مولوي محمد عظيم ”شيدا“
]1882ع
–
[
مولوي محمد عظيم ولد لعل بخش سولنگي تخلص ”شيدا“ ڳوٺ گل ٻرڙو
تعلقو وارهه ضلعي لاڙڪاڻي جو رهندڙ آهي. سندس شمار
سنڌ جي نالي وارن عالمن، مفتين ۽ مدرسن ۾ ٿئي ٿو.
عربي ۽ پارسي جي تعليم مولوي سيد عبدالعزيز مڪراني خاراني کان ۽
حديث جو علم پير جهنڊي واري مدرسي ۾ حاصل ڪيائين.
مولوي محمد حسن شاهه وٽ ميان جي ڳوٺ ۾ فارغ
التحصيل ٿي دستاربندي ڪيائين.
خلافت جي زماني ۾ مولوي صاحب نهايت سرجوشي سان ڪم ڪيو. هو جمعيت
العلماءِ ضلع لاڙڪاڻي جو صدر ۽ جمعيت العلماءِ هند
جي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو
(1).
شيدا لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ مدرسن ۾ تدريس جو ڪم ڪندو
رهيو آهي جتي سٺ کن شاگرد سندس فيض سان فارغ
التحصيل ٿي عالم، فاضل ۽ مدرس ٿي سنڌ ۽ بلوچستان ۾
علم جي روشني پکيڙيندا رهيا آهن. کيس حڪمت سان به
دلچسپي رهي آهي. هو ٻه ڀيرا حج ڪري آيو آهي، حضرت
محمد صلعم جي سوانح تي هڪ ضخيم ڪتاب ”سيرت مصطفيٰ“
لکيو اٿائين جيڪو ادبي بورڊ 1976ع ۾ شايع ڪيو آهي.
ان ڪتاب تي مرڪزي سرڪار طرفان کيس 1980ع ۾ ڏهه
هزار روپيه انعام مليو آهي.
مولوي ”شيدا“ کي جواني کان شاعري سان شوق رهيو آهي. هدايت علي
نجفي سندس هم مڪتب ۽ دوست هو جنهن جي صحبت هن ۾
شاعري جو وڌيڪ چاهه پيدا ڪيو. بزم مشاعري لاڙڪاڻي
سان سندس شروع کان وٺي وابستگي رهي آهي. زياده تر
غزل ۾ نغمه سرائي ڪئي اٿائين. سندس گهڻو ڪلام ضايع
ٿي ويو آهي ڪجهه ڪلام قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهي.
شيدا جو غزل قديم رنگ جو آئينه دار آهي سندس غزل
پارسي ترڪيبن ۽ بندشن سان سينگاريل آهي. سندس
خيالن تي به پارسي جي استاد شاعرن جو عڪس نمايان
آهي.
ڪلام جو نمونو
(1)
آهه سوزان سان چمنِ عالم برباد نه ڪر،
ڏس اي بلبل منهنجي داهن جي روش ياد نه ڪر.
آهه سان پرزا ڪندس تنهنجي اڏائي ڇت کي،
منهنجي فرقت ۾ فلڪ تون پنهنجي دل شاد نه ڪر.
زلف خمدار کي کوليون ٿو ڦڻي هر هر ڏين،
مرغ ڦاٿل لئي وري دام نئون ايجاد نه ڪر.
جي اچئي رحم ته مل پنهنجي پرين ”شيدا“ سان،
ورنه بي رحم بڻي ان تي ڪو بغداد نه ڪر.
-
مونکي پير مغان گهرجي نڪو ابرار سان مطلب،
نه ساقي سان نه ساغر سان نڪي خمار سان مطلب.
پراڻو پاپي آهيان ميڪدهه جو، ڇا ڪندو واعظ،
نه مسجد سان، نه مندر سان نڪو احبار سان مطلب.
مکي خاڪو لڱن کي مست ٿي در تنهنجي تي ويٺس،
شهنشاهي سان منهنجو ڇا نه شاهوڪار سان مطلب.
