سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :4

 

 

قاسم جو دور

 

(1855-1881ع)

 

خليفي قاسم جي دور جا شاعر

جائزو

1.  آخوند محمد قاسم ”قاسم“ هالائي

2.  آسو رام ”آسو“

سيد محمد فاضل شاهه ”فاضل“

مرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“

عبدالقادر ”بيدل“

آخوند لطف الله ”لطف“

امام بخش ”خادم“

رسول بخش ”رهي“

محمد اسلم علوي ”اسلم“

عبداللطيف ”لطيف“

عبدالواحد ”سائل“

عبدالله ”راهي“

گل محمد گلڻ

فصيح

محمد عثمان ”عثمان“

يار محمد ”قانع“

قاضي عبدالوهاب ”خاطي“

شير محمد قريشي

نور محمد ”نور“

محمد صديق ”صديق“

محمد يوسف ”مسڪين“

جشن مل ”جشن“

مظهرالدين شاهه ”مظهر“

لڇي رام ”خفتي“

محمد باقر ”راقم“

خوش محمد ”خاطي“

شمس الدين ”عاصي“

محمد عظيم ”عاصي“


 

قاسم جو دور

قاسم جو دور سنڌ تي انگريزن جي اوائلي تسلط ۽ حڪومت جو دور هو جنهن ۾ هن ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول جو مروج روايتن ۽ ماحول تي گهرو اثر پيو جنهن جا نشان هن دور جي شاعرن جي ڪلام ۾ نمايان نظر اچن ٿا.

انگريزن جي حڪمراني سبب ماڻهن تي غلامانه ذهنيت جو غلبو شروع ٿيڻ لڳو. واپارين، وڏيرن ۽ جاگيردارن پنهنجن فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڌارين حڪمرانن جي مهرباني ۽ راضپو حاصل ڪرڻ ۾ ئي پنهنجو ڀلو سمجهيو. انگريزن نون خاندانن جي پٺي ٺپري کين اڳتي وڌايو ۽ پراڻن خاندانن تان پنهن جي شفقت جو هٿ هٽائي ڇڏيو جنهن ڪري اهي ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندا ويا. اڳين ريتن رسمن، رواجن، قاعدن ۽ قانونن تي مغربي تهذيب ۽ تمدن پنهنجو اڻ لکو اثر وجهڻ شروع ڪيو.

سياسي لحاظ کان ڌارين جي قبضي سبب حڪومت جون واڳون هن ملڪ جي ماڻهن جي هٿان نڪري ويون هيون. هن ملڪ جي پٺتي پيل ماڻهن ۾ ايتري طاقت ڪين هئي جو نون حڪمرانن جو مقابلو ڪري سگهن تنهن ڪري هنن مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ وانگر صبر اختيار ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو هن دور جي شاعرن ڌارين سان نفرت ۽ انقلاب جي ڳالهين بجاءِ عشق و محبت، تصوف ۽ اخلاق جي خيالن جي اظهار سان پنهن جي دل ۽ دماغ کي سڪون بخشيو.

انگريزن جي حڪومت جو سنڌ جي علمي ماحول تي وڏو اثر پيو. ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پارسيءَ کي برتري حاصل هئي، اها نه صرف مڪتبن ۽ مدرسن جي پر دربار جي به زبان هئي. انگريزن پنهن جي ذاتي مفاد خاطر ۽ عوام سان سنوان سڌا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ دفترن مان پارسي جي عملداري ختم ڪئي ۽ سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي اسڪول قائم ڪري سنڌيءَ جو سڪو رائج ڪري ڇڏيو. سنڌي زبان جي وڏي اوڻائي اها هئي جو ان کي پنهن جي صاف ۽ سولي رسم الخط ڪين هئي جنهن ڪري ان کي عربي ۽ پارسي رسم الخط ۾ ملائي لکيو ويندو هو، انهيءَ دقت کي محسوس ڪندي 1852ع ۾ سر بارٽل فريئر جي ڪمشنريءَ جي دور ۾ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي جنهن 1853ع ۾ سنڌي حرفن کي موجوده صورت ڏني جنهن ڪري ڪيترا درسي ۽ ٻيا نظم ۽ نثر جا ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا. سنڌ وارن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهن جي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو هو، تنهن ڪري چوطرف واڌايون وري ويون، هنن پنهن جي ٻولي ڏانهن جيڪا هن وقت تائين نڌڻڪي رهي هئي، گهڻو ڌيان ڏنو. ان سبب سنڌي ٻوليءَ جي نهور زمين ادب جي مختلف صنفن سان سرسبز ٿيڻ لڳي، جن ۾ غزل جي صنف پڻ هئي.

