سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :27

  

سنڌ جي مسلمانن تي مسلم ليگ جو وڏو اثر هو، هنن پنهنجو ويل وقار وري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ علحده رياست قائم ڪرڻ ٿي چاهي، تنهن ڪري مسلمان شاعرن مسلمانن ۾ بيداري، وڃايل وقار ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي تبليغ ٿي ڪئي. هنن جي خيالن تي علامه حالي ۽ علامه اقبال جي خيالن جو گهرو اثر هو، تنهن ڪري هنن پنهنجي غزل ۾ ساڳيو قوم پرستي جو رنگ ڀريو. ان ڏس ۾ غلام احمد نظامي، حاجي محمود خادم، ميان غلام عباس ”جوش“، حافظ عبدالله ”بسمل“ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

 

او فداءِ عيش و عشرت نوجوان بيدار ٿي،

پي مئي توحيد جي مخمور ٿي سرشار ٿي.

 

ٿي نه اي مردِ مجاهد غير جو احسانمند،

ڪر نه تون اسلام کي بدنام غيرتدار ٿي.

(غلام احمد نظامي)

 

اي جوش نه ڪر فڪر اجهو ايندو سگهوئي،

اسلام جي توقير ۽ غلبي جو زمان نيٺ.

(غلام عباس جوش)

 

ڪالهه پنهنجو اي مسلمانو ڇا عاليشان هو،

جابجا هر قوم ۾ ڪهڙو اسان جو مان هو.

 

اڄ اسان جو آ تنزل هر ڪو آهي خنده زن،

ڪالهه پنهنجي هئي ترقي هر بشر حيران هو.

(نواز علي ”نياز“)

 

جيتوڻيڪ هن دور جي شاعرن ۾ قومي ۽ اسلامي جذبو وڌيڪ هو تڏهن ڀي هنن جي دلين ۾ پنهنجي سنڌ سان به محبت هئي جنهن جو اظهار هنن پنهنجي غزلن ۾ به ڪيو آهي ۽ اهو سنڌي قوم پرستي جو اهو سلو هو جو ورهاڱي کان پوءِ وڌي وڻ ٿيو.

 

منهنجي وطن جو نقشو آ جنت جي باغ جو،

طوطن کان مان ان جي زياده آ زاغ جو.

 

اي سنڌ ديس تنهنجون سدا سبز ماٿريون،

ڪشمير کان وڌيڪ سندءِ رتبو راغ جو.

 

خورشيد کان وڌيڪ ٿيو مرتبو سدا،

اي سنڌ ديس تنهنجي مٽيءَ جي چراغ جو.

(حاجي محمود ”خادم“)

 

قربان تنهنجي نام تان منهنجي پياري سنڌ،

مون تنهنجي پرورش تي حياتي گذاري سنڌ.

 

هر دم ڪرم ڪريم جو توتي لطيفي لطف،

ماڻين، خزان ڏسڻ ري، سدائين بهاري سنڌ.

 

حافظ تي تنهنجي قرب جو جادو هلي ويو،

جنهن وات تنهنجي وائي ۽ تن تات تاري سنڌ.

(حافظ حيات شاهه)

سانگيءَ جي دور جي شاعرن تصوف کي ترڪ ڪري پنهنجي غزل ۾ مجازي رنگ ڀريو هو پر قادري جي دور ۾ ٻن شاعرن قادري ۽ نجفي جي غزلن ۾ وري تصوف جي سرمستي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٻنهي عشق جي چوٽ کائي تصوف ڏانهن وک وڌائي هئي. هنن پنهنجن غزلن ۾ تصوف جي مختلف باريڪين کي سهڻي نموني بيان ڪيو آهي.

 

به هر جا جلوه گر باغِ جهان ۾ يار جاني آ،

گل و گلزار حسن موهشان ان جي نشاني آ.

 

نه خود مختار آهي ڪو، نه ڪي تقدير کان سڀڪجهه،

هي عالم چشم بينا واسطي عبرت جو عالم آ.