ٿيس مان محو جلوي ۾، نفي اثبات ٿي وئي گم،
نڪا اقرار جي خواهش، نڪو انڪار سان مطلب.
-
سوڀراج نرملداس ”فاني“
(27 فيبروري 1883ع – 15 مارچ 1956ع)
ديوان سوڀراج پٽ ديوان نرملداس ”فاني“ 27 فيبروري 1883ع تي
حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد نرملداس صوفي منش ۽
روهڙي جي جهانشاهي درگاهه جو طالب هو. ديوان
نرملداس سنڌي نثر جو وڏو ليکڪ هو. سنڌي ساهتيه
سوسائٽي جي برپا ٿيڻ وقت ڪي رسالا پڻ لکيا هئائين.
شعر جو کيس ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس ڪي ٿورا شعر
مليا آهن
(1).
فاني کي صوفيانه جذبو، علم و ادب ۽ شعر و شاعري ورثي ۾ مليا
هئا. هن تي پنهنجي والد جو گهڻو رنگ چڙهيل هو.
ديوان سوڀراج پنهنجي پتا، ديوان نرملداس وانگر
عربي، فارسي توڙي سنسڪرت جو ودوان هو
(2).
فاني کي شاعري جي قدرتي ڏات مليل هئي جنهن ڪري نون ورهين جي
ڄمار کان شعر چوندو هو. هن بمبئي يونيورسٽي جي
ميٽرڪ امتحان ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو جنهن بعد
سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو
(3).
هو مختيارڪار جي حيثيت سان مختلف شهرن ۾ رهيو،
1937ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ فاني مجبور ٿي ڀارت هليو ويو، هن کي
پنهنجي وطن ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک هو. هو 15 مارچ 1956ع
تي ڀارت ۾ گذاري ويو. فاني سنڌ جي هندو غزل گو
شاعرن ۾ سٺو غزل چوندڙ شاعر هو. سندس ڪلام تي
پارسي شاعري جو گهڻو رنگ چڙهيل هو. سندس ڪلام ۾
مجاز ۽ تصوف جي گڏيل چاش هئي. هو سنڌ جي مختلف بزم
مشاعرن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو يا شعر موڪليندو هو.
پهرين ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ پڻ سندس چيل غزل ملي
ٿو. سندس ڪلام سنڌو ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندو هو.
سندس لکيل ڪتابن ۾ ”خيالي جهلڪا“، ”چت ڦلواڙي“،
”روحاني تجلا“ ”ويچار وکر“ ترجمه گلستان، ”پهاڪا“
وغيره مشهور آهن.
ڪلام جو نمونو
او دل ڌتار جاني تنهنجي نظر نهوڙيم،
تون چنڊ تنهنجو ثاني، ڪاٿي نه ديد جوڙيم.
نيچي نگاهه سان ئي، ڪيڏو نه ڍانڍ ٻاريئه،
تون شوخ ٿئين تهان اڳ، سارو طبق نهوڙيم.
مک تو گلاب مکڙي، مهتاب کان منور،
سڌ ٻڌ ڀليم سڀائي، جان چاهه تنهنجي چوريم.
منهنجو بهار ساجن، اڄ ڪنهن خمار مستيو،
جوڀن رتين نگاهن، جهڳ مڳ جهڳو ئي جهوڙيم.
شرميلي نرت تنهنجي، جم ڳجهه ڪري ٿو پڌرو،
اک کڻ ته وهم اتري، ڇا ڇا خيال توريم.
ساجن اڪنڊا اوتي، ڪا چاشني پيالي،
هڪئي ڦڙي تان تنهن جي، فاني پي چاهه گهوريم
(1)
-
عشق بازار کلي، پر ڪو خريدار هجي،
سودو سر جو آهي هت، سر جو ڪو کيڏار هجي.
