ڪري چمڪار چنڊ.
باس باسي برهه وارو بار مون سر تي کنيو،
جيئن ته جوشن جو رکيم ڄاڻي مٿي جيءَ جان جنڊ.
ننڊ ۾ ناقص رهي ڦليار ۾ ڦوڪون ڏئي،
ري عبادت جي رهڻ آهه اجايو گوڙ گنڊ.
نانگ ناتي جي ڏنگيم جيئن ڏيل منهنجو پيو ڏري،
ماڻ ڪنهن مانڊاڻ سان مانڊيءَ هنيم محبوب منڊ.
اوچتو منهن جي اکين مان آب تيئن جاري رهي،
جيئن پوي ڪنهن ويل وهندڙ واهه کي ڪو کاٻ کنڊ.
نفس نافرمان تت نادان آ مارو آ اپر
گر کجي لاءِ خلق کارڻ، ٿو اچي آڏو اهنڊ.
ڪير تون قاسم ڪهي، من من سندا مطلب لهي،
ڪير تن کان ڪيئن رهي، هي دوست در ڀٽ ڀان ڀنڊ.
-
محب مون کي وڃ مَ ماري الغياث
ساڻ نيڻن جي نظاري الغياث.
چشم تنهنجا چاهه چس چور ڪن،
عاشقن جي دل ڌتاري الغياث.
پرت وارن کان مَ پوءِ تون پل پري،
برهه واري باهه ٻاري الغياث.
سوز کان سسئيءَ چيو ووءِ ووءِ ويا،
ڪالهه ڪيچي اٺ قطاري الغياث.
مان اندر آرام عالم جو لٽيئي،
سان اکين جي هڪ اشاري الغياث.
زلف تنهن جي زهد وارن کي نيو،
صبر جو سامان ساري الغياث.
ويهه نه مون کان ويسلو جاني جيئن،
ساهه مون تولاءِ ساري الغياث.
قلب قاسم جو جدائيءَ ۾ جهڄي،
گوندرن سان گڏ گذاري الغياث.
-
|