(علي محمد قادري)

 

ٿا چون يار سندءِ جلوه سدا پنهان آهه،

ٿو ڏسان تنهن کي عيان، جلوه پنهان جو قسم.

 

خود کي فنا ڪر منجهه خدا، رڳ رڳ انالحق ۾ فنا،

ٿي محو ذاتي سڻ سدا، چئو من خدايم من خدا.

(هدايت علي نجفي)

قادري جو دور بنيادي طرح عشقي شاعريءَ جو دور هو. انساني دل طلسم جي عجيب کاڻ آهي. عجيب عجيب ڪيفيتن، خواهشن، حسرتن، مايوسين، خوشين، ڏکن، اميدن ۽ نااميدن جي دنيا لڪل آهي. دل جي طلسم جي اڳيان دنيا جو طلسم ڪجهه به نه آهي. شاعر کي هميشه زندگي جي طلسماتي عنصر جي تلاش رهندي آهي. هن دور جي شاعر اهو طلسم حسن ۽ عشق جي راز ۽ رمزن ۾ ڳولي لڌو ۽ هن پنهنجي اندر جي احساس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪيفيتن کي سحر انگيز انداز ۾ بيان ڪيو. هن دور جي شاعرن غزل ۾ اندازِ دلبري ۽ طرز دلربائي کي پنهنجو بنايو ۽ عشق ۽ حسن جي معاملن کي وسعت ۽ رنگارنگي بخشي. عشق جي اها واردات ۽ ڪيفيت ڪانه آهي، جيڪا هن دور جي شاعرن بيان نه ڪئي آهي. محبوب جي مدح سرائي، ناز و ادا، وفا ۽ جفا، وصل فراق، رنج راحت مطلب ته هنن هر فڪر ۽ خيال کي بيان ڪيو آهي.

 

شبِ وصل ڇا مختصر ٿي وئي،

رڳو منهن ڏسڻ ۾ گذر ٿي وئي.

(غلام سرور فقير)

 

سينڌ ٿو ٺاهين سنوارين زلف، منهن ٿو ڏسين،

عاشقِ بيتاب کي ماريندي تياري اها.

(واصف)

 

جي يار آ ته عيد آ ورنه اي دوستو،

بن يار روز عيد آ آزار جي طرح.

(محمود خادم)

 

در ڪين ڪي ڇڏيندس تنهنجو، تڙين جي تون ته به،

ڇڏ يار عمر ساري پنهنجي اتي گذاريان.

(حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)

 

جي اچن احسان سان آسروندن جي آستان،

گل گسن تان گهوريان، سر، مال، مڏيون ۽ متاع.

(احمد ملاح)

سانگي جي دور جي شاعرن خود سانگيءَ، محبوب جي جسم جي مختلف عضون جي بيان مان هڪ لذت ۽ مزو حاصل ڪيو آهي ۽ پنهنجن ڪيترن شعرن ۾ معامله بندي ڪئي آهي. ڀاڪرن ۽ چمين جا چشڪار ورتا آهن، پر هن دور جي شاعرن ان ڏس ۾ وک وڌائي کنئي آهي ۽ سندن غزلن ۾ ڪيترا اهڙا شعر ملن ٿا جن مان هنن پنهنجن ذهنن کي لذت بخشي آهي.

 

وصل جي شب جي ٻڌايان ڪهڙي ڪيفيت ويهي،

ڪجهه حياءُ، شوخي ڪجهه، انڪار ڪجهه، اقرار ڪجهه.

(واصف)

 

وڌم ٻک دوست کي سج اُڀري تائين،

نه پئي سڌ ڪا سنجهي جي يا سحر جي.

(محمود خادم)

 

سرو قد ڀاڪر وڌو اڄ طوق قمري جي مثل،

ٻانهن نازڪ منهنجي گردن ۾ حمائل ٿي وئي.

