سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :29

 

”عقل وارن جو ڪاروبار عبث“

شام جو سندس ڀائٽيو ميان غلام عباس جوش وٽس آيو چيائين ته اوهان مشاعره لاءِ سڄو غزل تيار ڪيو آهي باقي مقطع ۾ مصرع طرح تي گرهه رهيل آهي مهرباني ڪري اهي تيار ڪري ڏيو ته غزل مشاعره ۾ پڙهيو وڃي. قادري في البديهه مصرع طرح تي گرهه لڳائي مقطع هيئن بيان ڪيو:

ڪم جو ڪري ٿي قادري تقدير،

عقل وارن جو ڪاروبار عبث.

تقدير پنهنجو ڪم ڪري چڪي هئي، ڊاڪٽرن جي دماغن ڪم نه ڪيو، قادري ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين بجي ڌاري هن بزمِ دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪئي. سندس وفات تي لال چند مجروح هڪ پرسوز مرثيو لکيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي محمد عاقل ۽ جمع خان غريب، وفات تي قطعه تاريخون لکيون جن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿيون:

مرثيه (1)

 

هاءِ هائي، ويو اڄ اسان کان موڪلائي قادري،

هن جهان فاني منجهان برقعو مٽائي قادري.

 

يار ويس ۽ دوست دلبر دل گهريو دلدار هو،

سڪ سچي مٺڙي محبت ويو مٽائي قادري.

 

بيڪران سو بحر هو علم و عمل صاحب عقيل،

ويو هميشه فيض جا موتي لٽائي قادري.

 

ڇا چوان شعر و سخن ۾ مٽ نظامي ۽ عطار،

ڪير هاڻي دم هڻي ثاني چوائي قادري.

 

خوش مزاج ۽ بردباري ۾ بلاشڪ بي نظير،

رنج راحت ۾ قدم يڪسان اٺائي قادري.

 

گلشنِ شعرا سندو هر وقت شائق باغبان،

هر جڳهه گل شاعري ويڙو ڄمائي قادري.

 

داغ فرقت ۾ دلِ احباب ٿي صد چاڪ چاڪ،

درد غم جو ويو سدا ڀالو لڳائي قادري.

 

ٿو گهري مجروح دم دم هي دعا درگه خدا،

شال جنت ۾ سدا ديرو ڄمائي قادري.

-

 

شاعرِ بي مثال جامع ڪمال       1359 هه

شاعرِ بي مثال طوطي مقال.      1359هه

(حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)

-

عاقلي چون ز پئي کتبئه لوحِ قبرش،

از خرد کرد طلب مصرعِ تاريخِ وصال.

 

وقت و روز وسن و تاريخِ مهش يکجا گفت،

فجري از يومِ احد هم نهم از شهرِ شوال.

(مولوي محمد عاقل) (1)

 

هاءِ فرقت علي محمد پير،

ٿي وئي هر ڪنهين جي دل مغموم،

 

نائين تاريخ صبح مہِ شوال،

حڪمِ حاڪم جي تي رسيو محڪوم.

 

 

 

آخرِ زندگي وئي ٿيو سال،

قبر پر نور قادري مرحوم (1).

1359هه

 

(جمع خان غريب)

قادري جو ڪيترو ڪلام اڃا قلمي صورت ۾ آهي، سندس ڇاپيل ڪتابن ۾ حسن و عشق (داستان 1906ع)، ليليٰ مجنون (مثنوي 1926ع)، ديوان قادري (1939ع) ۽ گلدسته نعت قابلِ ذڪر آهن.

