سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :22

 

غلام علي ”علي“ سبزپوش

(- 1882ع کان پوءِ)

 

غلام علي تخلص ”علي“ ٺٽي جي مشهور علمي ادبي سبزپوش خاندان مان هو، مرتضائي هن لاءِ چوي ٿو:

مرتضائي سبزپوشن ۾ علي قربان چائي،

ڏي جواب هن جو ته ڏسجي پاڻ جنهن مشهور ڪيو.

علي جو شجرو هن ريت آهي، غلام علي بن ميان جمع بن امداد علي بن شاهه مسڪين بن ميان عبدالحڪيم عطا (1). عبدالحڪيم عطا ٺٽي جي عظيم شاعرن مان ٿي گذريو آهي. مير علي شير قانع هن جو ذڪر تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعرا ۾ نهايت سهڻي نموني ڪيو آهي. هن جي شاعري لاءِ چوي ٿو: ”پورا ٽيهه سال رات جو عبادت ۽ ڏينهن جو روزي سان رهي، عشا (سومهڻي) جي نماز کان وٺي صبح تائين هڪڙي وضوءَ سان نبي ڪريم جي نعت ۽ حضرت مرتضيٰ علي ۽ امامن سڳورن جي منقبت لکڻ ۾ مشغول هوندو هو، اهڙي طرح لک بيت پورا ڪيائين. از ان سواءِ ٻه ٽي ديوان ۽ ٻه ٽي مثنويون اٿس. سندس ڪلام متقدمين جي طرز تي سليس ۽ فصيح آهي (1). شاهجهان جي عهد کان وٺي محمد شاهه جي دور تائين سخنوري ۾ بي مثال هو (2).

عطا کان پوءِ به شاعري هن خاندان جو ورثو رهي. هي خاندان سبزپوش جي لقب سان ان ڪري مشهور آهي جو عطا سبز رنگ جا ڪپڙا پهريندو هو ۽ سندس اولاد به سبز ڪپڙا پهريندي رهي. سبز جي رديف سان عطا جو هڪ غزل سندس ديوان ۾ موجود آهي، جنهن ۾ هن سبز رنگ تي نهايت دلپذير خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

 

يکرنگيءَ ما رنگ تغير نه پذيرد،

پيوسته بهار است تنِ سروِ قبا سبز.

 

سبز است ازان رنگِ لباس همه اشجار،

کر جمله الوانست فقط رنگِ حنا سبز (3).

علي جي زندگي جو گهڻو احوال نٿو ملي. مخدوم محمد ابراهيم خليل تڪمله مقالات الشعرا ۾ صرف ايترو لکي ٿو ”غلام علي سبزپوش آهي. سليقو سٺو ۽ طبع مرغوب هئس. هن فقير وٽ سخن جي مشق ڪندو هو. سٺو شاعر ٿئي ها پر موت مهلت نه ڏنس، عين جواني ۾ شاديءَ بغير قبر داخل ٿي ويو“ (4). علي جي وفات جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي ٿئي، علي پنهنجي هڪ پارسي ديوان جي اڳيان پنهنجي ڏاڏي جي پنهنجي هٿ سان مناجات لکي آهي. جنهن تي هجري سن 1295 لکيل آهي. ان مان سمجهجي ٿو ته هن ان سن کان پوءِ جيڪو 1882 عيسوي ٿئي ٿو وفات ڪئي.

علي جا غزل ٻين شاعرن وانگر سنڌ سڌار ۾ شايع ٿيندا هئا، هن ٻين شاعرن جي غزلن تي غزل چيا آهن ۽ ٻين کي پنهنجي غزلن تي غزل چوڻ جي دعوت ڏني آهي. مرتضائي سان سندس دوستانه ۽ شاعرانه ناتو هئو.

مرتضائي کي چوي ٿو:

 

سگهو مون ڏانهن موڪل ”مرتضائي“

جواب هن غزل فرخنده پئي جو.

مرتضائي چوي ٿو:

”علي“ مسڪين هڪ مضمون جو آندو غزل تنهن تي

جدا مضمون جوڙيو مرتضائي وصف گلرو جو.