نه ٿي آرام، نه جيسين ٿئي عاشق معشوق،
ٻه ٻيائيءَ ۾ لڇن، هڪ ته مزيدار هجي.
شور دريا جو ويو، جان ٿيو ساگر ”سوهم“،
عاشق آنند ۾، جي محب گلي هار هجي.
مونکي مولا جو قسم، محبان مٺو ڪي به نه آهه،
ٿيان پيرن جي پڻي، بخت جي بيدار هجي.
خوب خلوت جو مزو، جنهه ۾ صنم ساڻ وصال،
لوڪ پرلوڪ جي ڳڻتيءَ جو نه ڪو بار هجي.
حسن جهڙي نه ٻي خوراڪ اکين لئي فاني،
مرحبا مرحبا اک، حسن جو جنهن جار هجي
(1).
-
مرزا مدد علي بيگ ”مدد“
]1883ع
– 16 مئي 1930ع[
مرزا مدد علي بيگ ولد مرزا نور محمد بيگ تخلص ”مدد“ جو حيدرآباد
جي ٽنڊي آغا ۾ تولد ٿيو. هن کي سنڌي ۽ انگريزي جي
تعليم ڏني وئي ۽ هن فارسي ۽ اردو ۾ به مهارت حاصل
ڪئي.
مرزا صاحب هندوستان ۽ ايران جي ڪيترن شهرن جو سير ڪري آيو هو.
هن 1921ع ۾ ”صراط المستقيم“ نالي سان ماهوار رسالو
شروع ڪيو هو، جنهن ۾ جعفري عقيدي مطابق تبليغ هئي.
مدد جي گهراڻي ۾ شاعري جو گهڻو رواج هو، تنهن جو اثر هن تي به
پيو ۽ هن ننڍپڻ کان شاعري شروع ڪئي. هن جو ناتو
لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره سان هو هن جا ڪيترائي غزل
”گلدسته سنڌ“ لاڙڪاڻي ۾ ڇاپيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
حيدرآباد ۾ جيڪا ٻي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي
تنهن ۾ به هن شريڪ ٿي طرحي غزل پڙهيو هو. هن سنڌي
۽ اردو ۾ غزل ۽ مرثيه ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس
وفات تي مرزا علي بخش ”ڪوثر“ مرثيو لکيو هو جنهن ۾
سندس وفات جي تاريخ هيئن بيان ڪئي اٿائين.
سورهين مي اڻويهه سو ٽيهه سن عيسوي،
۾ ٿيو دارالبقا جانب روان.
اي زهي بختِ رسائي ميرزا،
ٿيو مدد جنهن جو علي در هر جهان.
جنت الماويٰ ۾ تنهن کي جاءِ ڪا،
مرحمت فرمايو موليٰ مهربان
(1).
-
مدد سنڌيءَ ۾ ڪجهه ناول به لکيا هئا جن مان چين جو شهزادو (ٻه
جلد) عقل چرخ (ٻه جلد) انارڪلي ۽ سيف الملوڪ شايع
ٿيل آهن. اردو ۾ سندس ڪلامن جو مجموعو 1912ع ۾
شايع ٿيو هو.
مدد جي غزلن جي خوبي سندس انداز بيان آهي جيڪو شوخ به آهي ۽
دلفريب به. هن جون تشبيهون رنگين ۽ وڻندڙ آهن هن
جي خيالن ۾ پراڻي خمر وارو خمار آهي.
ڪلام جو نمونو
(2)
بلبل ڪهي جو رت مٿي مالهي هنيون گلاب،
لئي شاهدي شهيد جي ڳاڙهو ٿيو گلاب.
ان رشڪ گل کي باغ ۾ ايندو جڏهن ڏٺئين،
تعظيم لاءِ تا به زمين خم ٿيو گلاب.
پئي جو پرينءَ جي عارضِ گلفام تي نظر،
پر مڙده شرم کان ٿي زمين تي ڪريو گلاب.