قادري جي شاعري سانوڻ جي مينهن جي انهن بوندن مثل آهي جن جي ڪرڻ سان ڌرتيءَ جي هڪ وڻندڙ خوشبو چوطرف پکڙجي ويندي آهي. هو بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي هن جي دل ۽ دماغ تي حقيقي محبوب ۽ سندس پيارن جي محبت ڇانيل آهي، تنهن ڪري سندس ڪلام تصوف جو آئينو آهي. سنڌ جو ڪوبه اهڙو غزل گو شاعر ڪين آهي جنهن پنهنجي غزلن ۾ تصوف کي ايتري قدر بيان ڪيو هجي، جيترو قادري ڪيو آهي، قادري وٽ مجاز گهٽ تصوف ئي تصوف آهي. هن جي ڪلام ۾ هڪ خاموشي سان وهندڙ نديءَ واري رواني آهي. هن جو اندازِ بيان صبح جي نون ڪرڻن وانگر دلفريب ۽ هن جي خيالن ۾ جادوءَ جهڙو گهرو اثر آهي. هن جي ٻوليءَ تي پارسي ۽ عربي لفظن جي گلڪاري آهي، ڪٿي ڪٿي اهي لفظ اڄ جي پڙهندڙن لاءِ مشڪل ٿي پون ٿا.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

ڪري ميخاني ڏي ساقي جي مسجد کان گذر پنهنجو،

ڇڏي مسجد ڪري زاهد پٺيان ان جي سفر پنهنجو.

 

منهنجي دل تنهنجو گهر آهي، اچي رهه گهر ۾ اي دلبر،

سوا تنهنجي ڪيو غم آهي تنهنجي گهر ۾ گهر پنهنجو.

 

سوادِ زلف مشڪين يار جي ڪئي طبع سودائي،

نصيحت واعظن جي ڇا ڪندي هاڻي اثر پنهنجو.

 

اچي جي باغ ۾ هو شمع رو گل کي ڇڏي بلبل،

رهي پروانو ٿي ان تي جلائي بال و پر پنهنجو.

 

سهي قامت، ڪبڪ رفتار، گلرو آيو گلشن ۾،

ڦڪو ٿيو گل ڏسي ان کي نوايو سرو سر پنهنجو.

 

لکان جي حال دل، ڪاغذ سڙي ٿو آهه سوزان سان،

پسي ڳوڙهن سان خط، جي ٿو لکان حالِ جگر پنهنجو.

 

 

 

کٽي ٿي ڪينڪي غم جي شبِ ديجور ياالله،

لڪايو رات پردي ۾ الائي ڇو سحر پنهنجو.

 

خدا يا التجا آهي، ايها جو سيدالڪونين،

ڪري هن قادري کي ملتي روزِ حشر پنهنجو.

-

لڪائين مون کان ٿو رخسار هي ڇا،

رهين ٿو دل ۾ عنقاوار هي ڇا.

 

تنهنجي آئينه رو تي مان حيران،

تون منهنجي عڪس کان بيزار هي ڇا.

 

رهين مخفي ٿو تون نفسن ۾ ليڪن،

ڏسان جاڏي ته تون نروار هي ڇا.

 

مڙهي مسجد ۽ ديول بتڪدهه ۾،

ڏٺم جلوو رخِ دلدار هي ڇا.

 

چري هڪ پن نٿو حڪمِ خدا ري،

چون آهي بشر مختار هي ڇا.

 

 

 

مروت ۽ وفا جو هن جهان ۾،

نه ڏسجي ٿو ڪو هڪ آثار هي ڇا.

 

اتي خلوت ۾ بي غم قادري هو،

کنيائين هت غمن جو بار هي ڇا.

-

 

مرزا قربان علي بيگ ”قربان“

(1872ع – 12 مئي 1932ع)

مرزا قربان علي بيگ ولد مرزا قاسم علي بيگ تخلص ”قربان“ حيدرآباد جي محلي ٽنڊوآغا ۾ تولد ٿيو. هن پنهنجي ڏاڏي آخوند علي محمد جي مدرسي مان عربي، پارسي، سنڌي ۽ اردو جي تعليم حاصل ڪئي. شاعري ۾ مولوي سيد ابوالقاسم لکنوي، جنهن کي مير حسن علي خان ٽالپر گهرايو هو ۽ مرزا فتح علي بيگ کيس ٽنڊي آغا جي امام بارگاهه ۾ اچي رهايو هو، جي شاگردي ۽ پنهنجي والد کان فيض حاصل ڪيو.