علي پنهنجي دور جي مشهور شاعرن جهڙوڪ مخدوم محمد ابراهيم خليل ۽ خليفي قاسم جي غزلن تي تضمين ڪري سهڻا مسدس لکيا آهن. علي جو سنڌي ڪلام صرف اهو ملي ٿو جيڪو سنڌ سڌار جي پرچن ۾ محفوظ آهي يا پير حسام الدين مرتضائي جي جنگ مان منتخب ڪري تڪلمه مقالات الشعرا ۾ ڏنو آهي. علي پارسي جو به سٺو شاعر هو، پارسي زبان ۾ به سندس ديوان موجود آهي.

علي سنڌي غزل جو بادشاهه هجي ها پر افسوس موت هن کي مهلت نه ڏني. علي جي شاعري جي زبان ايتري شسته، سولي ۽ سلوڻي آهي جو اهو ڏسي تعجب ٿو ٿئي ته ان دور ۾ جڏهن شاعر پارسي آميز زبان لکڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا هن اهڙي صاف زبان ڪيئن استعمال ڪئي آهي. هن جو انداز بيان ايترو ته دلفريب آهي جو معمولي کان معمولي ۽ لتاڙيل خيالن ۾ به جادو جهڙو اثر پيدا ڪري ٿو ڇڏي. هن جا غزل پنهنجي دور جا مثالي غزل آهن جن جهڙا ان دور جي شاعرن جي ديوانن ۾ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ ٿا اچن.

 

ڪلام جو نمونو (1)

 

بهار آيو ويو سڀ وقت دي جو،

اچي ساقي ڀري ڏي جام مي جو.

 

جگر، جيرا جليا ۽ جيءَ ڪيا جوش،

سڻي آواز اڄ جان سوزني جو.

 

 

گدا تنهنجو نه آڻي تا قيامت،

نظر ۾ تخت هن ڪائوس ڪي جو.

 

غرض ڪهڙو ڪرڻ احوالِ دل عرض،

تون واقف سڀ ۽ مالڪ ڪل شي جو.

 

عليءَ کي باغ ۾ منجهه فصل گل جي،

اچي ساقي ڀري ڏي جام مي جو.

-

تنهن جي منهن کان گلستان ياد آيم،

تنهنجي لب کان بدخشان ياد آيم.

 

تنهنجي هڪ نوڪ نيڻن جي ڏسڻ کان،

بدلِ چشمِ غزالان ياد آيم.

 

ڏٺم چمڪاٽ سج جهڙن ڳلن جو،

تجلي ماهه تابان ياد آيم.

 

شراب شوق شوق مان پيتم جڏهن جام،

ته مجنون و بيابان ياد آيم.

 

برهه جو بحر بيحد بيڪناري،

ڏٺم ۽ نوح طوفان ياد آيم.

جدائي ۾ تڏهن رت رت رنو مون،

جو وقتِ وصلِ ياران ياد آيم.

-

 

شمس الدين ”بلبل“

(1857ع – 13، سيپٽمبر 1919ع)

شمس الدين ولد بهادر خان ذات شينو تخلص ”بلبل“ جا وڏا ناڙي بلوچستان کان لڏي اچي فريد آباد ۽ پوءِ ميهڙ ۾ رهيا. هو پنجن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. هو سن 1857ع مطابق 1272 هه ۾ تولد ٿيو هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ هدايت علي نجفي هيئن بيان ڪئي آهي:

در تولد شمس الدين بلبل بگوئي اختراع

1272 هه.

شمس الدين جڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، تڏهن سندس محبت هڪ پارسياڻيءَ سان ٿي وئي هئي جنهن جو نالو ”گل“ هو ان نسبت سان شاعري ۾ هن پنهنجو تخلص ”بلبل“ اختيار ڪيو. پوءِ ان عورت کي ميهڙ ۾ وٺي اچي شادي ڪئي هئائين. هن پنهنجي محبوب جو نالو پنهنجن غزلن ۾ اشارن سان بيان ڪيو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

باغِ فرقت ۾ ”گل“ ري ”بلبل“ کي،

رات ڏينهن روڄ رنج راڙو آهه.

هو ميهڙ شهر ۾ سنڌي ۽ پارسي جي تعليم حاصل ڪري انجنيري کاتي ۾ داروغو ٿيو جتي هڪ انجنير سندس قابليت کان خوش ٿي کيس 1889ع ۾ ڪراچيءَ وٺي ويو. انهيءَ انجنير هن جو علمي شوق ۽ شاعري سان چاهه ڏسي کيس شاهنامه فردوسي سوکڙي طور ڏنو هو.