شبنم نه آهه گل تي هي ڳوڙها ٿيا يقين،
ان رشڪ گل جي هجر ۾ روئي پيو گلاب.
نازڪ ڪمر ٿي تنهن رگ گل کان نازنين،
پوءِ ڪنهن طرح سان آهه تو سر تي رکيو گلاب.
تعريف تنهنجي رخ جي ڪري ڇا علي مدد،
ڏسنديئي جنهن کي منهنجا مٺا ٿي ويو گلاب.
-
بر دهن جنهن گهڙي دلدار جو نالو پهتو،
ان سان گڏ دل کان وٺي لب تائين نالو پهتو.
مثل يعقوب ملي جان تنِ بيجان کي،
رشڪ يوسف جو جڏهن مون کي دشالو پهتو.
دل متان نڪري اچي خيال سان ڇڪجان ظالم،
آهي مڙگان جو دل تائين جو ڀالو پهتو.
سر ڪري پير اچج عاشقي جانباز هتي،
بار گه حسن مان هي حڪم نرالو پهتو.
خاڪساري مان ئي هن اوج تي مٽي پهتي،
جو لبِ يار تئين آهه پيالو پهتو.
الفتِ آلِ عبا سمجهه نه بيسود ”مدد“،
تنهنجي هٿ خلد ملڻ جو هي قبالو پهتو.
-
گل محمد مگسي ”زيب“
]1883ع
– 7 جنوري 1953ع[
سردار گل محمد ولد نواب قيصر خان مگسي تخلص ”زيب“ بلوچستان جي
جهل اسٽيٽ جي والي جو وڏو فرزند هو. پنهنجي تولد
جي تاريخ هيٺين قطع ۾ بيان ڪئي اٿس:
بپاس اول بعد از طلوع روزِ قمر،
بسال سيزدهه صد و يڪ دوشنبه، هجرت سرور.
1301هه
به ماههِ رمضان بتاريخ سيزده از بطان،
ظهور يافتم از حڪم خالق اڪبر
(1).
”زيب“ جي تعليم پنهنجي وقت جي وڏي عالم، فاضل ۽ شاعر حضرت مولوي
عبدالغفور همايوني ”مفتون“ جي درسگاهه ۾ ٿي. مولوي
همايوني جي صحبت هن ۾ فقيري ۽ شاعري جو چاهه پيدا
ڪري ڇڏيو ۽ هو اتان عربي ۽ پارسي جو وڏو عالم ٿي
نڪتو.
”زيب“ جو لاڙو شروع کان وٺي علم و ادب ڏانهن زيادهه هو ۽ هن جي
طبع ۾ اهو نوابي نمونو ڪين هو جيڪو ان وقت جي
سردارن لاءِ ضروري هو تنهن ڪري هن جي خلاف سازشون
ڪري هن کي 1933ع ۾ تمن جي سرداري کان دست بردار
ڪيو ويو ۽ هو دل برداشته ٿي جهل کي الوداع چئي
لاڙڪاڻي ضلعي جي شهدادڪوٽ شهر ۾ اچي مقيم ٿيو.
نوابي کي خيرباد چوڻ کان پوءِ هن پنهنجو سمورو توجهه علم و ادب
۽ شعر و شاعري ڏانهن ڏنو. فارسي، سنڌي ۽ اردو
شاعري جي خدمت ڪندي هن هميشه واري حياتي حاصل ڪري
ورتي.
هن جو ڪلام زياده تر پارسي ۾ آهي سندس پارسي شاعري جا ڇاپيل
ڪتاب ”پنج گلدسته زيب“ ۽ ”مخمسات زيب“ بلند پايه
ڪتاب تسليم ڪيا ويا آهن.
مولوي محمد دين حضداري ”مريض“ زيب جي وفات تي جيڪو مرثيو لکيو
آهي، ان ۾ سندس شاعري جي هنن لفظن ۾ تعريف ڪئي
آهي:
مادرِ گيتي نه دارد زيرِ چرخِ چنبري،
در بلوچان شاعري با ”زيب“ دارد همسري
(2).