 

”قربان“ شروع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي پر مير نور محمد خان ۽ مرزا ٻڍل بيگ جي اصرار تي اها نوڪري ڇڏي اچي مير صاحب جو منشي ٿيو هو. ڪتابت؛ خطاطي ۽ نقش نگاري جي فن ۾ نهايت ماهر هو. مرزا ٻڍل بيگ ۽ مير نور محمد جي لئبرري جا ڪيترا ڪتاب سندس هٿ جا لکيل آهن.

 

”قربان“ کي سير و سياحت جو به شوق هو، عراق ۽ ايران ۾ ڪيترن زيارتن کان مشرف ٿيو هو. مرزا حسن علي جي جنازي سان ڪربليٰ معليٰ ويو هو، 1918ع ۾ جڏهن مرزا ٻڍل بيگ جي جنازي کي مير نور محمد ڪربليٰ معليٰ کڻائي ويو هو تڏهن به مرزا صاحب ساڻن گڏ هو ۽ اهو سفرنامو نثر ۾ لکيو هئائين (1).

 

قربان مرثيه، مناجاتون، مناقب، نعتون ۽ غزل لکيا آهن، هن کي شاعري تي وڏي دسترس هئي، مير علي نواز ”ناز“ جي ڪلام جي به اصلاح ڪندو هو (2). هن جي غزلن ۾ رواني، زبان جي صفائي، اندازِ بيان ۽ خيالن جي رنگيني سڀ ملن ٿا. هو پراڻي خيال کي به نئين انداز ۽ نئين ڍنگ سان پيش ڪري ٿو تنهن ڪري اهو پراڻو خيال به پسنديده ٿيو پوي.

ڪلام جو نمونو (3)

اگر مهربان جانِ جانان ٿي وڃي،

ته سامانِ راحت عيان ٿي وڃي.

ڪيم هن جي لبهائي شيرين جي وصف،

ڀلا ڇو نه شيرين زبان ٿي وڃي.

 

ڪيم هن ڪري وصل جي لئه نه ضد،

خفا منهنجو دلبر متان ٿي وڃي.

 

يقين آهه پٺتي نه هٽندو قدم،

سرِ عام جي امتحان ٿي وڃي.

 

ڏسي رخ تي زلفِ پريشانِ يار،

نه ڇو قلب منهنجو تپان ٿي وڃي.

 

هي پيغام منهنجو ڪو هن کي ڏئي،

ته قربان چوي ٿو هتان ٿي وڃي.

-

يارجي هن ڪج ادائي کي ڏسي،

دل ٿي نالان بيوفائي کي ڏسي.

 

سر جهڪايو شرم کان اڄ شاخِ گل،

يار جي نازڪ ڪرائي کي ڏسي.

 

فڪر منهنجو ڪجهه وڃي ٿيندو رسا،

هن جي زلفن جي رسائي کي ڏسي.

 

بحر ۾ ٿيو دستِ مرجان آب آب،

پنجئه دستِ حنائي کي ڏسي.

 

مان ته ڇا آئينه پڻ سڪتي ۾ آهه،

هن جي عارض جي صفائي کي ڏسي.

 

مون ڇڏي قربان بتن سان دوستي،

بيوفائي ڪج ادائي کي ڏسي.