هن دور ۾ سنڌ ۾ پريس جي قائم ٿيڻ ۽ سنڌي ادب جي اوسر ۾ وڏي مدد ڏني، پريسن جي ڪري ڪتابن جي ڇپائي مروج ٿي، هن دور ۾ نظم جا جيڪي ڪتاب شايع ٿيا تن ۾ شاهه جو رسالو، ڪجهه نظمي قصا جهڙوڪ سيف الملوڪ، عمر مارئي، سسئي پنهون وغيره چونڊ ڪافيون ۽ غزلن جا ٻه ديوان ديوانِ فاضل ۽ ديوانِ قاسم ذڪر لائق آهن. انهن ٻنهي ديوانن کي درسي ڪتابن طور منظور ڪري اسڪولن ۾ رائج ڪيو ويو هو جنهن مان هن دور ۾ غزل جي مقبوليت وڌي وئي هئي تنهن ڪري شاعرن کي عروض، بحر ۽ وزنن جي باريڪين ۽ قاعدن سمجهائڻ جي ضرورت هئي، انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي فاضل شاهه ”ميزان الشعر“ نالي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن عروض جي اصولن کي چڱي ريت سمجهايو جنهن ڪري سنڌ جي شاعرن کي غزل چوڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿي.

 

انگريزن جي آمد کان اڳ ماڻهن جي تعليم پارسيءَ ۾ ٿيندي هئي ۽ پارسيءَ کي ادبي حيثيت حاصل هئي تنهن ڪري پڙهيل ماڻهو پارسي زبان ۾ شعر چوڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ۽ عوام جو توجهه ڪافي، وائي، بيت ۽ ڏوهيڙي ڏانهن هئو. هن دور ۾ جيتوڻيڪ پارسي ۾ خيال آرائي ڪرڻ سٺي ڳالهه ليکي ويندي هئي، ان هوندي به ڪيترن انهن ماڻهن جن پارسيءَ ۾ شاعري ڪئي ٿي سنڌيءَ ۾ به تبرڪ طور شعر چوڻ شروع ڪيو پر هنن غزل کي ئي پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو ترجمان بنايو.

 

هن دور ۾ اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون جن شعر و شاعري جي دائري ۾ وڏو ڪم ڪيو. ڪراچي مان پارسيءَ ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار ”مفرح القلوب“ سنڌ ۾ پارسي شاعري جي گل ٿيندڙ ڏئي کي روشن رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي، غزل پوءِ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار ”سنڌ سڌار“ سنڌي غزل جي آبياريءَ جو ڪم ڪيو، سنڌي غزل هن اخبار جو ٿورائتو آهي، جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ ان کي مقبوليت حاصل ٿي ۽ سنڌ ۾ مروج ٿي ويو. جهڙي طرح ”مفرح القلوب“ ۾ شاعر هڪ ٻي جي غزلن تي غزل لکندا هئا جي مشاعرن جي صورت اختيار ڪري ويندا هئا. ساڳي طرح سنڌ ۾ به شاعر سنڌيءَ ۾ هڪ ٻئي جي غزلن تي غزل لکندا هئا جي پڻ مشاعري جي صورت اختيار ڪري ويندا هئا. هنن اخباري مشاعرن اڳتي هلي سنڌ ۾ بزم مشاعرن جو بنياد وڌو.

