محمد ابراهيم خليل
]1827ع
– 1899ع[
محمد ابراهيم ولد مخدوم عبدالڪريم تخلص ”خليل“ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
فارسي ۽ عربي ۾ تحصيل ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان
فارسي نظم ۽ نثر جو چاهه پيدا ٿيو. پهريان ”مسڪين“
تخلص هوس ۽ ”ديوان مسڪين“ مڪمل ڪيائين پر پوءِ
دوستن خاص طرح محمد زاهد شاڪراڻي جي مشوري تي
پنهنجي نالي جي نسبت سان تخلص ”خليل“ اختيار
ڪيائين ۽ ٻيو ”ديوان خليل“ تيار ڪيائين. انهن ٻن
ديوانن کان سواءِ، خطن جا مجموعه ڪٺا ڪيائين. هڪڙي
جو نالو ”ڪشڪول مسڪين“ ۽ ٻئي جو نالو ”مائدهه
خليل“ رکيائين. خليل سنڌي شاعري ۾ به طبع آزمائي
ڪندو هو ۽ سنڌيءَ ۾ تخلص ”اداسي“ استعمال ڪندو هو
۽ غلام محمد شاهه گدا جي ترغيب تي هندي (اردو) ۾
به ٿورو گهڻو لکيو هئائين.
خليل جا پنهنجي دور جي شاعرن سان گهرا تعلقات هئا، ڪراچي مان
شايع ٿيندڙ پارسي اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ هن جا شعر
شايع ٿيندا هئا.
خليل جو يادگار ڪارنامو سندس ڪتاب ”تڪمله مقالات الشعرا“ آهي
جنهن کي هن مير علي شير قانع جي ڪتاب ”مقالات
الشعرا“ جي طرز تي لکيو، ان ۾ هن پنهنجن دور جي
پارسي گو شاعرن جو ذڪر ڪري کين زندهه ڪري ڇڏيو
آهي.
افسوس جو خليل جو سنڌي ڪلام ڏسڻ ۾ نٿو اچي صرف هڪ نعت ملي آهي
جيڪا غزل جي انداز ۾ آهي، ان تي ”علي“ سبزپوش
تضمين ڪري مسدس لکيو آهي. انهيءَ ڪلام پڙهڻ سان
معلوم ٿو ٿئي ته خليل کي سنڌي شاعري تي به اوترو
ادراڪ حاصل هو جيترو پارسي شاعري تي. هن جي سنڌي
شاعري ۾ رواني ۽ سلاست هئي.
ڪلام جو نمونو
(1)
سڄي صورت پرين جي خاص خاصي،
انهن جي خلق ۾ آيت خلاصي.
عرب عشاق، عجم تنهنجي طلب ۾،
تهجو ثاني، نه مڪراني نه لاسي.
تون هيڻن جي حمايت، آءٌ نماڻون،
تون شافع شاهه محشر آءٌ ته عاصي.
تون پيرل پاتشهه، آءٌ تنهنجو پينار،
تون مورت مير مرسل، آءٌ شناسي.
حرم ڏي هلڻ، ترتئون تياري،
ٻچا ڇڏ ڀيڻ ڀائي ماءُ ماسي.
ڪنهن جو قرب ڪن ڏي ڪن جو ڪن ڏي،
عزيزو آءُ ته احمد جو ”اداسي.“
-
سيد امام بخش شاهه ”فدوي“
]-
1886ع کان پوءِ[
سيد امام بخش شاهه تخلص ”فدوي“ رضوي ۽ مهدوي هو. هو ٺٽي جي قديم
باشندن ۽ مڪلي جي مشهور اولياء سيد محمد يوسف جي
خاندان مان هو. مير غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“
سندس ويجهن عزيزن ۽ شاگردن مان هو. اهو ”فدوي“ جي
صحبت جو اثر هو جو مرتضائي سنڌيءَ ۾ سخن سرائي
ڪئي.
فدوي، مرتضائي ۽ سندس والد سيد روشن شاهه جي تعريف ۾ صنعت توشيح
۾ غزل لکيا آهن. جن مان سندن قرب جي رشتي جو پتو
پوي ٿو. مرتضائي لاءِ چوي ٿو:
من گهريو دلدار منهنجو دوستدار،
يار آهي ياد دل تي پائيدار.
محبتي ۽ صحبتي صالح سکر،
رات و ڏينهن منهنجي هنيي تي يادگار.
ويل سڀ ڪنهن ٿو وڻي اندر وجود،
يا خدا رک هي سلامت منهنجو يار.
زمان شاهه ”ساقي“ جو والد مير مرزا شاهه به سندس عزيز هو مگر هن
اهڙي هنڌان شادي ڪئي جا فدوي کي ناپسند هئي، تنهن
ڪري هن ان شادي جي تاريخ هنن لفظن ۾ ڪڍي:
مير مرزا شاهه صاحب رضوي
ڪتخدا شد بي حياءُ بي ادب.