-

 

محمد حيات شاهه ”حافظ“

]1875ع – 26 ڊسمبر 1955ع[

سيد محمد حيات شاهه ولد سيد عالم شاهه ضلعي جهنگ پنجاب ۾ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ڪجهه وقت کان پوءِ تخت هزارا لڳ ڏاڏائي ڳوٺ سيد پور ۾ وڃي رهيو. هن جي محبت پنهنجي ماسات سلطانه بيگم سان هئي ۽ ٻنهي جو مڱڻو به ٿيل هو مگر قدرت سندن ميل منظور نه هو سلطانه بيگم جي شادي ٻي هنڌ ٿي وئي. ان صدمي ٻنهي سلطانه بيگم ۽ حيات شاهه کي جهوري رکيو. سلطانه بيگم جلد وفات ڪري وئي ۽ حيات شاهه وطن جي وڻن کي الوداع چئي هندستان جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ خاطر ڦرندو رهيو. مارواڙ جي بانوترا ڳوٺ ۾ سخت بخار سبب اکين جو نور وڃائي ويٺو. 1910ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪوٽڙي ۾ مبين جي جامع مسجد ۾ اچي رهيو، 1913ع ۾ سندس واقفيت محمد موسيٰ ”راز“ ۽ عبدالله ”خواب“ جي والد علي بخش سان ٿي جيڪو کيس پاڻ سان حيدرآباد وٺي آيو ۽ پوءِ هو هميشه لاءِ حيدرآباد جو ٿي ويو. جنهن لاءِ چوي ٿو:

مونکي سر زمين سنڌ ۽ هند مان

وڻي سڀن کان حيدرآباد سنڌ.

هو هميشه چوندو هو ته منهنجو ”اباڻو وطن پنجاب آهي ته منهنجو وطن سنڌ آهي.“

 

حافظ حيات شاهه حيدرآباد جي مشاعرن خاص طرح سنڌي مسلم سوسائٽي جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرحن تي پنهنجا غزل موڪليندو هو، هڪ ٻه ڀيرا خليل ۽ واصف سان گڏجي ادبي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئائين. سندس لکيل ڪتاب ”داستان غم“، ”وڇڙين جو ميلو“ ۽ ”ديوان حافظ“ شايع ٿي چڪا آهن.

 

حافظ حيات شاهه مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي مگر غزل سندس دلي جذبات جو آئينو آهي، هن کي جيڪو عشق جو صدمو رسيو هو تنهن هن جي اندر ۾ سوز ۽ گداز پيدا ڪري رڳن کي رباب بنائي ڇڏيو هو. هن جي غزل ۾ سادگي، صفائي ۽ سلاست آهي. جيتوڻيڪ هن جي مادري زبان ٻي هئي پر هن کي سنڌي زبان تي پورو عبور هو، هن سنڌي اصطلاح ۽ محاورا اهڙي چست نموني استعمال ڪيا آهن جو هن جو ڪلام پرلطف ٿي پيو آهي.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

اسان جي خواب ۾ دلڙي کسي اشارن سان،

وڃي تو نيهن اڙايو ٻين پيارن سان.

 

رکي اڏي تي مٿو جو ڊڄي نه ڪاتن ڀر،

ڪجي نه چڻنگ جو سانگو ويهي لهارن سان.

 

جگر جو خون پيئڻ لئه ۽ خار کائڻ لئي،

لڳائي دوستي ڄاڻي مون گل عذارن سان.

 

بهار آئي چمن ۾ وري ٽڙيا گل ڦل،

ڪيو جگر مون رتوڇاڻ خار خارن سان.

 

جو سور سيني ۾ سانڍي رکيم حياتيءَ سين،

مرڻ کان پوءِ سليندس سو قبر وارن سان.

 

به وقت پيري اي حافظ هڻين پيو هٿڙا،

اجايو نينهن اڙايو تو هاءِ ٻارن سان.

 

-

دلبر جو منهنجي اچڻ ٿئي ته وڏو بخت،

يا منهنجو سندس در تي وڃڻ ٿئي ته وڏو بخت.

 

يا زهر محبت سان مرڻ ٿئي ته وڏو بخت،

يا قرب جي ڪاتي سان ڪسڻ ٿئي ته وڏو بخت.

 

هٿ يار جي هٿ ۾ هجي سر موت جي سٽ ۾،

هيءُ نينهن سندو ناز پسڻ ٿئي ته وڏو بخت.