سنڌ سڌار جا شاعر هڪ ٻئي جي پسنديده غزلن تي دل کولي داد ڏيندا ۽ کين پنهنجن غزلن تي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندا هئا. ٻين شاعرن طرفان پنهن جي تعريف پڙهڻ ڪري غزل لکڻ جو شوق پيدا ٿيندو هو اهڙيءَ ريت سندن مشق سخن جاري رهندي هئي، تنهن ڪري هن دور جي شاعرن جو لاڙو جيئن تيئن پوءِ غزل ڏانهن وڌندو ويو ۽ سنڌي غزل جي نينگري جيڪا گل جي دور ۾ ننڍي هئي سا قاسم جي دور ۾ جوانيءَ ڏانهن وک وڌائڻ لڳي ۽ سندس سونهن باکون ڪڍڻ لڳي. هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو ته ان دور ۾ شاعر ڪيئن هڪ ٻئي کي داد ڏيندا ۽ هڪ ٻئي جي همت افزائي ڪندا هئا. قاسم، فاضل جي شاعري جي تعريف ڪندي چوي ٿو:

چوان آءٌ اڻ ڄاڻ هي مام محڪم

ته فاضل سندو مٽ ڪٿي ڪونه جائي.

 

سندي شاهه فاضل فضيلت عجب فن،

جنهين بحر جئن منجهه سخن موج لائي.

عبداللطيف ”لطيف“ قاسم جي شاعري جي واکاڻ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:

شعر گوئي جي فصاحت ختم ٿي قاسم اتي

گوءِ سبقت جي نيائين هر ڪنهين هوشيار کان.

عبدالواحد ”سائل“ محمد صديق ”صديق“ ۽ عبدالوهاب ”خاطي“ جي مدح ڪندي چوي ٿو:

ڏٺم ”صديق“ ”خاطي“ کان غزل مضمون ملاحت سان

تني جي ڪاڻ از دل جان هزارين آفرين آهي.

فصاحت تن عجيبن جي چوان ڇا مان نجيبن جي،

ته گويا عندليبن جي چمن ۾ خوش نوا آهي.

 

شمس الدين ”عاصي“ ، ”خاطي“ جي شعرن جي ساراهه ڪندي چوي ٿو:

آهه تنهنجو شعر رنگين خاطيا موزون تمام

روح کي راحت رسان وهه تو سندو اشعار ٿيو.

 

هن دور ۾ جي شاعر هڪ ٻئي جي غزلن تي داد ڏيندا هئا ته ڪن غزلن تي ناپسنديدگي جو اظهار ۽ تنقيدون به ڪندا هئا. تنقيد خاص طرح لفظن جي صحت، استعمال ۽ صرف جي قسمن جي ڪئي ويندي هئي. ڪٿي جي ڪنهن شاعر ڪو لفظ صحيح نموني استعمال نه ڪيو يا ڪنهن شاعر کان ڪا وزن يا بحر ۾ اوڻائي رهجي وئي ته ان جو ڌيان اهڙن خامين ڏانهن ڇڪايو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تنقيد جو جواب تنقيد سان ڏنو ويندو هو. قاسم کي عبداللطيف ”لطيف“ جو هڪ غزل پسند نه آيو هو ۽ ”خاطي“ جي هڪ غزل ۾ کيس عيب نظر آيو هو ٻنهي جي شعرن بابت پنهنجو رايو هيئن ٿو ٻڌائي:

غزل ڇا چيو آهي عبداللطيف

ته ان ۾ ڪمالات ڪم ٿو ڏسان.

خدا عفو ”خاطيءَ“ سندي ڪر خطا،

ته جڳ سان خطا، مهتم ٿو ڏسان.

 

محمد اسلم علوي پنهن جي غزل ۾ ”سر ڪلياڻ“ جو لفظ استعمال ڪيو هو جنهن جي صحت تي تنقيد ڪندي قاسم چوي ٿو:

”سر ڪلياڻ“ جو لفظ جو اسلم چيو

آهه سو نا مصطلح ۽ ناروا.

فاضل شاهه لطف الله ”لطف“ جي ڪلام ۾ استعمال ٿيل چگيان ۽ ٻين لفظن تي گرفت ۽ سندس غزل جي ٻين خامين تي تنقيد ڪندي چوي ٿو.

ڪر لطف لات هن پر سان قافين رديفن

آهي شرم چون ائن آءٌ ٿو چوان چگيان ئي.

 

سيڙهو سندي سياڻي ناهي سندو ذهانيءَ،

تو وٽ ٻئي برابر اي ظلم ۽ زياني.