ڪراچيءَ ۾ هن جي ملاقات حسن علي آفندي سان ٿي، جنهن ان وقت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن مسلمانن جي بهبودي ۽ ترقي لاءِ ٺاهي هئي، جنهن جي سهاري هن هڪڙي هفتيوار اخبار ”معاون الاسلام“ جاري ڪئي هئي، جنهن جي ايڊيٽري بلبل جي سپرد ڪئي هئي، هن ان اخبار ذريعي سنڌ مدرسته السلام، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۽ حسن علي آفندي جي سياسي ۽ علمي تحريڪ لاءِ گهڻو ڪي ڪيو.

معاون جي ايڊيٽر مقرر ٿيڻ ڪري هن کي پنهنجي ذاتي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملي ويو. هن جي پرزور ۽ پرجوش، طنزيه ۽ مزاحيه ۽ دلنشين، نئين ۽ جديد رنگ جي شعرن ۽ مضمونن سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي ۽ اثر پيدا ڪيو. هن جي قلم مان نڪتل هر هڪ اکر اهڙي شوخي ۽ ظرافت سان ڀريل هو جنهن جهڙي سنڌ جي ماڻهن هن کان اڳ ڪڏهن به نه پڙهي هئي. غلام محمد گرامي، معاون اخبار ۾ سندس تحريرن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو سنڌي زبان کي پنهنجي ظريفانه رنگ سان اهڙو ته شيرين ۽ نمڪين ڪيائين، جو ان جو جادوءَ وانگر اثر ٿيڻ شروع ٿيو. سندس ظريفانه اشعار، لطائف ۽ ظرائف، قلمي نوڪ جهوڪ، ندرت آميز تحرير جي سببان ”بلبل بلبل“ جي وائي وات هئي. اديبن ۽ شاعرن، سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن، ميرن ۽ پيرن، حاڪمن ۽ وزيرن وٽ سندس قابليت ۽ صلابت راءِ جو چرچو ٿي ويو“ (1).

حسن علي آفندي جي وفات کان پوءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات ڪري زمينن ۽ گهرو ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ هو ميهڙ هليو آيو مگر هن صحافت جي دنيا ۾ ايتري ناموري حاصل ڪري ورتي هئي جو ڪيترن اخبار وارن هن کي مجبور ڪري صحافت جي دنيا ۾ ٻيهر آندو.

پهريان ”ڪراچي گزيٽ“ جو ايڊيٽر ٿيو، هيءَ اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي. ان بعد ”خير خواهه“ لاڙڪاڻي جو چار سال، ”مسافر“ هفتيوار حيدرآباد، ”آفتاب“ هفتيوار ۽ ”الحقيقت“ سکر جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ”آفتاب“ سان هن جو ناتو وفات تائين رهيو.

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته بلبل جنهن به اخبار ۾ ڪم ڪيو ان کي پنهنجي جادو اثر قلم سان زمين کان آسمان تي کڻي ويو. بلبل جي مضمونن ۽ شعرن جي مقبوليت جو اهو عالم هو جو جن اخبارن ۾ اهي ڇپجي ايندا هئا، سي اخبارون هٿوهٿ وڪامي وينديون هيون. بلبل انهن ٿورن خوش قسمت ماڻهن مان هو جن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيل ڪارنامن جو داد مليو (2) .

مرحوم بلبل جي وقت جي آفيسرن وٽ گهڻي عزت ۽ احترام هو. خيرپور رياست جي مير صاحبن ۽ وزيرن وٽ به گهڻو مان ملندو هوس. انهن جي تعريف ۾ قصيدا لکندو هو، جنهن ڪري مٿس وقت به وقت نوازشون ٿينديون رهنديون هيون. سندس مطالعو وسيع هو ۽ چڱي لئبرري ڪٺي ڪئي هئائين. مخدوم نظام الدين صديقي ڦاٽائي جو مريد هو، 1906ع ۾ هن مسلمانن ۾ تعليم پکيڙڻ خاطر ميهڙ ۾ مدرسته الاسلام جو بنياد وڌو جو سندس حياتيءَ ۾ مڊل اسڪول جي درجي تي پهتو جيڪو هن وقت مدرسه هاءِ اسڪول ميهڙ جي نالي سان مشهور آهي.

هن دکن ائگريڪلچر ايڪٽ سنڌ سان لاڳو ڪرائڻ ۾ حسن علي آفندي جي گهڻي مدد ڪئي هئي، 1907ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي جي موقعي تي فارسي زبان کي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ واري ٺهراءَ جي تائيد ۾ زبردست تقرير ڪيائين جنهن جو داد نواب وقارالملڪ جهڙي شخصيت ڏنو هو.