(غلام سرور فقير)

 

سيني تي سرو قد جي جواني کان ٿيو اُڀار،

ماڻهو چون ٿا سرو ٿيندو بارور نه آهي.

(مراد علي ڪاظم)

 

چکائي چاهه مان دلبر چڱي چپن جي چاٽ،

ڦٽائي ننڊ انهي نازنين جي نيڻن ناٽ.

(حافظ حيات شاهه)

سانگي جي دور ۾ سنڌي غزل جوڀن تي پهچي چڪو هو. ان دور جي شاعرن غزل کي صنايع بدايع سان سينگارڻ شروع ڪيو هو، ان هوندي به سانگي ۽ ڪن ٻين شاعرن ان کي پارسي رنگ کان علاوه ڪنهن قدر پنهنجي سنڌ جي ماحول سان وابسته رکيو هو، ان جي ڀيٽ ۾ قادريءَ جي دور جي شاعرن اردو شاعري جي اثر هيٺ ان کي پنهنجي سنڌي ماحول کان بلڪل پري کڻي ويا ۽ ان کي ڌارين تشبيهن؛ استعارن، ترڪيبن، محاورن ۽ ٻي شعري صنعت مان ايترو سينگاريو جو غزل جو اصلي حسن لڪي ويو ۽ هڪ بناوتي ۽ مصنوعي حسن نمودار ٿي ويو. شاعرن جي جيءَ جا جذبا جيڪي شعر جو اصل روح ٿين ٿا، بناوتي ٿي پيا. هن دور جي ڪيترن شاعرن جي غزلن پڙهڻ سان ائين محسوس ٿو ٿئي ته هنن اندر جي امنگن کي سادي سودي انداز ۾ بيان ڪرڻ بجاءِ دماغ سوزي، محنت ۽ پورهيو ڪري غزل گوئي ڪئي آهي. سڀني ديوانن ۾ ساڳيا خيال، ساڳيو انداز ۽ ساڳيا محاورا ۽ ترڪيبون، ساڳيون تشبيهون ۽ استعارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ائين پيو لڳي ته اهي غزل دل مان نه پر دماغ مان نڪتل آهن.

 

اي مي فروش هي خرقو قبول ڪر،

وٺ منجهه ادائي قرض نه مون سان حساب ڪر.

(نجفي)

 

گهر ويٺي ڪري سير گلستان جو ٿو عاشق،

سيني ۾ کليس داغ جي گلزار جي صورت.

(واصف)

 

دام زلف ۽ تيغ ابرو تو کنيون ٻئي پاڻ سان،

ڪيئن نه سمجهان آهين تون صياد ڀي جلاد ڀي.

(نواز علي نياز)

 

لاله ڏٺم جو قبر تي نڪتل ته دل چيو،

هي ڪنهن شهيدِ ناز جي ويران مزار آهه.

(علي محمد قادري)

 

ڏسي ويران دل رهزن چيو افسوس هي آهي،

لٽڻ لئه آ بچو باقي نه ڪجهه هن اجڙي مسڪن ۾.

(غلام سرور فقير)

تشبيهه ۽ استعاره سان شعر ۾ سونهن ۽ زور پيدا ٿئي ٿو، جڏهن شاعر کي ڪنهن خيال ۾ وڌيڪ اثر پيدا ڪرڻو هوندو آهي يا ان ۾ وڌيڪ زور پيدا ڪرڻ چاهيندو آهي ته تشبيهه جو سهارو وٺندو آهي، پر تشبيهه ۾ اثر ۽ مزو تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن اهي اسان جي ڏٺل وائٺل يا روزمره وارين شين مان ورتل هجن. هن دور جي شاعرن ائين ڪرڻ بجاءِ اردو شاعري جي اثر هيٺ غير مانوس ۽ ڌاري ماحول مان تشبيهون ورتيون آهن جنهن ڪري اهي پڙهيل طبقي کان سواءِ عوام ۾ نه اثر ۽ نه مقبوليت حاصل ڪري سگهيون.