1303 هه
فدوي جواني جي زماني ۾ تپيدار هو ۽ جهرڪ، ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاڙي
وغيره ۾ نوڪري جي سلسلي ۾ رهيو هو، 1276هه ۾ نوڪري
ڇڏي پنهنجي زمين سنڀالڻ لڳو. هن جي هڪڙي ٻني ٽڪر ۾
ڪي ٻيا ڀائيوار به هئا جي سندس زمين کايو پئي ويا.
فيصلو ان وقت جي ڪاردار کيمچند وٽ ويو، جو کين جو
چڱو مڙس ڄام مهر علي ٻيءَ ڌر جو پاسو هو پر کيمچند
فيصلو فدوي جي حق ۾ ڪيو.
فدوي کي هڪ فرزند مشرف شاهه عرف خدا ڏنو شاهه پيدا ٿيو هو جنهن
جي ڄمڻ تي هن خوشيءَ مان قطع تاريخ لکي هئي، جنهن
جا ڪجهه شعر هي آهن:
هميشه خدا کان پنيم هٿ کنيو،
جگر لخت پيوند ڏاتار ڏيار.
سڻي التجا عبد عاصي سندي،
ٿيو نيٺ راضي ڌڻي رب ستار.
سندس ورهيه ڄاپڻ جو هاتف هڪيو،
چيو فدوي کي ”سدا بخت يار.“
1278هه
فدوي جو اهو فرزند شايد سندس وفات کان پوءِ يا اڳ ۾ فوت ٿي ويو
هو. هن پنهنجي زال ۽ نياڻين جي وفات تي هڪ پرسوز
مرثيو لکيو آهي جو هن ريت آهي:
درد اڄ دلدار جو مون کان مپڇ،
غم سندم غمخوار جو مون کان مپڇ.
جن ڏٺو پر ۾ پرين ور سي سڙن،
ديد ٿي ديدار جو مون کان مپڇ.
عشق جي تابش تپايو تن سندم،
آهه آتشبار جو مون کان مپڇ.
جي جگر منجهه جوش جليو تي جلي،
اندر دل افگار جو مون کان مپڇ.
اڻ منداتي موت کان ڏاڍو فراق،
دمبدم آزار جو مون کان مپڇ.
جل جدائي اندر مان آرام نيو،
جيءَ گهري جيدار جو مون کان مپڇ.
اکن آگم ڪيا نٿيون سرمو سهن،
روڻ بي اختيار جو مون کان مپڇ.
جند جان پرين پڄاڻا پير ٿي،
ضعف جي بسيار جو مون کان مپڇ.
فدوي ٿيو بلبل بي خانمان،
گل بگر گلزار جو مون کان مپڇ.
-
فدوي جا غلام محمد شاهه ”گدا“ سان برادرانه تعلقات هئا هو جڏهن
به حيدرآباد ويندو هو ته گدا جو مهمان ٿيندو هو.
فدوي جي ديوان ۾ ٻه ٽي منظوم خط گدا ڏانهن لکيل
آهن. گدا جڏهن حج تان واپس آيو ته ان جي واپس آمد
جي تاريخ فدوي هيئن بيان ڪئي آهي:
مهر هادي جي مڃي خوش ٿي ڪيم شڪر خدا،
حاجي الحرمين ٿيو سيد غلام محمد گدا.
غور ڪيم تاريخ لئه هاتف چيو سال ورود،
آيو ڪل جيئريئي جنتي عيش جا ماڻي مزا.
1297هه
مير حسن علي خان ”حسن“، مير عبدالحسين ۽ مير الهه بخش شهداداڻي
سان به فدوي جو نيازمندي جو رستو هو سندس لکيل
ٽنهي جي مدح ۾ قصيدا ملن ٿا. مير حسن علي لاءِ چوي
ٿو:
سخن فهم فاهم سخندان آهه،
به تختِ سخن صدر سلطان آهه،
سخندان سڀ لئي قدردان آهه،
وٽس شاعرن جو مهت مان آهه،
منم مدح خوان مير حسن علي.
فدوي ڏانهن ڪنهن هندو رامن پٽ ايسر ڀاٽئي جو قرض هو جو هو لاهي
نٿي سگهيو، هن هڪڙو قصيدو ڄام مراد علي جوکي کي
لکي ڏنو جنهن ۾ قرض واري ماجرا بيان ڪري امداد جي
گهر ڪئي اٿائين. قصيدي جا ڪجهه شعر هي آهن:
مون کي هڪڙي هندوءَ حيران ڪيو،
بيا (بي حيا) ڀاٽيو جو نڀاڳو نڪار.