سنڌ جي هن مزاح نگار جيڪو هر وقت ماڻهن کي کلائيندو رهيو هو چوهٺ ورهين جي عمر ۾ 13، سيپٽمبر 1919ع مطابق 17 ذوالحج 1337 هه ۾ الوداع چئي پنهنجي مالڪ سان وڃي مليو. سندس وفات تي ڪيترن شاعرن مرثيه ۽ قطع تاريخون لکيون جن ۾ هنن هن جي ادبي مقام ۽ ادبي خدمتن جي تعريف ڪئي آهي.

مير عبدالحسين سانگي:

 

بلبلِ خوش نوا، هزار افسوس

بود زو باغِ دهر را رافعت.

سالِ تاريخ رحلتش جستند،

گفت هاتف که ”رفت در جنت.“

1337 هه

 

افسوس زين گلستان شد بلبلِ خوش الحان

اندر عازي او گشت توام گل و گلستان.

گل از فراق رويش در سينه، داغ بنهاد،

و از ياد غم فرو ريخت رنگ و طراوت آن.

در بينه عدد گير فاني تو واو تشبيهه

تا سال رحلت او گردد عيان برو زان.

گفتا به گوش هوشم پيرِ خرد که گرديد

گل از فراق بلبل پڙمرﱞده و پريشان (1)

1337 هه

مرزا قليچ بيگ :

شاعرِ ملک سندهه شمس الدين،

که ازوبود عالمي به شگفت.

بلبلِ بود او که بامنقار،

در معني عجيب او مي سفت.

 

بود در باغِ دهرتا زندهه،

نغمه هائي خوش جهان بشنفت.

 

قفس عنصري گذاشت و پريد،

سوئي جنت در آشانه بخفت.

 

بود او شمس بر سپهرِ سخن،

کرد آخر غروب و روي نهفت.

 

سال فوتش بفکر مي جستم،

زود هاتف چراغ مجلس گفت.

1337 هه.

باز هم گفت او فروغ دوام،

يافتم همچنين دو مادهه مفت.

 

عيسوي سال دلپذير آورد،

رشکِ جنت نمتود باو جفت (1).

1919ع

 

هدايت علي نجفي (انتخاب قطع) :

 

چون رئيس آن شمس الدين رحلت نمود،

شد دلِ احباب زين صدمه دو نيم،

 

از مسہ ذوالحج روز هفدهم،

صبح شنبه گشت در جنت مقيم.

 

يا الاهي بهرِ مقبولانِ تو،

مسکنِ او کن به گلزارِ نعيم.

 

با کرم چون بود سالِ رحلتش،

گفت تارڪ بلبلِ باغ کريم (1)

1337 هه

حاجي محمود ”خادم“ بلبل جي شاعري لاءِ لکيو آهي ته ”سنڌي شاعري جو جديد دور بلبل مرحوم کان شروع ٿئي ٿو“ (2) . آهي به ائين، هن پنهنجي شاعري ۾ نئين سياسي ۽ سماجي سوچ جا ڏيئا روشن ڪيا آهن ۽ پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سان پيار جو پرچار ڪيو آهي، پر هن کي پنهنجي ماحول ۾ جي عيب ۽ اوڻايون نظر آيون آهن تن تي به ڀرپور حملا ڪيا اٿائين. هن جي ڪلام کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ نظم ٻيو غزل. هن جا نظم صرف طنز ۽ مزاح جا آئينا آهن هن جي غزلن ۾ ٻئي رنگ سمايل آهن. عشق و محبت ۽ طنز و مزاح.

 

بلبل کي عشق جي مهميز اچي چڪي هئي جنهن هن جي اندر جي احساسن ۽ جذبن ۾ طلاطم پيدا ڪيو هو، انهيءَ طلاطم جي تصوير هن جي عشقي غزلن ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو پختو شاعر هو هن عشق جي حڪايتن ۽ شڪايتن کي نهايت سهڻي ۽ سنجيده نموني بيان ڪيو آهي پر هن پنهنجي غزلن ۾ عشق ۽ محبت جي روئداد بيان ڪندي ڪڏهن به ٻين شاعرن وانگر صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو آهي نه ئي عشق ۾ ڪڏهن پاڻ کي پنهنجي محبوب جي اڳيان رسوا يا گهٽ ڪيو آهي. هن پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪندي ڪڏهن به خودداريءَ کي هٿان نه ڇڏيو آهي.