 

جو وسط جي رعايت ڄاڻي نه ڄٽ چوان سو،

دعويٰ درست اغوا اعليٰ نه افتراني.

 

 

باطل خيال جنهن جا تنهن شعر شرم آهي،

گهرجي علو اعليٰ ۽ اوج آسماني.

 

سمجهن سخن سياڻا سڀ طرح سقم صحت،

منجهه ربط ضبط ان جي الفاظ پرمعاني.

قادر بخش نالي ڪنهن شاعر محمد اسلم علوي جي غزل ۾ ڪي سهوون بيان ڪيون آهن جن جو دفاع ڪندي هو پاڻ سندس غزل ۾ ڪن اوڻاين ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:

خاتم الشعراءِ قادر بخش آهي منجهه جهان،

غزل مان غلطي ڪڍڻ ۾ آفرين ان کي ڏين.

 

سهو قادر بخش ساري سمجهه سياڻپ سان ڪڍي،

رو به خود بنما که برسم عبا، ات با ذوالمنن.

 

باي طرفي جي اڳيان خود لفظ جي آهي چئي،

سا مگر در عقل وافر خود اهي صرفي پڙهن.

 

چوڪ قادر بخش ڪئي منجهه صرف ڏاها مر ڏسن،

سال ٿيا سڪندي جنهين لئه اڱڻ منهن جي سي اچن.

هن دور ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ٿي ويو ته شاعر کي اڌارا يا ٻين شاعرن، جن مان مراد پارسي شاعر آهي، جا خيال کڻي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجن، شاعر کي گهرجي ته پنهنجا خيال بيان ڪري ۽ شعرن ۾ اهڙا مضمون پوئي جيڪي وڻندڙ ۽ عمدا هجن، جيئن قاسم چوي ٿو:

معرڪي معيوب آهن ڪل مضامين مستعار

منجهه مضامين مجدد مرد وس مقدور جو.

قاسم پنهن جي هڪ غزل ۾ ان دور جي شاعرن جي خيالن تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته ڪي ٿورڙا اهڙا شاعر آهن جن جي ڪلام ۾ خيال بلند آهن. باقي گهڻن شاعرن جا خيال رواجي آهن، شاعرن کي گهرجي ته هو پنهن جي شعرن ۾ عمدا ۽ سٺا خيال بيان ڪن ۽ اهي خيال پنهنجا هئڻ گهرجي نه ڪه ٻين شاعرن جي ڪلام مان ورتل هجن.

ڪني جو سخن صاف، ڪن جي سخن ۾

مضامين نامصطلح ڌوڙ ڇائي.

ڪڏهن ڪيئن هڻي طفل دم شاعرن جو،

ته ڦلهار ۾ ڦوڪ ان لاءِ ڦڪائي.

خيالات خوش خود ڪجن آفرينش

ڪرڻ ڪنهن هنڌان ڪين گهرجي گدائي.

خليفي گل سان سنڌي غزل جي اوسر جو آغاز ٿيو، هو پهريون شاعر هو جنهن سنڌ جي قديم ڪلاسيڪي شاعري جي صنفن کان منهن موڙي غزل سان پيچ پاتو ۽ ان سان نينهن جو ناتو نڀايو. هو پارسي غزل جي قدرن لب و لهجي ۽ مزاج کان چڱي طرح واقف هو تنهن ڪري هن پنهن جي غزلن ۾ انهن کي برقرار رکيو. هن غزل جي هيئت جو پورو پورو احترام ڪيو ۽ غزل جي هر مروج بحر تي طبع آزمائي ڪئي. هن پنهن جي غزلن ۾ نه صرف پارسي شاعري وارن مضمونن کي جاءِ ڏني پر هن سنڌي معاشري ۽ ماحول کي مدنظر رکي ڪيترا اهڙا مضمون بيان ڪيا جن غزل ۾ وسعت پيدا ڪئي، خليفي گل کان پوءِ ايندڙ دور جي شاعرن جن ۾ قاسم، فاضل، سائل، بيدل، لطيف وغيره جا نالا ذڪر جي لائق آهن، انهن معيارن کي برقرار رکيو جي گل، مقرر ڪيا هئا ۽ غزل جي زمين، جنهن کي گل کيڙي ڇڏيو هو، جي آبياري ڪئي ۽ غزل جي زمين ۾ اڃا به وڌيڪ وسعت پيدا ڪئي.