 

اي سرو سهي تنهنجي بلنديءَ جي برابر،

آئي نه نظر نخل گلستان جي ويس ۾.

(نجفي)

 

ابرو جي جو هيٺان مون ڏٺو خال سيه کي،

واصف مون کي محراب ۾ هندو نظر آيو.

(واصف)

 

ويو ٿي سحر حيف آيو نه هو،

جلي دل چراغِ سحر ٿي وئي.

(فقير)

 

جي تون هن باغ دنيا جي ۾ سهڻا سروقد آهين،

غلامي جو مون کي قهري جان آهي طوق گردن ۾.

(نواز علي نياز)

مٿين شعرن ۾ استاد شاعرن جون تشبيهون ملاحظه ڪرڻ کان پوءِ حاجي محمود خادم جي هڪ غزل جنهن ۾ محبوب جي سراپا بيان ڪئي وئي آهي، تشبيهون ملاحظه ڪريو، بس انهن ۽ اهڙي قسم جي ٻين تشبيهن سان هن دور جي شاعرن جا ديوان سينگاريل آهن.

 

زلف تنهنجو لام آ يا دل جو دلبر دام آهه،

تنهنجي پيشاني جو سج چنڊ مشتري پيو نام آهه.

 

نون آ يا قوس آ خنجر ڪمان آ يا هلال،

تنهنجي ابرو دلربا محراب يا صمصام آهه.

 

تير آ يا تيغ آ يا فوج ڪنڊو نيش آهه،

پنبڻي جو وار هر هڪ نيزم بهرام آهه.

 

سامري، خوني، دو نالي، جام، نرگس، ساحره،

چشم تنهنجي اي مٺا بادام آ يا دام آهه.

 

ٻن دريائن جو وچولو بند يا مکڙي مثال،

تنهنجو نڪ گويا الف يا شاخ سيمين فام آهه.

 

برگ گل، پستا، شفق، ياقوت، مرجان، لعل آ،

تنهنجي لب سان مس ٿيل مصري کان وڌ دشنام آهه.

 

 

ڏند موتي مثل ڄڻ، الماس، هيرا در برق،

وات غنچه، ميم، سڀ، يا نقطه اوهام آهه.

 

چاه بابل چاهه ڪنعان آهه يا پاڻي جو ڪُن،

تنهنجي کاڏي صوف يا زندان دل ناڪام آهه.

 

آ ڳچي ڄڻ ڪونج جي يا هنج جي تنهنجي عجيب،

گول آ، کنڀي آ ڄڻ، يا ڪنگرو بر بام آهه.

 

بم، ليمو، صوف، ڏاڙهون، يا قبو مکڙي ۽ کل،

تنهنجو پستان هوبهو ڄڻ زندگيءَ جو جام آهه.

 

پيٽ آ لڪدار، ريشم کان زياده نرم آ،

ناف ڪانِ مشڪ آ ۽ مرڪزِ اندام آهه.

 

پيو پتو تنهنجي ڪمر جو ڪون اي نازڪ بدن،

وار يا عنقا، عدم آ، ميم آ يا مام آهه.

 

فتنه رفتار آهن پير ان جا ”خادما“

حشر برپا ٿي ڪري جا فتنه زا جي گام آهه.

 

قادري جي دور ۾ به سانگي جي دور وانگر رعايت لفظيءَ کي غزل جي سونهن سمجهيو ويو تنهن ڪري هن دور جي شاعرن رعايت لفظيءَ ۾ نوان ۽ دلفريب رنگ پيدا ڪيا ۽ رعايت لفظيءَ جي ذريعي اندازِ بيان ۾ شوخي ۽ دلفريبي پيدا ڪئي جنهن ڪري هن دور جي غزل ۾ زيب و زينت پيدا ٿي ويو.

 

بحر فرقت سندي طوفان بلاخيز ۾ دم،

حسرتن ساڻ ويو پر لبِ ساحل نه ٿيس.

