سيد اظهر گيلاني:
تيستائين رهندين زنده دهر ۾،
آهه جيتر گردشِ ليل و نهار.
سال رحلت جو پڇيم هاتف چيو،
”مصدرِ خدمات“ خادم ذي وقار
(3).
1379 هه
حافظ محمد احسن چنا:
سال رحلت جو ڪيو دل ۾ اڃا فڪر ”احسن“
صفحئه دل تي ويو لکندو هيئن هاتف راقم
سال هجري ٿيو ”ها اُف مخدوم الشعراءِ“
1379 هه
عيسوي ”واءِ هي مخدوم الشعرا خادم“
(1).
1960ع
شيخ محمد ابراهيم خليل :
وطن کي ڏيئي ويو مفارقت جو داغ،
انهيءَ رکيو ته هو روشن چراغ بزم سخن،
جڏهن وفات جي محمود جي پڇيم تاريخ،
چيو خليل ته ”مخدوم شاعرن جو چون“
(2).
1379 هه
مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي:
نکو نام محمود رفت از جهان،
مقامِ نکو بخشد او را خدا؛
بگفتيم ”محمود خادم بلند“،
1379 هه
اديبا پي سال و بهرِ دعا
(3).
خادم ڪيترا ڪتاب لکيا آهن جن مان ٿورا ڇاپيل ۽ باقي اڻ ڇاپيل
يعني قلمي صورت ۾ آهن:
اخلاقي خون (ناول ڇاپيل 1918ع)، ظهورِ مهدي (ترجمو ڇاپيل
1919ع)، 3. شمشيرِ اسلام (ترجمو ڇاپيل (1926ع)، 4.
رياضِ بلاغت (ڇاپيل 1926ع)، 5. ستاره سنڌ (ترجمو
قلمي)، 6. سفر نامه حج (1911ع)، ڪانگريسي راڄ
(قلمي)، 8. يادگارِ دوستان (مختلف دوستن جا هٿ
لکيل شعر (1914ع)، 9. سرگزشتِ خادم، 10. تحفئه
لاڙڪاڻه (1949ع ادبي ڪانفرنس جو احوال)، 11. محمود
اللغات (قرآن شريف جي لفظن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ).
خادم شاعري ۾ ڪڏهن خادم ۽ ڪڏهن محمود تخلص استعمال ڪندو هو.
ڪڏهن پروفيسر ڪانو ۽ هرهنٽر جي مخفي نالي سان
مزاحيه شعر به چوندو هو مگر ان جو پتو ڪنهن کي به
نه ڏيندو هو. هو پختو عروضي استاد شاعر هو. هن جا
غزل عروض جي پختائيءَ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هو
پُرگو شاعر هو، سندس ڪليات سون صفحن تي پکڙيل آهي.
هن جي غزل تي پارسي ۽ اردو شاعري جو رنگ چڙهيل
آهي. هن جا خيال وڻندڙ پُراثر ۽ پُرڪشش آهن جن ۾
نوخيز محبوبن واري سونهن به آهي ۽ شوخي به. هن جي
ٻولي پڪي پختي آهي، جنهن کي سواءِ هٻڪ جي مثال طور
پيش ڪري سگهجي ٿو. هو انهن سخندانن مان هو جن جهڙا
سنڌ ۾ ڪي ٿورا پيدا ٿيا آهن. سندس استاد ڊاڪٽر
عبدالمجيد صديقي هن جي سخنداني تي ابجد جي حساب
سان هنن لفظن ۾ تحسين ڪئي آهي:
قطعه ابجد
ز ابجد اين سخن قائم و دائم
”سخندان“ – حاجي محمود خادم
(1).
نوٽ: ”سخندان جا عدد ابجد موجب 765 ٿيندا
”حاجي محمود خادم“ جا عدد به 765 ٿيندا.
ڪلام جو نمونو
عدو چونڊي وري گل ٿو وجهي دلبر جي دامان ۾،
لڳي ٿي ڇو نه يارب باهه اڄ صحنِ گلستان ۾.
مرڻ منهنجي تي ڏک هس يا خوشي هس، سو ته رب ڄاڻي،
گهڻي کل کان مگر ڳوڙها اچي ويا چشمِ جانان ۾.
هو گلرخ آهه ۽ گلگون سندس آهي گلن سان دل،
مثالِ بوءِ گل، يا رب وڃان مان بزم جانان ۾.
ڪري ويٺو جو توسان همسري تڏهين زماني ۾،
ٿيو آ شرم کان ڏس داغ ڪارو ماهه تابان ۾.
نه ڏي طعنا ڪڏهن ڀي بت پرستي جا تون اي واعظ،
عجب ڇا؟ ساهه جي پئجي وڃي تصوير جانان ۾.
مہِ ڪامل جي چوڌاري ستارا جئن کڙيل آهن،
رخِ زيبا اچي اهڙو نظر ٿو وچ چراغان ۾.
اگرچه لک مون سمجهايو، مڃو هرگز نه ڪجهه ”خادم“،
ڏٺائين تڙپي تڙپي جان آخر عشقِ خوبان ۾.
-
اڄ تصور خواب ۾ زلفِ دوتا جو ٿي ويو،
دل پريشان ۾ گذر ڪاري بلا جو ٿي ويو.
زير خنجر سر ٿيو مس مس شهادت ٿي نصيب،
ان جو خنجر منهنجي لئه شهپر هما جو ٿي ويو.
لوڙهه جڏهين ويا لٽي آيو تڏهن غفلت شعار،
دير جو تنهن کي بهانو اڄ حنا جو ٿي ويو.
زلف ان جي کي ڏسي موسيٰ عصا سوڌو ڀڳو،
ڇو ته حضرت کي گمان ڪنهن اڙدها جو ٿي ويو.
تير مڙگان دل جو مهمان ٿي جڏهن سيني لڳو،
سڀني عضون مان تڏهن غل مرحبا جو ٿي ويو.
دل ڏنم سر ڀي ڏنم ته به دم نه دلبر ڪئي وفا،
قحط منهنجي وقت ۾ مهر و وفا جو ٿي ويو.
جيئن اڏايائين اڏو دم ۾ اڏي اڏ ۾ پيو،
وير بلبل ساڻ اڄ ڪلهه پڻ صبا جو ٿي ويو.
لڙ بتن ۾ پيو ته خادم بت پرستيءَ کي ڇڏيو،
ڇوٽڪارو نيٺ هن مردِ خدا جو ٿي ويو.
|