”زيب“ کي سنڌي شاعري خاص طرح غزل سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. هن
جي وابستگي بزم مشاعره لاڙڪاڻه، بزم صوفي ميهڙ،
بزم مشاعره ناري شريف ۽ ٻين سنڌ جي بزم مشاعرن سان
هئي. پاڻ ڪڏهن به مشاعرن ۾ شريڪ نه ٿيندو هو پر
مشاعرن جي طرحن تي شعر لکي موڪليندو هو ۽ بزم
مشاعرن جي مالي امداد ڪندو رهندو هو.
زيب جي آڱر ۾ هڪ منڊي هوندي هئي جنهن تي هي اکر اڪريل هوندا
هئا.
”عالم تمام باغ درو گل محمد است“
(1).
”زيب“ جيئن جهل مان نڪتو ته مرندي دم تائين وري جهل واپس نه
ويو. سندس وفات جي تاريخ سيد علي ”نظامي“ سيمابي
هڪ اردو قطعه ۾ ڪڍي آهي جنهن جا ٻه شعر هي آهن:
هم جوارِ رحمتِ حق هو وه روح،
اطفيلِ حضرتِ عالم پناهه.
بولا هاتف فڪرِ سالِ مرگ پر،
شمع ”زيب“ شهرِ خموشان هي آهه
(2).
1953ع
”زيب“ بلوچستان جي انهن بزرگ شاعرن مان آهي جن سنڌي غزل جي
ميدان ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪئي آهي. ”زيب“ پارسي
جو وڏو شاعر هو تنهن ڪري سندس سنڌي غزل تي پارسي
خيالن جو گهڻو غلبو آهي. هن جي سنڌي غزل جي ٻولي
جيتوڻيڪ پارسي آميز آهي تاهم ان جو لهجو ڪٿي ڪٿي
بلوچستاني محسوس ٿئي ٿو.
ڪلام جو نمونو
پيغامِ دوست سان کليو آ عاشقن جو رنگ،
روزِ جهاد جيئن ٿو کلي مومنن جو رنگ.
ڪپڙن ۾ عطر مشڪي، آ ڪاڪل کي رنگ مشڪ،
عينن ڀڃي ڇڏيو آ غزالِ ختن جو رنگ.
نوروز جي نشاط ۾ رنگين شراب سان،
رنگِ حنا مثال ٿيو گلبدن جو رنگ.
روز وداعِ يار ويو رنگ هارجي،
بادِ خزان سان ناهه اڳوڻو چمن جو رنگ.
اهلِ ڪمال شال هجن زيب نوبنو،
اهل ڪمال سان ئي وڌي ٿو وطن جو رنگ
(1).
-
مئي رنگين آ دارون دلن جو درد هجران ۾،
اهو نسخو لڌو آهي ارسطو طب يونان ۾.
جنهين کي ورهه جي وحشت وڻي سي خوش رهن سچ ۾،
آهي بازار ۾ آهو کي غم، راحت بيابان ۾.
تبسم جي مهل موتي مثل جلوو ڏين دندان،
ڇپايو آهه ڪنهن استاد مرواريد مرجان ۾.
پئي آ هاڪ تنهنجي حسن جي محبوب ملڪن ۾،
ختن ۾، چين ۾، غزني ۾، ڪابل ۾، بدخشان ۾.
پريسن پرديس ۾ به ٿم تصور تنهنجي صورت جو،
قفس ۾ دل کي وندرايان ٿو مان ياد گلستان ۾.
هجي تڪليف توکي جي ته گهر امداد حيدر کان،
علي دارون آ دقت ۾، علي آ نوح طوفان ۾.
خزاني دل جي مان گوهر گهڻائي تو ڪيا پڌرا،
اڃاڀي زيب چئه، ريشم جو ڪونهي ڪال ملتان ۾
(2).
-
|