 

پڪ آهه مئي روح ته روحن کي ملن ٿا،

پر جيئري انهي جڳ ۾ ملڻ ٿئي ته وڏو بخت.

 

جيئري سو ستمگر نه ڪڏهن آيو پڇڻ لئي،

ڪانڌي جي مرڻ بعد سڄڻ ٿئي ته وڏو بخت.

 

حافظ هي ويا هند ۾ سٺ سال عمر جا،

ڪو دم جي مديني ۾ رهڻ ٿئي ته وڏو بخت.

-


 

مولوي حاجي احمد ”ملاح“

(1877ع – 19 جولائي 1969ع)

مولوي احمد ولد ناگيو ملاح، تخلص ”احمد“، بدين تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ ڄائو. سندس خاندان مان ڪوبه پڙهيل ڪونه هو، پاڻ به مال چاريندو هو، قدرت کي هن کي علم سان مالامال ڪرڻو هو تنهن ڪري هن جي دل ۾ علم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، پاڻ چوي ٿو:

ڍور چاريندي اچي ويو اوچتو مون کي خيال،

علم ري انسان کي ڪجهه ناهي عزت احترام.

قرآن شريف ۽ نورنامي جي تعليم ٻهڊمي جي ڀرسان حاجي عبدالله منڌري کان ورتائين. پوءِ ڀڳڙا ميمڻ تعلقي بدين ۾ مولوي محمد هاشم ڪڇيءَ وٽ فارسي پڙهيو. عربي زبان جي تعليم ڪڍڻ، سجاول، رپ ۽ ٻين هنڌن حاصل ڪيائين. شاهه قادري جي درگاهه تي مولوي محمد اڪرم کان پڻ عربي ۾ فيض حاصل ڪيائين. آخر ناگو شاهه نالي مڪتب ۾ دستاربندي ڪيائين.

 

دستاربندي کان پوءِ ڪنڌي، گولي مندي، لاکو پير، ٻهڊمي ۽ آخر بدين ۾ ”مظهرالعلوم“ مدرسي ۾ تعليم ڏيندو رهيو، 1942ع ۾ اتي وهابي ۽ سني جماعتن جي وچ ۾ مباحثو ٿيو، تنهن ڪري درگاهه شاهه قادري جي سجاده نشين پير عالي شاهه کي مدرسي جون ڪنجيون ڏئي هليو ويو. غريب آباد (بدين) ۾ مدرسي جو بنياد رکيائين، جيڪو هاڻي مسلم اسڪول سڏجي ٿو.

مولوي احمد ملاح خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پنهنجن تحريرن، تقريرن ۽ شعرن وسيلي هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيائين، جنهن جي نتيجي ۾ انگريز سرڪار کيس جيل ۾ بند رکيو. هو بدين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو هو. لنواري واري حج خلاف به هن وڏي جدوجهد ڪئي. بدعت پکيڙيندڙ ملن ۽ پيرن خلاف هن جو نالو تلوار بڻجي پيو.

مولوي صاحب ڪيترا ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ۽ ترجمو ڪيا آهن. انهن مان ڪي هي آهن:

 

معرفت الله، 2. گلزار احمد، 3. گلشن احمد، 4. نورالقرآن، 5. هيڪڙائي حق، 6. فتح لنواري، 7. شرڪ چٽ، 8. بياضِ احمد، 9. قرآن شريف جو منظوم ترجمو، 10. ديوان احمد.

مولوي صاحب جي تصنيفن ۾ قرآن شريف جو منظوم ترجمو بيتن ۾ ٿيل آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي.

مولوي احمد ملاح هڪ پُرگو فصيح شاعر هو. هن جي غزل جون خاص خوبيون سلاست ۽ رواني آهن. جيتوڻيڪ هو عربي ۽ فارسي جو عالم هو تاهم هن ٻنهي زبانن جي شاعري جو ايترو اثر نه ورتو آهي جيترو سندس دور جي ڪن ٻين شاعرن.