 

گل جي دور ۾ گل ئي هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن ڀرپور شاعري ڪئي آهي باقي ٻين شاعرن تبرڪ طور هڪ ٻه غزل چيا آهن، قاسم جي دور ۾ اسان کي ڪيترائي شاعر ملن ٿا جي غزل جي گلن تي ڀونرن وانگر ڀري رهيا آهن ڳاڻاٽي جي خيال کان انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان ڪجهه صاحب ديوان شاعر آهن، انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته قاسم جي دور ۾ غزل جو ميلو مچي ويو هو، جيتوڻيڪ انهن مان ڪي پارسي شاعري جا دلداده هئا پر هنن سنڌي غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ شاعري جي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان غزل جي فن جي گهڻن لوازمن کي نڀائڻ جا جتن ڪيا، جيتوڻيڪ عروض جي اڙانگي راهه ۾ ٿاٻڙيا به آهن پر وري به پاڻ سنڀالي اٿي ساڳي گس تي ڊوڙڻ شروع ڪيو اٿائون.

 

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کين سنڌي خواندن معلمن ۽ ماسترن شاعرن جو گروهه سڏيندي چوي ٿو: ”منجهائن گهڻو ڪري سڀ مڪتبن جا معلم يا سنڌي اسڪولن جا ماستر هئا... بهرحال پنهن جي بي سرو سامانيءَ جي هو شاعري جي هن نئين ميدان کي سر ڪرڻ لاءِ ٽولا ڪري نڪري پيا ۽ شاعرن جي گهڻائي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا“ (1).

هن دور جا شاعر عربي خاص طرح پارسي کان بخوبي واقف هئا، ايران جي شاعرن جي ديوانن جي مطالعي سان سندن گهڻو چاهه هيو، هنن مان گهڻا پارسيءَ ۾ شاعري ڪندا هئا تنهن ڪري سنڌي غزل چوندي عربي ۽ فارسي مصرع چوڻ يا تضمين ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت هو عربي ۽ پارسي جي علمداني ۽ انهن زبانن ۾ دسترس جو اظهار ڪندا ۽ انهن شاعرن جي ڀيٽ ۾ جي صرف سنڌيءَ ۾ شعر چوندا هئا، پاڻ کي اوچو ۽ اعليٰ سمجهندا هئا. قاسم ۽ فاضل عالم ۽ عربي ۾ ڀڙ هئا هنن سنڌي غزل ۾ عربي مصرع استعمال ڪرڻ جي روايت وڌي پر جيئن ته سنڌ جي ٻين شاعرن ۾ عربي جي ايتري اهليت ڪين هئي تنهن ڪري اها روايت سندن دور ۾ به مقبوليت حاصل ڪري نه سگهي ۽ ايندڙ دورن ۾ فوت ٿي وئي. قاسم ۽ فاضل پنهن جي ڪن غزلن ۾ عربي تي عبور جو ايترو مظاهرو ڪيو آهي جو اهي غزل سنڌيءَ کان زياده عربي پيا معلوم ٿين. قاسم جي هڪ اهڙي غزل جا ٻه شعر ملاحظه ڪريو.

من رهيو محو آشنائي ۾،

مشعلت قلبنا عن الاغيار.

حبه لم يصل اليٰ عدد

ان تعدوا ڪڪثرت الامطار.

قاسم هن غزل جي مقطع ۾ ٻين شاعرن کي ساڳي قسم جي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو:

چئو غزل هن نئين نموني تي،

مثل قاسم سندو ست سار.

قاسم جي مٿين غزل جي جواب ۾ جيڪو فاضل سنڌيءَ ۾ غزل لکيو آهي تنهنجا ٻه شعر هي آهن:

استجب دعوتي باستغفار

وقنا ربنا عذاب النار.

ربنا هب لنا مودتهم،

عاشقن کي عجيب ڏات ڏيار.

جتي قاسم ۽ فاضل عربي مصرعن جو استعمال ڪثرت سان ڪيو آهي، اتي هنن پارسيءَ کي به نه وساريو آهي، ان روايت ۾ سنڌ جا ٻيا شاعر به ساڻن گڏ نچندا نظر اچن ٿا.