بلهزير ديوث بي دين آهه،
لڪد مار، لچو، لاب خوار.
رليو آهه رامن ٿيو ايسر جو پٽ،
نه سمجهڻ پروڙڻ جو اهلِ ڪفار.
اهڙي هاڻ هندوءَ بي دين لاءِ،
ڪري ڪو طبو مثل تو ديندار.
ڪنان دام واڻي جي ٿي دل خلاص،
ٿي آزاد ڪريان دعا در ڪنار.
-
فدوي جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ جو پتو نٿو پوي، سندس ديوان ۾ 1303
هه تائين قطع تاريخون ملن ٿيون جنهن مان سمجهجي ٿو
ته هن جي وفات 1303 هه کان پوءِ ٿي آهي.
فدوي پنهنجي دور جو نه صرف پرگو شاعر هو پر پنهنجي دور جي
سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن مان هو. مخدوم محمد
ابراهيم ”خليل“ هن لاءِ لکي ٿو، ”طبع روان هئس پر
گهڻو سنڌي ڪلام ڏانهن مائل هو ۽ سنڌي ۾ مرثين ۽
مناقبن ۾ گهڻو ڪلام اٿس. ڪڏهن ڪڏهن پارسي ۾ به شعر
چوندو هو.“
(1)
فدوي ٺٽي جو پهريون شاعر آهي جنهن ڄاڻي واڻي سنڌي شاعري ڏانهن
وک وڌائي ۽ سنڌي شاعري جي گلدستي کي غزل جي
رنگارنگي گلن سان سينگاريو. فدوي جي غزل جي وڏي ۾
وڏي خوبي سندس زبان آهي جنهن ۾ رواني سان گڏ سلاست
آهي جنهن جي پڙهڻ سان هڪ سرور ٿو پيدا ٿئي. هن جي
غزل ۾ ڪٿي ڪٿي پارسي لفظن جو استعمال به آهي پر
اهي سون تي موتين جي جڙاءِ مثل ٿا لڳن. هن جي غزلن
جا قافيه ۽ رديف شوخ آهن، جنهن ڪري غزل جي نزاڪت
وڌي ٿي وڃي. هن جا خيال ٻين شاعرن وانگر هڪ جهڙا
نه پر گوناگون آهن. هو هر خيال کي سادي مگر وڻندڙ
انداز ۾ بيان ڪري ٿو، اها ئي خيالن جي سادگي آهي
جيڪا سندس غزل جو حسن آهي.
ڪلام جو نمونو
(2)
عاشقن جي جنگ تي معشوق يڪسان صف به صف
سينڱ ابرو ڪيو هڻن ٿا تير مزگان صف به صف.
دام اٽڪيل زلف جا حاضر حبيبن جي حضور،
لئي شفاعت پيش بيٺا بي گناهان صف به صف.
سندن مرواريد سهڻا عجب جهڙا آبدار،
قدرتي ڌاڳي ۾ پوتل در دندان صف به صف.
موهيڙا منهن ۾ سندن ديدار داڻا دل تي ڏين،
سلڪ سهڻي سربسر ياقوت مرجان صف به صف.
راست قد سهڻن جي اڳيان دست بستا باادب،
ڳچي ۾ طوقِ غلامي جمله خوبان صف به صف.
شمع روشن ٿيو به مجلس آ حسينن جو حسن،
پتنگ جيئن صدبار عاشق انتي سوزان صف به صف.
آستاني تي عجيبن جي ڏسو نيڻن جا ناز،
نايو سر ٿا ڏين سجدا نيازمندان صف به صف.
پرت ۾ پيرِ مغان جي پرخماري بادهه خوار،
در مٿي ميخانه جي سڀ محو مستان صف به صف.
منهنجي گل بي خار تي سڀ گلعذارانِ جهان،
”فدوي“ مون جيئن هزارين عندليبان صف به صف. -
من گهريا محبوب منهنجا يار دلبر مرحبا،
اندر جا آرام هنيڙي ٺار دلبر مرحبا.
تنهنجا هنڌ آهن هنيي ۾، آ اکين کان اندر ۾،
پير تنهنجا سر اسان سينگار دلبر مرحبا.
جو ڪيو مشتاق سين، انجام وعدو وصل تو،
سو ڏنئه پاري پرين پت پار دلبر مرحبا.
تو ڏٺي ڏورائي مون کي ٿيو نشو نينهن جو نصيب،
وسوسا ويا تو ڏٺي خمار دلبر مرحبا.
آئي تو عيدون ٿيون اڄ گهر ۾ روزي دار جي،
توکي ڏسندي ڪيا اکن افطار دلبر مرحبا.
ڪيون اوهان جي اچڻ حاصل ”فدوي“ کي فرحتون
هو نه دل آرام توکان ڌار دلبر مرحبا.
-
|