(غلام سرور فقير)

 

(بحر، طوفان، لبِ ساحل ۾ رعايت لفظي آهي)

 

اچي ٿو تير مزگان جا سٽيندو،

ڪيان دل جي حفاظت يا جگر جي.

(محمود خادم)

مزگان سان تير ۽ تيرن سان دل ۽ جگر استعمال ڪري رعايت لفظي پيدا ڪئي وئي آهي.

 

مون چيو تو وڌو دل کي زلف جو زنجير،

چيائين ڪونه ٿو ديواني کي ڇڏي آزاد.

(نواز علي نياز)

زلف سان زنجير، زنجير سان ديوانو ۽ ديواني سان آزاد لفظن ۾ رعايت لفظي آهي.

گلشنِ عالم ۾ رهه اهڙي طرح اي عندليب،

باغبان ڀي خوش رهي راضي رهي صياد ڀي.

(قادري)

گلشن، عندليب، باغبان ۽ صياد رعايت لفظي جون علامتون آهن.

قادري جي دور جي شاعرن جي زبان تي اردو شاعري جي اثر ڪري پارسي لفظن، ترڪيبن، قافين ۽ رديفن جو گهرو اثر آهي، ائين پيو محسوس ٿئي ته هنن ڄاڻي واڻي صاف سولي سنڌيءَ ۾ غزل چوڻ بجاءِ پنهنجي ٻوليءَ تي پارسي لفظن جو جڙاءُ ڪيو آهي جو سندن غزل سنڌيءَ کان زياده پارسي پيا لڳن ۽ سندن خيال عام سنڌي پڙهيل ماڻهو جي سمجهڻ کان مٿي آهن. جيئن هنن مثالن مان معلوم ٿيندو:

 

رانديڪو ممڪنات، حوادث جي دست ۾،

عالم سڄوئي آهه بري ڪو بشر نه آهي.

(مراد علي ڪاظم)

 

پيچ لفظن ۾ وجهي دل کي، چيائين محمود،

ٿو رهي خانئه ڪافر ۾ مسلمان محفوظ.

(محمود خادم)

 

وحشت جي رنگ مون کي ڪيو خوار درجهان،

سمجهن ٿا آهيان صيد ٿيو ڪنهن غزاله جو.

(غزاله)

 

ڪي اربابِ چمن سمجهائيندا گل کي وڃي آخر،

هي فرياد و فغان بلبل جو ويندو رائگان ڪيسين.

(نواز علي نياز)

 

دلبر جي هجر ۾ ٿورڙي روح رعد جان،

ڳوڙها وسن ٿا ابر جان دل بيقرار آهه.

(قادري)

 

اسان جي حال جي صورت گلِ لاله جي صورت آ،

جگر پرخون سارو دل اندر داغِ نهان آهي.

(غلام سرور فقير)

نه صرف ايترو پر هن دور جي شاعرن شوڪتِ الفاظ کي ئي شاعري سمجهي آهي، تنهن ڪري هنن پنهنجن شعرن کي وڌ ۾ وڌ پارسيءَ جي پرشڪوه لفظن کي شعوري طرح استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن سندن غزلن جي زبان ڀڀڪيدار لڳي.

گاهي گاهي جي پري پيڪر اچي گلگشت لئه،

عشق جي سوزن سان دل تي گلستان پيدا ڪريان.

(غلام سرور مغل سرور)

 

رهي ڇو گلزارِ ارم جي آرزو مون کي،

سڄو جنت جو نقشو آهه نقشِ پاءِ جانان ۾.

(عبدالله اثر)

 

هو انتهائي حسن ته مان انتهائي شوق،

ڪافي آ رب بندهه و بندهه نواز ۾.

(عبدالفتاح عبد عاقلي)

 

اڪتفا معشوق تي، هر شئي کان عاشق کي ٿئي

نڪهت گل آهه مشڪِ تتارِ عندليب.

(واصف)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org