 

هن جي انهن غزلن ۾ جن ۾ طنز ۽ مزاح آهي رواني، خوشي ۽ رنگيني سڀ ڪجهه آهن. هن سنڌي شاعري ۾ غزل جي لتاڙيل راهه کي ڇڏي پنهنجي لاءِ هڪ نئين ۽ بامقصد راهه اختيار ڪئي آهي. هن غزل کي صرف تفريح لاءِ نه لکيو آهي پر ان کان اصلاح جو ڪم به ورتو آهي.

 

سانگي جي دور جا مخلص ۽ بلبل ٻه مزاح نگار شاعر آهن. مخلص پنهنجي طنز ۽ مزاح کي نظمن تائين محدود رکيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ بلبل نظم ۽ غزل ٻنهي ۾ طنز ۽ مزاح جو رنگ ڀريو آهي. شيخ عبدالرزاق بلبل جي شاعريءَ لاءِ چوي ٿو، ”هن اهڙا موضوع هٿ ڪيا جن ماحول کي بدلائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. ماحول کي بدلائڻ وارو شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي“ (1)

 

ڪلام جو نمونو

حوصلو دل جو لٽي ويو، هار ڪجهه سينگار ڪجهه،

ناز ڪجهه، غماز ڪجهه، رفتار ڪجهه، گفتار ڪجهه.

 

وصل جي پيغام تي محبوب ورنديءَ ۾ چيو،

ٿي مذبذب، بين ۾، اقرار ڪجهه، انڪار ڪجهه.

 

جان جانان کان جو پنهنجي سوال جو گهريم جواب،

هوريان هائو ڪيائين، چار ڪجهه ناچار ڪجهه.

 

ڇا هي ان ۾ آهه معشوقن جو معمولي عمل،

عاشقن کان عار ڪجهه، بيزار ڪجهه ۽ پيار ڪجهه.

 

ٻيو نشان ڪهڙو اسان ۾ ڪفر جو ڏسندين ادا،

خال خط رخسار ڪجهه ۽ زلف جو زنار ڪجهه.

 

همدم و هم باش بلبل سان رهي هر وقت ٿو،

عشق جو آزار ڪجهه ۽ درد دل افگار ڪجهه.

-

ڇنڊڪار ڏئي وار، سڄڻ سر تي سٽي اڌ،

مهتاب سندي منهن جو ابر، زلف لٽي اڌ.

 

محبوب سندو ناز به اعجاز سراسر،

ابروءَ جي اشاري سان، قمر دل جو ڪٽي اڌ.

 

هن تيرِ نگهه کان جو سندم نيم رهي جان،

بوسي جي بها سان ڪو ڀلي جان جو مٽي اڌ.

 

هن خوبرو جو خواب ۾ ڪئي نيم نگاهي،

جادوءَ جي جبر ساڻ ويو دل جو جهٽي اڌ.

 

اي باغبان مضمون سندي آهه و فغان تي،

بلبل کي ڏنو، باب گلستان جو پٽي اڌ.

-


(1)  پير حسام الدين مرتب ”هشت بهشت“ مقدمه ص 165، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع.

(1)  ”تحفته الڪرام“ ص 596، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

(2)  ”مقالات الشعرا“ ص 442، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

(3)  ”ديوان عطا“ ص 130، سنڌي ادبي بورڊ.

(4)  ”تڪلمه مقالات الشعرا“ ص 415، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.

(1)  ”تڪمله مقالات الشعرا“ ص 430 – 429.

(1)  ”ديوان بلبل“ مقدمو ص 16، سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع.

(2)  محمد ابراهيم ”خليل“ شيخ ”بلبل سنڌ“ ص 39، رباني پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

(1)  دين محمد وفائي مولانا ”مشاهير سنڌ“ ص 199، سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع.

نوٽ: هي قطعات ڪليات سانگي ۾ شامل ڪين آهن.

(1)  دين محمد وفائي ”مشاهير سنڌ“ ص 199، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع.

(1)  ڪليات نجفي (”قلمي) اظهر شاهه گيلاني.

(2)  نئين زندگي ص 26، ماهه آڪٽوبر 1965ع.

(1)  نئين زندگي، 44، ماهه ڊسمبر 1977ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org