ڊاڪٽر غلام علي الانا سندس شاعري لاءِ چوي ٿو، ”سندس سنڌي شاعري ٻولي، لغت جي ڄاڻ ۽ ٻين انيڪ خوبين سان ڀريل آهي“ (1).

ڪلام جو نمونو (2)

 

حسن وارا ڪئين هزارين منجهه هنيين تون هيڪڙو،

جاءِ بجاءِ گڏجانءِ، جاني، جبين تون هيڪڙو.

 

ڪوهه ڄاڻان، آهه ڪهڙو، مون ڪميني جو قصور،

اڳ هنيون لائين هنيين، اڄ هٿ ڏين تون هيڪڙو.

 

خلق خوشبو شهر ۾ مڻ کٿوري جا کپائي،

وار ڇوڙي ولهه مٿي، واسي ويين تون هيڪڙو.

 

گلِ گهر، سج چنڊ تارا، هنجهه هرڻ، حورون پريون،

سي مڙئي مقصد ٻين، مقصد ميين تون هيڪڙو.

 

خلق منهنجي خون پٺيان، خان خطرو، جان ناهه،

راڄ ساري کي رسان، جي رس ٿيين تون هيڪڙو.

 

ڪيئن اکيون اوري کڻن، ”احمد“ نه اک ان ڏي کڻي،

پر نهارڻ سان نهوڙيو، دل نيين تون هيڪڙو.

-

تون وسارين، مر وسارين، آئون وساريان ڪنهن طرح،

تون نه سارين، ور نه ساريين، آئون نه ساريان ڪنهن طرح.

 

اک کڻي هن حسن ڏي، جنهن جو هنيون هٿ ۾ هجي،

دل نهارڻ سان نهوڙيو ني نهاريون ڪنهن طرح.

 

منهن اونڌاري، منهن ڏيکاري، دوست ڌونرو ڏينهن ڪيو،

شهر واسيو، شمس راسيو، شمع ٻاريان ڪنهن طرح.

 

دل ڦري وئي دوست دلبر، درد دل جو دل اندر،

تو پري پارن تي پاڙي ۾، پوڪاريان ڪنهن طرح.

 

تو سنواريا وار، دل ويئي ورن وچ ۾ اچي،

دل ويل وارڻ گهران، پر وار واريان ڪنهن طرح.

 

هو املهه ڏسيو آها ها، عقل ”احمد“ کي ڇڏي،

پاڻ سنهڻين صورتن سامهون سڌاريان ڪنهن طرح.

-


(1)  ”ڪليات مجروح“ قلمي ملڪيت غلام نبي شيخ لاڙڪاڻو.

(1)  ”اديب سنڌ“ ماهوار، ماهه مئي 1942ع

نوٽ: هن قطعه تاريخ ۾ ساڳي مصرع مان وفات جو وقت، ڏينهن تاريخ مهينو ۽ سال ظاهر ٿئي ٿو.

(1)  ”الحقيقت“ هفتيوار ص 4، تاريخ 30 نومبر 1940ع.

(1)  ”ديوان قادري“ ص 113 ۽ 18، قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو 1939ع.

(1)  ”نئين زندگي“، ماهوار ص 29، نومبر 1968ع، علي احمد قاضي، ڊاڪٽر مضمون ”مرزا قربان علي بيگ قربان.“

(2)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر، سنڌ ۾ اردو شاعري، ص 252، ڇاپو ٻيو.

(3)  ”ڪليات قربان“ قلمي ملڪيت مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد.

(1)  سيد حافظ، ”ديوان حافظ“ ص 107 ۽29، آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد، 1950ع.

(1)  غلام علي الانا خواجه ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ص 323، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1977ع.

(2)  احمد ملاح مولوي ”ديوان احمد“ ص 260 ۽ 102، حيدري پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 1974ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org