عبدالقادر ”بيدل“:

از شراب دو ساله يک دو قدح

ساقيا سيگهه سان پيار پيار.

عبداللطيف ”لطيف“:

 

باطالبان مولا زيبد نه ميل دنيا

بل هم خيال عقبيٰ ڇڏيائون سڀ وساري.

شمس الدين عاصي:

نقاب شرمساري راکشيده گل بروهي گل

چو آمد يار دربستان پسي دلدار جي صورت.

محمد باقر ”راقم“:

گرچه بيدار ايم گر در خواب

ناهي دلدار ري ڪا ٻي تاري.

هن دور جا شاعر جيتوڻيڪ پارسي جي جملي، نزاڪتن، نفاستن، ترڪيبن، تشبيهن، استعارن، اصطلاحن ۽ ورجيسن کان واقف هئا، ان هوندي به هنن خاص طرح قاسم ۽ فاضل جي غزلن ۾ انهن جو استعمال تمام گهٽ ٿو نظر اچي ۽ ٻنهي شاعرن جي ديوانن جا دامن انهيءَ رنگ کان گهڻو صاف آهن، البت هن دور جي ڪن شاعرن جي غزلن تي ان رنگ جي ٿوري مٿين ميناڪاري نظر اچي ٿي، جنهن جو اثر ايندڙ دور جي شاعرن وڌيڪ قبول ڪيو مگر هن دور جا شاعر پارسي شاعري جي ماحول کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيا آهن، شمع ۽ پروانو، گل ۽ بلبل، مئي ۽ ساقي پارسي شاعري جي ماحول جا پسنديده اهڃاڻ آهن جن کي هن دور جي شاعرن پنهن جي ڪلام ۾ هيئن سموهيو آهي.

شمع ۽ پروانو:

رات پرواني کي شمع جا ٻڌائي ماجرا،

سو مگر هو سوز مون بيدل دلِ افگار جو.

(عبداللطيف – لطيف)

 

شمع سان رات پرواني ڪيو ٿي عشق منهن جي جو

قصو سارو بيان سو سو زبان منٺار محفل ۾.

(شمس الدين – عاصي)

 

گل ۽ بلبل:

ڏکويل قلب منهن جي جو ٻڌي احوال جي بلبل

ته بي اختيار سا جيڪر پوي بس شورو غلغل ۾

(شمس الدين – عاصي)

 

ڏسي بلبل سندا نخرا ڪري جا گل مٿي هر دم

پوي منٺار جاني يار تنهن جي ياد پل پل ۾.

(عبدالواحد – سائل)

 

منهن جي داهن کان چمن ۾ آگ وئي چوڌر لڳي،

آهه ڪئي بلبل، ته ڪنهن جي آهه زاري آ اها.

(امام بخش – خادم)

 

اٿم اي دل يگاني يار جي گهرج

رکن جيئن بلبليون گلزار جي گهرج.

(قاسم)

ساقي ۽ مي:

سانوڻ وري آيو ادا، ساقي سگهو ڪو پيار پٽ،

آباد ميخانه سندءِ، منهن جي هنئين تان ناءِ ڪٽ.

(امام بخش – خادم)

پارسي شاعري ۾ ميخانه سان گڏ محتسب جو ذڪر به لازمي آهي، محتسب جو ڪم آهي رندن تي مي پيئڻ کان روڪ وجهڻ، تنهن ڪري ميخوارن کي محتسب تي هميشه خار هوندا آهن، هن دور جي شاعرن محتسب کي به ڪٿي ڪٿي ياد ڪيو آهي:

منجهه ڏيهاڙن وصل جي ڇو محتسب مي کان جهلي

سا پڇان مان ڳالهه ڪيئن هيءَ ساقي سرشار کان.

(عبداللطيف – لطيف)

 

محتسب اڄ ڏي اجازت، جيئن فراغت سان پيئون،

مينهن جي ڪڻ ڪڻ ۾ ساقي مست آ، مينا بدوش.

(امام بخش – خادم)


(1)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر ”ڪليات سانگي“ ص 61 سنڌي ادبي بورڊ 1961ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org